مواد ڏانھن هلو

دادو ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دادو ضلعو
  • ضلعو دادو
  • ضلع دادو
دادو ضلعو is located in سنڌ
دادو ضلعو
دادو ضلعو
دادو ضلعو is located in Pakistan
دادو ضلعو
دادو ضلعو
Coordinates: District 26°38′N 67°34′E / 26.63°N 67.57°E / 26.63; 67.57
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزنحيدرآباد ڊويزن
قيام1931؛ 95 سال اَڳُ (1931)
Founded byبرطانوي راج
هيڊڪوارٽردادو شھر
انتظامي سب ڊويزنون
04
  • دادو تعلقو
    جوهي تعلقو
    خيرپور ناٿن شاهه تعلقو
    ميهڙ تعلقو
Government
  Typeضلعي انتظاميه
  ڊپٽي ڪمشنرايس مرتضيٰ علي شاهه
  تڪقومي اسيمبلي جو تڪ 227
قومي اسيمبلي جو تڪ 228
Area
7,866 km2 (3,037 sq mi)
Population
1,742,307
  Density221.5/km2 (574/sq mi)
  Urban
439,034 (25.20%)
  Rural
1,303,286
خواندگي
  شرح خواندگي
  • ڪل:
    47.13%
  • مرد:
    55.26%
  • عورتون:
    38.70%
Time zoneUTC+05:00 (پاڪستان معياري وقت)
  Summer (DST)ڏينهن جي بچت وارو وقت لاڳو ناهي
پوسٽل ڪوڊ
پاڪستان جا ٽيليفون ڪوڊ (علائقائي ڪوڊ)025
ISO 3166 codeآءِ ايس او 3166-2

دادو ضلعو (ضلعو دادو, Dadu District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. هن ضلعي جو مرڪز دادو شهر آهي. دادو ضلعو سنه 1931ع ۾ قائم ڪيو ويو.[3][4] جڏهن ڪراچي ضلعو مان ڪوٽڙي ۽ ڪوھستان محل (بعد ۾ ڄامشورو ضلعو) جا تعلقا، ۽ لاڙڪاڻو ضلعو مان ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، دادو، جوهي ۽ سيوهڻ جا تعلقا گڏ ڪري نئون ضلعو ٺاهيو ويو.[5]

سنہ 2004ع ۾ ضلعي جي ڏکڻ واري حصي مان ڪجهہ تعلقا الڳ ڪري نئون ڄامشورو ضلعو قائم ڪيو ويو.[6] هن ضلعي جون حدون سنڌ جي چار ضلعن سان ملن ٿيون: ڄامشورو ضلعو، نوشهروفيروز ضلعو، شهيد بينظيرآباد ضلعو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعو.[7] دادو ضلعي ۾ مکيه ٻوليون سنڌي ٻولي، بلوچي ٻولي ۽ اردو ٻولي آهن. ضلعي جا مشهور سياحتي هنڌن ۾ گورک هل ۽ منڇر ڍنڍ شامل آهن. هي ضلعو تاريخي، زرعي، معاشي ۽ قدرتي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو۔ دادو ضلعو پنهنجي زرخيزي زمين، منڇر ڍنڍ، گورک هل، قدرتي وسيلن، مالونداري ۽ روايتي هٿ جي هنر لاءِ مشهور آهي۔


گاج ندي يا نئن
دادو ڪئنال
سنڌ ۾ دادو ضلعي جو مقام

دادو جي تاريخ

[سنواريو]

دادو ضلعي جو قيام 1931 ۾ ٿيو. ان وقت دادو ، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھ، جوھي ۽ سيوھڻ تعلقا لاڙڪاڻي کان ڌار ڪري ۽ ڪوٽڙي، محال ڪوهستان ۽ ڄامشورو ڪراچي ضلعي کان ڌار ڪري ھڪ نئون ضلعو دادو ٺاھي ان جو صدرمقام دادو شھر کي بڻايو ويو.[8][9] 2004 ۾ وري ڪوٽڙي، سيوھڻ، ٿاڻو بولا خان، ڀان سيدآباد تعلقن کي ڌار ڪري نئون ضلعو ڄامشورو ٺاھيو ويو.[10]


دادو ضلعي جو پهريون ڪليڪٽر رائي بھادر جگت سنگھ هو۔ ڪليڪٽرٽ جي عمارت 1931ع ۾ تعمير ڪئي وئي۔ لوڪل بورڊ 18 اپريل 1933ع تي باقاعدي طور ڪم شروع ڪيو ۽ ان جو پهريون صدر خان بھادر محمد پريل خان ڪلهوڙو هو۔ دادو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن (جهڙوڪ سيوھن، جوهي ۽ ميهڙ وغيره) جي تاريخي اهميت بنيادي طور ٻن سببن جي ڪري رهي آهي۔ پهريون سبب اهو هو ته اهي علائقا سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪمرانن جي سياسي حدن جي وچ واري سرحدي پٽي طور ڪم ڪندا هئا۔ ٻيو سبب اهو ته دادو سنڌو درياھ جي ڪناري سان هلندڙ ڪارواني واپاري رستن تي واقع هو، جتان ڪاروان گذرندا هئا۔ دادو ضلعي جو خدا آباد ڳوٺ 1768ع تائين ڪلهوڙا خاندان جي گاديءَ جو هنڌ رهيو۔ ضلعي ۾ واپار جو هڪ مشهور نظام “هنڊي” هو۔ علائقي جي ماڻهن جي آمدني جو بنيادي ذريعو زراعت ۽ مال پالنا هئا۔ آزادي کان پوءِ هندو برادري سان تعلق رکندڙ ڪيترائي ماڻهو ڀارت ڏانهن لڏي ويا ۽ انهن جون ملڪيتون انهن مسلمانن کي ڏنيون ويون جيڪي ڀارت مان لڏي آيا هئا۔ بعد ۾ انهن مان گهڻن ماڻهن پنهنجي دعوائن جي تڪميل کان پوءِ اهي ملڪيتون وڪرو ڪري ڇڏيون۔ حقيقت ۾ دادو ضلعي جي ترقي گهڻو ڪري پاڪستان جي آزادي کان پوءِ شروع ٿي۔ انڊس ھاء وي به آزادي کان پوءِ تعمير ڪئي وئي۔ 1991ع کان وٺي 14 ڊسمبر 2004ع تائين دادو سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو رهيو۔ ان کان پوءِ 13 ڊسمبر 2004ع تي ان کي ورهائي نئون ضلعو ڄامشورو ضلعو قائم ڪيو ويو۔ هن وقت دادو ضلعي ۾ چار تعلقا شامل آهن: دادو تعلقو، جوهي تعلقو، ميهڙ تعلقو ۽ خيرپور ناٿن شاھ تعلقو۔

قيام وقت لاڙڪاڻي ضلعي مان مليل سب ڊويزن

[سنواريو]
  1. دادو تعلقو
  2. ڪڪڙ تعلقو (خيرپور ناٿن شاهه)
  3. ميھڙ تعلقو
  4. جوهي تعلقو

قيام وقت ڪراچي ضلعي مان مليل سب ڊويزن

[سنواريو]
  1. سيوهڻ تعلقو
  2. ڪوٽڙي تعلقو
  3. محل ڪوهستان تعلقو

تاريخي ماڳ مڪان

[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ لوھ يا ڪنجهي جي دور، آمري (قديم آثار) تهذيب، ميهي، قلي، موهن جو دڙو تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جا بيشمار آثار آهن. مشهور بنگالي آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار دادو ضلعي ۾ ڪيترائي قديم ماڳ مڪان ڳولي لڌا. منڇر ڍنڍ لڳ لھري جو ماڳ، پير لاکيو، گورانڊي جو دڙو، غازي شاهه جو دڙو يا گاجي شاھ جو دڙو، علي مراد جو دڙو (ڪلوئي جو دڙو)، لوهم جو دڙو، ماڻڪ دڙو (ماڻڪتارو)، واهي پانڌي (ڪوٽيرو دڙو) قديم ترين ماڳ آهن.[11] دادو جي کيرٿر جابلو پٽيءَ ۾ جبلن يا ٽڪرن جي پئنلن تي جبلن تي قديم نقش نگاري جا ڪيترائي ماڳ آهن. انهن چٽن جي ماڳن ۾ هندو مذهب. ٻُڌ ڌرم ۽ زرتشت مذهب جي مذهبي علامتن سان گڏ برهمڻ لِپيءَ ۾ اکر به اُڪريل آهن[12]. چچنامي موجب هي علائقو ٻُڌيه پرڳڻو هو. انڪري دادو ضلعي ۾ ٻُڌمت جا ٺلھ به ڪيترائي آهن. ٺلھ ڇني، ٺلھ ڳوٺ ڪنگراڻي، ٺلھ ڳوٺ وارو ٺلھ جيڪو موجوده ٺلھ گولو فقير، دودو ٺلھ. جوهيءَ وارو ٺلھ، شو مندر جوهي گورک رستي سان 35 اسٽاپ وارو ٺلھ ٺلھ هيرو خان، مزار ڀرڳڙي وارو ٺلھ ۽ فريدآباد لڳ ٺلھ مارو ذڪر لائق آهن. تاريخي قبرستانن ۾ گاجي شاھ وارو قبرستان، ڇني وٽ شهڪ فقير شاهاڻي ۽ شهداد کوسي جو قبرستان، علي مراد شاهاڻي لڳ قبرستان، جنگو خان جمالي جو قبرستان، احدي فقير جو قبرستان، ڳوٺ ٺُلھ وٽ شاهان فقير جو قبرستان، جوهي لڳ قلندراڻي لغارين ۽مريداڻي جمالين جو قبرستان،يارو فقير ريڍار جو قبرستان، آدماڻي لغارين جو قبرستان، ڏاتي فقير لغاري جو قبرستان، هيروخان جو قبرستان، مريد ديرو وارو قبرستان، مير اليار جو قبرستان، ميان نصير محمد ڪلھوڙو جو قبرسان، خانپور ۾ پرياڻي پيرن جو قبرستان، راڄو ديرو وٽ لشڪر لغاري جو قبرستان، آراڙوجو قبرستان، حاجي خان لڳ لغارين جو قبرستان پٽ سليمان ۽ وڇي پٽ جا قبرستان ذڪر لائق آهن. منن قبرستانن جي ديوارن تي چٽسالي (پينٽنگ) به ٿيل آهي. زرتشتي مذهب جي آثارن ۾ اسماعيل فقير جو ماڳ ۽واهي پانڌي ۾ قديم قبرون جيڪو رومين جي قبرن سان مشهور ماڳ اهم آهن. دادو ضلعي ۾سيد گاجي شاھ، شاھ پنجو، سعدي موساڻي، ڪيهر شاھ، آندل شاھ، بخاري. بکر شھيد، جادوي شهيد، بھليل شاھ جون درگاهون به آهن.[13]

قدامت

[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ غازي شاھ جو دڙو، پير لاکيو جو ماڳ، منڇر ڍنڍ کان علاوه علي مراد دڙو سنڌو تهذيب، موهن جو دڙو جي تهذيب جا آثار قدامت جو اهڄاڻ آهن. کيرٿر جي لڪن ڦوسياند لڪن وسيلي زميني يا خشڪ واپاري رستن ذريعي هيءُ خطو ايران، مصري تهذيب، ميسوپوٽيميا، سمير، بابلي تهذيبن ۽ ڏُور اولهه سان ڳنڍيل رهيو. ايم ايڇ پنهور پاران ڄاڻايل کيرٿر جي ڄمار جي ڪَٿ به دادو جي علائقي جي قدامت تي روشني وجهي ٿو. ٻُڌ ڌرم يا ٻڌمت جا آثار، زرتشت آثار دادو جي قدامت جي علامت آهن.

قديم وسنديون

[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ ڪارو ڪوٽ، واهي پانڌي. علي مراد، ڳاها، جوهي، غازي شاھ. ميان جو ڪوٽ، ڊرگھ بالا، سم، ٽوڙ، ڳاڙهي، ڳڙھي سومرو، ٿرڙي جادو شهيد، پٽ گل محمد، راڄو ديرو، مريد ديرو، ڦلجي، قصبو، هيرو خان، ٽنڊو رحيم، ڇني قديم ترين بستيون آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

دادو برطانوي هندستان واري دور ۾ تعلقي جي حيثت ۾ اول ضلعي ڪراچي ۽ پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ شامل هو. 1931ع ۾ دادو کي ضلعو بڻايو ويو. دادو ضلعي جي اُتر ۾ ضلعو لاڙڪاڻو، اوڀر ۾ سنڌو درياھ ۽ نوشهرو فيروز ضلعو، اولهه ۾ کيرٿر ٽاڪرو سلسلو ۽ بلوچستان جو خضدار ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ ڊسمبر 2004ع ۾ دادو کي ڪوري نئون ٺاهيل ڄامشورو ضلعو آهي.[14][15]

دادو ضلعي جون حدون هن ريت آهن:

رخ حد
اوڀر نوشهروفيروز ضلعو
اولهه کيرٿر جبلن جو سلسلو
اتر قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ۽ لاڙڪاڻو ضلعو
ڏکڻ ڄامشورو ضلعو

ڪل ايراضي: 7866 چورس ڪلوميٽر


تعلقن جي جاگرافيائي ايراضي

[سنواريو]
نمبر تعلقو جاگرافيائي ايراضي (ايڪڙ) جاگرافيائي ايراضي (چورس ڪلوميٽر)
1 دادو 202,502.24 846
2 جوهي 899,838.35 3509
3 ميهڙ 265,640.24 928
4 خيرپور ناٿن شاهه 280,323.26 2580
ڪل 1,648,305.29 7866


دادو ضلعو is located in Pakistan
دادو ضلعو
دادو ضلعو
پاڪستان جي نقشي ۾ دادو جي بيھڪ

آبادي جا انگ اکر

[سنواريو]

آبادي

[سنواريو]
Historical population
YearPop.±% p.a.
195113,716    
196119,142+3.39%
197230,184+4.23%
198139,298+2.98%
1998102,550+5.80%
2017171,191+2.73%
2023188,317+1.60%
ذريعا:[16]

پاڪستان جي مردم شماري 2023 موجب دادو شهر جي آبادي 188,317 هئي۔

1998 جي آدمشماري مطابق دادو ضلعي جي 97سيڪڙو آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آھي. باقي ٻولين ۾ 3سيڪڙو سرائڪي ٻولي ۽ باقي بلوچي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شامل آهن.

سنڌ ۽ بلوچستان جا علائقا جتي سرائڪي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي.انھن ۾ دادو ضلعو بہ شامل آھي

1998 جي مردم شماري ۾ ھن ضلعي جي آبادي 16،88،818 ھئي.ھتان جي آبادي جو 79 سيڪڙو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 21 سيڪڙو شھرن ۾ رهندڙ آهي. آبادي جي پکيڙ جي لحاظ کان گھاٽائي 88.6 ماڻھو في ڪلوميٽر آهي.ھڪ گھر 5.5 ڀاتين تي مشتمل آهي. ضلعي جي 73 سيڪڙو آبادي ھڪ ڪمري واري گھرن ۾ رهي ٿي. ھن ضلعي جي لڳ ڀڳ سموري آبادي مسلمان آهي.آبادي ۾ ڪلھوڙا، سولنگي، جتوئي، سومرا، شيخ، بروھي، قاضي، ملاح، پنھور، جمالي، چانڊيا، مھيسر، کوسا، ٻٽ، لغاري، ٻگھيا، شيخ، ڏاهري، سيال، لنڊ، بوزدار، جوڻيجا،ڪنگراڻي، لاشاري، برھماڻي، شاھاڻي، سيد وغيره شامل آهن.

دادو ضلعي جي مردم شماري جو جائزو
1972 (رڪارڊ)1981 (رڪارڊ)1998 (رڪارڊ)2017 (رڪارڊ)
آبادي 30,18439,298102,550171,191

1998ع ۾ آبادي جي ڪثافت: 221.9 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر واڌ جي شرح: 2.60 گهر جي اوسط ماپ: 5.4 تعليم يافتہ ماڻھن جي شرح: 35.6

=

1998ع جي آدمشماري موجب آبادي

[سنواريو]
تعلقو مرد عورت ڪل آبادي واڌ جي شرح (1981–1998)
دادو 170375 157597 327972 3.34
جوهي 108770 98613 207383 1.24
ميهڙ 164148 153905 318053 2.95
خيرپور ناٿن شاهه 131194 122115 253309 2.89
ڪل 574487 532230 1106717 2.60

ٻهراڙي ۽ شهري آبادي جي ورهاست (1998ع)

[سنواريو]
تعلقو ٻهراڙي شهري
مرد عورت ڪل مرد عورت ڪل
دادو 113305 105210 218515 57070 52387 109457
جوهي 99541 89845 189386 9229 8768 17997
ميهڙ 137887 128487 266365 26261 25427 51688
خيرپور ناٿن شاهه 105602 97715 203317 25592 24400 49992

ٻوليون

[سنواريو]




دادو تعلقو جون ٻوليون (2023)

  سنڌي (97.98%)
  اردو (1.34%)
  ٻيون (0.68%)

پاڪستان جي مردم شماري 2023 موجب سنڌي ٻولي شهر جي غالب ٻولي آهي، جيڪا 97.98٪ آبادي ڳالهائي ٿي۔ اردو ٻي وڏي ٻولي آهي جيڪا 1.34٪ ماڻهو ڳالهائين ٿا، جڏهن ته سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙ تقريباً 0.36٪ آهن۔ ان کان علاوه لڳ ڀڳ 0.32٪ آبادي مختلف ٻين ٻولين سان تعلق رکي ٿي، جن ۾ گهڻو ڪري پنجابي ٻولي ۽ پشتو ٻولي شامل آهن۔[17]

مادري ٻولين جي ورهاست (1998ع)

[سنواريو]
تعلقو سنڌي اردو پنجابي پشتو بلوچي سرائڪي ٻيون ڪل
دادو 318127 4558 3498 289 267 1129 104 327972
جوهي 205993 267 643 177 62 137 104 207383
ميهڙ 315033 1133 248 87 805 552 195 318053
خيرپور ناٿن شاهه 248806 731 3196 13 401 23 139 253309

دادو ضلعي جا مذھب

[سنواريو]


دادو ضلعي ۾ مذهب (2023)[18]
مذهب سيڪڙو
اسلام
 
99.19%
هندومت
 
0.64%
ٻيا يا بيان نه ڪيل
 
0.17%

دادو ضلعي ۾ اڪثريت جو مذهب اسلام آهي، جيڪو آبادي جو لڳ ڀڳ 99.15٪ آهي. هندومت (جن ۾ شيڊولڊ ڪاسٽن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شامل آهن) آبادي جي تقريباً 0.64٪ پاران اختيار ڪيو وڃي ٿو.[18]

جديد دور ۾ دادو ضلعي ۾ مذهب
مذهبي
گروهه
1941[19]:51–53 2017[20] 2023[18]
آبادي ٪ آبادي ٪ آبادي ٪
اسلام 231,600 86.60% 1,540,742 99.37% 1,728,209 99.15%
هندومت 35,303 13.20% 8,984 0.58% 11,199 0.64%
ٻيا [lower-alpha 1] 524 0.20% 664 0.05% 2,899 0.17%
ڪل آبادي 267,427 100% 1,550,390 100% 1,742,307 100%
نوٽ: 1941ع جي مردم شماري جا انگ اکر دادو، جوهي، ڪڪر ۽ ميهڙ تعلقن لاءِ آهن، جيڪي تقريباً موجوده دادو ضلعي جي حدن سان مطابقت رکن ٿا.

اقليتن جي آبادي (1998ع)

[سنواريو]
برادري آبادي
عيسائي 315
هندو 9646
قادياني 634
درج ٿيل ذات 108
ٻيا 161
ڪل 10864

وڏا قبيلا

[سنواريو]

ضلعو دادو ۾ آباد اهم قبيلن ۾ جمالي، [[جتوئي[[، کوسا، لغاري، مھيسر، ٻٽ، ٻٻر، چانڊيا، رند، ڏيپر، جانوري، پنھور، ملاح، سولنگي، شاهاڻي، خشڪ، برھماڻي، شيخ، ميمڻ، منگي، ڪلھوڙا، جوڻيجا، سومرا، ٻگھيا، ڀنڊ، لنڊ، ڏيرا، سيال ۽ کھڙا، لاکير شامل آهن۔


معيشت ۽ روزگار

[سنواريو]

ضلعو دادو جي اڪثريت آبادي ٻهراڙي سان تعلق رکي ٿي ۽ زراعت سان وابسته آهي۔ شهرن ۾ ڪاروباري موقعا موجود آهن، جڏهن⁠تہ کيرٿر جي رهواسي پوک ڪري گذران ڪن ٿا۔ منڇر ڍنڍ جي انهيءَ حصي ۾، جيڪو جوهي ۾ اچي ٿو، ملاھ برادري مڇيگيري وسيلي روزي ڪمائي ٿي۔ مقامي بيان موجب ضلعي جي تقريباً 20 سيڪڙو آبادي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ملازمتن ۾ پڻ ڪم ڪري ٿي۔

زراعت

[سنواريو]

دادو ضلعي جي زرعي زمينن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:

  1. بئراج زون
  2. سيلابي علائقو (ڪچو)
  3. برساتي علائقو (ڪچو)

ضلعو سکر بئراج جي پاڻي سان آباد ٿئي ٿو۔ هتي ٻه وڏا واهه آهن:

زراعت، جيئن سنڌ جي ٻين حصن ۾، هتي به آمدنيءَ جو وڏو ذريعو آهي۔ هتي خريف ۽ ربيع ٻنهي موسمن جا فصل پوکيا وڃن ٿا۔ مکيه فصلن ۾: ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ڪمند، مڪئي، جو، داليون، جوئر، ٻاجھري، چڻا، تر جا تيلي فصل شامل آهن.

ڪل پوکيل ايراضي: 193,779 ايڪڙ

زرعي زمين جي استعمال جا انگ اکر (ايڪڙن ۾)

[سنواريو]
نمبر شمارياتي مد ميهڙ خيرپور ناٿن شاهه دادو جوهي ڪل
1 ڪل جاگرافيائي ايراضي 229312 638182 195865 899838 1963197
2 رپورٽ ڪيل ايراضي 229312 638182 195865 699838 1763197
3 ڪل زيرِ ڪاشت ايراضي 145544 158507 138862 330930 2083743
4 خالص پوکيل ايراضي 85845 102350 95110 46608 329913
5 هاڻوڪي غيرآباد (فيلو) 59599 56152 43092 284322 443165
6 پوکيل ايراضي 90770 117870 96910 48348 353898
7 هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پوکيل ايراضي 4925 15520 11140 1740 33325
8 ڪل بغير پوکي واري ايراضي 83868 520082 570035 96092 1270077
9 پوکي لائق پر بنجر 75174 39407 25512 20172 160265
10 ٻيلا 4661 11805 21265 37731
11 زمين جيڪا پوکي لائق ناھي 24737 480675 28716 498920 1033048

زرعي توسيع ۽ ٻوٽن جي حفاظت

[سنواريو]

زرعي توسيع شعبي جا بنيادي مقصد ٻن حصن ۾ ورهايل هئا:

  1. زرعي توسيعي ڪم
  2. ٻوٽن جي حفاظت

زرعي توسيعي ڪم

[سنواريو]

هن شعبي جو بنيادي ڪم پوک جي تياريءَ کان وٺي فصل جي ڪٽائيءَ تائين بهتر ٽيڪنالاجي اختيار ڪرائي زرعي پيداوار وڌائڻ هو۔ ڀاڻ جي صحيح استعمال، آبپاشي، بهتر ٻج، ۽ فصلن جي مناسب چونڊ بابت زميندارن کي هدايتون ڏنيون وينديون هيون۔ فيلڊ اسسٽنٽ، زرعي آفيسر، ڊپٽي ضلعي آفيسر ۽ ضلعي آفيسر گڏجي ڪپهه، ڌان، ڪمند، ڪڻڪ ۽ تيلدار فصلن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا هئا۔ ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ ربيع ۽ خريف ٻنهي موسمن دوران فيلڊ ٽريننگون، زميندارن جي ڏينهن ۽ زرعي سئنيما شو پڻ منعقد ڪيا ويندا هئا۔

=== صنعت ==}

وڏيون صنعتون

[سنواريو]

وچوليون صنعتون

[سنواريو]
  • جمالي ڪپهه فيڪٽري
  • چنّا ڪپهه فيڪٽري

ننڍيون صنعتون

[سنواريو]

ميهڙ تعلقي ۾ چانورن جون ملون اهم آهن۔ هيٺ ڪجهه اهڙين ملن جا نالا ۽ روزگار جي سطح ڏنل آهي:

نمبر اداري جو نالو ۽ پتو روزگار جي سطح
1 عبد الحميد جتوئي رائس ملز، بيٽو روڊ، ميهڙ 34
2 علي انور (سڪندر) رائس ملز، باءِ پاس روڊ، ميهڙ 32
3 علي گوهر رائس ملز، تعلقو ميهڙ 29
4 عبد الستار رائس ملز، فريد آباد روڊ، ميهڙ 50
5 علي مردان شاهه رائس ملز، سٽي روڊ، ميهڙ 35
6 الله ڏنو (يسراب) رائس ملز، سٽي روڊ، ميهڙ 33
7 علي گوهر (مهران) رائس ملز، گاهي ماهيسر روڊ، ميهڙ 28
8 گلزار علي جتوئي رائس ملز، لاڙڪاڻو روڊ، ميهڙ 39
9 حيدر بخش جتوئي رائس ملز، سنڌ لائن آفيس ڀرسان، ميهڙ 24
10 حاجي خان چانڊيو رائس ملز، فريد آباد روڊ، ميهڙ 34
11 حاجي محمد سومرو (روشن شيخ) رائس ملز، باءِ پاس روڊ، ميهڙ 35
12 حاجي رفيق احمد رائس ملز، گاهي ماهيسر روڊ، ميهڙ 29
13 مختيار ديپار رائس ملز، فريد آباد روڊ، ميهڙ 35

قدرتي وسيلا

[سنواريو]

دادو ضلعو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي۔ خاص طور تي تعلقو جوهي ۾ قيمتي پٿرن، گئس ۽ پيٽروليم جا ذخيرا ڳوليا ويا آهن۔ بي ايڇ پي ڪمپني گئس ۽ پيٽروليم جي حاصلات لاءِ پنهنجا انتظام قائم ڪيا، جڏهن⁠تہ هڪ ٻي پرڏيهي ڪمپني ايني (ENI) پڻ تعلقو جوهي ۽ سهون جي سرحدي علائقي ۾ پنهنجو بنيادي اسٽيشن قائم ڪيو۔

واپار ۽ چيمبر آف ڪامرس

[سنواريو]

اسميڊا جي سهڪار سان دادو ضلعي ۾ رجسٽرڊ چيمبر آف ڪامرس قائم ٿيو۔ دادو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز کان سواءِ مختلف تعلقن جي اهم شهرن ۾ به الڳ الڳ واپاري تنظيمن جو وجود رهيو آهي۔

ڪاروباري موقعا

[سنواريو]

دادو کي سنڌ جو نسبتاً پٺتي پيل ضلعو بيان ڪيو ويو آهي، پر هتي ڪاروباري سرگرمين جون ڪافي امڪاني صورتون موجود آهن۔ ڪيترائي ماڻهو سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيا جهڙن ملڪن ۾ روزگار اختيار ڪري پنهنجو سرمايو مقامي ڪاروبار ۾ لڳائين ٿا۔ زراعت، مالونداري، پولٽري، نرسريون، هٿ جا هنر ۽ چانورن جون ملون ضلعي جي اهم معاشي شعبن مان آهن۔

هٿ جا هنر

[سنواريو]

دادو ضلعو پنهنجي خوبصورت ۽ ثقافتي هٿ جي هنر لاءِ مشهور آهي۔ پاڻيءَ جي کوٽ، خاص ڪري ڪڇي ۽ پهاڙي علائقن ۾، مقامي ماڻهن کي مالونداري سان گڏ هٿ جي ڪم ڏانهن به آندو آهي۔ مقامي هنرمند پنهنجي هٿن سان مختلف شيون ٺاهين ٿا ۽ انهن ۾ وڏي مهارت رکن ٿا۔

ضلعو خاص طور تي هيٺين شين لاءِ مشهور آهي:

  • سنڌي ٽوپي
  • رليون
  • سنڌي لباس
  • آرائشي ٽڪرا
  • روايتي ٽڪ ڪم
  • پيچ ورڪ

سنڌ جو هٿ جي هنر وارو هي ڪلسٽر صدين کان موجود آهي۔ قديم دور ۾ بادشاهه، راجا ۽ مهاراجا اهي روايتي ڪپڙا، رليون، هٿ جا پنکا ۽ ٻيون شيون ذاتي ۽ محلن جي آرائش لاءِ استعمال ڪندا هئا۔ تاريخي ذريعن مان اهو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته سنڌ جي مختلف رياستن جون فوجون رليون ۽ ٻيون ڊزائين واريون شيون دشمنن وارن علائقن جي ڳجهن نقشن طور استعمال ڪنديون هيون۔ سنڌي ٽوپيون، رليون ۽ ٻيون ثقافتي شيون صدين کان مقامي سڃاڻپ جو حصو رهيون آهن۔ هن ڪلسٽر جا هنرمند اهي هنر پنهنجن وڏڙن کان سکندا رهيا ۽ نسل در نسل منتقل ڪندا رهيا۔ 1980ع کان پوءِ جڏهن غير سرڪاري تنظيمون هن شعبي ۾ آيون ته ڪجھ نون ڊزائنن ۽ شين بابت آگاهي وڌي۔ 2005ع ڌاري جڏهن حڪومت مختلف ڪلسٽرن ۾ دلچسپي ورتي ۽ احان قائم ٿيو، تڏهن دادو جي هنرمندن کي قومي ۽ بين الاقوامي معيارن بابت وڌيڪ ڄاڻ ملي، تربيت ملي ۽ انهن جي شين کي قومي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي ملي۔

مالونداري

[سنواريو]

ضلعو دادو ۾ مالونداري معاشي لحاظ کان انتهائي اهم شعبي طور سڃاتي وڃي ٿي۔

مال مويشي جو تعداد

نمبر جانور تعداد
1 ڍور 366,350
2 ڀينسون 358,750
3 رڍون 179,190
4 ٻڪريون 563,770
ڪل 1,468,060

مالونداري کاتو ضلعي ۾ جانورن جي مالڪن ۽ فارمرن کي ويٽرنري سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ لڳ ڀڳ 40 ويٽرنري ادارن ۽ موبائل خدمتن ذريعي بيمار ۽ زخمي جانورن جو علاج ڪيو ويندو آهي۔ البت سالياني ويڪسينيشن هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ويڪسين جي کوٽ جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها ويڪسين بحالي بنياد تي حيدرآباد مان فراهم ڪئي ويندي آهي۔

پولٽري ترقي

[سنواريو]

دادو ۾ پولٽري ڊولپمينٽ آفيس 1990ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو مقصد ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ پولٽري جي ترقي لاءِ نون نسلن، جهڙوڪ ڊاڪي ۽ مني ريڊ پکين، کي متعارف ڪرائڻ هو۔ پولٽري ترقياتي سرگرمين جا اهم مقصد هي هئا:

  1. ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ مرغيءَ جون نسلون متعارف ڪرائڻ ته جيئن مقامي / ديهي مرغيءَ جي گهٽ پيداوار واري مسئلي کي حل ڪري سگهجي۔
  2. بيمارين کان بچاءَ لاءِ وڏي پيماني تي ويڪسينيشن، تشخيص، علاج ۽ روڪٿام بابت رهنمائي فراهم ڪرڻ۔
  3. ڳوٺاڻن حالتن ۾ جديد پولٽري پرورش بابت تربيتي پروگرام هلائڻ۔
  4. انڊن ۽ مرغي جي گوشت جي پيداوار وڌائي جانورن مان حاصل ٿيندڙ پروٽين جي في فرد استعمال ۾ اضافو ڪرڻ۔
  5. ڳوٺاڻن ۽ واپاري پولٽري فارمرن جي خانداني آمدنيءَ ۾ واڌ ڪرڻ۔
  6. پولٽري انڊسٽري جي خوراڪ، بيمارين، انتظام، اقتصاديات، مارڪيٽنگ، نسل ڪشي ۽ هيچنگ بابت تحقيق منظم ڪرڻ۔
  7. فارمرن، گريجوئيٽن ۽ سرڪاري عملدارن لاءِ تربيتي پروگرام تيار ڪرڻ۔
  8. پولٽري پيداوار بابت فني ڄاڻ سڌي يا مناسب ذريعن وسيلي پهچائڻ۔
  9. گڏيل ڳوٺاڻن پولٽري ترقياتي منصوبن کي مدد فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي عملدرآمد ۽ فالو اپ کي يقيني بڻائڻ۔

ٻيلا

[سنواريو]

دادو ضلعو جغرافيائي ۽ اقتصادي لحاظ کان اهم ضلعو آهي۔ ڄامشورو ضلعو ٺهڻ کان پوءِ ضلعي جي ڪل ايراضيءَ ۾ نمايان گهٽتائي آئي ۽ اهو موجوده چار تعلقن تائين محدود ٿي ويو: دادو، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ۔ رياستي ٻيلا صرف دادو ۽ ميهڙ ۾ موجود آهن۔ دادو ضلعي ۾ ٻيلي جي ڪل ايراضي 17534 ايڪڙ آهي، جيڪا ڪل جاگرافيائي ايراضيءَ جو تقريباً هڪ سيڪڙو آهي۔ هي ٻيلا سنڌ ٻيلا کاتي جي انتظام هيٺ آهن، سواءِ ڪنڊي باغبان ٻيلي جي، جنهن جي تقريباً 1790.4 ايڪڙ ايراضي ضلعي حڪومت ڏانهن منتقل ڪئي وئي۔

آبھوا

[سنواريو]

ڪوپن ڪلائميٽ جي درجابندي مطابق دادو ضلعي جي آبهوا انتهائي گرم ۽ خشڪ آهي۔ اونهاري ۾ گرمي پد تقريباً 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي وڃي ٿو، جڏهن⁠تہ سياري ۾ اهو 5 ڊگري سينٽي گريڊ کان به هيٺ لهي سگهي ٿو۔ ضلعي جي معيشت لاءِ هي موسم زراعت جي لحاظ کان اهم آهي۔

گورک هل واري پهاڙي علائقي ۾ سياري دوران گرمي پد منفي سطح تائين به پهچي سگهي ٿو، جڏهن⁠تہ جون ۽ جولاءِ جهڙن مهينن ۾ به هتي پارو 20 ڊگري سينٽي گريڊ کان گهٽ رهي سگهي ٿو۔

دادو ۾ ساليانو برسات جي سراسري لڳ ڀڳ 139 ملي ميٽر (5.6 انچ) ٻڌايو ويو آهي۔ ان جو اڌ کان وڌيڪ حصو برساتي مون سون مهينن، يعني جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ پوي ٿو۔ سڀ کان وڌيڪ برسات جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٿئي ٿي۔ ڊسمبر کان مارچ تائين اولهه وارن هوائن سبب لڳ ڀڳ 17 ملي ميٽر برسات پوي ٿي۔ برسات جي ورڇ ۾ وڏي تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ گهڻي ڀاڱي برسات ڪجهه تيز وسڪارن جي صورت ۾ ٿئي ٿي۔


آبھوا چارٽ

مهينو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد °C وڌ ۾ وڌ گرمي پد °C وسڪارو (م.م)
جنوري 9 22 1
فيبروري 11 26 24
مارچ 16 34 5
اپريل 23 43 17
مئي 27 45 10
جون 28 45 19
جولاءِ 26 37 5
آگسٽ 25 34 19
سيپٽمبر 25 38 59
آڪٽوبر 20 38 3
نومبر 15 32 1
ڊسمبر 11 24 1
دادو is located in Pakistan
دادو
دادو
پاڪستان ۾ دادو جو هنڌ

انتظامي ورهاست

[سنواريو]

قديم انتظامي ڍانچي موجب ڊيوليوشن کان اڳ ضلعي جو سربراهه ڊپٽي ڪمشنر / ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هوندو هو۔ ڊيوليوشن کان پوءِ ضلعي سطح تي ناظم ۽ ٻين انتظامي عملدارن ذريعي مقامي نظام هلايو ويندو هو۔ هر تعلقي سطح تي تعلقو ناظم ۽ هر يونين ڪائونسل جي سطح تي الڳ مقامي انتظامي ڍانچو موجود هو۔

انتظامي يونٽ تعداد
تعلقا 4
يونين ڪائونسلون 64
سرڪل 14
تپا 111
ديهون 351

ضلعي دادو جا تعلقا

[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ چار تعلقا آهن، جيئن هيٺ ڏنل جدول ۾ ڏيکاريل آهي:[21][22]

تعلقا[23] ايراضي

(ڪلوميٽر2)[24]

آبادي

(2023)

گهاٽائي

(ماڻهو/ڪلوميٽر2) (2023)

شرح خواندگي

(2023)[25]

دادو تعلقو 846 508,607 601.19 64.39%
جوهي تعلقو 3,509 333,179 94.95 30.25%
خيرپور ناٿن شاهه تعلقو 2,583 379,975 147.11 43.42%
ميهڙ تعلقو 928 520,559 560.95 43.05%
نالو آبادي

مردم شماري 2023

آبادي

مردم شماري 2017

آبادي

مردم شماري 1998

دادو تعلقو 508,607 460,481 327,972
جوهي تعلقو 333,179 294,848 207,383
خيرپور ناٿن شاهه تعلقو 379,975 334,258 253,309
ميهڙ تعلقو 520,559 460,679 318,053

هن ضلعي ۾ 14 سرڪل، 111 تپا ۽ 351 ديهه شامل آهن.

دادو ضلعي جي تعلقن جو نقشو

دادو جون يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

دادو ضلعي ۾ ڪل 66 يونين ڪاؤنسلون واقع آهن:

دادو ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1ٻيٽو2گاھي مھيسر3پوراچو
4بوٿرو5ٻٽ سرائي6سوجھرو ڳرڙ
7نئون ڳوٺ8شاھ پنجو9مريد لاکير
10مگسي11ڪولاچي12منگواڻي
13قاضي عارف14ليٽڻ15بليدائي
16سعيد پور17خان جو ڳوٺ18فريد آباد
19چارو20بالي شاھ21فتح پور
22راھوجا23پريا24ٿلھو
25ٻگھيا26ٻورڙي27ڪڪڙ
28مٺو ٻٻر29ڪنڊي چکي30گوزو
31گاڏھي32ڇوڙ قمبر33ڇنڊڻ
34ٻرڙا35ٻٽڙا36پيارو اسٽيشن
37پڪو سيتا38پاٽ39رپ
40جبيرجي41پيرتيرھو42موندر
43مخدوم بلاول44الله آباد45محمد ھاشم امير البحر
46سيال47اميناڻي48پير شاھنواز
49خدا آباد50ميان يار محمد ڪلھوڙو51مراد آباد چنا
52پپري53ٽوڙ54پاٽ گل محمد
55ٺيڙهي جادو شھيد56ڀولجي ڳوٺ57ڊگھ بالا
58 بھاولپور59پير مشائخ60سوارو
61واھي پانڌي62ٽنڊو رحيم خان63ڇڻي
64شاھ حسن65ڪمال خان66جوھي

دادو ضلعي جون ديھون

[سنواريو]


دادو
67
ديھون
جوهي
110
ديھون
خيرپور ناٿن شاھ
94
ديھون
ميھڙ
80
ديھون
امينياڻي آباد آباد جاگير آباد-1
بڊاڻي الله يار ديرو آهوڙي جاگير ديھ آباد-11
باغبان انگي آهوڙي رعيتي انبر
بکراڻي آروڻي اکر ناڙي باچي جاگير
ٻيلو چوئي اراڙو بجادرپور باچي رعيتي
ڀنڊ بيغاري بيد ٻيلاڻي
ٻُٺ ملھو بھاولپور باليڏيرا جاگير بالڪو
بٺي بکر شھيد باليڏيرا رعيتي بند ڳڙهي
چنرٿ جاگير ٻير ٻگھيو بنڀڻيون ٻيلو ڀورٽي
چنرٿ رعيتي ڀاشم فقير باون ديھ ٻيلو سونا ٻنڊي
چوئي ڀلالي شاھ بيگو ديرو ٻيٽو
دادو بوئير ڀاڳڻو ڀنڊ مري
ڏاوڇ بٺي ڀنگر ڀورٽي-11
ڍورو دمڙيو چڪر ڪوٽ ٻوري نمبر 1 ڀٽو
دوآبو چنا ديھ ٻوري نمبر 2 بشارت ڪچڙي
دُٻي جاگير چڻي ٻورڙي ٻوٿرو
دُٻي رعيتي ڪوڪراڻي بگ ٻٽ سرائي
گھلو دڀري ٻرڙا جاگير چارو
جکپڙي دڙا ماڇي ٻرڙا رعيتي ڇلو
جبيرجي دوآبو ٻٽڙا ڏاڌ باراني
جنگ ڍونڪ ڇنڊڻ ڊاڍر
ڪلھوڙا دين پناه چيجا پور جاگير ڊکڻي
ڪنڊي دهاري ڪناري چيجا پور رعيتي دربو
ڪچو چنرٿ ڊرگھ بالا چوکنڊي فريدآباد
ڪچو کريڙو ڊگھ هيٺين ڏانگر فريدآباد باراني
ڪچو نصراڻي فيرو ديرو ڌڱاڻو گاهي مھيسر
ڪچو پمبي گاهي چارو ڊوگر گنجا ٺوڙھا
ڪچو پراڻو ديرو گاجي خان ڊرٻ تولان گڙڪن
ڪچو رپ ڳاها در محمد ڳڙهي جاگير
ڪچو سيتا گورانڊي فتح پور ڳڙهي رعيتي
ڪينجھر هئيرو خان فيکراٽو گونگو
کريڙو حاجي خان گابريجي گل محمد واھ
خاصا چانڊيا هاليجو ڳچل گنھرُو
کيڙو حسناڻي گاڏھي همبار
خداآباد جاگير جالاب گھارو ڪمالپور
خداآباد رعيتي ڄامپور لنڊڪي گھيجا پور ڪمانگر
خشڪ ڄامپور پانورڪي گھيجا پور ڪانڌڙا
ڪورپور جھلڪو گوزو ڪڙيو قاسم شاھ
مخدوم صاحب جوهي عيسو ماڇي ڪسيرو
ملڪاڻي ڪاٺيا باراني عيسو ناريجو جاگير ڪوانجھرو
مرکپور ڪيٽي نئين عيسو ناريجو رعيتي ڪرڙو
ماروي خان واهھ جاکرو کونڊي
موندر کنڊاڻي ڪڪڙ ڪنارو ڪڪول
نصراڻي خراچ ڪنڊي چکي ڪولاچي
نولکو کاٽ ڪڙيو غلام الله ڪوٺي کوکر
نورجا کوھ ماڻو ڪڙيو مٺو زنگيجو جاگير ڪوٺي سوڍاري
پڪو سيتا ڪور ڪلان ڪڙيو مٺو زنگيجو رعيتي ڪندن
پلھ ڪور فاجو کڌر لکياري
پاٽ ڪورجا مڪ خيرپور جاگير لالو گھاري
فاڪا ڪوٽ باجو کنڀڻ نانگڻ لانگھاڻو
پپرپنجن لالھار خانپور ليٽڻ
پپري لينڌو ديرو کريڙو ڪنارو مگسي
پير گنيو لوهري کاٽ لشڪر منگواڻي
پير ترهو جاگير ماچڪو کاٿڙي منجن
پير ترهو رعيتي ميان جي ڪنڊي خربي نمبر 1 موجهڙ باراني
پمبي مکڻ ٻيلو خربي نمبر 2 مريد لاکير
پراڻو ديرو ملھڙ باراني کوھ مصري ناري
رپ ملڪو جاگير ڪور ٻڍو ناسوئي
سامھين مسو ديرو ڪور حسين نٿ
شاهاڻي مير واھ ڪرڪٽ جاگير نئون ڳوٺ
سيال ميراڻي ماڇي ڪرڪٽ رعيتي نيره
سڌواھ موٿري لڌو ديرو پٽ ڪنڊي
سونهنين جاگير مريد ديرو ماڏو جاگير پٽيجي
سونھنيون رعيتي نئين تاڪي ماڏو رعيتي پيروز شاھ
سُتچارو نائيچڪي ماھا پپري
تاگا نالي مکي سروي پوراچو
وراياسو نوشھرو مکي اڻ سروي راڌڻ
نوناري مالام نمبر-1 رپ ناڙي
نورو مالام نمبر 2 ريئو ڪچو
پھوڙ ماڙي روجھاڻ
پئي مير محمد روڻي
پٽ گل محمد ميرو ڪلھوڙو سڍر عليوال
پاٽ کنھاري پئي سعيد پور
پاٽ سليمان-1 پئي جيھو سيري
پاٽ سليمان-2 پسيا شاھ پنجو
پاٽ سليمان-3 قمبر جاگير ٿرڙي محبت
پاٽ سليمان-4 قمبر رعيتي اميديرو
پيٽارو-1 قوميچارو استيلو
پيٽارو-2 راھوجا واھ گاھي
پيٽارو-3 رپ وارياسو
پير دوھاري رپ ڪائنچي
فدڪ ريڍي (سروي)
ڦلجي جاگير ريڍي (اڻ سروي)
ڦلجي رعيتي سالاري نمبر 1
پير گاجي شاھ سالاري نمبر 2
پوٺو سالاري نمبر 3
قصبو سالاري نمبر 4
قبو قلندر-1 سالاري نمبر 5
قبو قلندر-2 سير آباد
راڄو ديرو شينھن ورھو
ساڪرو سکپور
ساڪر ھاليجو ٿلھو
سرانجھري وئلجي
سوارو وسائي
شاھ حسن
شاھدمان
شاھموريو
ڇوڙي جاگير
سول جاگير
سڪ نئين
ٿرڙي جادو شھيد
ٺل
توڪ قاسم
تور
توري
توري-1
توري-2
وگجي جاگير
وگجي رعيتي
واھي پانڌي

سياحت

[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ ڪجهه مشھور سياحتي ماڳ آھن جتي ملڪي سياحن جي اچ وڃ رھندي آھي. انھن ۾ گورک هل اسٽيشن جيڪا سطح سمنڊ کان 5688 ميٽر بلند آھي ۽ سنڌ جو بلند ترين مقام آھي[26]. ٻين ماڳن ۾ پاڪستان جي کاري پاڻي واري سڀ کان وڏي منڇر ڍنڍ[27]، ضلعي جي قديم ترين تاريخي مسجد جامع مسجد خدا آباد ، ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو، ميان نصير محمد ڪلھوڙو جو مقبرو,مخدوم بلاول جو مقبرو، غازي شاهه جو دڙو، [[واهي پانڌي ۾ قديم قبرون]، علي مراد جو دڙو، سنڌ جون قديم پٿرن جون نقاشيون، ٺل هيرو خان، نائي گاج، نئين گاج ڊيم، مير الھيار ٽالپر جو قبرستان ۽ جوهي جو شيو مندر شامل آهن.

خداآباد مسجد
ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو

منڇر ڍنڍ

[سنواريو]

منڇر ڍنڍ ايشيا جي وڏي قدرتي ڍنڍن مان هڪ آهي۔ مڪمل پاڻي ڀرجي وڃڻ وقت ان جي وڌ ۾ وڌ ايراضي تقريباً 259 چورس ڪلوميٽر ٿي وڃي ٿي، جڏهن⁠تہ پاڻي گهٽجڻ وقت اها 52 چورس ڪلوميٽر تائين محدود ٿي سگهي ٿي۔ مڇي جي ذخيرن کان علاوه هي ڍنڍ لڳ ڀڳ 20,000 کان 25,000 ايڪڙ زمين جي آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءَ جو ذريعو پڻ آهي۔ ميهڙ کان لڳ ڀڳ 16 ڪلوميٽر پري گنيرو ڍنڍ به موجود آهي۔ مقامي خيال موجب جيڪڏهن ٻنهي ڍنڍن جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي ته اهي مقامي ماڻهن لاءِ آمدني ۽ سياحت جو اهم ذريعو بڻجي سگهن ٿيون۔

گورک هل اسٽيشن

[سنواريو]
گورک هل اسٽيشن تي ھڪ ريسٽورنٽ
گورک هل اسٽيشن

گورک هل سنڌ جو هڪ ترقي هيٺ پهاڙي سياحتي هنڌ آهي۔ اهو سنڌ واري حصي ۾ کيرٿر جبلن ۾ واقع آهي ۽ ان جي اوچائي تقريباً 5688 فوٽ آهي۔ اهو دادو شهر کان لڳ ڀڳ 93 ڪلوميٽر اتر-اولهه ۾ واقع آهي ۽ 2500 ايڪڙن کان وڌيڪ پکڙيل هڪ بلند پليٽو تي قائم آهي۔

گورک جو پليٽو بلوچستان جي خضدار ضلعي جي ڳوٺاڻن لاءِ به هڪ رستو فراهم ڪري ٿو، جيڪي سنڌ واري پاسي جي ڳوٺ واهي پانڌي ڏانهن لهندا آهن۔ گورک جي چوٽيءَ تائين فقط چار-پهيا ڊرائيو گاڏين ذريعي پهچي سگهجي ٿو، جيڪي دادو ۽ جوهي مان دستياب هونديون آهن۔ مقامي خيال موجب جيڪڏهن حڪومت هتي ترقياتي ۽ ڪاروباري سرگرميون وڌائي ته گورک هل اونهاري ۾ مري ۽ زيارت جهڙي اهم سياحتي ماڳ طور اُڀري سگهي ٿو۔

تعليمي ادارا

[سنواريو]

بينظير ڀٽو شهيد انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز (بي بي ايس آءِ ايم ايس)، دادو

[سنواريو]

بينظير ڀٽو شهيد انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز (بي بي ايس آءِ ايم ايس) دادو ۾ قائم هڪ جزوي ڪيمپس آهي جيڪو سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي.[28] هي ادارو لڳ ڀڳ 2011ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي علمي ۽ انتظامي نظام هيٺ ڪم ڪري ٿو، جيڪا هڪ اهم سرڪاري يونيورسٽي آهي ۽ پاڪستان جو اعليٰ تعليم ڪميشن (ايڇ اي سي) پاران تسليم ٿيل آهي.[29][30]

بي بي ايس آءِ ايم ايس دادو خاص طور تي ڪاروباري انتظام (بي بي اي) ۽ ڪمپيوٽر سائنس (بي ايس ڪمپيوٽر سائنس / آءِ ٽي) جهڙن شعبن ۾ جديد ۽ روزگار سان لاڳاپيل تعليم مهيا ڪري ٿو. هن ڪيمپس جو مقصد دادو علائقي جي شاگردن تائين معياري اعليٰ تعليم پهچائڻ آهي، جيڪو سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وسيع مشن سان هم آهنگ آهي، جنهن جو مقصد ماهر افرادي قوت پيدا ڪرڻ ۽ علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ حصو وٺڻ آهي.[31]

محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيمپس دادو، سنڌ يونيورسٽي

[سنواريو]

محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيمپس دادو سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جو هڪ جزوي ڪيمپس آهي. هي ڪيمپس 2011ع ۾ قائم ڪيو ويو ته جيئن دادو ضلعي جي ماڻهن، خاص طور تي عورتن لاءِ، اعليٰ تعليم جا موقعا مقامي سطح تي مهيا ڪيا وڃن.[32]

هن ڪيمپس ۾ ڪاروباري انتظام، معلوماتي ٽيڪنالاجي ۽ انگريزي ادب جهڙن شعبن ۾ انڊرگريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام پڙهايا وڃن ٿا. هي ادارو سنڌ يونيورسٽي جي علمي هدايتن ۽ معيارن هيٺ ڪم ڪري ٿو.[33] سنڌ يونيورسٽي پڻ پاڪستان جي اعليٰ تعليم ڪميشن طرفان تسليم ٿيل آهي.[32]

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، دادو

[سنواريو]

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پاڪستان جي اهم فاصلاتي تعليم واري يونيورسٽي آهي، جنهن جو هڪ ماڊل اسٽڊي سينٽر دادو ۾ به قائم آهي. هي مرڪز 1988ع ۾ قائم ڪيو ويو، جتي شاگردن کي تعليمي رهنمائي، ٽيوٽوريل مدد ۽ امتحاني سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن ماڻهو لچڪدار تعليمي نظام ذريعي تعليم جاري رکي سگهن.[34]

گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو

[سنواريو]

گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو علائقي جو هڪ اهم قانوني تعليم وارو ادارو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو سان لاڳاپيل آهي.[35] هي ڪاليج 1 آڪٽوبر 1995ع تي قائم ڪيو ويو ۽ هتي قانون ۾ بيچلر (ايل ايل بي) جا پروگرام پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ ٽي سالا ۽ پنج سالا ڊگريون شامل آهن. ڪاليج 21 مئي 2012ع تي پنهنجي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو، جنهن سان قانوني تعليم لاءِ وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ٿيون.[35]

استاد بخاري ڊگري ڪاليج، دادو

[سنواريو]

استاد بخاري ڊگري ڪاليج، دادو هڪ عام ڊگري ڪاليج آهي جنهن جو نالو مشهور سنڌي شاعر استاد بخاري جي نالي تي رکيو ويو آهي.[36] هي ڪاليج استاد بخاري جي وفات کان پوءِ سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف طور سندن نالي سان منسوب ڪيو ويو.[37]

هن اداري ۾ آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس جي مختلف شعبي ۾ انڊرگريجوئيٽ پروگرام پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا. عام طور تي هتان جون ڊگريون شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظيرآباد سان لاڳاپيل هونديون آهن.

گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن (جي آءِ بي سي اي)، دادو

[سنواريو]

گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن (جي آءِ بي سي اي) سرڪاري فني ۽ پيشاورانه ادارا آهن، جتي خاص طور تي ڪامرس (ڊي ڪام) ۽ ٻين ڪاروباري يا واپاري شعبن ۾ ڊپلوما پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا. جي آءِ بي سي اي دادو شاگردن کي عملي مهارتون مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ته جيئن اهي روزگار جي منڊي لاءِ تيار ٿي سگهن.

اهي ادارا سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽوٽا) جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪن ٿا.[38]


اسڪول

[سنواريو]
  • او پي ايف پبلڪ اسڪول دادو: هي اسڪول سيپٽمبر 1987ع ۾ قائم ٿيو. هي ادارو معياري تعليم مهيا ڪري ٿو ۽ دادو شهر ۾ قائم ٿيندڙ پهرين انگريزي ذريعي تعليم ڏيندڙ اسڪولن مان هڪ هو، جيڪو خاص طور تي پرديس ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن جي تعليم لاءِ قائم ڪيو ويو.[39]
  • مختلف سرڪاري ڪاليج ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول: هتي انٽرميڊيئيٽ سطح جي تعليم (ايف اي، ايف ايس سي، آءِ ڪام) ۽ ڪجهه هنڌن تي بيچلر سطح جي تعليم پڻ فراهم ڪئي وڃي ٿي.
  • ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪول: سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي قسمن جا اسڪول دادو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي تعليمي نظام جو بنيادي ڍانچو ٺاهين ٿا

مشھور شخصيتون

[سنواريو]


پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  • 1998 District census report of Dadu. Census publication. 82. Islamabad: Population Census Organization, Statistics Division, Government of Pakistan. 2000. 

سانچو:Districts of Sindh

26°20′N 67°35′E / 26.333°N 67.583°E / 26.333; 67.583


حوالا

[سنواريو]
  1. "7th Population and Housing Census – Detailed Results: Table 1" (PDF). پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  2. "خواندگي جي شرح، داخلا ۽ اسڪول کان ٻاهر آبادي جنس ۽ شهري/ڳوٺاڻن لحاظ سان، مردم شماري ٢٠٢٣، سنڌ" (PDF).
  3. "About Dadu". hotfm.com.pk. 2019-08-11 تي حاصل ڪيل.
  4. "District Courts of Sindh". www.districtcourtssindh.gos.pk. اصل نسخو مان 2019-08-11 تي محفوظ ڪيل. 2019-08-11 تي حاصل ڪيل.
  5. "Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto Campus Dadu". اصل نسخو مان 2014-07-19 تي محفوظ ڪيل. 2016-03-06 تي حاصل ڪيل.
  6. "Four new districts created in Sindh". 2004. 26 December 2016 تي حاصل ڪيل.
  7. "Dadu district uc list mna mpa seats".
  8. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2014-07-19 تي محفوظ ڪيل, 2018-12-03 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. "About Dadu :: District [[:سانچو:As written]] Dadu". executivedistrictofficercdd.webnode.page. 2024-08-02 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: URL–wikilink conflict (مدد)
  10. "Four new districts created in Sindh". 2004. 26 December 2016 تي حاصل ڪيل.
  11. اين. جي. مجمدار، ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ، انڊس پبليڪيشن ڪراچي. 1931ع
  12. ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس، ليکڪ عزيز ڪنگراڻي،انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2009ع
  13. دادو ائٽ گلينس، مرتب: ڊاڪٽر نياز عباسي (سهڪاري مرتب: عزيز ڪنگراڻي). ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ دادو. 2011ع
  14. ceo@cybercity-online.net, ZAHID IKRAM. "Explore Pakistan | Dadu". www.findpk.com. 2018-06-21 تي حاصل ڪيل.
  15. "Four new districts created in Sindh". DAWN.COM (آمريڪي انگريزي ۾). 2004-12-14. 2018-06-21 تي حاصل ڪيل.
  16. "انتظامي يونٽن موجب آبادي 1951–1998" (PDF). پاڪستان ادارو شماريات.
  17. "پهرين ڊجيٽل مردم شماري: اهميت ۽ عمل". پاڪستان ادارو شماريات. 2026-01-30 تي حاصل ڪيل.
  18. 1 2 3 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 9" (PDF). پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس.
  19. "CENSUS OF INDIA, 1941 VOLUME XII SINDH PROVINCE" (PDF).
  20. "District Statistics (Census - 2017) - Dadu District". پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس.
  21. "Pakistan: Tehsils and Talukas (Districts and Subdistricts) - Population Statistics, Charts and Map". www.citypopulation.de. 2020-02-23 تي حاصل ڪيل.
  22. "هنگامي امدادي سرگرمين جو منصوبو" (PDF). آفتن کان اڳواٽ بچاءُ ۽ انتظام ڪاريءَ وارو شعببو. 2011. 2020-02-23 تي حاصل ڪيل.
  23. پاڪستان جا ڊويزن ۽ ضلعا آرڪائيو ڪيا ويا 2006-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. نوٽ: جيتوڻيڪ ڊويزنن کي انتظامي ڍانچي طور ختم ڪيو ويو آهي، پر پاڪستان جو اليڪشن ڪميشن اڃا تائين ضلعن کي ڊويزنن جي نالن هيٺ ترتيب ڏئي ٿو
  24. "TABLE 1 : AREA, POPULATION BY SEX, SEX RATIO, POPULATION DENSITY, URBAN POPULATION, HOUSEHOLD SIZE AND ANNUAL GROWTH RATE, CENSUS-2023, SINDH" (PDF).
  25. "LITERACY RATE, ENROLMENT AND OUT OF SCHOOL POPULATION BY SEX AND RURAL/URBAN, CENSUS-2023, SINDH" (PDF).
  26. "Gorakh Hills Development Authority's inability to polish Sindh's best hill station is costing us millions in tourism revenue". 8 September 2021.
  27. "Indus River and Manchhar Lake". earthobservatory.nasa.gov. 2010-09-10. 8 September 2021 تي حاصل ڪيل.
  28. "Sukkur IBA University Admission Regulations" (PDF). 2025-08-01 تي حاصل ڪيل.
  29. "Sukkur IBA University – HEC Recognized Institution in Sindh". Parhlo Pakistan. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  30. "Sukkur IBA University, Dadu Campus Admissions Open". PakEduCareer. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  31. "Dadu Campus - Sukkur IBA University (Official Page - VERIFY THIS URL)". Sukkur IBA University. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  32. 1 2 "HEC recognized Campuses". Higher Education Commission.
  33. "Dadu Campus - University of Sindh (Official Page)". University of Sindh. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  34. "Regional Campus Dadu - AIOU (Official Page)". Allama Iqbal Open University. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  35. 1 2 "Home - Government Pir Illahi Bux Law College Dadu (Official Page)". Government Pir Illahi Bux Law College Dadu. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  36. "Ustad Bukhari Degree College, Dadu: Quality Education in Dadu (Official Page)". Ustad Bukhari Degree College, Dadu. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  37. "Sindhi poet Ustad Bukhari remembered on his birth anniversary". The Nation. 2024-01-17.
  38. "Welcome To Government Institute Of Bussiness [sic] And Commercial Education (Official Page - Example URL for a GIBCE)". GIBCE. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  39. "OPF Public School Dadu (Official Page)". OPF Public School Dadu. 2025-07-16 تي حاصل ڪيل.
  1. جن ۾ جين مت، بدھ مت، زرتشتي مذهب، يهوديت، سک مت، عيسائيت، اد ڌرمي يا بيان نه ڪيل شامل آهن