سنڌ ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ ڊويزن
برطانوي ھندستان جي ڊويزن

1843ع–1936ع

Flag of سنڌ ڊويزن

Flag

Location o سنڌ ڊويزن
Location o سنڌ ڊويزن
1909ع جو نقشو اترين بمبئي پريزيڊينسي ۽ سنڌ ڏيکاريندي
تاريخ
 -  مياڻي جي جنگ ۽ حيدرآباد جي جنگ ۾ مقامي حڪمرانن جي شڪست 1843ع
 -  سنڌ صوبي جي تخليق 1936ع

سنڌ ڊويزن (انگريزي: Sindh Division ) انگريزن 1843 م سنڌ تي گورنر مقرر ڪري راڄ شروع ڪيو ۽ سنڌ جو فاتح جنرل چارلس نيپيئر پھريون گورنر بڻيو پر جلد ئي برٽش انڊيا جي قبضي ۾ آيل سنڌ جي علائقي (جنھن ۾ رياست خيرپور شامل نہ ھئي) کي بمبئي پريزيڊنسي صوبي جو حصو بڻائي برٽش سنڌ کي ڊويزن جو درجو ڏئي ڪمشنر جي نگراني ھيٺ رکيو. ان وقت بمبئي پريزيڊنسي صوبو تمام وڏو ھيو جنھن م موجوده انڊيا جي رياست مھاراشٽر جو وڏو حصو، رياست گجرات شامل ھيا ۽ ان جون سرحدون موجوده سنڌ سان ڳنڍيل ھيون. اھڙي طرح برٽش سنڌ پڻ انھن رياستن سميت بمبئي پريزيڊنسي جو حصو ٿي وئي جنھن جو صدر مقام بمبئي شھر ھيو. سنڌ ڊويزن جو صدرمقام ڪراچي بڻيو. 1936 م سنڌ جي پراڻي حيثيت بحال ڪندي بمبئي پريزيڊنسي کان علحده ڪري رياستي درجو ڏئي ڪراچي کي ان جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو.

تاريخ[سنواريو]

1843 ۾ ميجر جنرل چارلس نيپيئر پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان جلد پوء سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪري ان جي رياستي حيثيت ڊويزن م تبديل ڪئي وئي[1].[2] سنڌ جي مسلمان قيادت ويھين صديءَ جي شروع م سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو مطالبو شروع ڪيو. محمد علي جناح جي. چوڏھن نقطن ۾ پڻ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ وارو معاملو شامل ھيو. نيٺ برٽش انڊيا جي آئين واري حيثيت رکندڙ 1935 واري انڊيا ايڪٽ پاس ٿيڻ سان سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪيو ويو جنھن تي عمل پھرين اپريل 1936 ۾ ٿيو[3]. اھا نئين صوبائي رياست 1947 ۾ پاڪستان م شامل ٿي ۽ 1956 م ھڪ دفعو وري ان جي صوبائي رياست واري حيثيت ختم ڪري ون يونٽ جي ذريعي مغربي پاڪستان جي نالي سان ھڪ نئين صوبي کي قائم ڪري سنڌ پنجاب سرحد ۽ بلوچستان کي ان ۾ ضم ڪيو ويو. ان ۾ سنڌ ھڪ کان وڌيڪَ ڊويزنن ۾ ورھائجي وئي جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ڊويژنون شامل ھيون. 1970 م ون يونٽ جي خاتمي سان مغربي پاڪستان صوبي کي ٽوڙي سڀني پراڻن صوبن جي حيٽيت نئين سرحدن سان بحال ڪئي وئي. سنڌ جا جيڪب آباد ضلعي جا استاد محمد وارا حصا بلوچستان م شامل ڪيا ويا. رياست خيرپور وارو حصو سنڌ صوبي ۾ باقاعده شامل ڪيو ويو ۽ سنڌ موجوده جاگرافيائي شڪل م صوبو بڻيو.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. سانچو:Cite EB1911
  2. General Charles Napier and the Conquest of Sind
  3. Great Britain India Office, Imperial Gazetteer of India, London, Trübner & co., 1885

مڪانيت: 26°06′N 68°34′E / 26.10°N 68.56°E / 26.10; 68.56 سانچو:برطانوي ھندستان جون ڊويزنون