سنڌ
| سنڌ Sindh | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| صوبو | |||||
| |||||
| عرفیت: مهراڻ، باب السلام | |||||
پاڪستاني جي نقشي ۾ سنڌ ڏيکاريل | |||||
| متناسقات: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E | |||||
| ملڪ | |||||
| بنياد | |||||
| گادي جو هنڌ | ڪراچي | ||||
| حڪومت | |||||
| • قسم | خودمختيار حڪومت زرير انتظام وفاق | ||||
| • گورنر | عمران اسماعيل | ||||
| • وڏو وزير | سيد مراد علي شاهہ | ||||
| • قانونساز اسيمبلي | صوبائي اسيمبلي | ||||
| • هاءِ ڪورٽ | سنڌ هاء ڪورٽ | ||||
| پکيڙ[1]. | |||||
| • ڪل | 140,914 ڪ.م2 (54,407 ميل2) | ||||
| پکيڙ ۾ درجو | ٽيون | ||||
| آبادي (2017)[2] | |||||
| • ڪل | 47,886,051 | ||||
سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقع آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراضي جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.
ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ۾ ڪيا وڃن ٿا.[3][4][5] سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.
سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا[6] ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مھاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا)[7] برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.[8]
سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.[9]
انگريزن اگسٽ 1935 ۾ گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪيو. جنهن موجب برما ۽ عدن کي انڊيا مان ٽوڙي واپس پراڻي فتح ڪيل ملڪ/ڪالوني جي جدا حيثيت ۾ بحال ڪيائون. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان کي فتح ڪيل جدا ملڪ واري حيثيت ۾ بحال نه ڪيائون. سنڌ کي انڊيا جي هڪ صوبي جي حيثيت ۾ بحال ڪيائون. جڏهن ته بلوچستان کي قلات شاهي رياست طور انڊيا ۾ شامل رکيائون.
نالي جي معني
سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي،[10] اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون، تنهنڪري سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس. اڄ به سنڌونديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل کان وٺي ڪالاباغ تائين ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي، ته نڪي اورينءَ ڀر نڪي پرينءَ ڀر کان ڏسڻ ۾ ايندي.[11] اڳي سنڌ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Sind ڪري لکيو ويندو هو، پر 1988ع تي سنڌ اسيمبلي پاران پيش ڪيل هڪ بل ذريعي ان کي Sindh ڪوٺيو ويو. 325 قبل مسيع ۾ يونانين جڏهن سڪندر اعظم جي اڳواڻي ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان وقت سنڌ کي انهن انڊُوس جو نالو ڏنو، جنهن مان بعد ۾ لفظ انڊس جنم ورتو. آڳاٽي ايرانين پاران سنڌو درياهه جي اوڀر طرف سموري علائقي کي هند چيو ويندو هو. جڏهن 17هين صدي تي انگريز برصغير ۾ آيا ته هن سموري ڏکڻ ايشيا کي سنڌ جو نالو ڏئي ان کي انڊيا ڪوٺيو. پاڪستان جي نالي ۾ س جو لفظ پڻ سنڌ مان کنيل آهي.[12][13]پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”سنڌ“ لفظ کي صاف طور دراوڙي الاصل قرار ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته آرين اهو لفظ دراوڙن کان اڌارو ورتو. هو لکي ٿو ته:
”بمبئي جي ڀارت وگيانيءَ (Indologist) پادري هيرس جي سَنَد موجب سندونديءَ کي اهو نالو آرين کان آڳاٽن رهاڪن دراوڙن ڏنو هو. جن جي ٻوليءَ ۾ ’سند‘ يا ’سِندو‘ لفظ جي معنيٰ هئي ندي يا درياءُ. آرين ان اکر کي ڦيرائي ”سنڌ“ يا ”سنڌو“ ڪيو، جنهن پٺيان سمورو ملڪ جنهن مان اُها ندي لنگهي ٿي، تنهن تي ’سنڌ‘ ديس جو نالو پئجي ويو......“[14]
يورپي لوڪن ”سنڌ“ لفظ جي بنياد متعلق اِها دعويٰ ڪئي ته اهو لفظ سنڪرت ٻوليءَ جو آهي، جنهن جو بنياد ”سڌ“ (sidh) ۽ ان جي معنيٰ نَهر يا نَدي آهي[15]ايڊورڊ ٿارنٽن (1844ع) ”سِنڌ“ يا ”سِنڌو“ لفظ کي سنسڪرت بنياد جو قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:
"Sind or Sindh sanscrit for sea or collection of water......."[16]مونيئروليمز ”سنڌو“ لفظ جي معنيٰ نهر،ندي ۽ سنڌ جا ماڻهو ڏنا آهن[17]اليگزينڊر ڪننگهام، سنڌ لفظ جي بنياد متعلق لکي ٿو ته: ”يونان وارن هن علائقي کي سِنڊو (Sindo) ۽ عربن سَدُو (Sadu) لکيو آهي. جيڪي هن علائقي جي سنسڪرتي نالي سِنڌو (Sindhu) ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هن ٻوليءَ ۾ هتان جي رهاڪن کي سئنڌاوا (Saindhava) يا سئنڌو، (Saindhu) چيو ويو آهي ۽ عام مشهور اُچار به اهو آهي.“[18]اليگزينڊر ڪننگهام واري ڳالهه کي ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا“ جا مرتبين تسليم ڪندي نقل ڪيو آهي. ڪاڪو ڀيرومل ان انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان ڪننگهام واري ڳالهه ورجائيندي لکي ٿو ته: ”سنسڪرت ۾ ان کي ”سَئندَو (Saindhava) چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ سنڌو ڪناري تي رهندڙ لوڪ......“[19]”رگويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر جي قديم لوڪن (رهواسين) کي سَئندو (Saindhava) جي نالي سان سڏيندا هئا، جنهن جي مراد هئي- سنڌو ڪناري يا سنڌوماٿر ۾ رهندڙ لوڪ آرين، يا هنن لوڪن (سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن) کي انهيءَ نالي (سَئنڌو/ سئندوئي) سڏيائون. هونئن به ته سنڌي ويا ڪرڻ جي اصولن موجب ’سنڌو‘ لفظ جي صفتي صورت ’سِئنڌوئي/ سئنڌو ئي ٿيندي. اها صورت (سئنڌو ئي)، اڳتي هلي پهرين ’سنڌ ئي‘ بڻي هوندي ۽ پوءِ ’سنڌي‘ بڻجي وئي ۽ وچ واري سُر [اَو]کي [اُ] سُر ۾ تبديل ڪيو ويو......... اهڙي طرح ’سنڌ ئي‘ جا اڳتي هلي ’سِنڌي‘ بنجي وئي آهي........“[20][21]”جڏهن به سنسڪرت مان نَوَن لفظن ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ڌاتوءَ سان اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڳنڍيون وينديون هيون ته ان عمل کي سڏيندا ئي هئا ”سَنڌي“، جو پوءِ ڦري ”سنڌي“ اچارجڻ لڳو ۽ اڄ خود يورپي ماهرن ان لفظ ”سَندي“ (Sandhi)کي هڪ ٽيڪنيڪل لفظ تور انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان لفظ ۾ ڪافي وقت اندر ( اِ ) حرف علت جو ( اَ ) حرف علت ۾ مٽجڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. خود اسان وٽ ان جون ڪي صورتون انهي طريقي سان بدلجي چڪيون آهن. هن لفظ جو ڌاتو آهي سُڌ> سِد (سنسڪرت- سيند) = وهڻ، ڳنڍڻ، ڳنڻ، ڌڪ هڻڻ، آباد ٿيڻ، محدود ٿيڻ وغيره. جنهن مان سنڌ، سنڌو، سِڌو، سِنڌ، حرف علتِ (اِ) سان موجود آهن. ته ٻئي پاسي سَنڌڻ، سَند، سنداڻ، سَنڌ وغيره موجود آهن.......[22] [23].“دين محمد ڪلهوڙو، سنڌ لفظ کي دراوڙي ٻوليءَ جو آريائي روپ قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته: ”منهنجي اڀياس ۽ سمجهه موجب: سنڌو/سنڌ لفظ جو بنياد سنسڪرت جو لفظ ”ند“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’طرف‘ ۽ ’س‘ ان جي اڳياڙي (Prefix) آهي. ’ند‘ جي اڳيان ’س‘ ۽ پٺيان ’و‘ اضافي صورتن ملائڻ سان لفظ ٺهيو- ’سنڌو‘ جنهن جي معنيٰ نڪري ٿي- سامهون وارو درياءُ. جڏهن قديم آريا درياء ڏيئي سنڌ ۾ گهڙيا هئا، تڏهن هنن درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد دراوڙن لوڪن کي ’سنڌي‘ ۽ سندن ملڪ کي ’سنڌ‘ سڏيو، ڇاڪاڻ ته دراوڙن جو هي ملڪ هنن آرين کي سامهون واري طرف کان ٿي نظر آيو. اهڙي ريت هيءُ درياء منهنجي نظر ۾ قديم آرين جي آمد کان پوءِ ”سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو.“[24]ايڊون برائنٽ ۽ ايڊون فرانسيس برائنٽ ’سنڌ‘ لفظ کي جديد دراوڙي نه بلڪ قديم دراوڙي (Proto- Dravidian) زبان جو لفظ قرار ڏنو آهي.[25][26]هندستان جي ڪرناٽڪ رياست جي دراوڙي قبيلن جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ هڪ راڳ جو نالو ”سنڌ ڀيروي“ (Sindh Bhairavi) آهي. جيڪو اساوري ٺاٺ سُر سان تعلق رکي ٿو. دراوڙي ٻولي ”تامل“ جي ڳالهائيندڙن ۾ هڪ طبي علاج جو سائنسي طريقو ”سنڌا“ (Sidha) جي نالي سان مروج آهي، ان جا خالق قديم دراوڙ (قديم سنڌين جا ابا ڏاڏا) هئا ۽ اهو طريقو سنڌ ڌرتيءَ تي ڄميو ۽ عروج تي پهتو. آرين کان پوءِ هندستان جا دراوڙ قبيلا ڏورانهين علائقن ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجي اصل ماتر ڀوميءَ جي سِڪَ کي ساهه ۾ هنڊائڻ لاءِ ان طريقي تي ”سنڌ“ نالو رکيائون.[27]
تاريخ
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي تاريخ
قبل از تاريخي دور
(تقريباً 7000 ق.م. کان 3000 ق.م.)
سنڌو ماٿر واري علائقي (Greater Indus Region) ۾ انساني آبادي جا سڀ کان پراڻا آثار تقريباً 7000 قبل مسيح جا ملن ٿا، خاص طور تي مھرڳڙھ مان. جيڪو جيڪو اڄ بلوچستان ۾ واقع آهي، قديم دور ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيبي دائري ۾ شامل هو، ۽ سنڌ جي تهذيبي اثرن جو اولين مرڪز سمجهيو وڃي ٿو[28][29].
سنڌو تهذيب جو دور
(تقريباً 3000 ق.م. کان 1700 ق.م.)
تقريباً 3000 ق.م. ۾ سنڌو تهذيب پنهنجي پختي شهري شڪل اختيار ڪئي، جنهن جا وڏا مرڪز موهن جو دڙو ۽ هڙاپا هئا[30][31].



سنڌو تهذيب جي آبادي بابت جديد آثار قديمه جي تحقيق موجب مجموعي آبادي 4 کان 5 لک جي وچ ۾ هئي، جيڪا ان دور لاءِ انتهائي وڏي هئي[32][33]. سنڌو تهذيب جا شهر: گرڊ سسٽم تحت رٿيل؛ ڍڪيل نيڪالي نظام؛ پڪين سرن جا گهر؛ ۽ عوامي غسل خانن تي مشتمل هئا[34][35]. سنڌو تهذيب پنهنجي عظمت ۾ قديم مصري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيبن جي برابر هئي. موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ ڪوٽ ڏيجي جهڙا شهر اعليٰ شهري منصوبابندي، پڪين سرن جي عمارتن، ڍڪيل نيڪالي نظام، عوامي غسل خانن ۽ منظم رستن جي شاهدي ڏين ٿا. بلوچستان خشڪ هجڻ ڪري اتي جي رهواسين کي مشڪلاتون پيدا ٿيون، جتان ڪيترائي ماڻهو ڪوٽ ڏجي جي علائقن طرف ھجرت ڪري آيا. پنهنجي دور ۾ ڪوٽ ڏجي وارو علائقو شهري علائقن جو مثال هو[36][37][38][39]. ان کان سواءِ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا پڻ انساني زندگي لاءِ شهڪار شهر هئا. هتي ماڻهو کي فنون لطيفہ تي عبور حاصل هو، ۽ هنن پنهنجي لکت جو نظام تيار ڪيو، جيڪو اڄ تائين مڪمل طور پڙهي نه سگهيو آهي[40][41]. اتي موجود ترتيب سان جوڙهيل شهر، پڪين سرن سان عام ماڻهن جا گھر، رستا، عوامي غسل خانا، ۽ ڍڪيل نيڪالي جو نظام ان شهر جي عظمت جو داستان آهي[42][43]. هي تهذيب تقريباً 1700 ق.م. ۾ اوچتي تباهي جو شڪار ٿي، جنهن جا امڪاني سبب قدرتي آفتون يا زلزلا سمجهيا وڃن ٿا[44].
ابتدائي تاريخي ۽ ويدڪ دور
(1700 ق.م. کان 600 ق.م.)
قديم شهر رورڪا، جنهن کي هاڻ روهڙي يا اروڙ چيو وڃي ٿو، سئوويرا بادشاهت(Sauvīra) جي گادي جو هنڌ هو. سئوويرا هڪ قدرتي-تاريخي بادشاهت هئي[45][46]. جنهن جو ذڪر شروعاتي ٻڌ ڌرم جي ادب ۾ مُک واپاري مرڪز طور ٿيل آهي[47]. رگويد واري زماني ۾ سنڌ کي سپت سنڌو سڏيو ويندو هو. “سپت سنڌو” مان مراد سنڌو ۽ ان سان لاڳاپيل اهم نديون هيون. ان مان مکيه نديون شتدرو (ستلج)، پرشڻي (راوي)، اسڪني (چناب)، وتستا (جهلم)، ارجڪئا (بياس)، ۽ سنڌو ندي وهندڙ هيون. ھڪ لفظ سوما کي ندي سمجھي سپت سنڌو جو مطلب ست نديون سمجھيو ويو پر علمن ان کي علائقي جو نالو يا ڏند ڪٿائي ندي سمجھن ٿا. مھاڀارت ۾ سنڌ جو ذڪر ڀارت ورشا جي حصي طور ملي ٿو.
اڪئمني (فارسي) دور
(600 ق.م. کان 400 ق.م.)
سنڌ 519 ق.م. ۾ فارسي اڪئمنيڊ شهنشاهت جو باقاعده حصو بڻجي. دارا اعظم (اول) سنڌ فتح ڪري ان کي پنهنجي سلطنت جي ھندش جي نالي سان 29هين ساتراپي (ولايت) قرار ڏنو. فارسي دور ۾ سنڌ مان فوجي ڀرتيون ڪيون ويون، ۽ سنڌي سپاهي ايراني لشڪر جو حصو بڻجي يونان خلاف ٿيندڙ فارسي–يوناني جنگين ۾ شامل ٿيا[48][49][50]. اعظم (اول) جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ فارسي منتظمين، فوجي ۽ واپاري اچڻ لڳا، جنهن سبب ايراني اثر وڌي ويو. بعد وارن ايراني ۽ مقامي روايتن ۾ بهمن بن اسفنديار سان منسوب ڪجهه شهرن جو ذڪر ملي ٿو، پر جديد تاريخي تحقيق موجب اهي بيان اسطوري آهن ۽ اڪئمنيڊ دور سان سڌي طرح ثابت ناهن[51][52][53][54][55][56][57]. فردوسي جي شاهنامي جهڙين ايراني رزميه روايتن موجب، هند، سنڌ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا ڪجهه راجا ايران جي بالادستي مڃيندا ۽ خراج ادا ڪندا هئا؛ بهرحال، جديد تاريخي تحقيق موجب اهي بيان ڪنھن تاريخي دستاويز جو نه پر ادبي ۽ رزميه روايتن جو حصو آهن. ايراني اڪئمنيڊ سلطنت جي اوڀر وارن علائقن، جن ۾ سنڌ (ھندش) پڻ شامل هئي، جا نالا اسان تائين يوناني مؤرخن، خاص طور هيروڊوٽس، وسيلي پهتا آهن. انهن علائقن ۾ ساڪا، ماڪا (مڪران)، ستگيدائي، گنداروئي (گندھارا)، داديڪائي ۽ پڪٽائي جهڙا قبيلائي ۽ علائقائي نالا شامل هئا. دارا اعظم (اول) جي دور ۾ سنڌ مان پڻ سپاهي ايراني فوج ۾ ڀرتي ڪيا ويا. بعد ۾، جڏهن خشايارشا يونان خلاف مهم هلائي، تڏهن ايراني لشڪر ۾ هندستاني ۽ سنڌي سپاهي به شامل هئا؛ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي مطابق ايرانين جنگ ۾ ھاٿين جو پڻ استعمال ڪيو[50]. 400 بهرحال، جديد تاريخي ذريعن موجب انهن جنگين ۾ سنڌي هاٿين جي استعمال بابت ڪو مستند ثبوت موجود ناهي[58][59][60][61][62].
يوناني ۽ سلوقي دور
(400 ق.م. کان 305 ق.م.)
327 کان 325 قبل مسيح جي وچ ۾ يوناني فاتح سڪندر اعظم سنڌو وادي ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ داخل ٿيو[63][64]. سڪندر جي وفات کان پوءِ سنڌ ۽ اتر اولهه هندستان ڪجهه عرصي لاءِ سلوقي سلطنت جي سياسي اثر هيٺ رهيا
[65]
[66].
موريا سلطنت جو دور
(305 ق.م. کان 185 ق.م.)
305 قبل مسيح ۾ چندر گپت موريا، سلوقس نيڪيٽر سان معاهدي کان پوءِ، سنڌ کي موريا شهنشاهت ۾ شامل ڪيو[67][68][69]. موريا دور، خاص طور اشوڪا جي حڪومت دوران، سنڌ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻڌ ڌرم کي وڏي هٿي ملي ۽ ان جي تبليغ ٿي[70][71]. 185 قبل مسيح ۾ موريا حڪومت جو خاتمو تڏهن ٿيو جڏهن ان جي آخري حڪمران برهدرتھ کي پُشيمتر سنگا هٿان قتل ڪيو ويو ۽ سنگا شهنشاهت قائم ٿي[72][73][74].
هند-يوناني ۽ باختري دور
(185 ق.م. کان 130 ق.م.)
مورين جي زوال کان پوءِ اتر اولهه هندستان ۾ يوناني اثر ٻيهر وڌيو. هن دور ۾ ڊيمٽرس اول جي قيادت هيٺ يوناني–باختري حڪمرانن تقريباً 200–180 قبل مسيح جي وچ ۾ گندھارا، پنجاب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن تي قبضو ڪيو. سنڌ بابت، خاص طور اترين حصن ۾، هند–يوناني اثر جا آثار ملن ٿا؛ بهرحال، سڄي سنڌ تي سندن سڌي ۽ مستقل حڪومت بابت جديد تحقيق ۾ اختلاف موجود آهي[75][76][77][78][79]. ميناندر (ميلندا) جهڙا حڪمران به هن دور ۾ ٿيا.
سڪوتي (اندو-سٿين) دور
(2 صدي ق.م.)
ٻي صدي قبل مسيح ۾ هند–يوناني علائقن ۾ ساڪا (سڪوتي) قبيلن جي حڪمراني قائم ٿي، جنهن سان هند–يوناني اقتدار جو خاتمو ٿيو. ساڪا حڪمرانن سنڌ، پنجاب، راجستان ۽ اولهه هندستان جي وسيع علائقن تي حڪومت ڪئي، ۽ جديد تاريخنويسي ۾ هن دور کي اندس–سڪوتي (Indo-Scythian) دور سڏيو وڃي ٿو[80][81][82].
ڪوشان سلطنت
(1 صدي عيسوي کان 3 صدي عيسوي)
پهرين صدي عيسوي ۾ سنڌ ڪوشان ايمپائر جي قبضي هيٺ آئي. سنڌ, گندھارا ۽ اتر هندستان تي انھن جي حڪومت قائم ٿي[83][84]. ڪنشڪ جي حڪمراني دوران ٻڌ ڌرم کي وڏي سرپرستي ملي ۽ ڪيترائي مذهبي مرڪز قائم ڪيا ويا. هن دور ۾ ڪجهه قبيلن، جن ۾ آهير پڻ شامل هئا[85]، سنڌ ۾ موجود هئا. ٽين صدي عيسوي جي وچ ڌاري ڪوشان سلطنت جي زوال کان پوءِ سنڌ ساساني شهنشاهت جي سياسي اثر هيٺ اچي وئي[86]
ساساني (فارسي) دور
(3 صدي عيسوي)
ڪوشان سلطنت جي زوال کان پوءِ، ٽين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سنڌ ساساني شهنشاهت جي سياسي بالادستي هيٺ اچي وئي. ساساني حڪمرانن سنڌ کي سڌي صوبي بدران اوڀر سرحدي علائقي طور سنڀاليو، جتي مقامي حڪمران برقرار رهيا پر فارسي اقتدار کي خراج ادا ڪندا هئا. سنڌ هن دور ۾ ايران ۽ هندستان جي وچ ۾ واپاري دروازي جي حيثيت رکي ٿي. پنجين صدي عيسوي ۾ هيفتالي حملن سبب ساساني اثر ڪمزور ٿيو، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ مقامي گهراڻن جي حڪمراني جو آغاز ٿيو[87][88][89][90][91].
گپتا گھراڻي جو دؤر
(4 صدي عيسوي کان 478ع تائين)
ساساني اثر جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ڪجهه عرصي لاءِ گپتا سلطنت جي سياسي اثر هيٺ آئي. پنجين صدي عيسوي جي آخر ۾ هيفتالي (سفيد هڻ) قبيلن جي حملن سبب گپتا اقتدار اتر اولهه هندستان مان ختم ٿيڻ لڳو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ مقامي حڪمرانن جو دور شروع ٿيو، جيڪو روايتي طور راءِ گهراڻي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ اتر هندستان جي حڪمران شهنشاهه هرشاوردن جو سنڌ تي سياسي اثر پڻ ذڪر هيٺ اچي ٿو، پر سڌي صوبائي حڪومت جا پڪا ثبوت موجود ناهن[92][93].
قديم سنڌ جي مشھور شخصيتن جي فھرست
| درجو | حڪمران جو نالو | حڪمراني جو قسم / سڃاڻپ | مختصر تعارف |
|---|---|---|---|
| مقامي حڪمران | راجا ميوسيڪانس (Musicanus) | مڪاني حڪمران، سنڌو ماٿري | قديم يوناني ذريعن موجب موسيڪانس سنڌو ماٿريءَ جو هڪ خودمختيار حڪمران هو، جنهن سڪندر اعظم سان مقابلو ڪيو. |
| مقامي حڪمران | راجا سامبس (Sambus) | مڪاني حڪمران، اتر سنڌ | سامبس قديم سنڌ جو هڪ مقامي سردار هو، جيڪو مقدوني لشڪر جي آمد وقت حڪمراني ڪري رهيو هو. |
| مقامي حڪمران | راجا آڪسِي ڪانَس (Oxycanus) | مڪاني حڪمران، سنڌو درياهه جو علائقو | آڪسِي ڪينَس سنڌو درياهه جي ڪناري آباد علائقي جو حڪمران هو، جنهن جو ذڪر يوناني تاريخدانن ڪيو آهي. |
| مقامي حڪمران | سوپِٿيس (Sopeithes) | مڪاني حڪمران، قديم سنڌ | سوپِٿيس کي هڪ سگهارو ۽ منظم حڪمران بيان ڪيو ويو آهي، جنهن وٽ منظم فوج ۽ انتظام هو. |
| غير ملڪي حڪمران | دارا اوّل (Darius I) | اخيميني سلطنت، ايران | دارا اوّل اخيميني شهنشاهه هو، جنهن سنڌ (هندوش) کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. |
| غير ملڪي حڪمران | سڪندرِ اعظم (Alexander the Great) | مقدونيائي سلطنت | سڪندر اعظم 326 ق.م ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هتان جي مقامي حڪمرانن سان جنگيون ڪيون. |
| غير ملڪي حڪمران | سليوڪس اوّل نيڪيٽر (Seleucus I Nicator) | سليوسي سلطنت | سليوڪس اوّل سڪندر جي جانشينن مان هو، جنهن سنڌ ۽ ڀارت جي سرحدي علائقن تي دعويٰ ڪئي. |
| غير ملڪي حڪمران | چندرگپت موريا (Chandragupta Maurya) | موريا سلطنت | چندرگپت موريا سنڌ سميت اتر هندستان ۾ مضبوط مرڪزي سلطنت قائم ڪئي. |
| غير ملڪي حڪمران | اشوڪ اعظم (Ashoka the Great) | موريا سلطنت | اشوڪ اعظم بدھ مت جي تبليغ ڪئي ۽ سنڌ ۾ به اخلاقي ۽ انتظامي سڌارا آندا. |
| قبائلي / سلطنتي | سڪا / اسڪٿي (Scythians / Sakas) | وچ ايشيائي قبيلائي حڪمران | سڪا وچ ايشيا مان آيل قبيلن هئا، جن سنڌ ۽ ڀرپاسي ۾ حڪومت ڪئي. |
| قبائلي / سلطنتي | پارتھين / پھلاوا (Parthians / Pahlavas) | ايراني نسل جي سلطنت | پارتھين ايراني نسل جا حڪمران هئا، جن سنڌ تي به سياسي اثر قائم رکيو. |
| قبائلي / سلطنتي | ڪوشان (Kushans) | وچ ايشيائي سلطنت | ڪوشان سلطنت واپار، سڪن ۽ بدھ مت جي واڌ لاءِ مشهور هئي ۽ سنڌ تائين ڦهليل هئي. |
| قبائلي / سلطنتي | اڇا ھن (White Huns) | خانہ بدوش حمله آور | اڇا هن وچ ايشيائي خانہ بدوش هئا، جن سنڌ سميت ڏکڻ ايشيا تي حملا ڪيا. |
راء گھراڻي جو دؤر
(478ع کان 632ع تائين)
پنجين صدي جي آخر (تقريباً 478ع) ڌاري راءِ گهراڻي سنڌ تي باقاعده حڪمراني قائم ڪئي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو
راء گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
| ترتيب | حڪمران جو نالو | حڪمراني جو دور | مختصر تعارف |
|---|---|---|---|
| 1 | راءِ ڏيوَاجي (Rai Diwaji) | تقريباً 489ع کان اڳ | راءِ گهراڻي جو باني حڪمران هو، جنهن برهمڻ آباد کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ سنڌ ۾ منظم حڪومت جو بنياد وڌو. |
| 2 | راءِ ساهيرس اوّل (Rai Sahiras I) | 489ع – 510ع | راءِ ڏيوَاجي جو جانشين هو، جنهن سنڌ جي سرحدن کي وڌايو ۽ انتظامي نظام کي مضبوط ڪيو. |
| 3 | راءِ ساهسي اوّل (Rai Sahasi I) | 510ع – 524ع | راءِ گهراڻي جو هڪ سگهارو حڪمران هو، جنهن امن، واپار ۽ فوجي تنظيم تي ڌيان ڏنو. |
| 4 | راءِ ساهيرس ٻيو (Rai Sahiras II) | 524ع – 600ع | راءِ گهراڻي جو سڀ کان مشهور حڪمران سمجھيو وڃي ٿو، جنهن سنڌ کي سياسي ۽ فوجي طاقت ڏني. |
| 5 | راءِ ساهسي ٻيو (Rai Sahasi II) | 600ع – 632ع | راءِ گهراڻي جو آخري حڪمران هو، جنهن جي وفات کان پوءِ برهمڻ گهراڻي جو آغاز ٿيو. |
برھمڻ گھراڻي جو دؤر
(632ع کان 712ع تائين)
برھمڻ گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
| نمبر | حڪمران جو نالو | حڪمراني جو دور | مختصر تعارف |
|---|---|---|---|
| 1 | راجا چچ برهمڻ (Chach of Sindh) | 632ع – 666ع | سنڌ جو پهريون برهمڻ حڪمران، جنهن راءِ گهراڻي کان پوءِ حڪومت سنڀالي ۽ سنڌ کي مضبوط انتظامي نظام ڏنو. |
| 2 | راجا چندر برهمڻ (Chandar of Sindh) | 666ع – 670ع | چچ برهمڻ جو ڀاءُ، ٿوري عرصي لاءِ حڪمران رهيو ۽ حڪومت کي مستحڪم رکيو. |
| 3 | راجا ڏاهر برهمڻ (Raja Dahir) | 670ع – 712ع | سنڌ جو آخري هندو حڪمران، جنهن محمد بن قاسم سان جنگ ڪئي ۽ 712ع ۾ شهيد ٿيو. |
.راءِ گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو تقريباً 632ع ۾ اروڙ جي برهمڻ چچ آندو، جنهن کان پوءِ چچ گهراڻي جو دور شروع ٿيو. هن دور ۾ سنڌ جون حدون ملتان ۽ رڻ ڪڇ تائين ڦهليل هيون ۽ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.
عربن جو دور
سنڌ ۾ عربن جو دؤر سنڌ جي فتح بعد بنو اميه ، بنو عباس گھراڻن جي مقرر ڪيل گورنرن جي حڪومت سان گڏوگڏ ھباري خاندان جي نيم خودمختيار حڪومت تي مشتمل رھيو آھي



سنڌ ۾ اسلام عرب واپارين وسيلي ساحلي علائقن ۾ اڳ ئي متعارف ٿي چڪو هو[94][95]. 711ع ۾ اموي خلافت جي سالار محمد بن قاسم سنڌ تي لشڪرڪشي ڪئي. 712ع ۾ راجا ڏاهر جي شڪست ڏني. 713ع تائين اروڙ، برهمڻ آباد ۽ ملتان تي ڪنٽرول حاصل ڪيو[96][97][98]. راجا ڏاھر جي شڪست کان پوء ديبل، اروڙ ۽ ملتان سميت سنڌو ماٿري جا اهم علائقا اسلامي حڪمراني هيٺ اچي ويا. هن فتح سان سنڌ ۾ رياستي سطح تي اسلام جو آغاز ٿيو، جڏهن ته عرب واپارين وسيلي اسلام اڳ ئي ساحلي علائقن تائين پهتل هو. ان دور ۾ سنڌ ۽ ملتان ۾ ٻڌ ڌرم جا مضبوط مرڪز موجود هئا، جڏهن ته راجا ڏاهر کي عرب تاريخنويسيءَ ۾ منفي ۽ غير مقبول[99][100] طور پيش ڪيو ويو آهي. محمد بن قاسم جي مهم ۾ منجنيقن جو استعمال ثابت آهي، جڏهن ته لشڪر جي انگ بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. 711 عرب نقشيدانن پاران سنڌ کي "سند" لکيو ويو، جنهن کان اڳتي واري علائقي کي "ھند" ڪوٺيو ويو. ان وقت محمد بن قاسم سنڌ جي گادي جو هنڌ منصوره کي ڪيو، ان شهر بعد ۾ ابو مشعر السندي، ابو عطا السندي،[101]. ان عرب دؤر ۾ ابو راجا سنڌي ۽ سنڌ ابن علي جهڙا عالم پيدا ڪيا. ابو راجا سنڌي ۽ سند بن علي، ابتدائي اسلامي دور ۾ “السندي” نسبت سان سڃاتل شخصيتون آهن، جن جو تعلق سنڌ سان ڄاڻايو وڃي ٿو. عرب تذڪرن موجب اهي اسلامي علمي يا انتظامي حلقن سان وابسته رهيا، پر سندن حياتيءَ بابت تفصيلي ۽ متفقه سوانحي ڄاڻ محدود آهي. ديبل جي بندرگاھ ۾، گھڻي ڀاڱي سمورن باوراجن پاران اسلام قبول ڪيو ويو جن ۾ جهاز راني، جاگرافي ۽ ٻولين جا ماهر شامل ھئا. جديد مؤرخن ان کي مبالغه آرائي قرار ڏنو آھي سندن خيال مطابق ڪجهه ملاحن اسلام قبول ڪيو ۽ "گهڻي ڀاڱي سمورا" واري ڳالھ ثابت ناهي[102].
اموي دور کان پوءِ سنڌ ۾ هباري خاندان (9هين صدي) هڪ نيم خودمختيار حڪومت قائم ڪئي، جنهن جي گادي منصوره هئي. ديبل عربي سمنڊ جو اهم بندرگاهه بڻيو، جتان سنڌي ۽ عربي ملاح بصره، عمان، يمن، اوڀر آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا تائين سفر ڪندا هئا[103]. نائين صدي عيسويءَ ۾، جڏهن عباسي خلافت جي مرڪزي گرفت ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ صوبي سنڌ ۾ قبيلائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ وڌي، تڏهن مقامي عرب اثر وارن سردارن مان عمر بن عبدالعزيز ھباري طاقت حاصل ڪئي. هن دور ۾ سنڌ (خاص طور منصوره/المنصوره جو علائقو) عملي طور مرڪز کان الڳ انداز ۾ هلڻ لڳو؛ حباري حڪمران عباسي خلافت کي رسمي طور مڃيندا رهيا، پر انتظامي ۽ فوجي اختيار گهڻو ڪري سندن هٿ ۾ رهيو. ارشد اسلام جي تحقيقي بيان موجب عمر الحباري هڪ وقت خليفي کي درخواست ڪري سنڌ جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان وقت جي حالتن سبب مرڪزي حڪومت هن رٿ کي قبول به ڪيو، جنهن سان سنڌ ۾ حباري حڪمراني جو بنياد پختو ٿيو. [104] عباسي خلافت جي سياسي ڪمزوري کان پوءِ سنڌ ۾ عملي حڪمراني مقامي سومرا حڪمرانن جي هٿ ۾ رهي. يارهين صدي ۾ سلطان محمود غزنوي منصوره ۽ ملتان تي حملا ڪيا. عباسي خلافت جي زوال (1258ع) تائين سنڌ نظرياتي طور عباسي دنيا سان لاڳاپيل رهي. هن دور ۾ مسعودي، ابن حوقل، اصطخري، طبري، البيروني ابن بطوطه جهڙن مؤرخن ۽ سياحن سنڌ بابت اهم تفصيل قلمبند ڪيا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هندوڪش جا علائقا به وسيع معنائن ۾ “سنڌ” سڏيا ويا. هي حباري حڪمراني تقريباً ٻه صديون جاري رهي ۽ پوءِ يارهين صديءَ جي شروعات ۾ سلطان محمود غزنوي جي لشڪرن سنڌ تي چڙهائي ڪري حباري قوت کي ٽوڙي وڌو. ماخذن ۾ خاتمي جو سال مختلف ملي ٿو، پر عام طور هي واقعو 1024–1026ع لڳ ڀڳ سان نسبت ڏنو وڃي ٿو؛ وڪيپيڊيا انگريزي موجب محمود غزنوي 1026ع ۾ حباري حڪمرانن کي شڪست ڏئي منصوره کي تباهه ڪري حباري دور ختم ڪيو
بنو اميه دؤر جي گورنرن جي فھرست
| نمبر | گورنر جو نالو | دورِ حڪومت | مختصر تعارف |
|---|---|---|---|
| 1 | محمد بن قاسم (Muhammad bin Qasim) | 712ع – 715ع | بنو اُميه جو مشهور سپهه سالار، جنهن سنڌ فتح ڪئي ۽ عرب اسلامي حڪمراني جو بنياد وڌو. |
| 2 | يزيد بن ابي ڪبشه (Yazid bin Abi Kabsha) | 715ع | مختصر عرصي لاءِ سنڌ جو عرب گورنر، انتظامي استحڪام لاءِ مقرر ٿيو. |
| 3 | حبيب بن مھلب (Habib bin Muhallab) | 715ع – 717ع | اموي دور جو گورنر، فوجي ۽ مالي انتظام سنڀاليو. |
| 4 | عمر بن مسلم باھلي (Umer bin Muslim Bahli) | 717ع – 724ع | سنڌ ۽ هندستان ۾ عرب فوجي واڌارن جو ذميوار گورنر. |
| 5 | بلال بن احوز تميمي (Bilal bin Ahoz Tamimi) | 724ع ۾ ڪجھ ڏينهن | حبيب بن مهلب جي جيل مان ڀڄي وڃڻ تي کيس عبدالملڪ بن مروان گرفتار ڪرڻ لاء سنڌ موڪليو ھو |
| 6 | جنيد بن عبدالرحمان (Junayd ibn Abd al-Rahman) | 724ع – 729ع | سنڌ ۽ هندستان ۾ عرب فوجي واڌارن جو ذميوار گورنر. |
| 7 | تميم بن زيد عتبي (Tamim bin Zaid Utabi) | 729ع – 730ع | سخاوت جي ڪري مشھور ٿيوئ |
| 8 | حڪم بن عوانا ڪلبي (Al-Hakam bin Awana) | 730ع – 738ع | اموي خلافت جو گورنر، سياسي بيچيني جي دور ۾ مقرر ٿيو. |
| 9 | عمرو بن محمد بن قاسم (Umro bin Muhammad bin Qasim) | 738ع – 743ع | باغين خلاف ڪاروائيون ڪيون |
| 10 | يزيد بن عرار (Yazid ibn ʿArrār) | 743ع – 744ع | سرڪشن خلاف ڪاروائيون ڪيون |
| 11 | منصور بن جمھور ڪلبي(Mansoor bin Jamhur) | 744ع – 750ع | بنو اميه جي گورنر کان حڪومت کسي حاڪم ٿيو. عباسي خلافت سان ٽڪراء، ابو موسا خراساني ھٽائڻ لاء ڪاروائيون ڪرايون ۽ سندس خاتمو آندو. ھن کانپوءِ بنو عباس جي گورنرن جو آغاز ٿيو |
بنو عباس دؤر جي گورنرن جي فھرست
| نمبر | گورنر جو نالو | دورِ حڪومت (هجري/عيسوي) | مختصر نوٽ |
|---|---|---|---|
| 1 | موسي بن ڪعب تميمي | 124ھ کان 140ھ تائين(758 عيسويءَ تائين) | پھريون عباسي گورنر. هن شهر منصوره جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي پنهنجي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو. |
| 2 | عينيہ بن موسي | 140ھ کان | ھن تي خليفو منصور سخت ناراض ٿيو |
| 3 | عمر بن حفص عتڪي | 140ھ کان 151ھ تائين(69 ــ 768تائين | ھن جي دور ۾ شيعت سنڌي ۾ مضبوط ٿي |
| 4 | ھشام بن عمرو تغلبي | ھ کان156 تائين(768 يا 769 کان 772يا773 تائين) | شيعن ۽ کين پناھ ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي محمد الاشتر شھيد ٿيوئ |
| 5 | معيد بن خليل تميمي | ھن جي وقت خليفي منصور وفات ڪئي ۽ مھدي اقتدار ۾ آيو | |
| 6 | روح بن حاتم مھلبي | 159ھ کان تائين | ھن جي وقت خلافت گجرات ڪيئن بحري حملو ڪيو |
| 7 | بسطام بن عمر | 159ھ کان 161ھ تائين | کيس عباسي خليفي ھٽائي ڇڏيو |
| 8 | روح بن حاتم مھلبي | 161 ھ | ٻيهر مقرر ٿيو |
| 9 | نصر بن محمد اشعت | 161 جي | ساڳي سال خليفي مھدي کيس ھٽايو |
| 10 | محمد بن سليمان ھاشمي | 161ھ | 20 ڏينھن مس رھيو تہ وري نصر بن محمد جي مقرري ٿي. پر ان وچ ۾ خليفي مھدي زبير بن عباس کي گورنر ڪري موڪليو |
| 11 | زبير بن عباس | 161ھ کان 162ھ | ھڪ سال مس رھيو تہ کيس واپس گھرايو ويو |
| 12 | مصباح بن عمرو تغلبي | 161ھ کان 163ھ تائين | سندس دور ۾ حالات گھڻا خراب ٿي ويا |
| 13 | ليث ظريف | 164ھ کان 170ھ تائين(782 کان 787تائين | ھن جيئدورث ۾ مقامي جاٽن بغاوت ڪئي. بصري مان فوج مدد ۾ آئي. بغاوت کي ڪچليو ويو. ان دور ۾ وبا پڻ ڦھلي |
| 14 | سالم يونسي | 170ھکان 174ھ تائين(787 کان 790 يا791 تائين) | اسماعيل بن علي جو غلام ھيو. ھارون رشيد کيس گورنر مقرر ڪيو. |
| 15 | اسحاق بن سليمان | 174ھ کان 175ھ تائين | سال کن گورنر رھيو تہ وفات ڪري ويو |
| 16 | طيفور بن عبدالله | 175ھ | ھن جي دور ۾ ٻن عرب قبيلن ۾ تمام وڏو خوني قبائلي جھيڙو ٿيو جنھن ڪري کيس معزول ڪيو ويو. |
| 17 | جابر بن اسعث طائي | ٿورڙي مدت | ھي به عرب قبيلن جو جھيڙو بند ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو |
| 18 | سعيد بن مسلم | ٿورڙي مدت | جي سنڌ ۾ آيو ئي ڪانه. پنھنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي نائب ڪري موڪليو جيڪو مؤرخن مطابق بد ڪردار ھيو |
| 19 | عيسي بن جعفر | ٿورڙي مدت | جي بہ سنڌ آيو ئي ڪانه ۽ محمد بن عدي کي نائب ڪري موڪليائين جنھن جي وقت ۾ قبائلي اختلافن کي وڌيڪ هوا ملي. ملتان ڀڄي ويو. پر ملتان وارن کيس واپس ڪري ڇڏيو |
| 20 | عبدالرحمان | ٿورڙي مدت | حالات سنڀالي نه سگھيو ۽ ھارون رشيد کي نااميد ڪيو |
| 21 | ايوب بن جعفر | ٿورڙي مدت | ناڪام ويو. حالات ٺيڪ نہ ڪري سگھيو. حجازي عربن يمني عربن کي تڙي سنڌ چئن حجازي قبيلن ۾ ورھائي ڇڏي |
| 22 | دائود بن يزيد | کان220 ھ تائين(820تائين | ھن پنھنجي ڀاء مغيرہ جي مدد سان فوج ڪشي ڪئي ۽ عرب قبيلن جي جھيڙو تي ضابطو آندو |
| 23 | بشر بن دائود | 820ع کان | ھارون کيس پيء جي وفات بعد گورنر ڪيو. مامون جي وقت ۾ کيس باغي ٿيڻ جو الزام لڳو ۽ معزول ڪيو ويون پر ھن بعد ۾ مامون رشيد وٽ پيش ٿي وفاداري ثابت ڪئي. |
| 24 | غسان بن عباد | 213ھ کان 216ھ | ھن بشر تي چڙھائي ڪري مامون رشيد وٽ پيش ڪرايو |
| 25 | موسي بن يحيٰ برمڪي | ب221ھ تائين(835تائين) | موسيٰ جي زماني ۾ سنڌ مان جيڪا رقم بغداد ويندي هئي تاريخدانن مطابق خرچ پکو ڪڍي ڪري اٽڪل ڏهه لک درهم هوندي هئي. موسيٰ جو ڳاڻيٽو سنڌ جي ڪامياب گورنرن ۾ ٿئي ٿو |
| 26 | عمران بن موسي برمڪي | 221ھ تي پيء جي وفات بعد مقرر ٿيو 226ھ تائين | جاٽن جي بغاوت ڪچلي ، ميدن سان جنگ ڪئي. حجازي ھباري عربن کيس قتل ڪيو |
| 27 | عنبسا بن اسحاق | —226ھ کان 240ھ تائين | ديبل ۾ تعميراتي ڪم ڪرايا |
| 28 | هارون بن ابي خالد مروزي | ھ کان240ھ تائين(854 يا 855) | عباسي اقتدار جو آخري نمائندو. ھن کانپوءِ ھباري عرب خاندان جي خودمختيار حڪومت جو آغاز ٿيو |
عربن جي ھباري گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
| نمبر | حڪمران جو نالو | حڪمراني جو دور (هجري) | گاديءَ جو هنڌ | حيثيت | اهم تاريخي نوٽس |
|---|---|---|---|---|---|
| 1 | عمر بن عبدالعزيز ھباري (Umar ibn Abdul Aziz Habari) | 270ھ کان 303 ھ تائين | باتيا (منصوره ڀرسان) | خودمختيار حڪمران | هباري خاندان جو طاقتور حڪمران هو. وڏي حڪمت عملي سان سڄي سنڌ کي پنهنجي تابع رکيو. خليفي جي نالي جو خطبو جاري رکندو رهيو، جنهن سبب خلافت کي سندس خودمختياريءَ جو اندازو نه ٿي سگهيو. هن کان پوءِ خلافت سنڌ ڏانهن ڪو سڌو والي موڪلي نه سگهي. |
| 2 | عبدالله بن عمر ھباري جي دور جو علمي واقعو | 303ھ کان سنڌ تي 30 سال حڪومت ڪئي | — | ھباري حڪمران | هن دور ۾ هڪ هندو راجا جي درخواست تي قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ۾ اسلامي ۽ مقامي ثقافتي ميل جول جو اهم مثال آهي. |
| 3 | عمر بن عبدالله هباري (Umar ibn Abdullah Habari) | 1010ع تائين | هباري حڪمران | سندس دور ۾ اسماعيلي تحريڪ سنڌ ۾ تبليغ شروع ڪئي. هن جي دور کان پوءِ هباري خاندان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. هباري خاندان جي خاتمي کان پوءِ سنڌ غزنوي سلطنت جي قبضي ۾ آئي، ۽ سرھنگ خطيبي کي غزنوي گورنر مقرر ڪيو ويو. |
سومرن جو دور
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سومرن جي سنڌ تي حڪومت
حباري دور کان پوءِ اتر سنڌ تي غزنوي دور شروع ٿيو ۽ ان سياسي خلا ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ مقامي طاقت طور سومرا اڳتي وڌيا. سومرن جي تاريخ تي مؤرخن جا حڪمرانن جي سلسلي بابت اختلافي خيال آھن سومرن جي ابتدائي دور بابت جديد تحقيق صاف چوي ٿي ته سندن اوائلي تاريخ غير واضح آهي. “حفيـف/خفيـف” نالي حڪمران جو ذڪر محمود غزنوي جي منصوره تي حملي جي حوالي سان اچي ٿو، پر اهو قطعي طور طئه ناهي ته اهو حڪمران آخري حباري هو يا پهريون/ابتدائي سومرو؛ تنهنڪري “سومرن کي سڌيءَ طرح عباسي خلافت طرفان سمارا مان مقرر ڪيل” يا “سومرا لفظ جو قطعي مطلب سمارا جو” جهڙيون دعوائون، مضبوط علمي حوالن کان سواءِ، احتياط سان بيان ڪرڻ گهرجن. جيئن تاريخي تسلسل مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ تي “مرڪزي خلافتن جو رسمي اثر” اڳ ئي موجود هو، پر بغداد يا عباسي مرڪز جي ڪمزوريءَ کان پوءِ سنڌ جهڙن پري پيل علائقن ۾ مقامي حڪمران گهڻو ڪري عملي خودمختياري اختيار ڪندا رهيا؛ حباري حڪمراني ان جو چٽو مثال آهي، ۽ پوءِ غزنوي حملن کان پوءِ مقامي حڪمران گهراڻن (جهڙوڪ سومرا) کي اُڀرڻ جو موقعو مليو.
تاريخي طور سومرا اهي پهريان مقامي حڪمران هئا جن سنڌ کي عرب حڪمراني (712ع–1025ع) کان آزاد ڪرايو. سلطان محمود غزنوي جي المنصوره تي حملي ۽ سنڌ تي سندس ناڪام گرفت کان پوءِ سومرن عرب حباري حڪومت (875ع–1025ع) جي جاءِ ورتي. تاريخي طريقيڪار موجب سومرن جو مطالعو انهن سڀني نسلن ۽ قبيلن سان گڏ ٿيڻ گهرجي، جيڪي يارهين صدي عيسويءَ دوران سنڌ ۾ آباد هئا ۽ جن واقعن ۾ حصو ورتو. انهن قبيلن ۾ سما، سهتا، ابڙا، سوڍا، چنا، پنھور، پھوڙ، گجر، ڀٽي، جاڙيجا (سما)، ٿھيم، ڳاها، تاؤنر، باران، جوڻيجا (سما)، راجڙ، راجپر، ڪاڇيلا ۽ ٻيا شامل هئا، جن سومرن سان گڏجي سنڌ ۾ مقامي حڪمراني قائم ڪرڻ جي تاريخي جدوجهد ۾ ساٿ ڏنو. اهي قبيله ميرپور ماٺيلو کان وٺي واگھا ڪوٽ ۽ ان کان اڳتي ڪڇ–ڀوڄ تائين پنهنجن زرعي علائقن ۾ آباد هئا. اهي اندروني طور خودمختيار هئا، پر سومرا حڪومت کي خراج ادا ڪندا ۽ فوجي مدد (levies) فراهم ڪندا هئا. سومرن جي اثر سان گڏ، جت ۽ ملاح قبيلن جا ماڻهو به ايتري طاقت رکندا هئا، جو 1027–28ع ۾ سنڌو درياهه تي غزنوي ٻيڙين کي للڪارڻ جي سگهه رکندا هئا. سومرا سنڌ ۾ پرڏيهي قبضي ۽ حڪمراني خلاف قومي مزاحمت جا اڳواڻ هئا[105][106]1025ع ۾، سومرا ماتلي تعلقي جي ڳوٺ ٿري (موجوده ضلع بدين) ۾ گڏ ٿيا ۽ پنهنجي سردار، سومرو نالي شخص کي سنڌ (ڏکڻ) جو حڪمران مقرر ڪيو. مير معصوم پنهنجي بيان ۾ سومرا گهراڻي جي نون حڪمرانن جو ذڪر ڪري ٿو، جن مان ارمل سومرو آخري حڪمران ڄاڻايو ويو آهي. بهرحال، عام تاريخي اتفاقِ راءِ موجب دودو سومرو پنجون جي پٽ همير کي سومرا گهراڻي جو آخري حڪمران سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي تصديق عين الملڪ محرو (1352ع–1365ع)، اُن وقت جي ملتان جي گورنر، جي خطن مان ٿئي ٿي[107][108].
سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
| نمبر | حڪمران جو نالو | حڪمراني جو دور | مختصر نوٽ |
|---|---|---|---|
| 1 | سومرو سردار (Soomra Chief) | 1053 کان (445ھ کان | سومرا خاندان جو باني سمجهيو وڃي ٿو جنهن ڏکڻ سنڌ ۾ راڄ قائم ڪيو جنھن جي گادي محمد تور نالي شھر ھئي |
| 2 | ڀونگر پٽ سومرو (Bhoongar bin Soomro) | 15 سالن تائين (وفات 1068عيسوي 461ھ) | سومرا اقتدار کي منظم ڪيو. |
| 3 | دودو اول (Dodo I) | 24 سال حڪومت ڪئي. 491 جي تائين | لاڙ کان وٺي نصرپور تائين حڪومت جي حدن کان وڌايو هو. چنيسر جو سندس ڀاء ھجن تڪراري آھي. طبعي موت آيس. |
| 4 | تاراٻائي (Tara Bai) | 491 ھ کان | وارث سنگھار صغير ھيو جنھن ڪري ان جي ڀيڻ راڄ سنڀاليو |
| 5 | سنگھار سومرو (Sanghar) | – 1120ع لڳڀڳ | ھن کي اولاد ڪانه ھئي |
| 6 | راڻي ھمو ٻائي (Queen Himo Bai) | سنگھار جي زال ، ھن ڌرڪ جي قلعي ۾ گادي منتقل ڪئي ۽ محمد پور ڀاء جي نگراني ۾ رکيو | |
| 7 | خفيف سومرو ( Khafif Soomro) | 536 جي ۾ وفات | راڻي ھمو ٻائي جو ڀاء ھيو |
| 8 | عمر سومرو پھريون (Umer Soomro) | (40 سال حڪومت) | 576 جي ۾ وفات |
| 9 | دودو سومرو ٻيون (Dodo II) | 590 ھ ۾ وفات تائين | دودو سومرو پھريون جي چاچي جي اولاد مان ھو |
| 10 | ڀونگر سومرو ٻيون (Bhoongar II) | 33 سال راڄ | دودو پھريون جي اولاد مان ھو. 623ھ ۾ وفات |
| 11 | خيرو سومرو (Khairo Soomro) | 16 سال جو راڄ | |
| 12 | محمد طور سومرو (Muhammad Toor Soomro) | 15 سال تائين راڄ | |
| 13 | خيرو بن محمد (Khairo son of Muhammad) | 15 سال راڄ ۾ | محمد طور جو پٽ ھيو |
| 14 | دودو سومرو ٽيون (Dodo III) | 14 سالن تائين راڄ | خيرو سومرو جو پٽ ھيوئ |
| 15 | طائي سومرو (B
Tai Soomro) |
14 سال راڄ | دودو ٽيون جو پٽ ھيو. |
| 16 | چنيسر سومرو (Chanesar Soomro) | 18 سال جو راڄ | طائي جو پٽ ھيو. پيء جي وفات بعد تخت تي ويٺو. ھن جي زال ليلان ھئي. ليلان چنيسر وارو افسانو انھن متعلق ھيو |
| 17 | ڀونگر سومرو ٽيون (Bhungar III) | 15 سال تائين راڄ | چنيسر جو پٽ. پيء جي وفات بعد تخت تي ويٺو |
| 18 | خفيف سومرو ٻيون (Khafif II) | 18 سال راڄ ۾ | ڀونگر سومرو ٽيون جو پٽ. پيء جي وفات بعد تخت تي ويٺو |
| 19 | دودو سومرو چوٿون (Dodo VI) | 25 سالن تائين راڄ | خفيف سومرو ٻيون جو ڀاء ۽ سندس وفات کان پوءِ تخت تي ويٺو |
| 20 | عمر سومرو ٻيون (Umer Soomro II) | 35 سال راڄ ۾ | دودو سومرو چوٿون جو پٽ. پيء جي وفات بعد تخت تي ويٺو |
| 21 | ڀونگر سومرو چوٿون (Bhungar VI) | 10 سالن تائين راڄ | عمر سومرو ٻيون جو ڀٽ ۽ سندس وفات کان پوءِ تخت تي ويٺو |
| 22 | ھمير سومرو (Hameer Soomro) | ک 1403 تائين(843ھ تائين | سومرا خاندان جو آخري حڪمران؛ ان کان پوءِ سمن خاندان سنڌ جو حڪمران بڻيو. |
سمن جو دور
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سمن جو راڄ

ڄام انڙ فيروزالدين، دهلي سلطنت کي للڪاريندي سما حڪومت جا بنياد وڌا ۽ پنهنجي لاءِ سنڌ جو سلطان جو لقب اختيار ڪيو. سما گهراڻي جي حڪمراني پنهنجي عروج تي ڄام نظام الدين (ڄام نندو) جي دور ۾ پهتي. سندس حڪمراني (1461ع کان 1509ع) دوران گاديءَ جو هنڌ ٺٽو ۽ مڪلي جون ٽڪريون وڏي ترقيءَ سان همڪنار ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽو قديم بندرگاھ ديبل جو متبادل بڻجي اُڀريو. ڄام نندو جي دور ۾ سنڌي ادب، تعمير، فن ۽ ثقافت ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي ۽ وطن سان محبت جو جذبو سماجي زندگيءَ ۾ نمايان رهيو. سمن پنهنجي دور ۾ وطني تعميرات، فنونِ لطيفه ۽ موسيقيءَ ۾ اعليٰ مثال قائم ڪيا. ان زماني جي نمايان شخصيتن ۾ قاضي قاضن، دريا خان ۽ مخدوم بلاول شامل هئا. توڙي جو ٺٽو هڪ وڏو ۽ خوشحال شهر هو، پر ان جي حفاظت لاءِ ايتري مضبوط فوج موجود نه هئي جو ارغونن ۽ ترخانن جي حملن جو مقابلو ڪري سگهي. نتيجي طور انهن حملن دوران ڪيترائي سما حڪمران قتل ٿيا، ۽ آخرڪار ڄام فيروز جي دور ۾ ٺٽو ارغونن ۽ ترخانن جي قبضي هيٺ اچي ويو.
سما گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
ارغون ۽ ترخان
هيٺين سنڌ ۾ سمنن جي سلطنت 1519ع ۾ هڪ مغل مهم جو، شاھ بيگ ارغون، هٿان ختم ٿي وئي. ارغون گهراڻي جي حڪومت لڳ ڀڳ پنجيتاليهه (35) سال جاري رهي. شاھ بيگ ارغون 1522ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جانشين سندس پٽ شاھ حسين ٿيو. شاهه حسين هڪ ڏاهو حڪمران هو ۽ هن سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو. سندس حڪومت جي دور ۾ مغل شهنشاهه همايون سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو ۽ هتي کيس لڳاتار بدقسمتين کي منهن ڏيڻو پيو. شاھ حسين 1555ع تائين پرامن نموني حڪومت ڪندو رهيو، ۽ انهيءَ سال سندس وفات ٿي. شاھ حسين جو ڪو به وارث نه هو، ڇو ته سندس اڪيلو پٽ ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو هو. شاهه حسين جي ڊگهي حڪومت، جيڪا لڳ ڀڳ ٽيٽيھ (33) سال جاري رهي، دوران سنڌ ٻن ماتحت حڪومتن ۾ ورهايل هئي. مٿيون سنڌ، بکر کان سيوهڻ تائين، سلطان محمود جي انتظام هيٺ هو، جيڪو شاھ بيگ ارغون جي پسنديده امير فاضل ڪوڪلتاش جو پٽ هو. هيٺين سنڌ شاھ حسين جي قابل هٿن ۾ هئي. شاهه حسين جي وفات کان پوءِ هيٺين سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر شخص مرزا عيسا ترخان هو، جيڪو شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ آيو هو. جيتوڻيڪ مرزا عيسى ترخان ڳجهي نموني سلطان محمود سان اهو معاهدو ڪيو هو ته شاھ حسين جي وفات کان پوءِ سنڌ ٻنهي جي وچ ۾ الڳ الڳ ورهائي سنڀالي ويندي، پر آخري ارغون حڪمران جي جانشيني حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سڄي سنڌ جو واحد حڪمران بڻجڻ جو منصوبو ٺاهيو. شاھ حسين جي وفات کان پوءِ ملڪ جي غير مستحڪم حالتن سبب، ڪجهه مقامي سردارن سلطان محمود کان سيوهڻ جو قبضو کسيو، جنهن بعد سلطان محمود اتر طرف هليو ويو ۽ سيوهڻ کان اتر وارن علائقن تائين محدود ٿي ويو. مرزا عيسا خان ترخان، جنهن وٽ مضبوط فوج هئي، سيوهڻ ڏانهن وڌيو ۽ جلد ئي اتي موجود مقامي سردارن کي شڪست ڏني. سيوهڻ کي هيٺين سنڌ ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ، هن سلطان محمود جي علائقي تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتر طرف بکر تائين اڳتي وڌيو[109]. جڏهن مرزا عيسا خان ترخان محسوس ڪيو ته سندس فوج هن مهم لاءِ ڪافي نه آهي، تڏهن هن باسين (Bassein) ۾ پورچوگالي گورنر ڏانهن فوجي مدد لاءِ سفير موڪليا. ان جي بدلي ۾ هن پورچوگالين کي فوجي خرچ ادا ڪرڻ ۽ کين خاص واپاري سهولتون ڏيڻ جو واعدو ڪيو. پورچوگالي حڪومت ان کي هڪ وڏي ترغيب سمجهيو ۽ پيڊرو باريٽو رولن (Pedro Barreto Rolin) جي ڪمان هيٺ 28 جهازن ۾ 700 فوجي موڪليا. انهن مان 24 جهاز سلامت ٺٽي پهتا. ان وچ ۾ مرزا عيسى ترخان سلطان محمود سان صلح ڪري ورتي، ۽ پيڊرو باريٽو رولن کي اطلاع ڏنو ويو ته هاڻي سندس خدمتن جي ضرورت ناهي رهي. پرتگالي ڪمانڊر ميرزا عيسى جي پٽ جان بابا، جيڪو ٺٽي جو نگران هو، کان سنڌ ۾ فوجي مهم لاءِ جهاز تيار ڪرڻ جا خرچ ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن فطري مطالبي جو جواب اطمينان بخش نه هو، جنهن سبب پورچوگالين ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ٿي ۽ هنن ٺٽي جي شهر تي حملو ڪري ڇڏيو[110]
ارغون گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
ترخان گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
مغلن جو دؤر
1524ع ۾، توڙي جو مغل شهنشاهت جو دارومدار ارغون ۽ ترخان فوجين تي هو، تنهن باوجود سنڌ جي ڪجهه بادشاهن انهن جو استقبال ڪيو. اڳتي ايندڙ وقت ۾ سنڌي مغلن جي اثر هيٺ رهيا.
مغل حاڪم نوابن جي فھرست
ڪلھوڙن جو دؤر
ڪلھوڙا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
ٽالپر دور
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ٽالپر دور
ٽالپر ڪهلوڙن جي دعوت تي، ڊيرا غازي خان مان حجرت ڪئي، دعوت جو مقصد بلوچ ڇڙوڇڙ قبلين کي متحد ڪرڻ هو. ٽالپرن هتي سنڌي ٻولي سکي ۽ جي سنڌ جي اتر طرف آباد ٿيا. هنن ترت بلوچ قبلين کي متحد ڪيو ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن خلاف راءِ عامه جوڙي، هالاڻي جي جنگ کان پوءِ ٽالپرن ڪلهوڙن کان تخت کسي ورتي.
1783ع ۾ ڪلهوڙا سلطنت جي خاتمي کان پوءِ، ٽالپر سردار سنڌ جا حڪمران بڻيا. باهمي معاهدي تحت سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، جيڪي ٽن ٽالپر سرداري خاندانن جي وچ ۾ تقسيم ڪيا ويا. حيدرآباد وارو خاندان، جنهن جو سربراهه مير فتح علي خان هو، هيٺين سنڌ جو انتظام سنڀاليو ۽ حيدرآباد کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. مير سهراب خان مٿين سنڌ ڏانهن ويو ۽ خيرپور کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. مير ٺر خان اوڀر طرف هڪ ننڍي علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ميرپور ان خاندان جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو[111]. 1808ع، 1809ع ۽ 1820ع جون انگريزي سفارتي مهمون حيدرآباد واري خاندان سان رابطي ۾ رهيون، ڇاڪاڻتہ اهو خاندان سنڌ ۾ ٽالپرن جو سڀ کان اهم ۽ طاقتور خاندان سمجهيو ويندو هو. هن خاندان جي سربراهه مير فتح علي خان وڏي دانائي سان حڪومت ۾ پنهنجن ٽن ڀائرن ـ مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ـ کي پاڻ سان شريڪ ڪيو. اهي چارئي ڀائر پاڻ ۾ گهري محبت سبب “چار يار” يا “چار دوست” جي نالي سان مشهور ٿيا. اهڙي طرح سنڌ ۾ گڏيل حڪومت جو هڪ غيرمعمولي نظام قائم ٿيو. پر هي گڏيل حڪومت صرف نالي ماتر هئي، ڇاڪاڻتہ مير فتح علي خان جي حياتيءَ دوران سڀني سرڪاري فرمانن ۽ حڪمن تي صرف سندس ئي مُهر لڳندي هئي. مير فتح علي خان جي دورِ حڪومت ۾ سنڌ سان انگريزن جي واپار کي ٻيهر هٿي ملي، جيڪو اڳ ڪلهوڙا حڪمران ميان سرفراز خان جي دور ۾ ڪمزور ٿي ويو هو ۽ پوءِ مڪمل طور ختم ٿي چڪو هو. هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ويلزلي جي خواهش تي، بمبئي سول سروس جو آفيسر مسٽر نيٿن ڪرو 1798ع ۾ سنڌ موڪليو ويو ته جيئن سنڌ ۾ انگريزي واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون وڃن[112]. مير فتح علي خان 1802ع ۾ وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ جڏهن سندس ڀاءُ مير غلام علي خان تخت نشيني بعد جلد ئي بمبئي حڪومت ڏانهن پنهنجو نمائندو موڪليو، جنهن ۾ هن پنهنجي مرحوم ڀاءُ پاران مسٽر نيٿن ڪرو کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ تي معذرت ڪئي ۽ برطانوي حڪومت سان دوستانه لاڳاپن جي بحالي جي خواهش ظاهر ڪئي، ته برطانوي حڪومت خوش دليءَ سان ان تي راضپو ظاهر ڪيو.حيدرآباد جي ميرن برطانوي حڪومت سان هي اتحاد ان اميد سان ڪيو ته ان ذريعي پنهنجي حيثيت کي ايترو مضبوط ڪري سگهن، جو هو ڪابل جي شاهه شجاع کي للڪارڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺن، جيڪو 1803ع ۾ سنڌ لاءِ هڪ ناپسنديده مهمان بڻجي آيو هو، ۽ جنهن جي نالي ماتر بالادستي کي ٽالپر مير مڃيندا هئا. ٻئي پاسي، برطانوي حڪومت به سنڌ سان دوستانه لاڳاپن جي بحالي کي ضروري سمجهيو، ته جيئن افغانستان جي رستي فرانس ۽ ايران طرفان هندستان تي ممڪن حملي کي روڪي سگهجي[113]. 1811ع ۾ مير غلام علي خان هڪ زخمي هرڻ سبب فوت ٿي ويو، جنهن پنهنجي سينگ سان مير جي پير کي لڳي زخمي ڪري ڇڏيو هو. “چار يار” مان هاڻي رڳو ٻه باقي رهيا ـ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان. مير ڪرم علي خان هڪ خوش مزاج انسان هو، جنهن جي دورِ حڪومت ۾ سياست کان وڌيڪ شاعري ۽ ادب کي مقبوليت حاصل هئي. جيتوڻيڪ کيس رئيس يا سردار چيو ويندو هو، پر ملڪ جو اصل انتظام گهڻي ڀاڱي سندس ڀاءُ مير مراد علي خان هلائيندو هو[114] 1816ع ۾ ڪڇ جي راڻي سان هڪ معاهدو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، ڪڇ ۾ برطانوي حڪومت جي طاقت آهستي آهستي وڌڻ لڳي. سنڌ جي سرحد ڪڇ سان ملي پئي، تنهن ڪري برطانوي حڪومت 1820ع ۾ سنڌ سان به معاهدي جي تجديد کي سياسي طور مناسب سمجهيو. 1820ع ۾ نئين معاهدي جي ڳالهين لاءِ هڪ موقعو تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن حيدرآباد جي ميرن جا سپاهي بدلي طور برطانوي فوج تي حملو ڪري ويٺا، جڏھن ته اها برطانوي فوج سنڌ جي اوڀرئين سرحد تي کوسا قبيلي جي ڦورن جي هڪ ٽولي جو پيڇو ڪندي غلطيءَ سان سنڌي سپاهين جي هڪ دستي سان ٽڪرائجي پئي هئي. هن واقعي مان فائدو وٺندي، بمبئي حڪومت ميرن کان “سنڌ جي حڪمرانن طرفان ڪيل بنا جواز دشمني وارن عملن” بابت تاوان ۽ وضاحت جو مطالبو ڪيو. انهيءَ مقصد لاءِ ڪيپٽن سڊليئر، مسٽر ڊبليو. سائمن، ڊاڪٽر هال ۽ ميجر ووڊ هائوس تي ٻڌل هڪ سفارتي مشن سنڌ موڪليو ويو، ته جيئن سنڌ جي ميرن سان نئون معاهدو طئي ڪيو وڃي. انهن چئن مهمانن جو شاندار مهمان نوازيءَ سان استقبال ڪيو ويو، ۽ 9 نومبر 1820ع تي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سان معاهدو ڪيو ويو[115]. ٽالپرن سنڌ تي 1783ع کان 1843ع تائين حڪومت ڪئي ان کان برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لشڪرن چارلس نيپئر جي اڳواڻي ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.
ٽالپر گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
برٽش دور
پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جو ڪردار:سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران، ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرس جي موقعي تي گڏيل هندستان جي سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ جي نالي سان سڏيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو، ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا ۽ آزاد آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان موقعي تي قائداعظم مرحوم تقرير ڪندي چيو: ”مون کي يقين آهي، ته سنڌ جو صوبو، هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي.“
ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏي جوش، جذبي ۽ ولولي سان حصو ورتو. سڄي هندستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي صوبائيءَ اسيمبليءَ سن 1943ع ۾ پاڪستان جي قيام جي ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو محترم. جي ايم.سيد پيس ڪيو. ٻئي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو ٺهراءُ نه اڳ ئي پاس ڪيو هو، ۽ نه پوءِ ئي ڪا اسيمبلي پاس ڪري سگهي.[116]
برٽش دؤر جي گورنرن جي فھرست
1843ع: سنڌ برطانوي راڄ ۾ شامل ڪئي وئي. 1843ر کان 1936ع تائين سنڌ، بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رھي. 1 اپريل 1936ع ڪيث سنڌ الڳ صوبو بڻي ۽ سر لينسلٽ گراهام سنڌ جو پهريون گورنر ٿيو ۽ سر هيو ڊائو (Sir Hugh Dow) آخري برطانوي گورنر 15 آگسٽ 1947 تائين رھيو.
| نمبر | نالو | دور (مدت) | حيثيت | سنڌ لاءِ مختصر ڪردار |
|---|---|---|---|---|
| 1 | سر چارلس نيپئر (Sir Charles Napier) | 1843–1847 | بمبئي پريزيڊنسي | سنڌ تي برطانوي قبضو؛ ٽالپر حڪمرانن جو خاتمو؛ نوآبادياتي انتظام جو آغاز |
| 2 | سر جارج آرٿر (Sir George Arthur) | 1847–1852 | بمبئي پريزيڊنسي | فوجي ۽ انتظامي نظام کي مضبوط ڪيو؛ زمينداري ڍانچو ترتيب ڏنو |
| 3 | لارڊ ايلفنسٽن (Lord Elphinstone) | 1853–1860 | بمبئي پريزيڊنسي | ريونيو ۽ عدالتي سڌارا؛ سنڌ کي بمبئي سان وڌيڪ ڳنڍيو |
| 4 | سر بارٽل فريئر (Sir Bartle Frere) | 1862–1867 | بمبئي پريزيڊنسي | ريلوي، تعليم ۽ جديد شهري نظام جي شروعات |
| 5 | سر سيمور فِٽزجيرالڊ (Sir Seymour Fitzgerald) | 1867–1872 | بمبئي پريزيڊنسي | مڪاني سردارن سان تعلقات؛ انتظامي واڌ |
| 6 | سر رچرڊ ٽيمپل (Sir Richard Temple) | 1877–1880 | بمبئي پريزيڊنسي | ڏڪار انتظام ۽ مالياتي سڌارا |
| 7 | لارڊ ري (Lord Reay) | 1885–1890 | بمبئي پريزيڊنسي | مڪاني ادارن ۽ تعليم جي واڌ |
| 8 | لارڊ ليمينگٽن (Lord Lamington) | 1903–1907 | بمبئي پريزيڊنسي | قانون سازي ۽ ميونسپل ادارن جو قيام |
| 9 | سر جارج لائيڊ (Sir George Lloyd) | 1910–1915 | بمبئي پريزيڊنسي | سياسي سرگرمين تي ڪنٽرول؛ جنگي دور جو انتظام |
| 10 | لارڊ ولنگڊن (Lord Willingdon) | 1913–1918 | بمبئي پريزيڊنسي | خلافت تحريڪ ۽ سياسي اٿل پٿل دوران سخت حڪمراني |
| 11 | سر فريڊرڪ سائيڪس (Sir Frederick Sykes) | 1923–1928 | بمبئي پريزيڊنسي | سنڌ جي الڳ صوبي بابت بحث ۽ سياسي تحريڪون |
| 12 | سر ليزلي ولسن (Sir Leslie Wilson) | 1928–1933 | بمبئي پريزيڊنسي | سنڌ جي صوبي جي قيام لاءِ آئيني تياريون |
| 13 | سر جان بيومونٽ (Sir John Beaumont) | 1933–1937 | بمبئي پريزيڊنسي | 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جو عمل مڪمل |
| 14 | سر لينسلٽ گراهام (Sir Lancelot Graham) | 1936–1941 | سنڌ جو گورنر | سنڌ جو پهريون گورنر؛ صوبائي اسيمبلي ۽ وزارتن جو قيام |
| 15 | سر هيو ڊائو (Sir Hugh Dow) | 1941–1947 | سنڌ جو گورنر | آخري برطانوي گورنر؛ آزادي ۽ ورهاڱي تائين انتظام |
برٽش دور جي ڪمشنرن جي فھرست
| نمبر | نالو | دور (مدت) | سنڌ لاءِ خدمتن بابت نوٽ |
|---|---|---|---|
| 1 | سر چارلس نيپئر (Sir Charles Napier) | 1843–1847 | سنڌ جو پهريون ڪمشنر؛ ٽالپر حڪمرانن کان پوءِ برطانوي انتظام جو بنياد وڌو؛ فوجي ۽ سول نظام قائم ڪيو |
| 2 | سر بارٽل فريئر (Sir Bartle Frere) | 1851–1859 | جديد سنڌ جو معمار؛ رستا، بندرگاهون، تعليمي سڌارا ۽ ميونسپل نظام متعارف ڪرايو |
| 3 | ايڇ. بي. اي. فريئر (H. B. E. Frere) | 1859–1862 | انتظامي تسلسل؛ ريونيو ۽ قانوني نظام کي مستحڪم ڪيو |
| 4 | ڊبليو. ايل. ميري ويڌر (W. L. Merewether) | 1867–1877 | سنڌ جي قبيلائي علائقن ۾ امن امان؛ فرنٽيئر پاليسي ۽ ريلوي واڌ |
| 5 | چارلس اومني (Charles Umney) | 1877–1880 | زمينداري ۽ آبپاشي نظام ۾ بهتري؛ ريونيو انتظام |
| 6 | جيمس گائلز (James Giles) | 1880–1887 | ميونسپل ادارن کي مضبوط ڪيو؛ شهري انتظام ۾ سڌارا |
| 7 | اي. ايڇ. وينس (A. H. Vance) | 1887–1891 | ريلوي ۽ واپار کي هٿي؛ بندرگاهي سرگرمين ۾ واڌ |
| 8 | اي. ڊبليو. هيوز (A. W. Hughes) | 1891–1897 | زرعي سڌارا؛ ڪئنالن ۽ آبپاشي تي ڌيان |
| 9 | ايڇ. ايم. جيمس (H. M. James) | 1897–1901 | ريونيو ريڪارڊ ۽ مردم شماري انتظام |
| 10 | اي. ايڇ. ايس. ڪيلي (A. H. S. Kelly) | 1901–1906 | تعليمي ادارن جي واڌ؛ مقامي حڪومتن سان رابطو |
| 11 | سي. اي. فيرگوسن (C. A. Ferguson) | 1906–1911 | سياسي شعور جي شروعاتي دور ۾ انتظام سنڀاليو |
| 12 | ايڇ. اي. ايل. هيلي (H. E. L. Healey) | 1911–1916 | پهرين عالمي جنگ دوران سول انتظام؛ امن امان |
| 13 | اي. ڊبليو. پي. ڪيري (A. W. P. Carey) | 1916–1921 | خلافت تحريڪ ۽ سياسي تحريڪن جي دور ۾ انتظام |
| 14 | ايڇ. ٽي. سورلي (H. T. Sorley) | 1921–1925 | سياسي اصلاحات؛ مڪاني نمائندگيءَ جي واڌ |
| 15 | اي. ايل. ايچ. ايٽڪن (A. L. H. Aitken) | 1925–1930 | سنڌ جي الڳ صوبي لاءِ آئيني بحثن ۾ ڪردار |
| 16 | ايڇ. ٽي. ليمبرٽ (H. T. Lambert) | 1930–1936 | آخري ڪمشنر؛ 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ تائين انتظام |
برٽش دور جي وزير اعليَ جي فھرست
1843 کان 1936 تائين سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي ان عرصي ۾ چيف منسٽر/ پريميئر جو عهدو موجود ئي نه هو بمبئي پريزيڊنسي ۾ به چيف منسٽر جو عهدو 1937ع کان اڳ موجود نه هو تنهنڪري 1937ع کان اڳ سنڌ لاءِ ڪنهن به قسم جو چيف منسٽر موجود نه رهيو. 1937ع ۾ گورنمينٽ آو انڊيا ايڪٽ ، 1937 تحت سنڌ ۾ پهريون ڀيرو چونڊيل وزارت ٺهي.
| نمبر | نالو | دور | سياسي وابستگي | سنڌ لاءِ خدمتون |
|---|---|---|---|---|
| 1 | الله بخش سومرو (Allah Bakhsh Soomro) | اپريل 1937 – آڪٽوبر 1938 | آزاد / سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي | سنڌ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم؛ زميندار سڌارا، مقامي خودمختياري، هندو-مسلم هم آهنگي |
| 2 | غلام حسين هدايت الله (Ghulam Hussain Hidayatullah) | مارچ 1938 – اپريل 1940 | مسلم ليگ | انتظامي استحڪام؛ مسلم ليگ جي سياسي تنظيم مضبوط ڪئي |
| 3 | الله بخش سومرو (Allah Bakhsh Soomro) | اپريل 1940 – آڪٽوبر 1942 | آزاد | برطانوي حڪومت خلاف موقف؛ Quit India تحريڪ جي حمايت سبب برطرف ڪيو ويو |
| 4 | غلام حسين هدايت الله (Ghulam Hussain Hidayatullah) | آڪٽوبر 1942 – اپريل 1947 | مسلم ليگ | پاڪستان تحريڪ جي حمايت؛ مسلم ليگ کي اقتدار ۾ آندو |
| 5 | محمد ايوب کهڙو (Muhammad Ayub Khuhro) | اپريل 1947 – 15 آگسٽ 1947 | مسلم ليگ | پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آخري وزيراعظم؛ نئين رياست لاءِ انتظامي منتقلي |
پاڪستان جي قيام بعد
ان يونٽ کان اڳ جو دؤر
ون يونٽ وارو دور
ون يونٽ کان پوء وارو دور
1988ع کان پوءِ جو نئون دؤر
سنڌ بابت محققن ۽ مورخن جي راءِ
سنڌ جي سرزمين قديم زماني کان علم، فن، حڪمت ۽ فڪري روايتن جو اهم مرڪز رهي آهي. تاريخي ذريعن موجب هتي اهڙا عالم، فقيهه ۽ مفڪر پيدا ٿيا، جن جي علمي حيثيت ۽ فڪري اثرات پري پري تائين تسليم ڪيا ويا. سنڌ جي علمي عظمت بابت ڪيترن معروف محققن ۽ مورخن پنهنجا خيال قلمبند ڪيا آهن[117]. ابن صبعيه (Abu Sabeeya) پنهنجي تحريرن ۾ لکي ٿو ته سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود هو، ۽ اهو به بيان ڪري ٿو ته يونان ۾ موجود علم جو وڏو حصو سنڌ مان منتقل ٿيو. ابو معشر (Abu Muʿshir) سنڌ جي علمي حيثيت بابت لکي ٿو ته حڪمت، فلسفي ۽ علم سان سنڌين جي رغبت کي دنيا جي ٻين قومن به تسليم ڪيو آهي، ۽ علم جي طلب ۾ سنڌين کي نمايان مقام حاصل رهيو آهي[117]. تاريخي ڪتاب اخبار الحڪماءِ ۾ بيان ٿيل آهي ته دنيا جي قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو رهي آهي ۽ عدل ۽ سياست جي پهرين مرڪزن مان هڪ سمجهي ويندي هئي. ان ڪتاب موجب، جغرافيائي دوري سبب سنڌ جا ڪيترائي علمي ڪتاب ٻين علائقن تائين محدود مقدار ۾ پهتا، تنهن هوندي به جيڪي علمي آثار دستياب ٿيا، سي وڏي اهميت جا حامل هئا[117]. اسلامي روايتن موجب حضرت عليؓ به سنڌ جي سرزمين کي علم ۽ برڪت واري زمين قرار ڏنو آهي، جتان علم ۽ عرفان جو ظهور ٿيو. انهن بيانن مان سنڌ جي علمي ۽ فڪري حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو[117]. تاريخي حوالن موجب، پرتگالين جي سنڌ تي ڪاهه کان پوءِ مکلي ۽ ٺٽي جهڙن علمي مرڪزن ۾ موجود ڪيترائي ڪتب خانا (لائبريريون) ۽ درسگاهون (مدرسا) تباهه ڪيا ويا، جنهن سبب سنڌ جي علمي ورثي کي وڏو نقصان رسيو[118]. تاريخي ۽ تحقيقي لکتن موجب، موجوده بلوچستان جي سرزمين قديم زماني ۾ سنڌ جي وسيع جغرافيائي ۽ تهذيبي دائري سان ڳنڍيل رهي آهي. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته بلوچستان جا ابتدائي رهاڪو سنڌي نسل سان لاڳاپيل هئا، جڏهن ته بلوچ قبيلن جي آمد بعد جي تاريخي دورن ۾ ٿي. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه هئا، پر انهن جي مڪران ۽ بلوچستان ۾ آمد چوٿين صدي عيسوي کان شروع ٿي. هن جي مطابق، بلوچ قبيلن کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت وڏي انگ ۾ آباد هئا[119]. مير رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ۾ بيان ڪري ٿو ته سنڌ ماٿري ۾ بلوچن جي موجودگي کي ٽالپر دور کان اڳ تسليم ڪرڻ تاريخي طور درست ناهي، ۽ سندس خيال موجب بلوچستان تاريخي طور سنڌ جو حصو رهيو آهي.ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ صفحو نمبر 579 ساڳئي محقق هڪ ٻي جڳهه تي لکي ٿو ته بلوچستان ۽ خراسان، اقليم سنڌ جا صوبا رهيا آهن[120]. بلوچن جي نسلي ۽ جغرافيائي پس منظر بابت احمد يار بلوچ لکي ٿو ته بلوچن جي آمد بلوچستان ۾ مرحليوار ٿي ۽ انهن جي هجرت قديم مسڪن حلب ۽ شام مان تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ شروع ٿي.ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ صفحو نمبر 38 صادق علي بلوچ مطابق، زابلستان بلوچن جو قديم وطن هو، جنهن مان پوءِ اهي مختلف علائقن ڏانهن منتقل ٿيا[121]. موسيٰ خان جلال زئي تاريخ بلوچستان ۾ بيان ڪري ٿو ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران طرف لڏي آئي، تڏهن انهن جو سردار جلال خان هو، جيڪو هن مهاجرت جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.تاريخ بلوچستان صفحو نمبر 16 يورپي محقق پيڪولين لکي ٿو ته گهڻا بلوچ پاڻ کي عرب نسل سان ڳنڍين ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو ابتدائي وطن قرار ڏين ٿا[122]. ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته بلوچ قوم قديم دور ۾ عربستان، دجله ۽ فرات جي وادين، حلب جي علائقن ۽ ايراني سرحدن ڀرسان آباد هئي. هن وڌيڪ بيان ڪيو آهي ته هڪ روايت موجب، جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان پهتا، ته اهي 44 گروهن ۾ ورهايل هئا، جن مان اعلمش رومي وڏو سردار هو[123]. تاريخي بيانن موجب، موجوده بلوچستان جو علائقو اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، ۽ سيوي (سبي) جهڙن نالن سان سڃاتو ويندو هو. مهر ڳڙهه جي تهذيب، جيڪا لڳ ڀڳ 9 هزار سال پراڻي آهي، پڻ هن ئي خطي سان منسوب ڪئي وڃي ٿي. ڪجهه محققن موجب، لسٻيلي جا حڪمران سما (سماٽ) هئا، جڏهن ته قلات جا حڪمران بروهي هئا، جن کي دراوڙي نسل سان وابسته ڪيو وڃي ٿو. بروهي قوم بابت اهو به لکيو ويو آهي ته انهن جو بلوچن سان نسلي ۽ لساني تعلق ناهي . پاڪستان جي قيام کان پوءِ، 1964ع ۾ مرڪزي حڪومت طرفان سنڌ جا ڪجهه علائقا—جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار ۽ مراد جمالي—انتظامي طور بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا.[124][125] [126][127][128][129][130][131]
سنڌ جي جاگرافي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي جاگرافي

سنڌ پاڪستان جي چئن صوبن مان رقبي جي لحاظ کان ٽيون وڏو صوبو آهي، جنهن جو ڪل رقبو لڳ ڀڳ 54,407.2 چورس ميل آهي. هي صوبو هيٺين سنڌو طاس (Lower Indus Basin) جو اهم حصو آهي ۽ جغرافيائي طور 23°40′ کان 28°30′ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66°40′ کان 71°05′ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ جي وچ ۾ واقع آهي. سنڌ اتر کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ 540 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ اوڀر کان اولهه طرف سراسري طور تقريباً 281 ڪلوميٽر ويڪري آهي، جڏهن ته ان جي وڌ ۾ وڌ ويڪر لڳ ڀڳ 250 ڪلوميٽر آهي[132]. جغرافيائي بناوت جي لحاظ کان سنڌ جو گهڻو حصو هموار ميداني علائقو آهي. صوبي جي اولهه پاسي ڪوهستاني خطو واقع آهي، جتي ڪيرٿر جبلن جو بنجر سلسلو موجود آهي، جڏهن ته اوڀر طرف بهاولپور جي سرحدن کان وٺي رن آف ڪڇ تائين ريتيلي پٽي پکڙيل آهي. انهن ٻنهي علائقن جي وچ ۾ سنڌو ماٿري واقع آهي، جيڪا ڏکڻ اولھه طرف وڃي ڊيلٽائي علائقي ۾ ختم ٿئي ٿي. هي علائقو زرخيز اليويل مٽيءَ سبب زراعت لاءِ نهايت موزون آهي. صوبي جي وچئين حصي ۾ سکر بئراج ذريعي مستقل پاڻيءَ جي فراهمي موجود آهي، جيڪا سنڌ کي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل معاشي سرگرمين لاءِ وڏي صلاحيت فراهم ڪري ٿي[132]. سنڌ جو ساحلي علائقو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي، جيڪو اوڀر ۾ سر ڪريڪ (ڀارت سان سرحد) کان وٺي اولهه ۾ حب درياهه (بلوچستان سان سرحد) تائين پکڙيل آهي. هي ساحلي پٽي لڳ ڀڳ 350 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ عربي سمنڊ سان لڳل آهي. سامونڊي علائقو بنيادي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: سنڌو ڊيلٽا ۽ ڪريڪ علائقو، ۽ ڪراچي جو ساحلي حصو[132]. سنڌ جي زمين جو وڏو حصو ريگستاني نوعيت جو آهي. صوبي جي اوڀر سرحد تي ٿرپارڪر واقع آهي، جتي وڏا ريتيلا ٽڪرا موجود آهن. هي ريگستان راجستان ريگستان جي تسلسل طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جو ڪل رقبو لڳ ڀڳ 13,100 چورس ميل آهي. قدرتي وسيلن جي حوالي سان سنڌ معدنيات سان مالا مال صوبو آهي. هتي ڪوئلي جا وڏا ذخيرا خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ لاکهرا علائقن ۾ موجود آهن، جن مان ٿر جو ڪوئلو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪڍيو پيو وڃي. ان کان علاوه لوهه، چونا پٿر ۽ لوڻ جا ذخيرا پڻ ملن ٿا. جپسم وڏي مقدار ۾ ماري پور ۽ نئن گج جي ڪنارن تي، ڀاڳي ٿورو جبل ڀرسان ملي ٿي. سنڌ ۾ تيل، گئس ۽ پيٽروليم جا وسيع ذخيرا پڻ موجود آهن، جيڪي سڄي ملڪ جي توانائي ضرورتن لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. ٿر ريگستان ۾ نفيس واري، چائنا ڪلي ۽ گرينائيٽ پٿر پڻ ملن ٿا[132].
سنڌو ماٿريءَ جي اوڀر پاسي ٿر جو وسيع ريگستان واقع آهي، جيڪو هندستان جي راجپوتانا علائقي تائين پکڙيل آهي. هي ريگستان لڳ ڀڳ ٽي سؤ ميلن تائين لڳاتار وارياسي علائقو آهي، جيڪو ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ تائين وڃي ٿو. ٿر ۽ سنڌو ڪچي جي وچ ۾ حدون ڪجهه علائقن ۾ واضح آهن، جڏهن ته اتر طرف وارياسي ڀٽون ڪچي جي ميداني علائقن اندر گهڻي حد تائين داخل ٿين ٿيون. موسمي تبديليون، خاص طور ڏکڻ اولهه واري چوماسي جي شدت، انهن حدن کي وقت بوقت تبديل ڪنديون رهن ٿيون. سنڌ جي اولهه پاسي ڪوهستاني علائقو واقع آهي، جيڪو بلوچستان جي ٽاڪراڻي نظام سان لاڳاپيل آهي. هي علائقو سليمان جبل، بولان لڪ ۽ کيرٿر جبلن جي سلسلن جي وچ ۾ پکڙيل آهي. سنڌو ماٿريءَ ۽ انهن جبلن جي وچ ۾ هڪ سوڙهو ميداني علائقو واقع آهي، جنهن کي مقامي طور “ڪاڇو” چيو وڃي ٿو. ڪاڇو جبلن مان وهندڙ نين ۽ نالن جي آندل لٽ سان ٺهيل آهي، جنهن جي مٽي سنڌو درياھ جي لٽ کان مختلف آهي. هي علائقو قدرتي طور خشڪ، گهٽ زرخيزي وارو ۽ گهٽ آباديءَ وارو آهي، جنهن سبب اهو تاريخي طور سنڌ جي مکيه ميداني علائقن کان جدا سڃاتو ويو آهي[133]. ڪاڇي جي اولهه طرف ڪوهستاني ٽڪرن جو سلسلو منڇر ڍنڍ تائين نسبتاً مسلسل نظر اچي ٿو، جڏهن ته منڇر کان ڏکڻ طرف جبل ٽٽل صورت ۾ موجود آهن ۽ انهن جي وچ ۾ هموار ميداني علائقا ملن ٿا. ڏکڻ طرف ويندي هي علائقو آهستي آهستي ويڪر ۾ وڌي ٿو ۽ واضح اولهه سرحد ختم ٿيندي نظر اچي ٿي. هن پاسي حب نديءَ کان اڳتي لس جو ميدان واقع آهي، جيڪو عربي سمنڊ جي ڪناري کان لڳ ڀڳ ساٺ ميل اتر طرف پکڙيل آهي. لس جو ميدان پورالي ندي ۽ ٻين ننڍين نين جي آندل لٽ سان ٺهيل آهي ۽ جغرافيائي لحاظ کان ڪاڇي سان گهڻي مشابهت رکي ٿو، جيتوڻيڪ سياسي طور گهڻو ڪري سنڌ کان ڌار رهيو آهي[133]. طبعي جغرافيائي لحاظ کان سنڌ جا اوڀر وارا ريگستاني علائقا راجپوتانا سان ۽ اولهه وارا جبلستاني علائقا بلوچستان سان لاڳاپيل آهن. جڏهن ته “سنڌ” جو بنيادي تصور انهيءَ زرخيز ميداني علائقي سان جڙيل آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي وهڪري سان وجود ۾ آيو آهي. سنڌ جو موجوده جغرافيائي علائقو تقريباً 23°35′ کان 27°30′ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66°42′ کان 71°10′ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ جي وچ ۾ واقع آهي[133]. انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ کي “ننڍو مصر” سڏيو ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌو ۽ نيل درياهن جي هيٺانهين ماٿرين ۾ نمايان جغرافيائي مشابهت موجود آهي. ٻنهي علائقن ۾ ٽن مکيه طبعي حصن, جابلو، ڪچو ميداني علائقو ۽ ريگستان، ساڳي ترتيب سان نظر اچن ٿا. ٻنهي ماٿرين جي زرخيزي برسات بدران سالياني ٻوڏ تي دارومدار رکي ٿي، ۽ ٻنهي علائقن ۾ نباتات ۽ حيوانات ۾ به نمايان هڪجهڙائي ملي ٿي. سنڌ کي عام طور پنج مکيه طبعي ڀاڱن ۾ ورهايو وڃي ٿو: سرو، وچولو، لاڙ، سنڌ جو ڪوھستان|ڪوهستان]] ۽ ريگستان. بهرحال، تفصيلي جغرافيائي لحاظ کان سنڌ ۾ جابلو، ٽاڪراڻي، پڪي، ڪچي، ڪلراٺي، چيڪي، وارياسي ۽ بياباني زمين جا سڀئي قسم موجود آهن. اهڙيءَ ريت سنڌ جي آبهوا ٿڌي کان معتدل ۽ گرم تائين مختلف صورتن ۾ ملي ٿي، جنهن سبب هتي نباتاتي تنوع تمام گهڻو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن علائقن جا وڻ ٻوٽا سنڌ جي مختلف حصن ۾ پوکڻ جي صلاحيت رکن ٿا[133]
سنڌ جي ريگستانن جي فھرست
| نمبر | ريگستان جو نالو | ايراضي | جغرافيائي هنڌ (ضلعا / تعلقا) | تعارفي نوٽ |
|---|---|---|---|---|
| 1 | ٿر ريگستان (Thar Desert) | تقريباً 200,000 چورس ڪلوميٽر (مجموعي ٿر؛ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 15٪) | ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، خيرپور، سکر، گھوٽڪي | ڏکڻ ايشيا جو وڏو ريگستان، سنڌ جي اوڀر حصي ۾ واقع آهي، زراعت، مالداري ۽ ثقافتي لحاظ کان اهم علائقو آهي۔ |
| 2 | نارا ريگستان (Nara Desert) | تقريباً 23,000 چورس ڪلوميٽر | خيرپور ضلعو، ساگھڙ ضلعو (خاص ڪري نارا ڪئنال ڀرسان علائقا) | ٿر ريگستان جو اتر-اولهه طرف وڌايل حصو، نارا ڪئنال سبب هتي انساني آبادين ۽ مالداري موجود آهي۔ |
| 3 | اڇڙو ٿر (White Desert) | ٿر ريگستان جو حصو (مخصوص ايراضي واضح ناهي) | سانگھڙ ضلعو (خاص ڪري کپرو تعلقو) | اڇي واري ۽ لوڻياٺ زمين سبب “اڇرو ٿر” سڏجي ٿو، ٿر جو منفرد قدرتي خطو آهي۔ |
سنڌ جا جبل
سنڌ ۾ اهم جابلو يا پھاڙي سلسلا عام طور ٽن قسمن ۾ بيان ڪيا وڃن ٿا: (1) کيرٿر جبلن جو سلسلو، (2) ڪارونجهر (ننگرپارڪر) جون ٽڪريون/سلسلو، ۽ (3) گنجو ٽڪر (حيدرآباد) وارو پٿريلو سلسلو/ريج، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻيا پٿريلا اُڀار (outcrops) به ملن ٿا، پر سڀني کي “مڪمل جبلن جا سلسلا” قرار ڏيڻ تي ماخذن ۾ يڪسانيت ناهي[134][135]. کيرٿر جبلن جو سلسلو (Kirthar Range) سنڌ جو سڀ کان وڏو جبلِي نظام آهي، جيڪو سنڌ–بلوچستان سرحد سان گڏ اتر کان ڏکڻ طرف پکڙيل آهي[134]. ڪيترا عام حوالا هن سلسلي جي ڊگھائي لڳ ڀڳ 300 ڪلوميٽر بيان ڪن ٿا[134]. هن سلسلي ۾ سنڌ اندر اهم جبلِي علائقا خاص طور دادو ۽ ڀرپاسي جي پهاڙي پٽي (Kohistan) ۾ ايندا آهن[135].اهم چوٽيون ۽ اوچايون: ڪيرٿر جي بلند ترين چوٽي طور ڪيترن حوالن ۾ زرڊڪ پيڪ (Zardak Peak) لڳ ڀڳ 2,134 ميٽر ڄاڻايل آهي[134]. سنڌ اندر ڪيرٿر سان وابسته هڪ مشهور بلند مقام گورک هِل آهي، جنهن کي علمي مطالعي ۾ لڳ ڀڳ 5,688 فُٽ (تقريباً 1,734 ميٽر) اوچو بيان ڪيو وي[136]. اهم لنگهه (passes): سنڌ جي تاريخي آمدرفت ۾ لڪي پاس (Lak Pass) کي ڪيرٿر واري پهاڙي پٽي جو اهم قدرتي لنگهه سمجھيو وڃي ٿو[134]. ڪارونجهر ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي ننگرپارڪر ڀرسان واقع هڪ اهم ٽڪريلو سلسلو آهي[134]. هن علائقي بابت ڪيترن عوامي/دستاويزي حوالن ۾ ڊگھائي لڳ ڀڳ 19 ڪلوميٽر ۽ وڌ ۾ وڌ اوچائي لڳ ڀڳ 305 ميٽر بيان ٿيل ملي ٿي[137]. ڪارونجهر کي سنڌ جي گرينائيٽ/پٿريلي بناوٽ ۽ قدرتي منظرنامي جي ڪري به سڃاتو وڃي ٿو[137]. گنجو ٽڪر حيدرآباد وارو پٿريلو سلسلو/ريج گنجو ٽڪر حيدرآباد (سنڌ) جي جغرافيائي سڃاڻپ ۾ ذڪر ٿيندڙ هڪ پٿريلو ريج/ٽڪريلو علائقو آهي، جنهن کي حيدرآباد جي مقامي زميني بناوٽ سان جوڙيو وڃي ٿو[135]. هي علائقو ڪيرٿر جهڙي ڊگهي جبلِي قطار نه، پر سنڌو درياهه جي ڀرسان پٿريلي اُڀارن جي صورت ۾ سڃاتو وڃي ٿو[135].
ميداني علائقن جي فھرست
ٻيلن جي فھرست
ڪريڪن جي فھرست
- ڪورنگي ڪريڪ
سامونڊي ٻيٽن جي فھرست
دريائي ٻيٽن جي فھرسث
سمنڊ
زرعي معيشث
زراعت تاريخي طور پاڪستان ۽ سنڌ جي معيشت جو بنيادي شعبو رهي آهي، پر وقت سان گڏ ان جو قومي ۽ صوبائي پيداوار ۾ حصو گهٽجندو ويو آهي. 1949ع ۾ پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) ۾ زراعت جو حصو لڳ ڀڳ 53 سيڪڙو هو، جيڪو 2017–18ع تائين گهٽجي 20 سيڪڙو کان هيٺ اچي ويو. سنڌ ۾ زراعت جو حصو مجموعي صوبائي پيداوار (GPP) ۾ به گهٽجي لڳ ڀڳ 17 سيڪڙو رهجي ويو آهي[132]. 1949–50ع ۾ زرعي شعبي جي اندر وڏن فصلن جو حصو 52 سيڪڙو، ننڍن فصلن جو 12.5 سيڪڙو، مال مويشي جو 34.4 سيڪڙو ۽ ٻيلن ۽ ماهيگيري جو 1.2 سيڪڙو هو. 2015–16ع تائين هن بناوت ۾ نمايان تبديلي آئي، جتي وڏن فصلن جو حصو گهٽجي 26.2 سيڪڙو ٿيو، ننڍا فصل 11.1 سيڪڙو، جڏهن ته مال مويشي جو حصو وڌي 58.3 سيڪڙو ۽ ٻيلن ۽ ماهيگيري جو 4.4 سيڪڙو ٿي ويو[132].
زرعي پيداوار ۽ فصلن جا رجحان
1980–81ع کان 2010–11ع تائين زرعي پيداوار جي سراسري واڌ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 3.6 سيڪڙو رهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اها واڌ 4.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان جي باوجود، سنڌ چاليهن سالن جي عرصي دوران خوراڪ جي پيداوار کي ٻيڻو ڪرڻ ۾ ئي ڪامياب ٿي، جڏهن ته قومي سطح تي خوراڪ جي پيداوار ٽن ڀيرا کان وڌيڪ وڌي. سنڌ ۾ زرعي واڌ جو وڏو حصو نقد فصلن (cash crops) جي پيداوار ۾ واڌ سان لاڳاپيل رهيو، جنهن جو انڊيڪس قومي سراسري کان وڌيڪ وڌيو[132]. سنڌ ۾ فصلن جي بناوت ٻن مکيه موسمن تي ٻڌل آهي: خريف ۽ ربيع. خريف فصلن ۾ چانور ۽ ڪپهه شامل آهن، جڏهن ته ربيع فصلن ۾ ڪڻڪ اهم آهي. وقت سان گڏ پاڻي جي کوٽ ۽ آبهوا جي تبديلين سبب فصلن جي روايتي بناوت متاثر ٿي آهي[132].
في هيڪٽر پيداوار ۽ پوکيل ايراضي
1957–58ع کان 1995–96ع تائين في هيڪٽر پيداوار 811 ڪلوگرام مان وڌي 2,119 ڪلوگرام تائين پهتي، جيڪا لڳ ڀڳ 261 سيڪڙو واڌ ڏيکاري ٿي. 1995–96ع کان 2010–11ع تائين پيداوار ۾ واڌ جي رفتار سست رهي، ڇاڪاڻتہ پوکيل ايراضي ۾ نمايان واڌ نه ٿي. پاڻي جي کوٽ، برسات جي مقدار ۽ وقت، زرعي انپُٽس جي گهٽ فراهمي ۽ قيمتن ۾ واڌ جهڙا عنصر ان رجحان سان لاڳاپيل رهيا[132].
زرعي قرض ۽ سرمايو
2000–2001ع ۾ زرعي شعبي لاءِ مجموعي قرضن جي رقم لڳ ڀڳ 45 ارب رپيا هئي، جيڪا 2015–16ع تائين وڌي 600 ارب رپين تائين پهچي وئي. سنڌ ۾ زرعي قرضن جي ورڇ پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي، جنهن کي انتظامي ۽ ادارتي سببن سان ڳنڍيو وڃي ٿو[132].
سبز انقلاب ۽ ان جا اثر
1960ع واري ڏهاڪي دوران سبز انقلاب (گرين ريووليوشن) تحت ڪڻڪ ۽ چانورن جون نيون قسمن متعارف ڪرايون ويون. ان دور ۾ پاڪستان ۾ خوراڪ جي پيداوار ۾ ٽن ڀيرا واڌ ٿي ۽ زرعي واڌ سان گڏ مجموعي معاشي واڌ به وڌي. بهرحال، ننڍن آبادگارن لاءِ ان انقلاب جا فائدا محدود رهيا[132].
اهم فصل، باغ ۽ پيداوار
سنڌ ۾ ڪپهه جي قومي پيداوار ۾ حصو 1947ع ۾ لڳ ڀڳ 33 سيڪڙو هو، جيڪو 2005–06ع تائين گهٽجي 20 سيڪڙو ٿي ويو. ڪپهه جي پوکيل ايراضي ۽ پيداوار ۾ گهٽتائي پاڻي جي کوٽ ۽ وڌيڪ منافعي وارن فصلن ڏانهن آبادگارن جي رجحان سان لاڳاپيل رهي[132]. چانورن جي پوک، پيداوار ۽ في ايڪڙ پيداوار ۾ گذريل ڏهاڪي دوران واڌ ڏٺي وئي. سنڌ باغباني جي شعبي ۾ به اهم حيثيت رکي ٿو. پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ آم جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو سنڌ مان اچي ٿو، جڏهن ته کجور جي قومي پيداوار جو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو به سنڌ ۾ ٿئي ٿو. 2005–06ع ۾ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 134 هزار ٽن ڪيلا ۽ 70 هزار ٽن امرود پيدا ٿيو[132]. ڀاڄين جي پوک هيٺ ايراضي 1950ع واري ڏهاڪي کان وڌندي 2014–15ع ۾ لڳ ڀڳ 51,769 هيڪٽر تائين پهتي، جڏهن ته ڪُل پيداوار 356,879 ٽن تائين وڌي. ان جي ابتڙ، دالين (pulses) جي پوک ۽ پيداوار ۾ تازن سالن ۾ گهٽتائي آئي آهي[132].
ٻيلا، مال مويشي ۽ ٻين شعبا
سنڌ ۾ ٻيلن جي ايراضي پاڻي جي گهٽ وهڪري، غيرقانوني ڪاٽ، زمينن تي قبضي ۽ ڪمزور انتظام سبب گهٽجندي وئي آهي[132]. پولٽري ۽ ماهيگيري جهڙن شعبن ۾ پيداوار جي واڌ محدود رهي آهي[132].
زمين جي ملڪيت ۽ زرعي ڍانچي ۾ تبديليون
1959ع ۾ مٿين 8 سيڪڙو زميندارن وٽ زرعي زمين جو لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو حصو هو، جيڪو 1972ع تائين گهٽجي 32 سيڪڙو ٿيو. ان دور ۾ وچولي درجي جي آبادگارن جي حصي ۾ واڌ آئي، جڏهن ته ننڍن آبادگارن جو حصو گهٽ ٿيو. بهرحال، زمين جي ورهاست جا انگ گهڻو ڪري خانداني ورڇ سبب اصل ڍانچي کي مڪمل طور ظاهر نٿا ڪن[132].
سنڌ جي زرعي جنسن جي فھرست
سنڌ جي ٻجن کي فھرست
سنڌ جي ميون جي فھرست
سنڌ جي مصالحن جي فھرست
سنڌي جي سبزين جي فھرسث
سنڌ جي اناج جي فھرست
سنڌ جي دالين جي فھرست
پکين جي فارمنگ
مڇين جي فارمنگ
ڊيري جي صنعت
مڇيگيري ۽ صنعت
مھاڻن جي تنظيمن جي فھرست
سنڌ جي فصلن جي فھرست
| نمبر | موسم | فصل جو قسم | فصل | پوک جو وقت | ڪٽائي جو وقت | اهم نوٽ |
|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | خريف | وڏو فصل | ڪپھ | اپريل–مئي | آڪٽوبر–ڊسمبر | سنڌ جو اهم صنعتي فصل؛ پاڻي ۽ موسم تي حساس |
| 2 | خريف | وڏو فصل | چانور | جون–جولاءِ | آڪٽوبر–نومبر | بالائي ۽ هيٺين سنڌ ۾ وڏي پيماني تي |
| 3 | خريف | وڏو فصل | ڪمند | فيبروري–مارچ / سيپٽمبر | نومبر–مارچ | ساليانو فصل؛ کنڊ صنعت جو بنياد |
| 4 | خريف | اناج | جوئر | جون–جولاءِ | سيپٽمبر–آڪٽوبر | اناج ۽ چارُو ٻنهي لاءِ |
| 5 | خريف | اناج | ٻاجھري | جون–جولاءِ | سيپٽمبر | خشڪ علائقن لاءِ موزون |
| 6 | خريف | اناج | مڪئي | جولاءِ | آڪٽوبر | خوراڪ ۽ چارُو |
| 7 | خريف | دال | مڱ | جولاءِ | سيپٽمبر | ٿوري پاڻي ۾ به پوکجي ٿي |
| 8 | خريف | دال | ماش | جولاءِ | سيپٽمبر | مٽيءَ جي زرخيزِي وڌائي ٿي |
| 9 | خريف | دال | مٽر | جون | ڊسمبر | ڏکڻ سنڌ ۾ محدود |
| 10 | خريف | تيلدار | تر | جولاءِ | سيپٽمبر | روايتي تيلدار فصل |
| 11 | خريف | تيلدار | سورج مُکي ( | فيبروري / جولاءِ | مئي / آڪٽوبر | تيل لاءِ جديد فصل |
| 12 | ربيع | وڏو فصل | ڪڻڪ | نومبر | مارچ–اپريل | سنڌ جو بنيادي خوراڪي فصل |
| 13 | ربيع | اناج | جَو | نومبر | مارچ | خشڪ علائقن لاءِ موزون |
| 14 | ربيع | دال | چڻا | آڪٽوبر | مارچ | برساتي ۽ نيم آبپاشي علائقا |
| 15 | ربيع | دال | مھري | آڪٽوبر | مارچ | محدود پيماني تي |
| 16 | ربيع | تيلدار | سرنھن | آڪٽوبر | فيبروري | روايتي تيلدار فصل |
| 17 | ربيع | تيلدار | ڪينولا | آڪٽوبر | مارچ | جديد تيلدار فصل |
| 18 | زيد / گرمي | دال | مڱ (Summer mung) | فيبروري | مئي | مختصر مدتي فصل |
| 19 | زيد / گرمي | ڀاڄيون | ھنداڻو | فيبروري | مئي–جون | تجارتي ڀاڄي فصل |
| 20 | ساليانو | ميوا | انب | باغ لڳائڻ: جولاءِ–آگسٽ | مئي–جولاءِ | سنڌ جو مشهور باغاتي فصل |
| 21 | ساليانو | ميوا | کجور | باغ لڳائڻ: آگسٽ | آگسٽ–سيپٽمبر | سنڌ پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿي |
| 22 | ساليانو | ميوا | ڪيلو | سڄو سال | سڄو سال | حيدرآباد–ٽنڊو محمد خان علائقو |
| 23 | ساليانو | ڀاڄيون | بصر | آڪٽوبر | مارچ–اپريل | ملڪ گير فراهمي |
| 24 | ساليانو | ڀاڄيون | ٽماٽو | آگسٽ / جنوري | نومبر / اپريل | تازو ۽ پروسيسنگ لاءِ |
| 25 | ساليانو | چارُو | برسيم (Berseem) | آڪٽوبر | مارچ | کير واري مال لاءِ اهم |
سنڌ جي زرعي اوزارن جي فھرست
سنڌ جي زرعي منڊين جي فھرست
سنڌ جي زرعي ادارن جي فھرست
| نمبر | ادارو | بنيادي مقصد | عملي ڪردار / نوٽ |
|---|---|---|---|
| 1 | سنڌ زرعي کاتو (Sindh Agriculture Department) | زرعي پاليسي، فصلن جي واڌ، هارين جي مدد | سنڌ ۾ فصلن، باغباني، زرعي توسيع (Extension)، ٻج ۽ زرعي خدمتن جو مرڪزي سرڪاري ادارو |
| 2 | سنڌ آبپاشي کاتو (Sindh Irrigation Department) | زرعي پاڻي جي فراهمي | واهن، بندن، بئراجن ۽ زرعي آبپاشي نظام جي سنڀال؛ سنڌ جي زراعت جو بنياد |
| 3 | سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام (Sindh Agriculture University, Tando Jam) | زرعي تعليم ۽ تحقيق | سنڌ جو وڏو زرعي تعليمي ادارو؛ زراعت، باغباني، جانورن، فوڊ ٽيڪنالاجي ۾ ڊگريون |
| 4 | سنڌ زرعي تحقيقاتي ادارو (Sindh Agriculture Research Institute – SARI) | فصلن تي سائنسي تحقيق | نون ٻجن، پيداوار، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موسمي اثرن تي تحقيق |
| 5 | نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ آف ايگريڪلچر (Nuclear Institute of Agriculture – NIA) | جديد زرعي تحقيق | ايٽمي ٽيڪنالاجي ذريعي ٻج، فصلن جي بهتري ۽ پيداوار تي تحقيق |
| 6 | سنڌ سيڊ ڪارپوريشن (Sindh Seed Corporation) | تصديق ٿيل ٻج جي فراهمي | هارين کي معياري ۽ سرڪاري طور منظور ٿيل ٻج مهيا ڪرڻ |
| 7 | سنڌ فوڊ ڊپارٽمينٽ (Sindh Food Department) | خوراڪ جي تحفظ | ڪڻڪ ۽ ٻين بنيادي غذائي شين جي خريد، ذخيرو ۽ ورڇ |
| 8 | سنڌ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو (Sindh Livestock & Fisheries Department) | مالداري ۽ مڇي صنعت جي ترقي | جانورن، کير، گوشت ۽ مڇي مار شعبي جي بهتري |
| 9 | پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل – سنڌ (Pakistan Agricultural Research Council – Sindh) | وفاقي زرعي تحقيق | قومي سطح جي زرعي تحقيق؛ سنڌ ۾ تحقيقي اسٽيشنون |
| 10 | انٽرنيشنل رائس ريسرچ انسٽيٽيوٽ – پاڪستان (IRRI Pakistan) | چانور جي پيداوار ۾ بهتري | سنڌ جي چانورن وارن علائقن ۾ جديد تحقيق ۽ تربيت |
| 11 | سنڌ آبادگار بورڊ (Sindh Abadgar Board) | هارين جي نمائندگي | زرعي حقن، پاڻي جي ورڇ ۽ پاليسين تي هارين جو آواز |
| 12 | سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (Sindh Rural Support Organization – SRSO) | ڳوٺاڻي زرعي ترقي | ننڍن هارين، ڪميونٽي زراعت، آمدني وڌائڻ جا منصوبا |
| 13 | ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ پاڪستان (WWF Pakistan – Sindh Agriculture) | پائيدار زراعت | پاڻي، ماحول، ڪپهه ۽ چانورن ۾ پائيدار طريقا |
| 14 | فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO Pakistan) | خوراڪ ۽ زرعي پاليسي | گڏيل قومن جو ادارو؛ سنڌ ۾ خوراڪ، زراعت ۽ موسمي تبديلي منصوبا |
سنڌ جي زرعي تنظيمن جي فھرست
آبپاشي نظام
سنڌ جو آبپاشي نظام تاريخي طور روايتي طريقن جهڙوڪ کوهن، نهرن، تلائن، ٽيوب ويلن ۽ قدرتي نالن تي ٻڌل رهيو آهي. جديد دور ۾ بئراجن جي تعمير سان آبپاشي نظام کي نئين سر منظم ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي زرعي زمين کي پاڻي فراهم ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ بئراجن جي ذريعي ڪُل لڳ ڀڳ 13.5 ملين ايڪڙ زمين آبپاشي هيٺ آهي[132].
سکر بئراج 1932ع ۾ تعمير ٿيو، جيڪو ست نهرن وسيلي لڳ ڀڳ 7.63 ملين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿو. انهن نهرن ۾ نارتھ ويسٽرن ڪينال، دادو ڪينال، خيرپور فيڊر ويسٽ، روهڙي ڪينال، خيرپور فيڊر ايسٽ ۽ نارا ڪينال شامل آهن. ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ تعمير ڪيو ويو، جيڪو ڪلري باغار فيڊر، لوئر پنياري فيڊر ۽ ڦليلي نئين وسيلي لڳ ڀڳ 3.0 ملين ايڪڙ زمين کي پاڻي فراهم ڪري ٿو. گڊو بئراج 1962ع ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو بيگهاري سنڌ فيڊر، ڊيزرٽ پٽ فيڊر، گهوٽي فيڊر ۽ ريڻي ڪينال وسيلي پڻ لڳ ڀڳ 3.0 ملين ايڪڙ زمين کي آبپاشي فراهم ڪري ٿو[132].
پاڻيءَ بابت بين الصوبائي تڪرار ۽ معاهدا
1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ بابت هڪ معاهدو طئي ٿيو، پر اهو گورنر جنرل جي منظوري حاصل نه ڪري سگهيو. 1960ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ طاس معاهدو (Indus Waters Treaty) طئي ٿيو، جنهن تحت ٽن اوڀر وارن دريائن (راوي، بياس ۽ ستلج) جو پاڻي ڀارت کي، ۽ ٽن اولهه وارن دريائن (سنڌو، جهلم ۽ چناب) جو پاڻي پاڪستان کي ڏنو ويو. هن معاهدي جي ڳالهين ۾ سنڌ جي سڌي نمائندگي شامل نه هئي[132]. 1991ع ۾ پاڻي ورڇ بابت نئون واٽر اڪارڊ طئي ٿيو، جنهن تحت پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ هي تناسب مقرر ڪيو ويو: پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 37 سيڪڙو، بلوچستان 12 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواهه 14 سيڪڙو. ان ئي سال انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (IRSA) قائم ڪئي وئي، جنهن جو مقصد صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو انتظام سنڀالڻ آهي[132].
ڪوٽڙي کان هيٺ وهڪري جون ضرورتون
2005ع ۾ ڪيل ٻن مطالعي موجب، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ماحولياتي توازن برقرار رکڻ لاءِ سڄي سال گهٽ ۾ گهٽ 5,000 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي وهڪري ۽ پنجن سالن ۾ مجموعي طور 25 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF) پاڻي جي ضرورت ڄاڻائي وئي. بهرحال، صوبن جي وچ ۾ اختلاف سبب انهن سفارشن تي عملي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي[132].
نون ڊيمن بابت صوبائي موقف
پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ورڇ بابت خدشن سبب سنڌ سميت ٻين صوبن نون ڊيمن جي تعمير بابت اعتراض ظاهر ڪيا آهن. 2000ع واري ڏهاڪي دوران مختلف ڪاميٽيون جوڙيون ويون، پر هن مسئلي تي مڪمل اتفاق راءِ اڃا تائين حاصل نه ٿي سگهيو آهي[132].
ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD)
ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين منصوبو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت طرفان عالمي بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو. هن منصوبي جو مقصد نوابشاهه، سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جي ٻن ملين هيڪٽرن کان وڌيڪ زمين مان نيڪال ٿيندڙ پاڻي کي عربي سمنڊ ڏانهن منتقل ڪرڻ هو. منصوبي کي مختلف فني ۽ انتظامي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ سار سنڀال بابت ادارتي غير وضاحت، مالي کوٽ، سمنڊ جي چاڙهه، نيڪال جو پوئتي وهڪرو، صنعتي نيڪال ۽ ساحلي مٽيءَ جي کاري ٿيڻ جا مسئلا شامل آهن[132].
رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (RBOD)
رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين منصوبو لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو ضلعو|دادو]] ۽ ڄامشورو ضلعن لاءِ تجويز ڪيو ويو، جنهن کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو. بهرحال، هي منصوبو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي[132].
ادارياتي سڌارا ۽ جديد منصوبا
1996ع ۾ وفاقي حڪومت هر صوبي ۾ صوبائي آبپاشي ۽ نيڪال اٿارٽيز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1997ع ۾ خودمختيار آبپاشي نظام متعارف ڪرايو ويو، جنهن تحت صوبائي آبپاشي کاتن کي PIDA ۾ تبديل ڪيو ويو، ايريا واٽر بورڊ (AWBs) ٺاهيا ويا ۽ آبادگارن کي فارمر آرگنائيزيشنز (FOs) ۾ منظم ڪيو ويو. سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (SIDA) 1998ع ۾ قائم ڪئي وئي[132]. 2006ع ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد زرعي پيداوار وڌائڻ، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو آڻڻ ۽ آبپاشي نظام جي ڊگهي مدي واري پائيداري کي بهتر بڻائڻ هو[132].
ڪئنالن ۽ وڏنئ واھن جي فھرست
ڍنڍون ۽ ڍورن جي فھرست
برساتي نئين فھرست
حفاظتي بندن جي فھرست
شاخن ۽ فيڊرن جي فھرست
ڪورن جو فھرست
- ڪور ڏاتو
ڊيمن جي فھرست
ڪلهوڙا دور جو آبپاشي نظام
ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي آبپاشي نظام کي منظم ۽ وسيع بنيادن تي ترقي ڏني وئي. تاريخي ماخذن موجب، سنڌ ۾ واهن جي منظم کوٽائي جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي وڌو، جنهن سنڌو نديءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن تي واهن جي ذريعي زراعت کي فروغ ڏنو. 1719ع کان پوءِ خاص طور تي سنڌ جي اترين علائقن ۾ نوان واهه کوٽايا ويا، جن جو مقصد زرعي زمينن کي پاڻي فراهم ڪرڻ هو. هن دور ۾ “گھاڙ واھ” جون ٽي اهم شاخون وجود ۾ آيون، جيڪي علائقي جي آبپاشي نظام جو اهم حصو بڻيون. “نور واھ” ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، جڏهن ته “شاھ جي ڪڙ” سندس وزير شاهه بهاري جي نگرانيءَ ۾ کوٽايو ويو. چانڊڪي پرڳڻي ۾ پڻ ڪيترائي ننڍا وڏا واهه کوٽايا ويا، جن سان مقامي آباديءَ جي زرعي ضرورتن کي پورو ڪيو ويو. ميان نور محمد جي دور ۾ “ڏاتي جي ڪور” پڻ کوٽايو ويو، جيڪو پنهنجي وقت جي دولتمند شخص ڏاتي کهڙي جي ڪوششن سان وجود ۾ آيو. اتر سنڌ ۾ “بيگاري واھ” جي مکيه شاخ “نور واھ” به ڪلهوڙا دور جي اهم آبپاشي منصوبن مان هڪ هئي. نوشهري ڊويزن ۾ “نصرت واھ” نصرت خان چانڊئي جي سرپرستيءَ ۾ کوٽايو ويو. ان کان علاوه “مراد واھ”، “باگ واھ” ۽ “فيروز واھ” پڻ ڪلهوڙا دور ۾ کوٽايا ويا، جيڪي مراد ڪلهوڙي، باگي سيال ۽ فيروز ويراڙ جهڙن اهم درٻاري شخصيتن سان منسوب آهن. اهي واهه “نصرت واھ” سان ڳنڍيل هئا، جيڪو بعد ۾ هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي اهم شاخن مان هڪ بڻيو. ڪلهوڙا حڪمرانن واهن جي کوٽائي، مرمت ۽ صفائيءَ تي خاص ڌيان ڏنو، ڇاڪاڻتہ سندن خيال موجب سنڌ جي خوشحالي ۽ سرڪاري ڍلن جي بروقت وصولي جو دارومدار مؤثر آبپاشي نظام تي هو. ان منظم انتظام سبب ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ زرعي لحاظ کان وڌيڪ آباد ۽ سرسبز رهي، ۽ رياستي خزاني جي حالت پڻ مضبوط رهي. حيدرآباد ضلعي ۾ واقع “سرفراز واھ” به هن دور جي اهم آبپاشي منصوبن مان هڪ هو، جيڪو ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کوٽايو هو[138].
صنعت ۽ واپار
صنعتي ادارن جي فھرست
صنعتي پيداوار
اسٽيل جي صنعت
ڪپڙي جي صنعت
آٽو موبائيل جي صنعت
سافٽويئر صنعت
تعميري صنعت
ڪيميائي صنعت
دوائن جي صنعت
سيمنٽ جي صنعت
پلاسٽڪ جي صنعت
سارين جا ڪارخانا
ڪپھ جا ڪارخانا
ڀاڻ جي صنعت
کنڊ جي صنعت
کاڌ خوراڪ واري صنعت
چمڙي جي صنعت
ھنري صنعت
صنعتي زون
زرعي صنعت
ننڊي صنعت
واپار
واپاري ادارن جي فھرست
درآمد ۽ برآمد
آبي بندرگاھون
خشڪي وارا بندر
سرمائي جي سيڙپ
بئنڪاري نظام
زرعي جنسن جو واپار
معدنيات ۽ قدرتي وسيلا
کاڻون
گيس
سنڌ جي گيس وارن ھنڌن جي فھرست
تيل
سنڌي جي تيل وارن ھنڌن جي فھرست
گرينائيٽ
سنڌ ۾ معدنياتي تلاش
توانائي
ڪراچي اليڪٽرڪ
حيسڪو
سيپڪو
بجلي جي پيداوار
قابل تجديد توانائي
ايل اين جي
سي اين جي
پيٽرول جي ترسيل جو نظام
سنڌ جو ڪوئلو
سنڌ جي معدنيات جي فھرست
سنڌ جي معدنياتي ادارن جي فھرست
سنڌ جي کاڻن جي فھرست
خدمتن وارا شعبا
صحت جو پيشو
قانون جو پيشوئ
تدريسي پيشو
انجينئرنگ ۽ فني شعبو
ٽرانسپورٽ
پوليس
سنڌ جي آبهوا
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي آبهوا
سنڌ جي آبهوا بنيادي طور تي خشڪ ۽ انتهائي درجا حرارت واري آهي، جنهن ۾ گرمي ۽ ٿڌ ٻنهي جون شدت واريون حالتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. برسات غير يقيني ۽ گهٽ مقدار ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ته گرمي جو دور گهڻو ڊگهو هوندو آهي. سامونڊي ڪناري سان لڳ علائقن ۾ آبهوا نسبتاً گهميل رهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهي علائقا عربي سمنڊ مان ايندڙ سامونڊي هيرن جي اثر هيٺ آهن. اهي هيرون عام طور سال جا لڳ ڀڳ چار مهينا لڳنديون آهن ۽ انهن جي ڪري ساحلي ۽ ويجهن اندرين علائقن ۾ ٿڌڪار ۽ نمي پيدا ٿئي ٿي. ڏکڻ اولهه وارو چوماسو جون کان سيپٽمبر تائين سنڌ مٿان گذري ٿو، پر اڪثر حالتن ۾ ان مان گھڻي برسات نٿي پوي. چوماسي جا ڪڪر گهڻو ڪري تپيل زمين مٿان گذرڻ دوران ٻاڦ بڻجي وڃن ٿا، جنهن سبب مينهن جي مقدار تمام محدود رهي ٿي. البت، چوماسي جي موجودگي هوا جي گرمي گهٽائي ٿي ۽ ڪجهه وقت لاءِ ٿڌاڻ پيدا ٿئي ٿي، خاص ڪري ڏکڻ سنڌ ۽ ٿر جي ڏاکڻي حصن ۾، جتي اها گرم ريگستاني هوا جي جاءِ وٺي ٿي. سنڌوءَ جي ميداني علائقي ۾ سامونڊي هير جو اثر اتر طرف محدود آهي ۽ عام طور حيدرآباد کان اڳتي پڊعيدن تائين پهچي ٿو. ان کان اتر طرف، خاص طور لڪي ٽڪرين جي ڏکڻي ڇيڙي کان اڳتي، سامونڊي هير جو اثر تقريباً ختم ٿي وڃي ٿو. اهڙا علائقا مٿين سنڌ جي سخت آبهوا هيٺ اچن ٿا، جتي گرمي جو دور ست مهينا يا ان کان وڌيڪ رهي ٿو. مٿين سنڌ ۾ گرمي انتهائي شديد هوندي آهي. اپريل کان پوءِ راتيون به ٻوسٽ واريون ٿين ٿيون ۽ گرمي پد گهڻو ڪري پرهه کان اڳ به 100°F کان هيٺ نٿو لهي. مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڇانوَ ۾ گرمي پد 120°F کان 125°F تائين پهچي سگهي ٿو. هي علائقو انتهائي خشڪ هوندو آهي ۽ گرم، خشڪ هوائون (لُڪ) عام آهن. برسات جيڪڏهن پوي به ٿي ته اها اڪثر ٿوري وقت لاءِ ۽ تيز وسڪاري جي صورت ۾ ٿئي ٿي. آبهوا جي بنياد تي سنڌ کي مقامي طور ٽي حصا سمجهيو وڃي ٿو: سرو (مٿين سنڌ)، وچولو (وچ سنڌ)، ۽ لاڙ (هيٺين سنڌ). غير مقامي ورهاست ۾ سنڌ کي عام طور مٿين ۽ هيٺين سنڌ ۾ ورهايو ويندو آهي، ۽ سياسي ۽ انتظامي ورڇ به گهڻو ڪري انهيءَ بنياد تي رهي آهي. آبهوا جي هن تفاوت جي باوجود، سنڌ جي نباتات ۾ وڏو بنيادي فرق نظر نٿو اچي. سنڌ جي قدرتي نباتات خشڪ، گهٽ برساتي، وارياسي ۽ ڪلراٺي زمين سان هم آهنگ آهي. هتي اهڙا وڻ ۽ ٻوٽا گهڻا آهن، جن ۾ پن تمام ٿورا هوندا آهن يا بلڪل نه هوندا آهن. ڪنڊيدار وڻڪار، جهڙوڪ ٻٻر، ڪنڊي ۽ ٻير، سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ عام آهي. ڪچي ۽ آبپاشي وارن علائقن ۾ نباتات نسبتاً گهڻي ۽ وڌيڪ ورڇيل آهي، جڏهن ته ٽاڪرو ۽ وارياسي علائقن ۾ ساڳي نباتات گهٽ مقدار ۾ ملي ٿي. ٻٻر جهڙا وڻ ٽاڪرن ۾ وڌيڪ بندرا ۽ ننڍا ٿين ٿا. وارياسي علائقن جا مخصوص بيپن ٻوٽا، جهڙوڪ کپ ۽ ڦوڳ، ڪڏهن ڪڏهن زرعي ۽ آبپاشي علائقن ۾ به واريءَ جي ٽڪرن تي ملي وڃن ٿا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نباتات جو تعلق بنيادي طور زمين جي بناوت ۽ پاڻي جي دستيابي سان آهي.
موسمياتي کاتو
سنڌ جون موسمون
سنڌ جو چوماسو
سنڌ جي نباتات
سنڌ جنهن نباتاتي علائقي جو ڀاڱو آهي، تنهن ۾ ذري گهٽ سڄو پنجاب، الهندو راجپوتانا، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ اچي وڃن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ هندستان جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا هت به ٿيندا آهن، پر گهڻي نسبت اولهه وارن ملڪن، مڪران، ايراني نار جي گرم ڀاڱن، عراق ۽، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، مصر سان اٿس، جتان جي آبهوا ساڳي آهي.
سنڌ جي وڻن جي فھرست
| نمبر | عام نالو | بوٽنيڪل نالو | مختصر تعارف / حيثيت |
|---|---|---|---|
| 1 | ڪَنڊي | Prosopis cineraria | ريگستاني علائقن جو اهم مقامي وڻ؛ ڇانوَ، ايندھن ۽ چارن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. |
| 2 | ٻٻر (بابُل) | Acacia nilotica | دريائي ۽ ميداني علائقن ۾ عام؛ ڪاٺ ۽ دوائن ۾ استعمال. |
| 3 | آسري | Tamarix aphylla | لوڻياتي ۽ خشڪ زمينن ۾ وڌندڙ؛ هوا روڪڻ لاءِ اهم. |
| 4 | ڪرڙ | Capparis decidua | ٿر ۽ خشڪ علائقن جو مقامي وڻ؛ چارن ۽ دوائن ۾ استعمال. |
| 5 | خوشبودار ٻٻر | Acacia farnesiana | خوشبودار گلن سبب سڃاتل؛ دوائن ۽ خوشبوءَ ۾ استعمال. |
| 6 | ٻانھن | Populus euphratica | سنڌو درياهه جي ڪنارن تي وڌندڙ؛ دريائي نظام لاءِ اهم. |
| 7 | ديوي (وڻ) / (ولائتي ڪَنڊي) | Prosopis juliflora | غير ملڪي وڻ؛ تيزي سان وڌندڙ، پر ماحولياتي نقصانڪار پڻ. |
| 8 | سِراهه | Albizia lebbeck | ڇانوَ ۽ ڪاٺ لاءِ مشهور؛ شھرن ۾ لڳايو ويندو آهي. |
| 9 | نم | Azadirachta indica | دوائن ۾ تمام اهم؛ جراثيم ڪُش خاصيتون. |
| 10 | ٻير | Ziziphus mauritiana | ڦر ڏيندڙ وڻ؛ غذائي ۽ معاشي اهميت. |
| 11 | ڄمون | Syzygium cumini | ڦر ۽ دوائن ۾ استعمال؛ شگر لاءِ فائديمند. |
| 12 | گدامڙي | Tamarindus indica | ڦر ڏيندڙ وڻ؛ کاڌي ۽ دوائن ۾ استعمال. |
| 13 | سھانجڻو | Moringa oleifera | غذائيت سان ڀرپور؛ پن ۽ ڦريون استعمال ٿين ٿيون. |
| 14 | اڇو تمر | Avicennia marina | سنڌ جي ساحلي علائقن جو اهم وڻ؛ سامونڊي ڪٽاوَ کان بچاءُ. |
| 15 | بڙ | Ficus benghalensis | وڏو ڇانوَ ڏيندڙ وڻ؛ سماجي ۽ مذهبي اهميت. |
| 16 | پپل | Ficus religiosa | مذهبي لحاظ کان اهم؛ آڪسيجن فراهمي ۾ نمايان. |
| 17 | ڄار | Salvadora oleoides | خشڪ علائقن جو وڻ؛ ايندھن ۽ دوائن ۾ استعمال. |
| 18 | مسواڪ | Salvadora persica | ڏندن جي صفائي لاءِ مشهور؛ دوائن ۾ استعمال. |
| 19 | ليسڙو (گيدوڙو) | Cordia myxa | ڦر ڏيندڙ وڻ؛ ڳوٺاڻن علائقن ۾ عام. |
| 20 | انب | Mangifera indica | قومي ڦر؛ باغباني ۽ معيشت لاءِ اهم. |
سنڌ جي ٻوٽن جي فھرست
سنڌ جي گلن جي فھرست
سنڌ جي جڙي ٻوٽين جي فھرست
سنڌ جي حيواني جيوت
علم حيوانات جي جن ماھرن پھريائين سنڌ جي جانورن تي تحقيق ڪئي، سي آھن برنس (Burnes) 1830ع، گرفٿ (Griffith) 18399ع، ھيوم ۽ ڊي (Hume and Day) 1872ع، بلان فورڊ (Blanford) 1971ع کان 1977ع، بٽلر (Butler) 1879ع، مري (Murray) 1884ع، اوٽس (Oates) 1889ع، ايٽڪن (Aitken) 19077ع، ٽائيسھرسٽ (Ticehurst) 1917ع کان 1920ع ۽ ايٽس (Eates) 1920 کان 1954ع، منٽن (Minton) 19622ع ۾ سنڌ ۽ لسٻيلي جي جانورن جي ڏسڻي (Key) ٺاھي. صديقي 18699ع ۾ جانورن جي لسٽ ٺاھي تيار ڪئي.[139]
محي الدين (71-1964ع) سنڌ جي مڇين، نانگن، پکين، ڪڪڙن، ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينھن جي پروٽوزوان (Protozoan) ۽ ھيلمينٿي (Helminthic) فاعلن تي ڪم ڪندي نيون جنسون ۽ ڪي نوان مفعول دريافت ڪيا آھن. مجيب سنڌ جي دريائي مڇين ۽ سامونڊي مڇين جي ھيلمينٿڪ فاعلن تي ڪم پئي ڪيو آھي ۽ ڪي نيون جنسون ۽ قسم دريافت ڪيا آھن. ترمذي سنڌ جي سامونڊي ڪپر واري پٽي ۾ ڪرسٽيشيا (Crustacea) تي پئي ڪم ڪيو آھي. فصلن کي نقصان پھچائيندڙ جيتن جڻين تي بھ چڱو ڪم ڪيو آھي. جيتوڻيڪ انھن ۾ اھي جيت ۽ چچڙ شامل نھ آھن، جن جو انسانن ۽ جانورن جي بيمارين سان واسطو آھي.[140]
ڪرنگھي وارا جانور (vertebrates)
پنڊپھڻ (Fossils): بلئنفورڊ ۽ فيڊن پھريون ڀيرو منڇر مان سنھ 76-1874ع ۾ پنڊپھڻ جمع ڪيا. ٽيھ سال پوءِ پلگرم ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙن ڀڳي ٽوڙھي ويجھو تمام گھڻا پنڊپھڻ لڌا. پلگرم (1934ع) ھيٺين منڇر جي ٽن ڀاڱن کي ڪامليل (ميلوٽيشن)، چنجي (ٽارٽونيشن) ۽ ڍوڪ پٺاڻ (لوئر پلايوسين) وارين منزلن جي برابر سمجھيو ۽ ساڳئي وقت مٿئين منڇر کي سوالڪ واري بولڊر ڪانگھلومريٽ منزل (مڊل پلئسٽوسين) جي برابر تسليم ڪيو. سنڌ ۾ ھڪ گوشت کائيندڙ، اٺ سونڊ وارا، ٽي کُرن وارا، يارھن ٻڌي تعداد ۾ کُرن وارا ۽ ٽي سُرڻن يا رڙھندڙ جانورن جا ’پنڊپھڻ‘ سڃاتا ويا آھن.[141]
جيئرا قسم (Living Forms)
کير ڌارائيندڙ ٿڻن وارا جانور. جيترو ڌيان پکين تي ڏنو ويو آھي، اوترو کير ڌارائيندڙ يعني ٿڻن وارن جانورن تي نہ ڏنو ويو آھي. ٿڻن وارن جانورن جا ڪل 73 قسم آھن، جيڪي سنڌ ۾ رھن ٿا. انھن ۾ 20 گوشت کائيندڙ، 20 چمڙا، 4 جيت کائيندڙ، 15 ڪئا ۽ نوريئڙا وغيرھ، 9 کُرن وارا، 4 ويل ۽ ڊالفن ۽ ھڪ ڇِلر شامل آھن.[142]
گوشت خور جانور: ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ چيتو ڪنھن وقت سنڌوءَ جي ڪڇي ۾ ۽ روھڙيءَ طرف رھندو ھو. روھڙي ۾ ھن جو زور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ چيتا سن 1886ع تائين ماريا ويا. ٻين گوشت کائيندڙن ۾ پلنگ (Panther) جيڪو ڪنھن وقت سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ پکڙيل ھو، سو ھاڻي رڳو کيرٿر جبلن ۾ محدود آھي. اھو خصوصًا ھلڪي رنگ جو آھي ۽ سندس بج ھندستاني پلنگ کان ڊگھا آھن. لڌڙو جيڪو لاڙڪاڻي ۽ ميرپور ساڪري ۾ ملندو ھو، سو گھڻي قدر گھٽجي ويو آھي. جھنگ ٻلو، سنڌ جي عام جھنگلي ٻلي، بُجُر ٻلو (Caracal Lynx) جيڪا ھاڻي ٿر ۾ اڻ لڀ ٿيندي وڃي؛ مشڪ ٻلو (Civet Cat) جيڪو ڳوٺن جي چوڌاري ملندو آھي، اھي سڀ سنڌ جي جھنگلن جا ٻلا آھن. ڳور پٽ جيڪو قبرن کوٽڻ ۽ مئل ماڻھن تي تڳڻ لاءِ مشھور آھي، سو بہ سنڌ ۾ ٿئي ٿو. چراخ ۽ لڌڙو جنھن جي پٺيان سدائين کلن جا واپاري ھوندا آھن، سي آھستي آھستي اڻلڀ ٿيندا وڃن. بگھڙ، گدڙ، لومڙ ۽ نور وغيره ٻيا گوشت کائيندڙ جانور آھن.
چمڙا: سنڌ ۾ چمڙن جا 13 قسم آھن، جن ۾ ھڪ ميوو کائيندڙ چمڙن جو (Fruit Bat)، ٻہ ڪُئي – پُڇ چمڙن جا، ٻہ قبائي (Tomb bat) چمڙن جا ۽ چار ڄامڙن چمڙن جا قسم شامل آھن.
جيت کائيندڙ: جيت کائڻ وارا جانور سنڌ ۾ تمام گھٽ آھن، جن ۾ ھڪ مسڪ شُرو (Musk Shrew) ۽ ٽن قسمن جا ڄاھا شامل آھن.
روڊنيشا: (Rodentia):ھن قسم ۾ ھڪ قسم جو سيھڙ، جيڪو خاص ڪري پٽاٽي جي فصل کي کائيندو آھي. نوريئڙو ۽ پنڌرھن قسم جي ڪُئن جا، جن ۾ ننڍي پُڇ وارا توڙي بجر پڇ وارا، ۽ ٿلھي منھن وارا وڏا ڪئا شامل آھن.
سيٽيشيا: (Cetacea):ھن ۾ سنڌو درياءَ توڙي گنگا ندي واري ٻلھڻ جا ٻئي قسم سامونڊي آھن، جيڪي سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ ملندا آھن. پار پوائز (Porpoise) خاص مٺي پاڻيءَ جو جانور آھي ۽ انڌو ٿيندو آھي، ڇو جو ان جون اکيون پوري طرح تيار نہ ٿينديون آھن. ھيءُ سنڌو درياءَ ۾ ملندو آھي. ھن ٻلھڻ جو تيل مھاڻا سنڌن جي سور لاءِ ۽ مشعلن ٻارڻ جي ڪم آڻيندا آھن. ھن کي پڪڙڻ لاءِ مھاڻا خاص سيکاريل لڌڙا استعمال ڪندا آھن. بِلُويل جيڪو وڏي ۾ وڏو کير ڌارائيندڙ جانور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو بہ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن کان پرتي ڏٺو ويو آھي ۽ ڀٽ ميٽ تي پڻ پڪڙيو ويو آھي.[143]
گاھ کائيندڙ (Herbivora)
گاھ کائيندڙ جانورن ۾ شامل آھن: ھرڻ، ڪارو ھرڻ، غزال ھرڻ وغيرھ. ڦاڙھو اڃا تائين سنڌ جي دريائي ٻيلن ۾ ڪافي عام آهي (ٽوٽل اندازًا 370 ڦاڙھا). ڪارو ھرڻ جيڪو ھن سڄي اپٻيٽ جي اصلوڪن ھرڻن جو ھڪ قسم آھي، سو تمام سھڻو ٿيندو آھي، ۽ پاڪستان ۾ ھي نسل ختم ٿيڻ تي آھي. سنڌ ۾ ھن نسل جا ھرڻ باقي ڪي ٿورا وڃي کيرٿر جبل ۾ بچيا آھن. ھرڻ، جيڪو ڪنھن وقت سنڌ ۾ ھر ھنڌ ھوندو ھو، سو بہ ھاڻي تمام گھٽ آھي ۽ ٿورڙي تعداد ۾ اڃا تائين کيرٿر ۾ آھن. چنڪارا ھرڻ ۽ ڪاري ھرڻ جي آھستي آھستي گم ٿيڻ جي ڪري بنان ڪنھن شڪ شبھي جي اھو چئي سگھجي ٿو تہ ايشيائي چيتو پڻ انھن جي ڪري ختم ٿي ويو. سنڌ گھر آھي سره جو، جيڪو اڄ ڪلھ کيرٿر جبل ۾ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو. (سرھن جو اندازًا تعداد 1200) گڍ دادو ۾ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو، پر ان کي تحفظ ڏيڻ ضروري آھي. جيئن سڱن وارو ھرڻ، جيڪو سنڌ ۾ مري (Murray) سن 1884ع ۾ ڏٺو ھو، سو اڄ ڪلھ آھي ئي ڪونہ، ۽ سانڀر وانگر ختم ٿي ويو آھي. سوئر جيڪو سنڌ ۾ عام آھي، سو ڏينھون ڏينھن دريائي ٻيلن ۾ وڌندو رھي ٿو ۽ فصلن لاءِ مصيبت آھي. گورخر جيڪو ڪڇ جي رڻ ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ وڃي بچيو آھي (اندازًا 20 يا 30) سو اڻلڀ ٿيڻ وارو آھي.
ڇلر (Pholidota): ڇلو مرون لاڙ ۾ ٿئي ٿو، پر آھستي آھستي گھٽبو پيو وڃي ۽ ھاڻي اڻلڀ ٿيندڙ جانورن جي فھرست ۾ شامل آھي. سنڌ ۾ مم ۽ ڀولڙي جو ڪوبہ قسم نہ ٿيندو آھي.[144]
سنڌ جا پکي
سنڌ جي پکين ۾ مخصوص خاصيتون آھن، جيڪي جاگرافيائي بيھڪ ۽ طبعي حالتن جي ڪري ٿيون آھن. سنڌو ماٿري ھڪ ’رڻ‘ وسيلي ھندستان کان ڌار ٿيل آھي، جنھن ڪري ھندستان جا مشھور پکي ھتي ڪين ٿين. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان، ٻين علائقن جھڙوڪ ڏکڻ يورپ، اتر اوڀر آفريڪا، عرب ۽ ايران جي پکين لاءِ کليل آھن. سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڌٻڻون، ۽ ان طرف پکين جي لڏي اچڻ جي رستن جي موافقت ڪري سنڌ پکين لاءِ سياري جو گھر آھي.
ھيوم (Hume) پنھنجي ڪتاب اسٽري فيدرس (1873ع) ۾ پکين جا 2500 قسم ڄاڻايا آھن، جن جون 25 جنسون آھن. ائٽڪن (سن 1872ع) ڪل 400 جنسون ٻڌايون ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates). سورلي جي سنڌگزيٽيئر ۾ 426 جنسون ڄاڻايون، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لڏي ايندڙ يا سانگي پکي آھن. سنڌ جي پکين جو تفصيلي بيان ھن مقالي جي دائري کان ٻاھر آھي. مختصر طور سنڌ ۾ ٽن قسمن جا ’پيڻ‘، 2 پيٽيئر (Cormorant)، 6 ٻگھ ۽ ڪانئرا، ھڪ لاکي ڄاڃي، 11 سانھ، 26 ھنجھ ۽ بدڪون، 17 سرڻيون، عقاب ۽ ڳجھون، 6 ڪونجون، 5 تتر ۽ ڀؤنتريا، 6 ٻاٽيڀڙ، 5 باز، ٽٽيھر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيھو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪٽو، ڪنگري، سانھڙو، چنڊول، سينڊ مارٽن (Sand Martin)، وھيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ (Shrike)، ٿريش (Thrush)، سينڊ پائپر (Sand Piper) وغيره قسم طور عام ملن ٿا.
ڏاڙھي واري ڳجھ کيرٿر جي مٿانھن پٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي 6 ٻاٽيڀڙ ملن ٿا، تن مان سواءِ ڳٽو (Largepin Tailed) ۽ امپريل (Imperial) جي سڀ مڪاني آھن. چڪور (Chukor) سنڌ جي مٿانھن پٽن جو تتر آھي. ھندستاني تلور جيڪا اڳ ٿر ۾ عام ھئي، سا ناياب آھي. ھوبارا تلور (Houbara Bustard) بہ ناياب ٿيندي وڃي. فلوريڪن (Florican) جا سن 1875ع تائين عام ھئي، سا بھ ناپيد آھي. سفيد ھنجھھ پڻ منڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بدڪ بہ سنڌ جي ڏکڻن اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو ھنجھ ۽ آڙي پڻ ٿورن حصن ۾ ملن ٿا.
بيڪل آڙي (Baikal of Cluckingteal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اچي ٿي. گولڊن آئي (Golden Eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳھين، اوڀر ناري ۽ منڇر ۾ ملن ٿا. ڀؤنتريو ھڪ موسمي پکي آھي، جيڪو حب ندي جي آسپاس رھي ٿو. باقي عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪچي جي علائقن ۾ رھي ٿو. ’مور‘ حيدرآباد ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ملي ٿو.
واديءَ مھراڻ ٻگھن، سانھھ، ڪانئرن، ڪينو، پيڻ، اگريٽس (Egrets) جي جنت آھي. ھنن جي آنن لاھڻ جون جايون تباه ٿي چڪيون آھن، ۽ ان سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي منتشر ٿي ويا آھن. صرف 15 قسمن مان 6 نظر اچن ٿا. اھي سڀ پکي ڌٻڻ وارن ٻوٽن ۾ ئي گذارو ڪن ٿا.[145]
رڙھندڙ جانور يا سرڻا
سرڻا سنڌ ۾ عام طور ملن ٿا. آبھوا جي موافق ھئڻ ڪري ڪيترا ئي قسم، خصوصًا سانڊا ملن ٿا. ڇو تھ اھي پيلياآرڪٽڪ تائين محدود آھن. واڳون جيڪي ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياءَ ۽ ڪن پراڻن ڦاٽن ۾ ھوندا ھئا، سي بہ کلن جي واپارين ڪري ناپيد آھن. ڌٻڻ وارا واڳون (Marsh crocodile) جيڪي ڪنھن وقت ۾ سنڌو درياءَ، ڍنڍن ۽ ڦاٽن ۾ ڏٺا ويندا ھئا، سي پڻ گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا آھن، سواءِ ھاليجي ڍنڍ جي.[146] سنڌ جي ڍنڍن ۽ تلائن ۾ مٺي پاڻي جي ڪڇئن (Turtle) جا چار نرم کلن وارا قسم ملن ٿا. اھي ۽ ساڳئي وقت سائي رنگ جي سامونڊي ڪُمين جا قسم پڻ اقتصادي حيثيت رکن ٿا. ڇاڪاڻ تہ ولايت ۾ کاڌي طور استعمال ۾ اچن ٿا ۽ سندن کلون ڳھن ۽ ھار سينگار جي بہ ڪم اچن ٿيون. سڪي جا ٻن قسمن جا ڪڇئون ۽ مٺي پاڻيءَ جا چئن قسمن جا ڪڇئون ملن ٿا.
سانڊن ۾ 11 قسم ڪرڙي (چچين) جا، ھڪيو بليفريس (Eublepharis) اٺ اگامڊس (Agamids)، ٻھ مانٽر (Monitors) يعني ڳوھون، پنج خاص قسم جا سانڊا ۽ ڏھھ اسڪنڪس (Skinks). سنڌ ۾ ڪوبھ شيميلان (Chameleon) ڪون ٿئي. ٿلھي پڇ واري ڪرڙي جو قصو دلچسپ آھي. اھا سنڌ جي خطرناڪ ”ھڻ کڻ“ آھي، جيتوڻيڪ اھا نقصانڪار ناھي. ’ڳوھن‘ جا ٽي قسم سنڌ ۾ ملن ٿا، جيڪي کلن جي واپارين جي ڪري ناياب ٿيندا وڃن. سنڌ ۾ ماڻھو انھن جي کلن مان طنبورا ۽ دھل ٺاھيندا آھن.[147] نانگن جي 43 قسمن مان 21 زھر کان خالي آھن. زھريلي قسمن ۾ چئن قسمن جا ڏند پويان وريل آھن ۽ باقي قسمن جا ڏند اڳيان وريل آھن، جن ۾ زھر ڀريل رھي ٿو. ڏند اڳيان وريل 18 قسمن مان 13 سامونڊي، 2 پِيَڻ، ھڪ واسينگ ۽ ٻھ کَپر آھن. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستاني پيڻ جا ٿر ۾ ملي ٿي، سا قابلِ ذڪر آھي. عام چوڻي مطابق اھا پيڻ رات جو سمھڻ مھل ماڻھو جي ڇاتيءَ تي چڙھي، سندس وات ۾ زھر وجھي ھلي ويندي آھي. اھو ماڻھو گلي ۾ سخت سور جي باعث صبح کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آھي. پيڻ خطرناڪ بلائن مان ھڪ آھي، جا ڏنگي ٿي. جيئن تھ زھر، انسان جي تنتي سرشتي تي اثر انداز ٿئي ٿو، ۽ ماڻھو جي ساه کڻڻ واري نليءَ کي نقصان ٿو رسائي، تنھنڪري ڏنگيل ماڻھو ساه جي گھٽ سبب مري وڃي ٿو. کپر جو زھر، دل ۽ رت تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ رت جي بيجا زبان (جسم جي اندران ۽ ٻاھران) ٿيڻ ڪري موت واقع ٿئي ٿو.[148]
مڇيون
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو، جنھن تي مڇي مري ٿي، سو 120 ميل تائين پکڙيل آھي، جنھن ۾ ڪيتريون کاريون ۽ ڍوريون آھن. درياءَ جو ڇوڙ ڦرندو رھي ٿو. پراڻا واه جھڙوڪ پراڻي ڦليلي، گھارو ۽ بگھاڙ اڄ بھ موجود آھن. سال 1819ع واري زلزلي درياءَ جي ڇوڙ ۾ ڪافي ڦيرڦار آندي. ڊي (Day) 224 مڇين جا قسم ڄاڻايا آھن، جن مان 160 سامونڊي ۽ 64 مٺي پاڻي جون آھن. صوفي (1957ع) ڪينجھر ڍنڍ مان 33 قسمن جون مڇيون ظاھر ڪيون آھن، جن ۾ 14 قسم پسنديده غذا جي اھميت رکن ٿا. سامونڊي مڇين جي خاص قسمن ۾ ڀوريون ۽ ڪاريون پاپليٽ، سرمائي سالمان (Salmon)، سول (Sole)، سارڊين (Sardine) ۽ بمبئي ڊڪ (Bombay duck) مشھور آھن.[149] پلو جيتوڻيڪ سامونڊي آھي، پر آنن لاھڻ لاءِ سنڌو درياءَ جو رخ ڪري ٿو. ھن جي سمنڊ مان لڏپلاڻ فيبروري ۽ مارچ ڌاري ٿئي ٿي. اھا مڇي ذائقيدار ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گھڻا ڪنڊا ٿيندا آھن. پاڻيءَ جي قلت ۽ بئراجن جي ٺھڻ سان پلي جي افزائش تي تمام گھڻو اثر پيو آھي. ان لاءِ ڪو وقتائتو قدم کڻڻ گھرجي تھ جيئن ھن لذيذ مڇيءَ کي بچائي سگھجي.
سنڌ جي 64 ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ ملندڙ مڇين مان ڪُرڙو، موراکي، ٿيلھي، کڳو، سينگاري، ڄرڪو ۽ گندڻ تمام شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون. وڏيون ڍنڍون جھڙوڪ ڪينجھر، منڇر ھڏيرو ۽ ھاليجي، مڇين سان ڀرپور آھن. منڇر ڍنڍ جي گھٽجندڙ ايراضي افسوسناڪ آھي، ۽ ان لاءِ ڪو تڪڙو قدم کڻجي. ان جي سڪڻ ڪري پاڪستان ۾ پروٽين جو عظيم ذريعو ناپيد ٿي ويندو. ان سان گڏوگڏ اھي ڍنڍون، لکين لاڏائو پکين جو مندائتو گھر آھن.
(Amphibia) ڏيڏرن جا ٽي قسم آھن ۽ ان کان سواٰءِ ٽوڊ (Toad) جا ٻھ قسم سنڌ ۾ ملن ٿا. جانور، انسان ذات جي وايومنڊل جو ھڪ حصو آھن ۽ انسان وانگر ارتقا جو نتيجو آھ.[150]
سنڌ جي جانورن جي فھرست
سنڌ جي جيتن جي فھرست
سنڌ جي پکين جي فھرست
سنڌ جي دريائي مڇين جي فھرست
سنڌ جي سامونڊي مڇين جي فھرست
جانورن جا نيشنل پارڪ
سنڌ جا راڻي باغ
آبادي ۽ مردم نگاري (ڊيموگرافي)
سنڌ جي آبادي برطانوي دور ۾ 1891ع ۾ سنڌ جي آبادي لڳ ڀڳ 2.9 ملين هئي، جڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي[132]. 1911ع ۾ سنڌ جي آبادي 3.5 ملين ۽ 1941ع ۾ 4.5 ملين تائين پهتي، جيڪا واڌ معاشي بهتري ۽ لڏپلاڻ سان لاڳاپيل هئي. 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان جدا ڪري الڳ صوبو بڻايو ويو[132]. برطانوي دور جي آخر تائين سنڌ ۾ مختلف نسلي ۽ مذهبي برادريون، جهڙوڪ مسلمان، هندو، عيسائي، يهودي، پارسي ۽ بهايي، گڏجي رهنديون هيون. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آبادي لڳ ڀڳ 70٪ هئي، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ اردو ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ 15 لک مهاجرن جي آمد سبب گهٽجي 58٪ تائين آئي[132]. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ملڪ ۾ ڇهه قومي مردم شماريون ٿيون آهن. 2017ع جي مردم شماري موجب پاڪستان جي ڪل آبادي 207,774,520 هئي، جنهن سان پاڪستان دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻيو. 1998ع کان 2017ع تائين پاڪستان جي سالياني سراسري آبادي واڌ جي شرح 2.4٪ رهي. 2017ع ۾ سنڌ جي ڪل آبادي 47,886,051 هئي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي آبادي لڳ ڀڳ اٺ ڀيرا وڌي آهي[132]. سنڌ ۾ آبادي وڌڻ جا اهم سبب بين الصوبائي لڏپلاڻ ۽ ڳوٺن مان شهرن ڏانهن منتقلي رهيا آهن[132]. سنڌ ۾ آبادي واڌ جي شرح 1961–1972ع دوران 4.63٪ هئي، جيڪا 1998–2017ع ۾ گهٽجي 2.4٪ ٿي وئي. سنڌ ۾ آباديءَ جي ڪثافت 1981ع ۾ 135 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر هئي، جيڪا 2017ع ۾ وڌي 339 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر ٿي وئي[132]. 2017ع ۾ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 24.9 ملين مرد ۽ 23 ملين عورتون هيون. سنڌ ۾ صنفي تناسب (Sex Ratio) 108.58 هو[132]. ڳوٺاڻن علائقن ۾: 107.8 ۽ شهري علائقن ۾: 109.31[132]. سنڌ ۾ 52.02٪ آبادي شهري ۽ 47.98٪ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ هئي، جنهن سبب سنڌ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ شهري آبادي وارو صوبو آهي[132]. 1998ع جي مردم شماري موجب: انحصاري آبادي: 38.3٪ ڪم ڪندڙ آبادي: 61.7٪ [132]. 1998ع ۾ عورتن جي ليبر فورس ۾ شرڪت صرف 3٪ هئي، جڏهن ته مردن جي شرڪت 58.8٪ هئي[132]. تيز شهري واڌ سبب سنڌ ۾ ثانوي ۽ نيم شهري مرڪز جهڙوڪ نوابشاهه (نوشهرو فيروز)، گهوتڪي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ڄامشورو ترقي ڪري رهيا آهن[132]. سنڌ ۾ آباديءَ جي تيز واڌ شهريڪاري، معاشي دٻاءُ، وسيلن جي کوٽ ۽ انفراسٽرڪچر تي بار وڌايو آهي. 2017ع تائين سنڌ جي آبادي واڌ جي شرح پاڪستان جي قومي شرح سان برابر ٿي چڪي آهي.
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي مردم نگاري
آباديءَ جو مطالعو- مردم نگاري، (Demography )علم آبادي- آبادي اڀياس- مردم نگاري- ماڻهن جي آدمشماري جو اڀياس، جنهن ۾ هنڌ، گهاٽائي، عمر، پکيڙ، جنس، نسل، ڌنڌو ۽ ٻيا شمارياتي انگ اکر ڏنل هجن. [151]
سنڌ جي ذاتين ۽ قبيلن جي فھرست
سنڌ ۾ نسلي گروھن جي فھرست
سياسي نظام
سنڌ جو حڪومتي ڍانچو
سنڌ جا گورنر
| نمبر | نالو | مدتِ گورنري | تقرري جو اختيار | اهم نوٽ / خدمتون |
|---|---|---|---|---|
| 1 | سر غلام حسين هدایتالله | 14 آگسٽ 1947 – 4 آڪٽوبر 1948 | گورنر جنرل پاڪستان | پاڪستان کان پوءِ سنڌ جو پهريون گورنر؛ آئين ساز اسيمبلي جو ميمبر. |
| 2 | شيخ دين محمد | 4 آڪٽوبر 1948 – 7 آڪٽوبر 1949 | گورنر جنرل پاڪستان | ابتدائي صوبائي انتظام جو تسلسل. |
| 3 | ميان امينالدين | 7 آڪٽوبر 1949 – 1 مئي 1953 | گورنر جنرل پاڪستان | ڪراچي وفاقي گادي بڻجڻ واري دور ۾ خدمتون. |
| 4 | جارج باڪسينڊل ڪانسٽينٽائن | 2 مئي 1953 – 12 آگسٽ 1953 | گورنر جنرل پاڪستان | قائم مقام گورنر. |
| 5 | حبيب ابراهيم رحيمٽوولا | 12 آگسٽ 1953 – 23 جون 1954 | گورنر جنرل پاڪستان | سفارتي ۽ انتظامي پسمنظر. |
| 6 | سيد محمد علي رشدي | 24 جون 1954 – 14 آڪٽوبر 1955 | گورنر جنرل پاڪستان | ون يونٽ کان اڳ آخري گورنر سنڌ. |
| ون يونٽ دور: سنڌ صوبي جو وجود ختم (14 آڪٽوبر 1955 – 1 جولاءِ 1970) | ||||
| 7 | رخمان گل | 1 جولاءِ 1970 – 20 ڊسمبر 1971 | صدر پاڪستان | ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ پهريون گورنر. |
| 8 | مير رسول بخش ٽالپر | 24 ڊسمبر 1971 – 20 اپريل 1972 | صدر پاڪستان | عبوري انتظامي دور. |
| 9 | بيگم رعنا لياقت علي خان | 15 فيبروري 1973 – 28 فيبروري 1976 | صدر پاڪستان | سنڌ جي پهرين عورت گورنر. |
| 10 | ليفتيننٽ جنرل جميل الدين حسن | 1 مارچ 1976 – 5 جولاءِ 1977 | صدر پاڪستان | سياسي عدم استحڪام جو دور. |
| مارشل لا (5 جولاءِ 1977 – 24 مارچ 1985) | ||||
| 11 | ليفٽيننٽ جنرل جهان داد خان | 7 اپريل 1984 – 4 جنوري 1987 | صدر پاڪستان | فوجي حڪمرانيءَ جو دور. |
| 12 | اشرف وزير تباني | 5 جنوري 1987 – 23 جون 1988 | صدر پاڪستان | سول انتظام ڏانهن واپسي. |
| 13 | جنرل رحيم الدين خان | 24 جون 1988 – 12 سيپٽمبر 1988 | صدر پاڪستان | مختصر عبوري دور. |
| 14 | جسٽس قديرالدين احمد | 12 سيپٽمبر 1988 – 18 اپريل 1989 | صدر پاڪستان | عبوري ۽ آئيني بندوبست. |
| 15 | فخرالدين جي ابراهيم | 19 اپريل 1989 – 6 آگسٽ 1990 | صدر پاڪستان | آئيني بحرانن ۾ اهم ڪردار. |
| 16 | محمود هارون | 6 آگسٽ 1990 – 18 جولاءِ 1993 | صدر پاڪستان | جمهوري دور ۾ گورنري. |
| 17 | حڪيم محمد سعيد | 19 جولاءِ 1993 – 23 جنوري 1994 | صدر پاڪستان | امن ۽ سماجي خدمتون. |
| 18 | ڪمالالدين اظفر | 22 مئي 1995 – 16 مارچ 1997 | صدر پاڪستان | سياسي هم آهنگي. |
| 19 | ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر | 17 مارچ 1997 – 17 جون 1999 | صدر پاڪستان | شهري انتظامي سڌارا. |
| مارشل لا (12 آڪٽوبر 1999 – 23 مارچ 2002) | ||||
| 20 | ڊاڪٽر عشرت العباد خان | 27 ڊسمبر 2002 – 9 فيبروري 2015 | صدر پاڪستان | سنڌ جو سڀ کان ڊگهو عرصو رهندڙ گورنر. |
| 21 | محمد زبير | 2 فيبروري 2017 – 3 آگسٽ 2018 | صدر پاڪستان | سول سياسي پسمنظر. |
| 22 | عمران اسماعيل | 27 آگسٽ 2018 – 17 آگسٽ 2021 | صدر پاڪستان | وفاقي–صوبائي ڇڪتاڻ جو دور. |
| 23 | ڪامران ٽسوري | 10 آڪٽوبر 2022 – موجوده | صدر پاڪستان | موجوده گورنر سنڌ. |
سنڌ اسيمبلي
سنڌ جا وزير اعليَ
| نمبر | نالو | مدتِ اقتدار | سياسي وابستگي | اهم نوٽس / خدمتون (مختصر) |
|---|---|---|---|---|
| 1 | محمد ايوب کهڙو | 16 آگسٽ 1947 – 28 اپريل 1948 | پاڪستان مسلم ليگ | سنڌ جو پهريون وزيراعليٰ (پاڪستان کان پوءِ). |
| 2 | پير الاهي بخش | 4 مئي 1948 – 4 فيبروري 1949 | پاڪستان مسلم ليگ | شروعاتي صوبائي انتظام جي سرواڻي. |
| 3 | يوسف هارون | 18 فيبروري 1949 – 7 مئي 1950 | پاڪستان مسلم ليگ | صوبائي حڪومت جي انتظامي معاملن جي اڳواڻي. |
| 4 | قاضي فضل الله | 8 مئي 1950 – 24 مارچ 1951 | پاڪستان مسلم ليگ | مختصر دور. |
| 5 | محمد ايوب کهڙو | 24 مارچ 1951 – 29 ڊسمبر 1951 | پاڪستان مسلم ليگ | ٻيو دور. |
| گورنر راڄ / سڌي انتظام (29 ڊسمبر 1951 – 22 مئي 1953) | ||||
| 6 | پيرزادو عبدالستار | 22 مئي 1953 – 8 نومبر 1954 | پاڪستان مسلم ليگ | گورنر راڄ کان پوءِ چونڊيل حڪومت. |
| 7 | محمد ايوب کهڙو | 9 نومبر 1954 – 13 آڪٽوبر 1955 | پاڪستان مسلم ليگ | ٽيون دور؛ ون يونٽ کان اڳ آخري CM. |
| ون يونٽ دور (سنڌ صوبي جو ڌار ادارتي ڍانچو ختم) (14 آڪٽوبر 1955 – 1 جولاءِ 1970) | ||||
| مارشل لا / عبوري انتظام (1 جولاءِ 1970 – 1 مئي 1972) | ||||
| 8 | ممتاز علي ڀٽو | 1 مئي 1972 – 20 ڊسمبر 1973 | پاڪستان پيپلز پارٽي | ون يونٽ کان پوءِ صوبي جي بحالي واري دور ۾ حڪومت. |
| 9 | غلام مصطفى جتوئي | 20 ڊسمبر 1973 – 5 جولاءِ 1977 | پاڪستان پيپلز پارٽي | 1973ع جي آئين واري دور ۾ حڪومت. |
| مارشل لا (5 جولاءِ 1977 – 6 اپريل 1985) | ||||
| 10 | غوث علي شاهه | 6 اپريل 1985 – 6 اپريل 1988 | پاڪستان مسلم ليگ | 1985ع کان پوءِ صوبائي حڪومت. |
| 11 | اختر علي غلام قاضي | 11 اپريل 1988 – 24 جون 1988 | آزاد / غير وابسته | مختصر چونڊيل دور. |
| گورنر راڄ (24 جون 1988 – 2 ڊسمبر 1988) | ||||
| 12 | قائم علي شاهه | 2 ڊسمبر 1988 – 25 فيبروري 1990 | پاڪستان پيپلز پارٽي | چونڊيل حڪومت. |
| 13 | آفتاب شعبان ميراني | 25 فيبروري 1990 – 6 آگسٽ 1990 | پاڪستان پيپلز پارٽي | مختصر دور. |
| 14 | ڄام صادق علي | 6 آگسٽ 1990 – 5 مارچ 1992 | اسلامي جمهوري اتحاد | امن امان/سياسي بحران وارو دور. |
| 15 | مظفر حسين شاهه | 6 مارچ 1992 – 19 جولاءِ 1993 | اسلامي جمهوري اتحاد | مختصر سياسي دور. |
| 16 | سيد علي مدد شاهه | 19 جولاءِ 1993 – 21 آڪٽوبر 1993 | نگران | نگران وزيراعليٰ. |
| 17 | عبدالله شاهه | 21 آڪٽوبر 1993 – 6 نومبر 1996 | پاڪستان پيپلز پارٽي | چونڊيل دور. |
| 18 | ممتاز علي ڀٽو | 6 نومبر 1996 – 22 فيبروري 1997 | نگران | نگران دور. |
| 19 | لياقت علي جتوئي | 22 فيبروري 1997 – 30 آڪٽوبر 1998 | پاڪستان مسلم ليگ (ن) | چونڊيل دور. |
| گورنر راڄ (30 آڪٽوبر 1998 – 17 جون 1999) | ||||
| 1999–2002: وفاقي/فوجي دور (صوبائي سياسي ڍانچو معطل) | ||||
| 20 | علي محمد مهر | 17 ڊسمبر 2002 – 9 جون 2004 | پاڪستان مسلم ليگ (ق) | 2002ع کان پوءِ حڪومت. |
| 21 | ارباب غلام رحيم | 9 جون 2004 – 19 نومبر 2007 | پاڪستان مسلم ليگ (ق) | صوبائي حڪومت. |
| 22 | عبدالقادر هاليپوٽو | 19 نومبر 2007 – 6 اپريل 2008 | نگران | نگران دور. |
| 23 | قائم علي شاهه | 6 اپريل 2008 – 21 مارچ 2013 | پاڪستان پيپلز پارٽي | چونڊيل حڪومت. |
| 24 | زاهد قربان علوي | 21 مارچ 2013 – 30 مئي 2013 | نگران | نگران دور. |
| 25 | قائم علي شاهه | 30 مئي 2013 – 29 جولاءِ 2016 | پاڪستان پيپلز پارٽي | ٽيون دور. |
| 26 | مراد علي شاهه | 29 جولاءِ 2016 – 28 مئي 2018 | پاڪستان پيپلز پارٽي | پهريون دور. |
| 27 | فضل الرحمان | 2 جون 2018 – 18 آگسٽ 2018 | نگران | نگران دور. |
| 28 | مراد علي شاهه | 18 آگسٽ 2018 – 14 آگسٽ 2023 | پاڪستان پيپلز پارٽي | ٻيون دور. |
| 29 | مقبول باقر | 14 آگسٽ 2023 – 27 فيبروري 2024 | نگران | نگران وزيراعليٰ. |
| 30 | مراد علي شاهه | 27 فيبروري 2024 – موجوده | پاڪستان پيپلز پارٽي | ٽيون دور (هاڻوڪو). |
سنڌ اسيمبلي جا اسپيڪر
| نمبر | نالو | مدتِ اسپيڪرشپ | نوٽ / اهم وضاحت |
|---|---|---|---|
| 1 | سيد ميران محمد شاهه | 26 فيبروري 1938 – 3 مئي 1948 | سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر؛ آزاديءَ کان پوءِ به عهدو سنڀاليو. |
| 2 | آغا بدرالدين خان دراني | 8 مارچ 1949 – 29 ڊسمبر 1951 | آزاديءَ بعد شروعاتي پارلياماني دور جو اسپيڪر. |
| 3 | مير غلام علي ٽالپر | 14 سيپٽمبر 1953 – 21 مارچ 1955 | ون يونٽ کان اڳ وارو دور. |
| 4 | پير قربان علي شاهه | 26 مارچ 1955 – 14 آڪٽوبر 1955 | ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کان اڳ آخري اسپيڪر. |
| ون يونٽ دور – سنڌ اسيمبلي معطل (14 آڪٽوبر 1955 – 1 جولاءِ 1970) | |||
| 5 | غلام رسول خان کيهر | 2 مئي 1972 – 3 مارچ 1977 | ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ پهريون چونڊيل اسپيڪر. |
| 6 | آغا صدرالدين خان دراني | 13 مارچ 1977 – 4 جولاءِ 1977 | مختصر سياسي دور. |
| مارشل لا (5 جولاءِ 1977 – 1985) | |||
| 7 | عبدالله حسين هارون | 6 اپريل 1985 – 13 مارچ 1986 | غير جماعتي چونڊن کان پوءِ اسپيڪر. |
| 8 | سيد مظفر حسين شاه | 6 اپريل 1986 – 1 ڊسمبر 1988 | اسيمبلي جي ٻيهر بحاليءَ وارو دور. |
| 9 | سيد عبدالله شاهه | 1 ڊسمبر 1988 – 5 نومبر 1990 | جمهوري دور جو اسپيڪر. |
| 10 | عبدالرزاق خان | 5 نومبر 1990 – 19 آڪٽوبر 1993 | سياسي عدم استحڪام جو دور. |
| 11 | غلام بخت خان مهر | 19 آڪٽوبر 1993 – 22 فيبروري 1997 | چونڊيل اسيمبلي جو اسپيڪر. |
| 12 | نواب مرزا (وڪيل) | 22 فيبروري 1997 – 26 آڪٽوبر 1998 | نواز شريف دور ۾ اسپيڪر. |
| گورنر راڄ / اسيمبلي معطل (1998 – 2002) | |||
| 13 | سيد مظفر حسين شاه | 14 ڊسمبر 2002 – جنوري 2008 | ٻيهر اسپيڪرشپ؛ ڊگهو پارلياماني دور. |
| 14 | نثار احمد کهڙو | 18 فيبروري 2008 – 30 مئي 2013 | جمهوري تسلسل ۽ آئيني دور. |
| 15 | آغا سراج خان دراني | 30 مئي 2013 – 25 فيبروري 2024 | سنڌ جو سڀ کان ڊگهو عرصو رهندڙ اسپيڪر. |
| 16 | سيد اويس قادر شاهه | 25 فيبروري 2024 – موجوده | موجوده اسپيڪر سنڌ صوبائي اسيمبلي. |
سنڌ حڪومت جي کاتن جي فھرست
سنڌ حڪومت جي اختيارين جي فھرست
سنڌ ھاء ڪورث
وڪيلن جي ادارن ۽ تنظيمن جي فھرست
سنڌ جا چيف جسٽس
مڪاني حڪومت
ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن
سنڌ جي ميونسيپل ڪارپوريشنن جي فھرست
سنڌ جي ترقياتي اٿارٽين جي فھرست
سنڌ جي سياسي تنظيمن جي فھرست
سنڌ ۾ غير سرڪاري تنظيمن جي فھرست
سنڌ جي سماجي ڀلائيءَ وارين تنظيمن جي فھرست
سنڌ جج عام عدالتن جي فھرست
سنڌ جي خاص عدالتن جي فھرست
سنڌ جي ٽربيونلن جي فھرست
انتظامي ورھاست
سنڌ جون ڊويزنون
سنڌ جا ضلعا
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جا ضلعا
| نقشو | ترتيب | ضعا | صدر مقام | ايراضي (ڪلوميٽر) | آبادي (2017) |
گھاٽائي (ماڻهو/ڪلوميٽر) |
|---|---|---|---|---|---|---|
|
1 | بدين | بدين | 6,470 | 1,804,516 | 279 |
| 2 | ٿرپارڪر | مٺي | 19,808 | 1,649,661 | 83 | |
| 3 | ٽنڊو الهيار | ٽنڊوالھيار | 1,573 | 836,887 | 532 | |
| 4 | ٽنڊو محمد خان | ٽنڊو محمد خان | 1,814 | 677,228 | 373 | |
| 5 | ٺٽو | ٺٽو | 7,705 | 979,817 | 127 | |
| 6 | جيڪب آباد | جيڪب آباد | 2,771 | 1,006,297 | 363 | |
| 7 | ڄامشورو | ڪوٽڙي | 11,250 | 993,142 | 88 | |
| 8 | حيدر آباد | حيدرآباد | 1,022 | 2,201,079 | 2,155 | |
| 9 | خيرپور | خيرپور | 15,925 | 2,405,523 | 151 | |
| 10 | دادو | دادو | 8,034 | 1,550,266 | 193 | |
| 11 | سانگھڙ | سانگھڙ | 10,259 | 2,057,057 | 200 | |
| 12 | سجاول | سجاول | 8,699 | 781,967 | 90 | |
| 13 | سکر | سکر | 5,216 | 1,487,903 | 285 | |
| 14 | شڪارپور | شڪارپور | 2,577 | 1,231,481 | 478 | |
| 15 | شهيد بينظيرآباد | نوابشاهه | 4,618 | 1,612,847 | 349 | |
| 16 | عمر ڪوٽ | عمرڪوٽ | 5,503 | 1,073,146 | 195 | |
| 17 | قمبر شهدادڪوٽ | قمبر | 5,599 | 1,341,042 | 240 | |
| 18 | ڪراچي اوڀر | ڪراچي | 165 | 2,909,921 | 17,625 | |
| 19 | ڪراچي ڏکڻ | ڪراچي | 85 | 1,791,751 | 21,079 | |
| 20 | ڪراچي مرڪزي | ڪراچي | 62 | 2,972,639 | 48,336 | |
| 21 | ڪراچي اولهه | ڪراچي | 630 | 3,914,757 | 6,212 | |
| 22 | ڪشمور | ڪنڌڪوٽ | 2,551 | 1,089,169 | 427 | |
| 23 | ڪورنگي | ڪورنگي | 95 | 2,457,019 | 25,918 | |
| 24 | ڪياماڙي | ڪياماڙي | ||||
| 25 | گھوٽڪي | ميرپور ماٿيلو | 6,506 | 1,647,239 | 253 | |
| 26 | لاڙڪاڻو | لاڙڪاڻو | 1,906 | 1,524,391 | 800 | |
| 27 | مٽياري | مٽياري | 1,459 | 769,349 | 527 | |
| 28 | ملير | ملير | 2,635 | 2,008,901 | 762 | |
| 29 | ميرپور خاص | ميرپور خاص | 3,319 | 1,505,876 | 454 | |
| 30 | نوشهرو فيروز | نوشهرو فيروز | 2,027 | 1,612,373 | 369 |
سنڌ جا تعلقا ۽ ذيلي ورھاستون
سنڌ جون يونين ڪائونسلون ۽ يونين ڪميٽيون
سنڌ جون روينيو سرڪلون
سنڌ جا روينيو تپا
سنڌ جون روينيو ديھون
قومي اسيمبلي جا تڪ
صوبائي اسيمبلي جا تڪ
سنڌ جا وڏا شھر
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جا شهر
| مُک شهرن جي فهرست | ||||
|---|---|---|---|---|
| درجو | شهر | ضعا | آبادي | |
| 1 | ڪراچي | اوڀر ڪراچي اولهه ڪراچي ڏکڻ ڪراچي مرڪزي ڪراچيl ملير ڪورنگي | 14,910,352 | |
| 2 | حيدرآباد | حيدرآباد | 1,732,693 | |
| 3 | سکر | سکر | 1,400,000 | |
| ذريعو: پاڪستاني آدمشاري، 2017ع[152] | ||||
| هن ۾ ضلعن جي صرف شهري آبادي ڏيکاريل آهي. | ||||
ثقافت ۽ تھذيب سڃاڻپ
سنڌيت
سنڌيت هڪ وسيع، گهڻ-تہذيبي ۽ جذب ڪندڙ سماجي-ثقافتي تصور آهي، جنهن صديون گذرڻ سان مختلف تهذيبن ۽ سڀيتائن جا اثر پنهنجي اندر جذب ڪيا آهن. سنڌ جي سرزمين تي ايراني، يوناني، سٿين، هڻ، شاڪ، عربي ۽ ترڪي اثر موجود رهيا آهن، جڏهن ته ويجهي تاريخ ۾ آيل اسلام پڻ مقامي تهذيبي عنصرن سان ملي سنڌي تهذيب جو حصو بڻجي ويو. نتيجي طور سنڌ ۾ هڪ اهڙو سماجي ۽ فڪري ڍانچو تشڪيل ٿيو، جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ ٻين علائقن کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سنڌ ۾ اسلام جو اظهار خاص طور تصوف جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو مقامي فڪري روايتن، خاص طور ويدانت، سان فڪري ۽ روحاني لاڳاپو رکي ٿو. ان سنگم سبب سنڌي سماج ۾ مذهبي رواداري، عدم تشدد ۽ گڏيل عقيدت جا رويا مضبوط رهيا آهن. انهيءَ پس منظر ۾ سنڌي اسلام کي صوفين ۽ سنتن سان ڳنڍيل، انسان دوست ۽ سماجي هم آهنگيءَ جو مظہر سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي روايت ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا، جتي هڪ ئي روحاني شخصيت کي مختلف مذهبي سڃاڻپن سان ياد ڪيو ويو آهي. مثال طور، هندو برادري اڏيرو لعل کي مڃي ٿي، جڏهن ته مسلمان ساڳئي شخصيت کي شيخ طاهر جي نالي سان سڃاڻن ٿا. اهڙيءَ ريت هندو روايت ۾ لالو جئسراج ۽ مسلمان روايت ۾ منگهوپير ساڳئي روحاني مرڪز سان لاڳاپيل سمجهيا وڃن ٿا، جنهن جي زيارت اڄ به جاري آهي. ڪجهه روايتن موجب، منگهوپير، لال شهباز قلندر ۽ ملتان جي غوث بهاءُالحق والدين جلال سرخ پاڻ ۾ روحاني ساٿي هئا، ۽ انهن سان لاڳاپيل “چوياري” جي روايت سيوهڻ سان وابسته سمجهي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ اهڙيون روايتون تاريخي تنقيد جي دائري ۾ اچن ٿيون، پر اهي سنڌي سماج ۾ هندو ۽ مسلمان روحاني روايتن جي گڏيل قبوليت کي ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ تسلسل ۾، راجا ڀرتري ۽ لال شهباز قلندر جهڙيون شخصيتون مختلف مذهبي برادرين ۾ احترام سان ياد ڪيون وڃن ٿيون. اهڙيءَ ريت ستين جو آستان (روهڙي) پڻ سنڌي سماج ۾ مذهبي فرق کان مٿانهون ٿي گڏيل عقيدت جو مرڪز رهيو آهي. اهي سڀ عنصر سنڌي تهذيب کي هڪ منفرد رنگ ۽ سڃاڻپ ڏين ٿا. اگرچه صوفي روايتن جو جنم ٻين علائقن ۾ به ٿيو، پر سنڌ جي سماجي ۽ فڪري ماحول انهن روايتن کي خاص قوت ۽ قبوليت بخشي. نتيجي طور، صوفيانه سوچ سنڌ ۾ پختگي اختيار ڪئي. ساڳئي وقت، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم پڻ سنڌ ۾ داخل ٿيا، پر مقامي تهذيبي ڍانچي ۾ مڪمل طور پنهنجو الڳ وجود قائم نه ڪري سگهيا ۽ وقت سان گڏ سنڌيت جي وسيع دائري ۾ ضم ٿي ويا. ڀڳتي ڪال دوران به سک پنٿ سنڌ ۾ پنهنجو الڳ “اڪالي روپ” قائم نه ڪري سگهيو، جيڪو سنڌي تهذيب جي جذب ڪندڙ صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو[133].
لباس
ڪلاسيڪل موسيقي
لوڪ ورثا
قديم آثار
سنڌ تاريخي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا جي قديم ترين تهذيبن جو مرڪز رهي آهي. هتي موجود آثارِ قديمه انساني آبادڪاريءَ جي شروعاتي دور، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، بدھ ۽ هندو دور، عرب-اسلامي حڪمراني، ۽ وچئين دور جي سياسي ۽ مذهبي ارتقا کي واضح ڪن ٿا. موهن جو دڙو جهڙا عالمي اهميت وارا شهر، بانڀور ۽ منصوره جهڙا ابتدائي اسلامي مرڪز، برهمڻ آباد جهڙا قديم هندو-بدھ شهر، مڪلي جهڙو عظيم قبرستان، ۽ ٿرپارڪر جا جين مندر سنڌ جي گهڻ تهذيبي تاريخ جا زنده شاهد آهن.
سنڌ ۾ واقع قديم آثارن جي فھرست
| نمبر | ماڳ جو نالو | هنڌ / علائقو / ضلعو | تعارفي نوٽ |
|---|---|---|---|
| 1 | موهن جو دڙو | ڏوڪري ڀرسان، سنڌو درياهه جو ساڄو ڪنارو، لاڙڪاڻو ضلعو | سنڌو ماٿري جي تهذيب جو عالمي شهرت يافته شهر (2600–1900 ق.م)، يونيسڪو عالمي ورثو. |
| 2 | ڀنڀور | ڀنڀور، گهارو کاريءَ ڀرسان، ٺٽو ضلعو | قديم بندرگاهه؛ محمد بن قاسم جي دور سان منسوب ابتدائي اسلامي شهر. |
| 3 | برهمڻ آباد | برهمڻ آباد–منصوره علائقو، مرڪزي سنڌ (سانگهڙ/نوابشاهه پٽي) | قديم هندو-ٻڌ شهري مرڪز؛ پوءِ عرب دور ۾ منصوره جي قيام سان لاڳاپيل. |
| 4 | منصوره | برهمڻ آباد ڀرسان، سانگھڙ ضلعو مرڪزي سنڌ | سنڌ جي پهرين اسلامي گادي؛ عرب دور جو اهم شهر. |
| 5 | چانھون جو دڙو | نوابشاھ ڀرسان، شھيد بينظير آباد ضلعو | سنڌو تهذيب جو اهم صنعتي ۽ دستڪاري مرڪز. |
| 6 | آمري | منڇر ڍنڍ ڀرسان، مانجهند، ڄامشورو ضلعو | سنڌو تهذيب کان اڳ واري (ھڙاپا جي شروعاتي) ثقافت جو ماڳ. |
| 7 | ڪوٽ ڏيجي | ڪوٽ ڏيجي، 25 ڪلوميٽر خيرپور کان، خيرپور ضلعو | قبل از سنڌو تهذيب قلعو ۽ دڙو؛ شهري ارتقا جا شروعاتي ثبوت. |
| 8 | لکڻ جو دڙو | روهڙي–سکر ڀرسان، سکر ضلعو | وڏو قديم دڙوئ؛ سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل. |
| 9 | جھڪر جو دڙو | موهن جو دڙو علائقو، لاڙڪاڻو ضلعو | جهڪر ثقافت؛ سنڌو تهذيب کان پوءِ جو دور. |
| 10 | ڪاهو جو دڙو | ٺٽو/بدين علائقو، ڏکڻ سنڌ | ٻڌ دور جو دڙو؛ اسٽوپا ۽ مذهبي ڍانچا. |
| 11 | مڪلي قبرستان | مڪلي ٽڪري، ٺٽو شهر ڀرسان، ٺٽو ضلعو | دنيا جو وڏو اسلامي قبرستان (14هين–18هين صدي)، يونيسڪو عالمي ورثو. |
| 12 | چوڪنڊي قبرستان | ڪراچي کان اوڀر، قومي شاهراهه ڀرسان، ملير ضلعو | پٿر تي نقاشي ٿيل اسلامي دور جا مقبرا. |
| 13 | ڀوڏيسر جا مندر | ڀوڏيسر، ننگرپارڪر ڀرسان، ٿرپارڪر ضلعو | جين دور جا مندر؛ ماربل جي نفيس تعمير. |
| 14 | نگرپارڪر جا جين مندر | ڪارونجهر جبلن جو علائقو، ٿرپارڪر ضلعو | 14هين–15هين صدي جا جين مذهبي ماڳ. |
| 15 | سرج جي ٽڪري | روهڙي ٽڪريون، سکر ضلعو | قديم رهائشي ۽ مذهبي ماڳن جو مجموعو. |
| 16 | پير شاھ جڙيو | ڪيٽي بندر ڀرسان، سنڌو ڊيلٽا، ٺٽو ضلعو | قديم بندرگاهه ۽ واپاري مرڪز سان لاڳاپيل ماڳ. |
ٻوليون
سنڌي ٻولي
سنڌي ٻولي ڏکڻ ايشيا جي قديم ترين، زندهه ۽ مسلسل ارتقا ڪندڙ ٻولين مان هڪ آهي. هي ٻولي بنيادي طور تي سنڌ جي تاريخي خطي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ برادريون هندستان، وچ اوڀر، يورپ ۽ اتر آمريڪا تائين پکڙيل آهن. لسانياتي لحاظ کان سنڌي ٻولي هند-آريائي ٻولين جي اتر-اولهه شاخ سان تعلق رکي ٿي ۽ ان جو رشتو سڌو سنئون پراڪرتي ۽ اپڀرنس مرحلن سان جڙيل آهي. سنڌي ٻولي جي ارتقا جو سلسلو قديم هند-يورپي لساني خاندان تائين پهچي ٿو. آثار قديمه، لساني شواهد ۽ تاريخي متن اهو ظاهر ڪن ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جا ابتدائي روپ ويدڪ ۽ بعد ۾ پراڪرتي ٻولين سان رابطي ۾ رهيا. عرب دور (اٺين صدي عيسوي) ۾ سنڌي ٻولي اسلامي دنيا سان رابطو قائم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جو وڏو ذخيرو سنڌي ۾ شامل ٿيو. هي رابطو سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف لغوي طور مالا مال بڻايو، پر فڪري، فقهي ۽ ادبي ميدانن ۾ به وسعت عطا ڪئي. سنڌي ٻولي جي هڪ نمايان خصوصيت ان جو گهڻ رخي رسم الخط آهي. موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي بنيادي طور عربي-فارسي بنياد واري سنڌي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي، جيڪو اضافي نقطن ۽ اکرن سان مقامي آوازيات کي مڪمل نموني ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي ديوناگري ۽ ڪڏهن ڪڏهن خدابادي رسم الخط ۾ به لکي وڃي ٿي. هي گهڻ رسم الخط هجڻ سنڌي ٻوليءَ کي لسانياتي مطالعي جي لحاظ کان خاص اهميت عطا ڪري ٿو.
سنڌي ٻولي آوازيات جي حوالي سان ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان امير ٻولين مان هڪ آهي. سنڌي ۾ ٻهراڙي ۽ شهري لهجن سميت ڪيترائي صوتي فرق موجود آهن، جن ۾ امپلاسيو (implosive) آواز خاص طور تي نمايان آهن، جيڪي گهڻين هند-آريائي ٻولين ۾ ناياب آهن. صرفيات جي لحاظ کان سنڌي ٻولي اسم، فعل، صفت ۽ ضمير جي پيچيده پر منظم نظام تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ جنس، عدد ۽ حالت جا واضح اصول ملن ٿا.
سنڌي ٻولي جو نحوي ڍانچو بنيادي طور فاعل–مفعول–فعل (SOV) ترتيب تي ٻڌل آهي، جيڪو ان کي ٻين هند-آريائي ٻولين جهڙوڪ اردو ۽ هندي سان ويجهو رکي ٿو. بهرحال، سنڌي ٻوليءَ ۾ جملن جي لچڪدار جوڙجڪ ۽ معاون فعلن جو وسيع استعمال ان کي اظهار جي لحاظ کان گهڻو وسيع بڻائي ٿو.
سنڌي ٻولي جو لغوي ذخيرو مختلف تہذيبن جي گڏيل ورثي جو نتيجو آهي. ان ۾ سنسڪرتي، پراڪرتي، عربي، فارسي، ترڪي ۽ جديد دور ۾ انگريزي اثرات نمايان نظر اچن ٿا. هي گڏيل لغوي ورثو سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف مقامي پر بين الاقوامي فڪري وهڪرن سان به ڳنڍي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ انتهائي قديم ۽ وسيع آهي. صوفي شاعري، لوڪ ادب، داستانوي روايتون ۽ جديد نثر سنڌي ادب جا اهم ستون آهن. خاص طور تي صوفي شاعرن سنڌي ٻوليءَ کي فڪري اوچائي عطا ڪئي ۽ ان کي روحانيت، انسان دوستي ۽ سماجي انصاف جو ذريعو بڻايو. جديد دور ۾ ناول، افسانو، تنقيد ۽ صحافت سنڌي ادب کي نون رخن ڏانهن وڌايو آهي.
اڄ سنڌي ٻولي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آهي ۽ تعليمي، عدالتي ۽ انتظامي نظام ۾ استعمال ٿئي ٿي. جديد دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا، يونيڪوڊ معيار ۽ آن لائين مواد جي واڌ ويجهه سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح تي وڌيڪ رسائي ڏني آهي. ٻوليءَ جي معياري بڻائڻ، اصطلاحي ترقي ۽ تعليمي پاليسين ۾ انضمام لاءِ مختلف علمي ۽ سرڪاري ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.
سنڌي ٻولي صرف رابطي جو ذريعو نه پر هڪ تاريخي شعور، فڪري ورثي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو مظبوط مظھر آهي. ان جي لسانياتي بناوت، ادبي روايت ۽ تاريخي تسلسل سنڌي ٻوليءَ کي ڏکڻ ايشيا جي اهم ترين ٻولين مان هڪ بڻائين ٿا، جيڪا ماضي، حال ۽ مستقبل کي هڪ ئي وهڪري ۾ جوڙي ٿي.
اردو ٻولي
بلوچي ٻولي
سرائيڪي ٻولي
سنڌ ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻيون ٻوليون
سنڌي ٻولي اٿارٽي
سنڌي ٻولي اٿارٽي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. اٿارٽيءَ جو هڪ بورڊ آف گورنرس آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جي ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ سان گڏ، اٿارٽيءَ جي مقصدن لاءِ پاليسيون جوڙيندو رهندو آهي. هن اداري جو پهريون بورڊ آف گورنرس، سنڌ جي نامياري عالم ۽اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيو ويو هو. اٿارٽيءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن مقرر ڪيا ويا، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ استعداد سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو[153]
موئن جو دڙو
ڀنڀور
ڪوٽ ڏيجي وارا آثار
ڪاڻو جو دڙو
ننگر پارڪر وارو جين مندر
رني ڪوٽ
برھمڻ آباد جا آثار
بکر ۽ اروڙ وارا قلعا
حيدرآباد وارا قلعا
عمرڪوٽ وارو قلعو
عجائب گھر
مذھب
سنڌ ۾ عيسائيت
اهو چوڻ غلط آهي ته عيسائيت پهريون ڀيرو سنڌ ۾ انگريزن متعارف ڪرائي. حقيقت ۾ عيسائيت سنڌ ۾ ان کان گهڻو اڳ پهتي هئي، جڏهن اها اڃا برطانيا تائين به نه پهتي هئي. اسان جي موجوده عيسوي دور جي پهرين صديءَ ۾، حضرت عيسيٰؑ جي اصحابين مان هڪ، سينٽ ٿامس، هندستان آيو ۽ ٽيڪسيلا (راولپنڊي جي ويجهو) جي بادشاهه گونڊوفرس کي عيسائيت قبول ڪرائي، جيڪو ان وقت سنڌو ماٿريءَ جو حڪمران هو. اهڙي طرح، سنڌ وٽ هڪ عيسائي بادشاهه موجود هو، ان کان گهڻو اڳ، جڏهن برطانيا وٽ اهڙو ڪو بادشاهه نه هو. ان کان پوءِ، جڏهن عراق، ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهن عيسائيت اختيار ڪئي، ته اهي واپاري رستن ذريعي سنڌو ماٿريءَ ڏانهن سفر ڪرڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ عيسائين جي هڪ برادري وجود ۾ آئي. ان بابت ڪي اشارا ۽ ثبوت موجود آهن، پر پوءِ ايندڙ حملي آورن انهن ڪتبن ۽ يادگارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪي عيسائيت جي هن ابتدائي دور بابت وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪري سگهيا پئي[154]. بعد ۾ عيسائي ٻيهر سنڌ ڏانهن موٽي آيا. هي عمل ڪڏهن ٿيو، ان بابت پڪ سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ايترو ضرور معلوم آهي ته عيسائين لاءِ مذهبي عبادتون ڪرائڻ خاطر وقت بوقت ڪنهن پادريءَ جو سنڌ اچڻ ضروري هوندو هو. اهو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ انگريزن جي آمد کان ڪجهه سال اڳ تائين جاري رهيو. اهڙيءَ طرح اسان پڙهون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ 1810ع تائين آگسٽيني آرڊر سان تعلق رکندڙ هڪ ڪئٿولڪ پادري هن مقصد لاءِ ڪراچي ايندو رهيو. ان کان پوءِ 1840ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪ پادري مقرر ڪيو ويو، ۽ ان وقت کان وٺي سنڌ ۾ عيسائين جي مستقل موجودگي رهي آهي، جن جون پنهنجون گرجا گهر ۽ باقاعده مذهبي عبادتون ٿينديون رهيون آهن. انهن عيسائين سنڌ جي ترقيءَ ۾ خاص طور تعليم جي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو هنن تقريباً هڪ صدي اڳ شروع ڪيو[155].
اسلام جو ڦهلاء
محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان بعد هتي اسلام جي پرچار شروع ٿي وئي. اسلامي حڪومت ۾ سنڌ واسين سان سهڻو ورتاء ڪيو ويو.. هندن کي پنهنجي مذهب مطابق هلڻ جي مڪمل آزادي هئي. ساڻن هر قسم جون رعايتون ڏنيون ويون. جنهن ڪري ماڻهو مسلمانن کان متاثر ٿيندي اسلام قبول ڪرڻ لڳا.
حضرت عمر بن عبدالعزيز پنهنجي عهد خلافت ۾ هندو سردارن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلي، جنهن تي ڪيترائي هندو راجا مسلمان ٿيا. انهن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ راجا جيسيه به شامل هو.[156]
تعليم
سنڌ ۾ تعليم جو نظام مختلف وهڪرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سرڪاري، نجي، ديني، فني، غير رسمي ۽ اعليٰ تعليم شامل آهي. سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو هو جنهن 18هين آئيني ترميم کان پوءِ سنڌ فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013 نافذ ڪيو، جنهن تحت بنيادي تعليم کي قانوني حق تسليم ڪيو ويو. تعليم بابت قومي ۽ صوبائي سطح تي تاريخي طور تي پاليسيون ۽ منصوبا جوڙيا ويا آهن، پر ان جي باوجود تعليم جي ميدان ۾ وڏا چئلينج برقرار آهن[132]. سن 2015 تائين سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 12.7 ملين ٻار اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ هئا، جن مان 6.6 ملين (53٪) ٻار اسڪول کان ٻاهر هئا. سرڪاري تعليم بابت ڄاڻ ۽ تجزيو گهڻو ڪري حڪومت جي شايع ڪيل انگن اکرن تي ٻڌل آهي، جيڪي صوبي ۾ تعليم جي موجوده صورتحال کي واضح ڪن ٿا[132]. سنڌ ۾ سرڪاري تعليم جي ڍانچي ۾ سڀ کان وڏو حصو پرائمري تعليم جو آهي. صوبي ۾ ڪُل 45,447 اسڪول آهن، جن مان لڳ ڀڳ 90٪ پرائمري سطح جا آهن. پرائمري تعليم ۾ داخلا سڀ کان وڌيڪ آهي، ۽ 2015–16 ۾ ايڊجسٽڊ نيٽ انرولمينٽ ريٽ 77٪ هو، جڏهن ته 23٪ ٻار اسڪول کان ٻاهر هئا. 1970–71 کان 2015–16 تائين پرائمري ادارن جو تعداد 310٪ وڌيو، جڏهن ته داخلا ۾ 192٪ واڌ ٿي. سنڌ ملڪ جي ڪُل پرائمري داخلا جو لڳ ڀڳ 22٪ حصو رکي ٿي[132]. پرائمري کان پوءِ وچولي (مڊل) تعليم ۾ داخلا نمايان گهٽجي وڃي ٿي. 2015–16 ۾ وچولي سطح جو ايڊجسٽڊ نيٽ انرولمينٽ ريٽ 49٪ هو. صوبي ۾ لڳ ڀڳ 41,131 پرائمري اسڪولن جي مقابلي ۾ صرف 2,329 وچولي اسڪول موجود آهن، جنهن سبب پرائمري کان پوءِ شاگردن جي منتقلي ۾ وڏي رڪاوٽ سامهون اچي ٿي. 1970–71 کان 2015–16 تائين وچولي تعليم ۾ ادارن جو تعداد 327٪ ۽ داخلا 1686٪ وڌي، جڏهن ته سنڌ ملڪ جي وچولي تعليم ۾ داخلا جو 15٪ حصو رکي ٿي[132]. ثانوي تعليم (ميٽرڪ) ۾ ادارن جو تعداد 1970–71 کان 2015–16 تائين 205٪ وڌيو، جڏهن ته داخلا ۾ 66٪ واڌ ٿي. سنڌ ملڪ جي ثانوي تعليم جي داخلا جو 17٪ حصو رکي ٿي. ڪاليجن جي سطح تي ادارن ۾ 109٪ ۽ داخلا ۾ 509٪ واڌ ٿي، جڏهن ته اعليٰ ثانوي تعليم ۾ سنڌ جو قومي حصو 27٪ آهي. يونيورسٽي تعليم ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. 1970–71 کان 2015–16 تائين سنڌ ۾ يونيورسٽين جو تعداد 2 کان وڌي 17 ٿيو، جيڪا 750٪ واڌ آهي، جڏهن ته داخلا ۾ 4247٪ اضافو ٿيو. اعليٰ تعليم ۾ داخلا خاص طور سن 2000 کان پوءِ تيزيءَ سان وڌي آهي[132]. سرڪاري اسڪولن ۾ سکيا جي معيار بابت انگ اکر ٻڌائن ٿا ته سنڌ ۾ 9,499 هڪ ڪمري وارا اسڪول ۽ 18,293 هڪ استاد وارا اسڪول موجود آهن، جتي هڪ استاد کي ڪيترن درجن يا جماعتن کي پڙهائڻو پوي ٿو. بنيادي سهولتن جي کوٽ پڻ نمايان آهي: لڳ ڀڳ 50٪ اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي، 46٪ ۾ ٽوائلٽ، 41٪ ۾ بائونڊري وال، ۽ 63٪ ۾ بجلي موجود ناهي[132]. شاگرد-استاد تناسب ۾ به علائقائي فرق موجود آهي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ اهو تناسب 1:30 آهي، جڏهن ته شهري علائقن ۾ 1:20 آهي. ڪجهھ ضلعن جهڙوڪ گھوٽڪي ۾ اهو تناسب 1:37 تائين پهچي ٿو. نجي تعليم ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. ملڪ جي ڪُل داخلا جو لڳ ڀڳ 40٪ نجي اسڪولن ۾ آهي، يعني هر ٽن مان هڪ ٻار نجي اسڪول ۾ پڙهي ٿو. نجي اسڪولن ۾ داخلا شهري علائقن ۾ ڳوٺاڻن علائقن کان وڌيڪ آهي، ۽ گهٽ آمدني وارا گهراڻا به نجي اسڪولن کي ترجيح ڏين ٿا[132]. غير رسمي بنيادي تعليم ۽ بالغ خواندگي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن سن 2002 ۾ قائم ڪئي وئي، پر هن شعبي لاءِ مڪمل پاليسي ۽ نئون نصاب موجود ناهي. فني ۽ ووڪيشنل تعليم ۾ ادارن جو تعداد 1970–71 کان 2015–16 تائين 1446٪ ۽ داخلا 1484٪ وڌي. سنڌ ملڪ جي فني ۽ ووڪيشنل ادارن جو 16٪ ۽ داخلا جو 25٪ حصو رکي ٿي[132]. ديني مدرسن جو وڏو حصو رياستي ضابطن کان ٻاهر آهي. ڪيترائي والدين پنهنجن ٻارن کي مدرسن ۾ موڪلين ٿا، جتي تعليم، رهائش ۽ خوراڪ مفت مهيا ڪئي وڃي ٿي[132]. تعليمي پاليسين جي حوالي سان، پاڪستان ۾ 1947 کان وٺي ڪيترائي قومي تعليمي منصوبا ۽ پاليسيون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ يونيورسل پرائمري ايجوڪيشن جا هدف بار بار مقرر ۽ تبديل ڪيا ويا. بهرحال، پاليسي عملدرآمد هميشه هڪ وڏو چئلينج رهيو آهي. تعليمي بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ 88٪ خرچ بار بار ٿيندڙ (ريڪرنٽ) خرچن تي آهي، جڏهن ته ترقياتي خرچن لاءِ محدود وسيلا بچن ٿا[132].
سنڌ جون سرڪاري (گورنمينٽ) يونيورسٽيون
سنڌ جون خانگي يونيورسٽيون
سنڌ جون خانگي (پرائيويٽ) يونيورسٽيون
اسڪول جا ڄار
تحقيقي ادارا
سنڌي ادبي بورڊ
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
سنڌ جا فني ادارا
سنڌ جا زرعي تحقيقاتي ادارا
سنڌ جا تعليمي بورڊ
صحت
سنڌ ۾ صحت سان لاڳاپيل اهم اشاريَ عالمي ۽ قومي هدفن جي ڀيٽ ۾ پوئتي نظر اچن ٿا. 2015ع ۾ سنڌ ۾ ٻارڙن جي موت جي شرح 1,000 زنده ڄمڻ تي 82 هئي، جڏهن ته ملينيم ڊولپمينٽ گول (MDG) جو هدف 52 هو. ساڳئي سال، ماءُ جي موت جي شرح (Maternal Mortality Ratio) 100,000 زنده ڄمڻ تي 214 هئي، جيڪا قومي سراسري 178 کان وڌيڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن (SDGs) جي مقرر ڪيل حد 70 کان ڪافي مٿي هئي. پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي موت جي شرح سنڌ ۾ 1,000 ڄمڻ تي 105 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته SDG جو هدف 25 ۽ MDG جو 40 هو[132]. صحت جي سهولتن جي لحاظ کان، سنڌ ۾ في 1,000 آبادي تي ڊاڪٽرن جو انگ 0.59، نرسن ۽ دائين جو 2.8، ۽ اسپتالن جو 1.7 هو. مڪمل حفاظتي ٽيڪنڪاري (Full Immunization) جي شرح رڳو 35 سيڪڙو هئي، جڏهن ته خانداني منصوبه بندي لاءِ ضد حمل طريقن جي استعمال جي شرح 2014ع ۾ 29 سيڪڙو هئي، جيڪا MDG جي هدف 55 کان گهڻو گهٽ هئي. پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ مليريا جي علاج ۾ ACT استعمال جي شرح 15.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي[132].
سرڪاري صحت جو ڍانچو
سنڌ ۾ صحت جي سرڪاري نظام ۾ بنيادي، ثانوي ۽ ثالثي سطحن تي سهولتون موجود آهن. 2005–06ع کان 2015–16ع تائين صحت تي خرچ PKR 8.2 ارب مان وڌي PKR 48.4 ارب تائين پهتو، جيڪو لڳ ڀڳ 490 سيڪڙو اضافو هو. جڏهن ته 1970–71ع ۾ صحت جو ڪل بجيٽ PKR 53.425 ملين هو، جيڪو 2015–16ع ۾ وڌي PKR 66,503.90 ملين تائين پهتو[132]. اسپتالن جي استعمال جي شرح سنڌ ۾ 22 سيڪڙو هئي، جيڪا قومي سطح تي 29 سيڪڙو سان ڀيٽ ۾ گهٽ هئي. 1970ع ۾ سنڌ ۾ رڳو 2 تدريسي اسپتالون هيون، جن ۾ 1,775 بسترا موجود هئا؛ 2015ع تائين اهي وڌي 7 ٿي ويون، جن ۾ 6,017 بسترا هئا. اهڙي طرح، اسپتالن ۽ بسترن ۾ نمايان اضافو ٿيو. ڊسپينسرين جو انگ 1970ع ۾ 44 مان وڌي 2015ع ۾ 865 ٿيو، جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽرز 19 مان وڌي 129 ٿي ويا. ٽي بي ڪلينڪن جو انگ 9 مان وڌي 187 ٿيو. بنيادي صحت يونٽ، جيڪي 1985ع ۾ 33 هئا، 2015ع ۾ 798 تائين پهچي ويا. ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪزن جو انگ 2000ع ۾ 36 هو، جيڪو 2015ع ۾ 94 ٿي ويو[132].
صحت جي انساني وسيلا
2011ع کان 2016ع تائين آبادي في ڊاڪٽر جو تناسب 3,017 مان وڌي 3,159 ٿيو، جڏهن ته آبادي في نرس جو تناسب 11,413 مان وڌي 12,441 ٿيو. ساڳئي عرصي دوران، آبادي في بستر جو تناسب 1,406 مان وڌي 1,455 ٿيو. سرڪاري شعبي ۾ ڊاڪٽرن جو انگ 1975ع ۾ 926 هو، جيڪو 2015ع ۾ وڌي 7,990 ٿيو. نرسن جو انگ 415 مان وڌي 1,630 ٿيو، جڏهن ته ليڊي هيلٿ وزيٽر ٽيڪنيشن 107 مان وڌي 786 ٿي ويا. صحت ٽيڪنيشنن جو انگ 1975ع ۾ 95 هو، جيڪو 2000ع تائين وڌي 1,369 ٿيو[132].
نجي شعبو ۽ خيراتي ادارا
سنڌ ۾ صحت جون گهڻيون سهولتون سرڪاري شعبي ۾ آهن، جڏهن ته شهري علائقن ۾ نجي صحت جون سهولتون پڻ موجود آهن، جيڪي عام طور مهانگيون آهن. سرڪاري نظام جي ڪمزورين سبب نجي صحت جو شعبو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان خال کي ڀرڻ لاءِ خيراتي ادارا ۽ غير سرڪاري تنظيمون، جهڙوڪ ايڌي، امان فائونڊيشن، SIUT، انڊس هيلٿ ۽ LRBT، صحت جون خدمتون فراهم ڪري رهيون آهن. بهرحال، انهن خدمتن کي ڊگهي مدي وارا ۽ پائيدار حل نه سمجهيو وڃي ٿو. صوبي ۾ نجي ميڊيڪل ڪاليجن جو انگ وڌيو آهي، پر تعليم ۽ تربيت جي معيار بابت خدشا برقرار آهن[132].
ڍانچي وارا مسئلا ۽ رسائي جون رڪاوٽون
سرڪاري صحت جي سهولتن جي گهٽ استعمال جا اهم سبب صحت مرڪزن تائين رسائي، سهولتن جي کوٽ، دوائن جي اڻهوند ۽ عملي جو غير مناسب رويو آهن. سنڌ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهن صحت مرڪزن جي دوري کي گهڻو پري هجڻ سبب استعمال کان پاسو ڪيو، جڏهن ته پنجاب ۾ اهو انگ 30 سيڪڙو هو. دوائن جي کوٽ بابت شڪايتون سنڌ ۾ 12 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 15 سيڪڙو رڪارڊ ڪيون ويون. بنيادي صحت مرڪزن جي گهٽ استعمال سبب ثالثي سطح جي اسپتالن تي وڌيڪ بار پوي ٿو، جنهن سان انهن جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي[132].
هيلٿ ورڪرز، عورتن جو ڪردار ۽ روڪٿام
ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام 1994ع ۾ شروع ٿيو، جنهن جو مقصد ڳوٺاڻين عورتن کي صحت، حمل، ولادت، ٻار جي سنڀال ۽ ڄمڻ جي وقفي بابت آگاهي مهيا ڪرڻ هو. 2014ع ۾ 15–49 ورهين جي عورتن مان 52.3 سيڪڙو کي گذريل ٽن مهينن دوران ليڊي هيلٿ ورڪرز جو دورو ٿيو، جڏهن ته MDG جو هدف 100 سيڪڙو هو. هن پروگرام جي ڪوريج 20 کان 43 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي آهي. عورتن جي تعليم ۽ بااختياري کي خانداني منصوبه بندي ۽ ٻارن جي صحت سان سڌي طرح لاڳاپيل سمجهيو وڃي ٿو[132].
بيمارين جي روڪٿام ۽ خاص علائقا
سنڌ ۾ تپ دق (TB) جي سڃاڻپ جي شرح سراسري طور 57 سيڪڙو آهي، جيڪا قومي سراسري کان بهتر آهي. 2008–09ع کان 2011–12ع دوران هيپاٽائٽس ڪنٽرول پروگرام تحت 4.572 ملين ماڻهن کي ٽيڪا لڳايا ويا، جن مان 0.75 ملين ٻار هئا، ۽ لڳ ڀڳ 93,664 مريضن جو علاج ڪيو ويو. ان عرصي ۾ 43 خصوصي يونٽ قائم ڪيا ويا ۽ 2,800 صحت عملي کي تربيت ڏني وئي[157]. 2007ع ۾ پبلڪ-پرائيويٽ هيلٿ انيشيئيٽو (PPHI) شروع ٿيو، جيڪو 21 ضلعن ۾ 1,135 صحت مرڪزن کي منظم ڪري ٿو[132]. ٿر ضلعو سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ صحت جي دٻاءَ هيٺ علائقو قرار ڏنو وڃي ٿو، جتي پاڻيءَ جي کوٽ، خوراڪ جي گهٽتائي، خراب صفائي، بيمارين جي آگاهي جي کوٽ ۽ غذائي قلت جا مسئلا موجود آهن. پاڻيءَ جي کوٽ کي بنيادي سبب سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سان ڊائريا، مليريا، ساھ جي بيمارين ۽ غذائي کوٽ ۾ اضافو ٿئي ٿو. غذائي بحران کان پوءِ، عالمي ادارن جهڙوڪ WHO، WFP ۽ UNICEF مداخلت ڪئي، جنهن سان DHQ مٺي ۾ غذائي بحالي مرڪز قائم ٿيو، جتي داخل ٿيل ٻارن مان اڪثريت صحتياب ٿي. بهرحال، انتهائي متاثر علائقن ۾ غذائي سپليمنٽس جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي ٿو[132].
سنڌ جي اسپتالن جي فھرست
سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين جي فھرست
سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن جي فھرست
سنڌ جي ذھني مريضن جي ادارن جي فھرست
سنڌ جو صحت کاتو
سنڌ جا بنيادي صحت مرڪز
صحت جو قانوني شعبو
سنڌ جو پوليو پروگرام
محنت ۽ روزگار
ليبر فورس سروي 2014–15 مطابق، پاڪستان ۾ ڪُل ليبر فورس جو اندازو 57.42 ملين ماڻهن تي ٻڌل هو، جڏهن ته سنڌ ۾ ليبر فورس 13.65 ملين هئي. 1990ع کان 2014ع تائين پاڪستان ۾ ليبر فورس ۾ شرڪت جي شرح (Labour Force Participation Rate) رڳو معمولي طور وڌي 43.2 سيڪڙو مان 45.2 سيڪڙو تائين پهتي، جڏهن ته هن عرصي دوران سراسري شرح لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو رهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آبادي جو وڏو حصو معاشي سرگرمين ۾ شامل نه رهيو آهي[132].
عورتن جي محنتي شرڪت ۽ صنفي فرق
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ محنتي مارڪيٽ ۾ عورتن جي شرڪت گهٽ هجڻ کي مجموعي طور گهٽ ليبر فورس شرڪت جو اهم سبب سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ شهري علائقن ۾ عورتن جي محنتي شرڪت لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ اها شرح 28.8 سيڪڙو هئي. ڳوٺاڻين عورتن جو وڏو حصو خانداني زراعت ۾ بغير اجرت ڪم ڪري ٿو، جنهن جو معاشي پيداوار ۾ حصو محدود رهي ٿو[132]. سنڌ کي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ شهري صوبو هجڻ باوجود عورتن جي روزگار جي گهٽ شرح سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته وقت سان گڏ مجموعي طور عورتن جي روزگار ۾ واڌ جو رجحان پڻ ڏٺو ويو آهي[132].
بيروزگاري، گهٽ روزگاري ۽ نوجوان آبادي
سنڌ ۾ گذريل لڳ ڀڳ 25 سالن دوران بيروزگاري جي شرح لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو رهي آهي. نوجوانن، خاص طور 15 کان 25 ورهين جي عمر واري گروهه ۾ بيروزگاري جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، جيڪا شهري علائقن ۾ ڳوٺاڻن علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي[132]. هن عمر واري گروهه جو وڏو حصو يا ته خاندان تي دارومدار رکي ٿو يا جزوقتي ڪم ڪري ٿو، جيڪو سرڪاري بيروزگاري جي انگن ۾ مڪمل طور ظاهر نٿو ٿئي. گهٽ روزگاري (Underemployment) پڻ نمايان آهي، جتي 15 کان 44 ورهين جي آبادي جو وڏو حصو جزوقتي ڪم يا تازو تعليم مڪمل ڪندڙن تي مشتمل آهي[132]. شعبي وار روزگار ۽ پيشورانه ڍانچي ۾ تبديلي گذريل ڏهن کان پندرهن سالن دوران پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پيشورانه ڍانچي ۾ تبديلي آئي آهي. ماهرن، مينيجرن، ٽيڪنيشنن ۽ لاڳاپيل پيشاورن جو حصو 6 سيڪڙو مان وڌي لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو ٿيو آهي. سنڌ ۾ غير زرعي شعبي، خاص طور صنعتي ۽ خدمتي (Tertiary) سرگرمين ۾ روزگار نمايان طور وڌيو آهي. ان جي نتيجي ۾ زراعت ۾ روزگار جو حصو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو مان گهٽجي 40 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي[132].
غير رسمي معيشت ۽ شعبي وار ورڇ
پاڪستان ۾ غير رسمي شعبو ڪُل روزگار جو لڳ ڀڳ ٽي چوٿين حصو مهيا ڪري ٿو. سنڌ ۾ غير رسمي شعبي ۾ روزگار 17 سالن دوران 55.2 سيڪڙو مان وڌي 66.4 سيڪڙو تائين پهتو، جنهن سبب دستاويزي کوٽ ۽ سرڪاري آمدني ۾ نقصان جو خدشو وڌيو. 2015ع تائين سنڌ ۾ ٽئين نمبر تي وڏو روزگار مهيا ڪندڙ شعبو هول سيل ۽ پرچون واپار ۽ هوٽلن جو شعبو هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 15.8 سيڪڙو ماڻهو ڪم ڪندا هئا. هي شرح 1990ع کان 2015ع تائين لڳ ڀڳ ساڳي رهي، جيتوڻيڪ عملي طور هن شعبي ۾ واڌ ڏٺي وئي[132].
لڏپلاڻ، اجرتون ۽ پورھئي جي عدم مساوات
سنڌ ملڪ اندر ڳوٺاڻن کان شهري علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ۾ ٻئي نمبر تي آهي، جتي 2015ع ۾ لڳ ڀڳ 32 سيڪڙو آبادي صوبي اندر لڏي آئي. اجرتن جي حوالي سان، گذريل پنجن سالن دوران مينيجرن، ٽيڪنيڪل ماهرن ۽ ڪلارڪي عملي جي اجرتن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي، جڏهن ته وڪري، خدمتن، ماهر زراعت، ٻيلن، مشين هلائيندڙن ۽ گهٽ پڙهيل عملي جي اجرتن ۾ واڌ 30 سيڪڙو کان گهٽ رهي. حقيقي اجرتن جي واڌ کي غربت گهٽائڻ سان لاڳاپيل سمجهيو وڃي ٿو[132].
جبري پورھيو ۽ قانوني صورتحال
جبري پورهيو پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ موجود آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ان جو ڪيس وڌيڪ نمايان قرار ڏنو وڃي ٿو، جتي جاگيرداري نظام جو اثر ڳوٺاڻن علائقن ۾ مضبوط رهيو آهي[132]. زمين کان محروم هاري ۽ سندن خاندان، خاص طور عورتون، سماجي ۽ معاشي استحصال جو شڪار ٿين ٿيون. سنڌ اسيمبلي 2015ع ۾ بندهه محنت خلاف خاص قانون منظور ڪيو، پر ان جي عملدرآمد بابت چئلينجز برقرار آهن. تعليم، مهارتون ۽ روزگار سان لاڳاپيل رجحان نوجوان بيروزگاري گهٽائڻ لاءِ تعليمي نصاب کي روزگار ڏيندڙن جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ته جيئن مارڪيٽ لاءِ قابلِ استعمال مهارتون پيدا ٿين[132]. ان سان گڏ، عورتن جي محنتي شرڪت بابت جامع حڪمتِ عملي ۽ صنفي لحاظ کان مخصوص پروگرامنگ جي کوٽ کي نمايان ڪيو ويو آهي. سرڪاري شعبي ۾ عورتن جي ڪوٽا 5 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جهڙن قدمن جي امڪاني اثرن بابت به محدود شمارياتي جائزو موجود آهي[132].
سنڌ جون ٽريڊ يونين تنظيمون
سنڌ جي ليبر قانونن جي فھرست
سنڌ جون ايمپلائير تنظيمون
سنڌ جي سوشل سيڪيورٽي ادارن جي فھرست
غربت ۽ عدم مساوات
سنڌ کي پاڪستان جي غريب ترين صوبن مان هڪ قرار ڏنو وڃي ٿو، جتي لڳ ڀڳ هر ڏهن مان چار ماڻهو ملٽي ڊائيمينشنل پوورٽي انڊيڪس (MPI) تحت محروميءَ جو شڪار آهن. پاڪستان جي اٺن ملينيم ڊولپمينٽ گولز مان غربت گهٽائڻ اهو واحد هدف هو، جنهن ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي حاصل ٿي، پر رفتار سست رهي. 1960ع کان 2000ع تائين شهري غربت ۾ گهٽتائي ڳوٺاڻن علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي، جڏهن ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ تيز معاشي واڌ سبب غربت ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. غربت جي ماپ جا طريقا وقت سان گڏ تبديل ٿيا آهن، ڇو ته انساني ضرورتن جا نمونا به بدلجندا رهيا آهن[132]. عالمي بينڪ ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري (UNDP) غربت جي اهڙي لڪير متعارف ڪرائي آهي، جيڪا بنيادي خوراڪ (ڪيلوري) ۽ بنيادي سهولتن جي قيمت تي ٻڌل آهي ۽ مهانگائي کي به حساب ۾ آڻي ٿي. انهن اندازن موجب، 2013ع ۾ پاڪستان جي لڳ ڀڳ 29.5 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هئي، جيڪا 2017–18ع ۾ گهٽجي 24.3 سيڪڙو تائين پهتي[132].
سنڌ ۾ غربت جي سطح ۽ علائقائي تفاوت
اندازن موجب سنڌ جي لڳ ڀڳ 43 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ رهي ٿي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ شديد غربت جي شرح گهڻي وڌيڪ آهي[132]. گذريل ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ غربت جي هيڊ ڪائونٽ ريشو لڳ ڀڳ 57 سيڪڙو مان گهٽجي 43 سيڪڙو تائين آيو آهي، پر ان جي باوجود عدم مساوات هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. جني (Gini) ڪوئفشنٽ سنڌ ۾ غريب ۽ غير غريب آبادي وچ ۾ وڏي فرق جي نشاندهي ڪري ٿو[132]. صوبي جي ڏاکڻين ضلعن، خاص طور ٿرپارڪر، سجاول ۽ عمرڪوٽ ۾ غربت جي شرح انتهائي بلند رهي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد نسبتاً بهتر صورتحال رکن ٿا. انهن علائقن ۾ تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي خدمتن جي گهٽ فراهمي کي انساني ترقي جي گهٽ سطح سان ڳنڍيو وڃي ٿو[132].
انساني ترقي (HDI) ۽ صوبائي ڀيٽ
انساني ترقياتي انڊيڪس (HDI) جي حوالي سان سنڌ جي ڪارڪردگي پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي آهي. سنڌ جو HDI لڳ ڀڳ 0.64 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب جو HDI لڳ ڀڳ 0.73 آهي. رپورٽن موجب، 2001ع کان 2014ع تائين سنڌ ۾ HDI جي واڌ جي رفتار گهٽ رهي، جنهن جا سبب قانون ۽ امن جي صورتحال، ڪمزور حڪمراني ۽ وسيلا ورڇ جي ترجيحن سان لاڳاپيل بيان ڪيا ويا آهن[132].
آمدني ۽ واپرائڻ ۾ عدم مساوات
پاڪستان ۾ آمدني جي عدم مساوات نمايان رهي آهي. 2013ع ۾ ملڪ جي مٿين 20 سيڪڙو آبادي ڪُل آمدني جو لڳ ڀڳ 40.3 سيڪڙو حاصل ڪيو، جڏهن ته هيٺين 20 سيڪڙو آبادي جو حصو رڳو 9.3 سيڪڙو هو. آمدني جي ورڇ وقت سان گڏ بدلجندي رهي آهي، ۽ 1969–70ع ۾ جني انڊيڪس ۽ آمدني جي فرق نسبتاً گهٽ سطح تي رهيا، جيتوڻيڪ ان دور ۾ معاشي واڌ تيز هئي. سنڌ ۾ آمدني جي ورڇ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مختلف رهي آهي[132]. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 37 سيڪڙو آبادي مٿين 20 سيڪڙو آمدني واري گروهه ۾ شامل آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اهو حصو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان جي ابتڙ، سنڌ ۾ هيٺين 20 سيڪڙو گروهه جو حصو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو آهي، جيڪو ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محرومي ڏيکاري ٿو[132].
واپرائڻ جا نمونا ۽ شهري-ڳوٺاڻو فرق
2011–12ع ۾ سنڌ ۾ واپرائڻ جي عدم مساوات پنهنجي بلند ترين سطح تي پهتي، جتي مٿين 20 سيڪڙو آبادي ڪُل واپرائڻ جو لڳ ڀڳ 43 سيڪڙو خرچ ڪيو، جڏهن ته هيٺين 20 سيڪڙو آبادي جو حصو لڳ ڀڳ 9 سيڪڙو رهيو[132]. هڪ اهم مشاهدو اهو به آهي ته سنڌ جي هيٺين آمدني وارن طبقن جو واپرائڻ ڪڏهن ڪڏهن سندن آمدني کان وڌيڪ رهيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي روزمره ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ قرض تي ڀاڙين ٿا[132]. شهري علائقن ۾، جتي رهائش ۽ بنيادي ضرورتن جي قيمت وڌيڪ آهي، آمدني ۽ واپرائڻ وچ ۾ فرق ڳوٺاڻن علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو[132].
في فرد آمدني ۽ علائقائي فرق
2011–12ع ۾ سنڌ جي في فرد سالياني آمدني جو اندازو لڳ ڀڳ 119,724 رپيا لڳايو ويو، جيڪو قومي سراسري ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو. ان جو وڏو سبب ڪراچي جي معاشي حيثيت آهي، ڇو ته اهو ملڪ جو وڏو واپاري ۽ بندرگاهي مرڪز آهي. ڪراچي جي في فرد آمدني قومي سراسري جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بيان ڪئي وئي آهي. البت، مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ذريعن ۾ في فرد آمدني جي انگن ۾ فرق پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو[132].
گهريلو جوڙجڪ، پاڻي ۽ وسيلن تائين رسائي
سنڌ ۾ سراسري طور هڪ گهر ۾ لڳ ڀڳ ڇهه ماڻهو رهن ٿا، جڏهن ته آمدني حاصل ڪندڙ فردن جو تعداد عام طور ٻن جي لڳ ڀڳ آهي. وڌيڪ انحصار ڪندڙن ۽ گهٽ آمدني سبب غربت جا اشاري وڌيل رهن ٿا[132]. ملڪ جي تازي سروي موجب پاڪستان جي رڳو چوٿين آبادي کي نلڪي جو پاڻي ميسر آهي. سنڌ جي شهري علائقن ۾ لڳ ڀڳ 69 سيڪڙو آبادي کي نلڪي جو پاڻي حاصل آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ 63 سيڪڙو آبادي هٿ پمپن تان پاڻي حاصل ڪري ٿي[132].
زرعي شعبي ۽ سماجي خرچن سان لاڳاپيل رجحان
زرعي شعبي سان لاڳاپيل گروهن ۾ غربت جي شرح ٻين پيشاورانه گروهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهي آهي، ۽ 1980ع کان 2005ع تائين هن شعبي ۾ غربت هيڊ ڪائونٽ ريشو وڌيو. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ سماجي شعبي، جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ پاڻي و صفائي تي سرڪاري خرچن جا انگ موجود آهن، پر انهن خرچن جي اثرن بابت مختلف تجزيا ڪيا ويا آهن. مجموعي طور، سنڌ ۾ غربت ۽ عدم مساوات جا اشاري علائقائي تفاوت، آمدني جي غيربرابري ۽ انساني ترقي جي گهٽ سطح کي ظاهر ڪن ٿا[132].
آمدورفت جا ذريعا
سنڌ جي قومي شاھراھن جي فھرست
سنڌ جي مشھور روڊن جي فھرست
سنڌ جون ريلوي نظام
سنڌ جي ريلوي اسٽيشنن فھرست
سنڌ جي سرڪاري روڊ ٽرانسپورٽ جي فھرست
سنڌ جي نجي شعبي واري روڊ ٽرانسپورٽ جي فھرست
سنڌ جا ٽرانسپورٽ وارا سرڪاري ادارا
سنڌ جون ايئرلائينز
سنڌ جا آبي رستا
سنڌ جي ھوائي اڏن جي فھرست ا
سنڌ ۾ گاڏين جي رجسٽريشن
سنڌ ۾ ٻيڙين جي رجسٽريشن
سنڌ ۾ ھلندڙ ٽرينن جي فھرست
سنڌ ۾ مال جي ٽرانسپورٽ
سياحت
سنڌ جي تاريخي ماڳن جي فھرست
سنڌ جي تفريحي ماڳن جي فھرست
سنڌ جا سامونڊي بيچ
سنڌ جي تفريحي ريزارٽن جي فھرست
سنڌ جي مشھور ھوٽلن جي فھرست
سنڌ جي ريسٽ ھائوسن جي فھرست
سنڌ جي سرڪٽ ھائوسن جي فھرست
سنڌ جي ثقافتي مرڪزن جي فھرست
سنڌ جي شڪارگاھن جي فھرست
سنڌ جي واٽر پارڪن جي فھرست
سنڌ جي مشھور مسجدن جي فھرست
سنڌ جي شاھي محلن جي فھرست
رانديون
ڪرڪيٽ
فٽ بال
باڪسنگ
ھاڪي
ملھ
والي بال
سنوڪر
ٻيون رانديون
سنڌ جي راندين واري اسٽيڊيمن جي فھرست
سنڌ جا راندين جا ڪامپليڪس
سنڌ گيمز
سنڌ جي راندين جون صوبائي ٽيمون
سنڌ جي رانديگرن جي فھرست
سنڌ جا کاڌا
سنڌ جا روايتي کاڌا
سنڌ جون مٺايون
سنڌ جا مشروب
سنڌ ۾ پلي جا ڊش
سنڌ جي کاڌن جي فھرست
فوجي ڇانوڻيون
سنڌ جي فوجي ڇانوڻين جي فھرست
- ڪراچي جي صدر ڇانوڻي
- ٻولھڙي ايئر بيس ۽ ڇانوڻي
- فيصل ايئر بيس ڇانوڻي
- ڪورنگي واري ڇانوڻي
- پنوعاقل فوجي ڇانوڻي
- حيدرآباد صدر ڇانوڻي
سنڌ جون منسوخ ٿيل فوجي ڇانوڻيون
- سکر جي صدر ڇانوڻي
- شڪارپور جي صدر ڇانوڻي
نشرياتي ادارا ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن
مشھور شخصيتون
سياستدانن جي فھرست
مؤرخن جي فھرست
| نمبر | نالو | سرگرميءَ جا سال | نمايان تصنيف |
|---|---|---|---|
| 1 | جي ايم سيد | 1940–1990 | سنڌوءَ جي ساڃاهه (ٻه جلد) |
| 2 | ڀيرومل مھرچند آڏواڻي | 1930– | قديم سنڌ؛ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ |
| 3 | |||
| 4 | |||
| 5 | |||
| 6 | |||
| 7 | |||
| 8 | |||
| 9 | |||
| 10 | |||
| 11 | |||
| 12 | |||
| 13 | |||
| 14 | |||
| 15 |
سائنسدانن جي فھرست
اديبن جي فھرست
ڳائڻن جي فھرست
اداڪارن جي فھرست
موسيقارن جي فھرست
عالمن جي فھرست
رانديگرن جي فھرست
تعليمي ماھرن جي فھرست
وڌيڪ ڏسو
- سنڌ (سلجھائپ)
- حڪومت سنڌ
- سنڌ جا شهر
- سنڌ صوبو (1936-55)
- سنڌ ڊويزن
- سنڌوديش
- سنڌو درياھ
- انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
- سنڌو رياست
- سنڌي ماڻهن جي فهرست
- سنڌ ۾ صوفي ازم
- منصوره
- موهن جو دڙو
- سنڌ جي مقبرن تي چٽسالي
- ديبل
- سنڌ ۾ جبلن تي قديم نقش نگاري
- سنڌو لکت
- سنڌي ادب
- سنڌباد ناکئا
- مهاجر صوبو
- ميرپور خاص جو برهما
- سنڌي لباس
- سنڌ جا ضلعا
ويب لنڪون
- [https://dsal.uchicago.edu/reference/gazetteer/ انڊيا جو امپيريل گزيٽيئر سڀئي جلد ريسرچ لاء ھتان پڙھي سگھجن ٿا
خارجي ڳنڍڻا
| سنڌ بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
| معني ڏسو وِڪِشنري تي | |
| تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
| تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي | |
| نيوز اسٽوريز وڪي نيوز تان | |
| چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
| سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان | |
| درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان | |
- سنڌ ٽرانسپورٽ کاتو
- حڪومت سنڌ آرڪائيو ڪيا ويا 2013-05-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- سنڌ بابت معلومات آرڪائيو ڪيا ويا 2012-04-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- سنڌ جي ضلعن جا نقشا
- سنڌ at Curlie
- ورلڊ اسٽيٽمين – پاڪستان – صوبو : سنڌ
حوالا
- ↑ "https://www.britannica.com/place/Sindh".
- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017", www.pbscensus.gov.pk, اصل کان 29 آگسٽ 2017 تي آرڪائيو ٿيل۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ Staff reporter (9 March 2014). "Sindh must exploit potential for fruit production". The Nation. The Nation, 2014. http://nation.com.pk/business/09-Mar-2014/sindh-must-exploit-potential-for-fruit-production. Retrieved 29 May 2015.
- ↑ Markhand, PhD, Ghulam Sarwar; Saud, Adila A., "Dates in Sindh", SALU Press, حاصل ڪيل 29 May 2015۔
- ↑ Editorial (3 September 2007). "How to grow Bananas". Dawn News,. Dawn News, 2007. http://www.dawn.com/news/264225/how-to-grow-bananas. Retrieved 29 May 2015.
- ↑ Tharparkar District Official Website – District Profile – Demography آرڪائيو ڪيا ويا March 21, 2012, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ {{Cite journal|last=KHALIDI|first=OMAR|date=1998-01-01|title=FROM TORRENT TO TRICKLE: INDIAN MUSLIM MIGRATION TO PAKISTAN, 1947—97|jstor=20837002|journal=Islamic Studies|volume=37|issue=3|pages=339–352}}
- ↑ Minahan, James (2002). Encyclopedia of the Stateless Nations: Ethnic and National Groups Around the World. 3. Greenwood. pp. 1277–78. ISBN 978-0-313-32111-5.
- ↑ "Properties inscribed on the World Heritage List (Pakistan)", UNESCO, UNESCO, حاصل ڪيل 14 July 2016۔
- ↑ Phiroze Vasunia 20136.
- ↑ ڪتاب: قديم سنڌ آرڪائيو ڪيا ويا 2018-05-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. از ڀيرومل مهرچند آڏواڻي؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ Choudhary Rahmat Ali (28 January 1933). Now or Never. Are we to live or perish forever?. http://en.wikisource.org/wiki/Now_or_Never;_Are_We_to_Live_or_Perish_Forever?.
- ↑ S. M. Ikram (1 January 1995). Indian Muslims and partition of India. Atlantic Publishers & Dist. pp. 177–. ISBN 978-81-7156-374-6. https://books.google.com/books?id=7q9EubOYZmwC&pg=PA177. Retrieved 23 December 2011.
- ↑ {ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر، ”سنڌ، هندستان جو دروازو ۽ ان جي ادبي قدامت“ (مضمون)، ٽماهي ”مهراڻ“، جلد 11، نمبر- 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1962ع، ص. 125}
- ↑ {williams, monier, sir, "a sanskrit dictionary", oxford, 1956, p. 1217.}
- ↑ {) Thornton, edward, op. cit. p. 199}
- ↑ {williams, monier, sir, "a sanskrit dictionary", oxford, 1956, p. 1217.}
- ↑ {ڪننگهام اليگزنڊر، ”سنڌ- هند جي قديم جاگرافي“، سنڌي ترجمو: عطامحمد ڀنڀرو، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع، ص. 266.}
- ↑ {آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1980ع، ص.46}
- ↑ {الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، نئون ڇاپو 2004ع، ص. 127.}
- ↑ {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ {ميمڻ سراج، ”سنڌي ٻولي“، حيدرآباد، سنڌ لئنگويج اٿارٽي، ٻيو ڇاپو 2009ع، ص. 63، 64.}
- ↑ {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ {سولنگي، محمد عرس ’اظهر‘، ”دادو ضلعو- هڪ اڀياس“ واڌارا، سڌارا، تصحيح ۽ مقدمو: دين محمد ڪلهوڙو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع، ص ٽ.}
- ↑ {Bryant, edwin and francis bryant, Edwin, "the quest for the origin of vedic-culture, the indo- Aryan migration debate", Newyork, Oxford university press, 2001, p. 320}
- ↑ {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ UNESCO World Heritage Centre – Mehrgarh (Tentative List)
- ↑ Dani, A.H., History of Pakistan, Vol. I, Oxford University Press
- ↑ Kenoyer, Jonathan Mark, Ancient Cities of the Indus Valley Civilization, Oxford, 1998
- ↑ Britannica, entry: Indus Valley Civilization
- ↑ Possehl, Gregory L., The Indus Civilization, Chapter on Demography
- ↑ Wright, Rita P., The Ancient Indus, Cambridge University Press, 2010
- ↑ Marshall, Sir John, Mohenjo-daro and the Indus Civilization, 1931
- ↑ UNESCO – Mohenjo-daro World Heritage Site
- ↑ Britannica, entry: Kot Diji Culture
- ↑ Dani, A.H., History of Pakistan, Vol. I (OUP)
- ↑ Wright, Rita P., The Ancient Indus, Cambridge University Press
- ↑ Possehl, Gregory L., The Indus Civilization, AltaMira Press
- ↑ Parpola, Asko, Deciphering the Indus Script
- ↑ Britannica, entry: Indus Script
- ↑ "Archaeological Ruins at Moanjodaro", The United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization (UNESCO) website, حاصل ڪيل 6 سيپٽمبر 2014۔
- ↑ Suhail Zaheer Lari, An Illustrated History of Sindh (1994, Karachi) p. 16, 17
- ↑ Edwin Bryant (2001). The Quest for the Origins of Vedic Culture. pp. 159–60.
- ↑ Derryl N. MacLean, Religion and Society in Arab Sind, p.63
- ↑ Raychaudhuri, Political History of Ancient India
- ↑ Derryl N. MacLean (1989)، Religion and Society in Arab Sind, ص.63
- ↑ Briant, Pierre, From Cyrus to Alexander
- ↑ Herodotus, Book III, Satrapy List
- 1 2 [ ڪتاب: سنڌ گهمندڙ سيلاني، سنڌي ادبي بورڊ]
- ↑ Behistun Inscription
- ↑ Dani, A.H., History of Pakistan, Vol. I
- ↑ Briant, From Cyrus to Alexander
- ↑ Herodotus, Histories, Book III
- ↑ Bosworth, The Persian Empire
- ↑ Yarshater, Iranian National History
- ↑ Encyclopaedia Iranica – Bahman
- ↑ Dani, A.H., History of Pakistan, Vol. I
- ↑ Cambridge History of Iran, Vol. II
- ↑ Pierre Briant, From Cyrus to Alexander
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Achaemenid Empire”
- ↑ Herodotus, Histories, Book III & VII
- ↑ Arrian, Anabasis of Alexander, Books IV–VI
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Alexander the Great”
- ↑ Cambridge History of Iran
- ↑ Britannica, “Seleucid Empire”
- ↑ Britannica, “Chandragupta Maurya”
- ↑ Justin, Epitome of Pompeius Trogus
- ↑ Strabo, Geography
- ↑ Romila Thapar, Ashoka and the Decline of the Mauryas
- ↑ Ashokan Rock Edicts
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Sunga dynasty”
- ↑ Romila Thapar, The Mauryas Revisited
- ↑ R. C. Majumdar, Ancient India
- ↑ Dani, History of Pakistan, Vol. I
- ↑ Bopearachchi, Monnaies Gréco-Bactriennes
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Demetrius I”
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Indo-Greek Kingdoms”
- ↑ A. K. Narain, The Indo-Greeks
- ↑ R. C. Majumdar, Ancient India
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Indo-Scythian”
- ↑ A. K. Narain, The Indo-Greeks
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Kushan Dynasty”
- ↑ Cambridge History of India
- ↑ John Beames (1970). A comparative grammar of the modern Aryan languages of India: to wit, Hindi, Panjabi, Sindhi, Gujarati, Marathi, Oriya and Bengali. Munshiram Manoharlal. https://books.google.com/books?id=wIddAAAAIAAJ. Retrieved 22 March 2011.
- ↑ which began about 127 CE. "Falk 2001, pp. 121–136", Falk (2001), pp. 121–136, Falk, Harry (2004), ص. 167–176 and Hill (2009), ص. 29, 33, 368–371.
- ↑ Encyclopaedia Iranica
- ↑ Romila Thapar, Early India
- ↑ . O. Skjærvø, Sasanian Coins in the Indus Region
- ↑ Dani, History of Pakistan
- ↑ Encyclopaedia Britannica, Hephthalites
- ↑ Romila Thapar, Early India
- ↑ R. C. Majumdar, Ancient India
- ↑ Richard Eaton, The Rise of Islam and the Bengal Frontier
- ↑ Romila Thapar, Early India
- ↑ Al-Baladhuri, Futūḥ al-Buldān
- ↑ Encyclopaedia Britannica, “Muhammad ibn Qasim”
- ↑ Chachnama
- ↑ Nicholas F. Gier, FROM MONGOLS TO MUGHALS: RELIGIOUS VIOLENCE IN INDIA 9TH-18TH CENTURIES, presented at the Pacific Northwest Regional Meeting American Academy of Religion, Gonzaga University, May 2006 . Retrieved 11 December 2006.
- ↑ Naik, C.D. (2010). Buddhism and Dalits: Social Philosophy and Traditions. Delhi: Kalpaz Publications. p. 32. ISBN 978-81-7835-792-8.
- ↑ Seidensticker, Tilman, "Abū ʿAṭāʾ al-Sindī – Brill Reference", Referenceworks.brillonline.com, حاصل ڪيل 03 آگسٽ 2012۔
- ↑ Hourani, Arab Seafaring
- ↑ A Hundred Horizons: The Indian Ocean in the Age of Global Empire – Sugata Bose – Google Books. Books.google.com.pk. 2004-12-26. https://books.google.com.pk/books?id=BPpZJDc6LIMC&pg=PA198&dq=nizami+on+sind&hl=en&sa=X&ei=PSIoT7mtCMaBOqa47ckC&ved=0CFUQ6AEwBg#v=onepage&q=nizami%20on%20sind&f=false. Retrieved 2012-08-03.
- ↑ Arshad Islam، History of Sindh During Pre-Mughal Period
- ↑ The Soomras of Sindh: their origin, main characteristics and rule.Dr. Habibullah Siddiqui
- ↑ "Data" (PDF), www.uok.edu.pk۔
- ↑ The Soomras of Sindh: their origin, main characteristics and rule.Dr. Habibullah Siddiqui
- ↑ Baloch, N. A. Dr.: Soomran-jo-Daur, Op. Lit. Pp. 120, 126.
- ↑ Two Minor Invasions Of Sindh* BY A.B. Advani, M.A.. LLB. (Read before the Sill(f Histmical Society 011 25th Septembe1; 7940.); SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 71 & 72; Edited by: Dr.Mubarak Ali
- ↑ Two Minor Invasions Of Sindh* BY A.B. Advani, M.A.. LLB. (Read before the Sill(f Histmical Society 011 25th Septembe1; 7940.); SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 72; Edited by: Dr.Mubarak Ali
- ↑ The English Missions Of 1808, 1809 & 1820 To Sind BY A.B. ADVANI, M.~., L.L.B. (Read 011 31st ;May, 1936)SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 79; Edited by: Dr.Mubarak Ali; Gautam Publishers 27-Temple Road Upper U.B.L Building Lahore
- ↑ The English Missions Of 1808, 1809 & 1820 To Sind BY A.B. ADVANI, M.~., L.L.B. (Read 011 31st May, 1936); SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 79; Edited by: Dr.Mubarak Ali;
- ↑ The English Missions Of 1808, 1809 & 1820 To Sind BY A.B. ADVANI, M.~., L.L.B. (Read 011 31st May, 1936); SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 80; Edited by: Dr.Mubarak Ali
- ↑ The English Missions Of 1808, 1809 & 1820 To Sind BY A.B. ADVANI, M.~., L.L.B. (Read 011 31st May, 1936); SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 86; Edited by: Dr.Mubarak Ali
- ↑ The English Missions Of 1808, 1809 & 1820 To Sind BY A.B. ADVANI, M.~., L.L.B. (Read 011 31st May, 1936); SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 86 & 87; Edited by: Dr.Mubarak Ali
- ↑ آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
- 1 2 3 4 مولانا گرامي صاحب سه ماھي مھراڻ 2- 1975 ص نمبر 210
- ↑ ڪتاب؛ سنڌ جي عالمن جا سونھري ڪارناما، ليکڪ؛ دادا سنڌي
- ↑ ڪتاب سماٽ ص نمبر 31
- ↑ ٽماهي مهراڻ اپريل - سيپٽمبر 1961ع
- ↑ تاريخ بلوچان هند صفحو نمبر 40
- ↑ ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري
- ↑ ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55
- ↑ گريٽر بلوچستان ۽ تاريخي حقيقتون! | Affair - افيئر, اصل کان 18 آڪٽوبر 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 ڊسمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ ڪتاب سماٽ ص نمبر 31
- ↑ ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ صفحو نمبر 579
- ↑ ٽماهي مهراڻ اپريل - سيپٽمبر 1961ع
- ↑ ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ صفحو نمبر 38
- ↑ تاريخ بلوچان هند صفحو نمبر 40
- ↑ تاريخ بلوچستان صفحو نمبر 16
- ↑ ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 The Economy Of Modern Sindh Opportunities Lost & Lessons for Future A detailed book Review by Research & Training Wing PRODUCED BY: RESEARCH & TRAINING WING PLANNING & DEVELOPMENT DEPARTMENT GOVERNMENT OF SINDH , page 5
- 1 2 3 4 5 منو تولارام گدواڻي--سنڌيت؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
- 1 2 3 4 5 6 "Wikipedia English". https://en.wikisource.org/wiki/1911_.
- 1 2 3 4 "[Encyclop%C3%A6dia_Britannica/Sind Wikipedia English]". Encyclop%C3%A6dia_Britannica/Sind.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedpakbs - 1 2 "https://ejatlas.org/conflict/karoonjhar-mountains-a-potential-granite-mine-by-al-sami-group".
- ↑ سنڌ جا قديم سڪا سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جا سڪا (قسط 2) -- عبداللہ ورياهه؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - ↑ Demography | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون
- ↑ "Pakistan Bureau of Statistics - 6th Population and Housing Census", www.pbscensus.gov.pk۔
- ↑ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو — Web Archive. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو (Sindhi Language Authority) سرڪاري ويب سائيٽ. رسائي تاريخ: 7 جنوري 2026.
- ↑ Did the British Introduce · Christianity into Sind By Rev. Achilles Meersman, O.F.M.; SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 99; Edited by: Dr.Mubarak Ali;
- ↑ Did the British Introduce · Christianity into Sind By Rev. Achilles Meersman, O.F.M.; SINDH OBSERVER Selection from the Jouunal of Sindh Historical Society; page 99 & 100; Edited by: Dr.Mubarak Ali;
- ↑ جنت السنڌ
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedاڪانامي
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- Wikipedia page with obscure country or subdivision
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- سانچا
- خالي يوآر ايل رکندڙ حوالن سان صفحا
- ڪرلي ڪڙين سان مضمون
- سنڌ
- پاڪستان
- پاڪستان جا صوبا
- پاڪستان جي جاگرافي
- ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي
- پاڪستان جي انتظامي ورهاست
- 1970ع ۾ ٺھيل ملڪ ۽ علائقا
- ايشيا ۾ ست ھزار ق.م جون قائمون
- ست ھزار ق.م جون گھڻ آباديءَ واريون جڳھون
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا