دادو ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
دادو ضلعو
ضلعو
Dadu District
پاڪستان جي نقشي ۾ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل دادو ضلعو
پاڪستان جي نقشي ۾ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل دادو ضلعو
مڪانيت: District 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: District 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ضلعي جو قيام 1931 ۾ لاڙڪاڻي کان ڌار ڪري ٺاھيو ويو.
ايراضي
 • ڪُل 7,866 ڪلوميٽراسڪوائر (3,000 اسڪوائر ميل)
آبادي (2017)[1]
 • ڪُل 1,550,266
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)


دادو ضلعو(انگريزي: Dadu District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام دادو شهر آهي. هن ضلعي ۾ چار تعلقا آهن.

گاج ندي يا نئين
دادو ڪئنال

جاگرافي[سنواريو]

دادو برطانوي هندستان واري دور ۾ تعلقي جي حيثت ۾ اول ضلعي ڪراچي ۽ پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ شامل هو. 1931ع ۾ دادو کي ضلعو بڻايو ويو. دادو ضلعي جي اُتر ۾ ضلعو لاڙڪاڻو، اوڀر ۾ سنڌو درياھ ۽ نوشهرو فيروز ضلعو، اولهه ۾ کيرٿر ٽاڪرو سلسلو ۽ بلوچستان جو خضدار ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ ڊسمبر 2004ع ۾ دادو کي ڪوري نئون ٺاهيل ڄامشورو ضلعو آهي.[2][3]

Pakistan - Sindh - Dadu.svg


دادو جي تاريخ[سنواريو]

دادو ضلعي جو قيام 1931 ۾ ٿيو. ان وقت دادو ، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھ، جوھي ۽ سيوھڻ تعلقا لاڙڪاڻي کان ڌار ڪري ۽ ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان (ڄامشورو ڪراچي ضلعي کان ڌار ڪري ھڪ نئون ضلعو دادو ٺاھي ان جو صدرمقام دادو شھر کي بڻايو ويو.[4]2004 ۾ وري ڪوٽڙي، سيوھڻ، ٿانو بولا خان، ڀان سيدآباد تعلقن کي ڌار ڪري نئون ضلعو ڄامشورو ٺاھيو ويو.[5]

تاريخي ماڳ مڪان[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ لوھ يا ڪنجهي جي دور، آمري (قديم آثار) تهذيب، ميهي، قلي، موهن جو دڙو تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جا بيشمار آثار آهن. مشهور بنگالي آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار دادو ضلعي ۾ ڪيترائي قديم ماڳ مڪان ڳولي لڌا. منڇر ڍنڍ لڳ لهري جو ماڳ، پير لاکيو، گورانڊي جو دڙو، غازي شاهه جو دڙو يا گاجي شاھ جو دڙو، علي مراد جو دڙو (ڪلوئي جو دڙو)، لوهم جو دڙو، ماڻڪ دڙو (ماڻڪتارو)، واهي پانڌي (ڪوٽيرو دڙو) قديم ترين ماڳ آهن.[6] دادو جي کيرٿر جابلو پٽيءَ ۾ جبلن يا ٽڪرن جي پئنلن تي جبلن تي قديم نقش نگاري جا ڪيترائي ماڳ آهن. انهن چٽن جي ماڳن ۾ هندو مذهب. ٻُڌ ڌرم ۽ زرتشت مذهب جي مذهبي علامتن سان گڏ برهمڻ لِپيءَ ۾ اکر به اُڪريل آهن[7]. چچنامي موجب هي علائقو ٻُڌيه پرڳڻو هو. انڪري دادو ضلعي ۾ ٻُڌمت جا ٺلهه به ڪيترائي آهن. ٺلهه ڇني، ٺلهه ڳوٺ ڪنگراڻي، ٺلهه ڳوٺ وارو ٺلهه جيڪو موجوده ٺلهه گولو فقير، دودو ٺلهه. جوهيءَ وارو ٺلهه، شو مندر جوهي گورک رستي سان 35 اسٽاپ وارو ٺلهه، ٺلهه هيرو خان، مزار ڀرڳڙي وارو ٺلهه ۽ فريدآباد لڳ ٺلهه مارو ذڪر لائق آهن. تاريخي قبرستانن ۾ گاجي شاه وارو قبرستان، ڇني وٽ شهڪ فقير شاهاڻي ۽ شهداد کوسي جو قبرستان، علي مراد شاهاڻي لڳ قبرستان، جنگو خان جمالي جو قبرستان، احدي فقير جو قبرستان، ڳوٺ ٺُلهه وٽ شاهان فقير جو قبرستان، جوهي لڳ قلندراڻي لغارين ۽ مريداڻي جمالين جو قبرستان، آدماڻي لغارين جو قبرستان، ڏاتي فقير لغاري جو قبرستان، هيروخان جو قبرستان، مريد ديرو وارو قبرستان، مير اليار جو قبرستان، ميان نصير محمد ڪلھوڙو جو قبرسان، خانپور ۾ پرياڻي پيرن جو قبرستان، راڄو ديرو وٽ لشڪر لغاري جو قبرستان، آراڙوجو قبرستان، حاجي خان لڳ لغارين جو قبرستان پٽ سليمان ۽ وڇي پٽ جا قبرستان ذڪر لائق آهن. منن قبرستانن جي ديوارن تي چٽسالي (پينٽنگ) به ٿيل آهي. زرتشتي مذهب جي آثارن ۾ سماعيل فقير جو ماڳ ۽ واهي پانڌي ۾ قديم قبرون جيڪو رومين جي قبرن سان مشهور ماڳ اهم آهن. دادو ضلعي ۾ گاجي شاھ، شاھ پنجو، سعدي موساڻي، ڪيهر شاھ، آندل شاھ، بخاري. بکر شهيد، جادو فقير شهيد، بهليل شاھ جون درگاهون به آهن.[8]

قدامت[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ غازي شاھ جو دڙو، پير لاکيو جو ماڳ، منڇر ڍنڍ کان علاوه علي مراد دڙو سنڌو تهذيب، موهن جو دڙو جي تهذيب جا آثار قدامت جو اهڄاڻ آهن. کيرٿر جي لڪن ڦوسياند لڪن وسيلي زميني يا خشڪ واپاري رستن ذريعي هيءُ خطو ايران، مصري تهذيب، ميسوپوٽيميا، سمير، بابلي تهذيبن ۽ ڏُور اولهه سان ڳنڍيل رهيو. ايم ايڇ پنهور پاران ڄاڻايل کيرٿر جي ڄمار جي ڪَٿ به دادو جي علائقي جي قدامت تي روشني وجهي ٿو. ٻُڌ ڌرم يا ٻڌمت جا آثار، زرتشت آثار دادو جي قدامت جي علامت آهن.

قديم بستيون[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ ڪارو ڪوٽ، واهي پانڌي. علي مراد، ڳاها، جوهي، غازي شاھ. ميان جو ڪوٽ، ڊرگهه بالا، سم، ٽوڙ، ڳاڙهي، ڳڙهي سومرو، ٿرڙي جادو شهيد، پٽ گل محمد، راڄو ديرو، مريد ديرو، ڦلجي، قصبو، هيرو خان، ٽنڊو رحيم، ڇني قديم ترين بستيون آهن.

مردم نگاري[سنواريو]

1998 جي آدمشماري مطابق دادو ضلعي جي 50 سيڪڙو آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آھي. باقي ٻولين ۾ 43سيڪڙو سرائڪي ٻولي ۽ باقي بلوچي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شامل آهن.

سنڌ ۽ بلوچستان جا علائقا جتي سرائڪي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي.انھن ۾ دادو ضلعو بہ شامل آھي

1998 جي مردم شماري ۾ ھن ضلعي جي آبادي 16،88،818 ھئي.ھتان جي آبادي جو 79 سيڪڙو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 21 سيڪڙو شھرن ۾ رهندڙ آهي. آبادي جي پکيڙ جي لحاظ کان گھاٽائي 88.6 ماڻھو في ڪلوميٽر آهي.ھڪ گھر 5.5 ڀاتين تي مشتمل آهي. ضلعي جي 73 سيڪڙو آبادي ھڪ ڪمري واري گھرن ۾ رهي ٿي. ھن ضلعي جي لڳ ڀڳ سموري آبادي مسلمان آهي.آبادي ۾ ڪلھوڙا، سولنگي، جتوئي، سومرا، شيخ، بروھي، قاضي، ملاح، پنھور، جمالي، چانڊيا، مھيسر، کوسا، ٻٽ، لغاري، ٻگھيا، شيخ، ڏاھري، سيال، لنڊ، بوزدار، جوڻيجا، ڪنگراڻي، لاشاري، برھماڻي، شاھاڻي، سيد وغيره شامل آهن.

دادو ضلعي جي مردم شماري جو جائزو
1972 (رڪارڊ) 1981 (رڪارڊ) 1998 (رڪارڊ) 2017 (رڪارڊ)
آبادي 30,184 39,298 102,550 171,191

آبھوا[سنواريو]

ڪوپن ڪلائميٽ جي درجابندي مطابق دادو جي موسم تمام گرم آهي.

ضلعي دادو جا تعلقا[سنواريو]

دادو ضلعي جا چار تعلقا آهن .

  1. دادو تعلقو
  2. ميهڙ تعلقو
  3. خيرپور ناٿن شاه تعلقو
  4. جوهي تعلقو

سياحت[سنواريو]

گورک هل اسٽيشن تي ھڪ ريسٽورنٽ
گورک هل اسٽيشن

ھن ضلعي ۾ ڪجھ مشھور سياحتي ماڳ آھن جتي ملڪي سياحن جي اچ وڃ رھندي آھي. انھن ۾ گورک ھل اسٽيشن (جيڪا سطح سمنڊ کان 5688 ميٽر بلند آھي)، منڇر ڍنڍ، خدا آباد واري مسجد ، ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو، ميان نصير ڪلھوڙو جو مقبرو,مخدوم بلاول جو مقبرو شامل آهن.

خداآباد مسجد
ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو

مشھور شخصيتون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. 
  2. ceo@cybercity-online.net, ZAHID IKRAM. "Explore Pakistan | Dadu". www.findpk.com. حاصل ڪيل 2018-06-21. 
  3. "Four new districts created in Sindh" (en-US ۾). DAWN.COM. 2004-12-14. https://www.dawn.com/news/377011. 
  4. http://www.mbbscd.usindh.edu.pk/dadu_intro.php
  5. "Four new districts created in Sindh". حاصل ڪيل 26 December 2016. 
  6. اين. جي. مجمدار، ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ، انڊس پبليڪيشن ڪراچي. 1931ع
  7. ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس، ليکڪ عزيز ڪنگراڻي،انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2009ع
  8. دادو ائٽ گلينس، مرتب: ڊاڪٽر نياز عباسي (سهڪاري مرتب: عزيز ڪنگراڻي). ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ دادو. 2011ع