ڄامشورو ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄامشورو ضلعو
ضلعو
ڄامشورو
ڄامشورو ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ڄامشورو ضلعو ۽ ان جا تعلقا
المنظر تفريحي مقام
المنظر تفريحي مقام
ڄامشورو ضلعو is located in سنڌ
ڄامشورو ضلعو
ڄامشورو ضلعو
ڄامشورو ضلعو is located in Pakistan
ڄامشورو ضلعو
ڄامشورو ضلعو
المنظر تفريحي مقام
جاگرافي بيهڪ: Jamshoro district 25°37′N 67°57′E / 25.62°N 67.95°E / 25.62; 67.95مڪانيت: Jamshoro district 25°37′N 67°57′E / 25.62°N 67.95°E / 25.62; 67.95
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعي صدرمقام ڪوٽڙي شھر
پکيڙ
 • ڪل 6,726 ڪ.م2 (2,597 ميل2)
آبادي (2017)
 • ڪل 1,136,636
ڄامشورو ۾ غلام محمد بئراج واري پل

ڄامشورو ضلعو(انگريزي: Jamshoro District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي.جنھن جو صدرمقام ڪوٽڙي شھر ۾ آهي.ھن ضلعي جون حدون ٺٽو ضلعو،حيدرآباد ضلعو، دادو ضلعو، مٽياري ضلعو، شهيد بينظيرآباد ضلعو، نوشھرو فيروز ضلعو ۽ بلوچستان صوبي سان ملن ٿيون.

سنڌ ۾ ڄامشوري ضلعي جو مقام

جاگرافي[سنواريو]

ڄام شورو، جيڪو دادو ضلعي جي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ ديهه ۽ يونين ڪائونسل جو درجو رکندو هو، ان کي ڊسمبر 2004ع ۾ انتظامي طرح ڌار ’ڄـام شـوري ضلـعـي‘ جو درجو ڏنو ويو. هن ضلعي جي اتر ۾ دادو ضلعو، اوڀر ۾ سنڌو ندي ۽ حيدرآباد ضلعي جو ڪجهه حصو، اولهه ۾ کيرٿر جبل ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد، ٺٽو ۽ ڪراچي ضلعا اچي وڃن ٿا. هي ضلعو 7/115 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ چار تعلقا: سيوهڻ، مانجهند، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻو بولا خان شامل آهن. ڄام شوري جـو صنـعتـي عـلائـقــو ڪوٽڙيءَ کان نوري آباد تـائيـن پکـڙيـل آهــي، جتـي سـائيـٽ ايـريـا ۾ 100 کن ننڍا ۽ وڏا ڪارخانا قائم آهن.

ماڳ مڪان[سنواريو]

ڄام شوري ضلعي ۾ قديم ماڳن جو هڪ سلسلو موجود آهي، جيڪو موهن جي دڙي ۽ مهرڳڙهه واري دور کان شورع ٿئي ٿو. هن ضلعي جي قديم ماڳن مڪانن ۽ شهرن ۾ رني ڪوٽ جو قلعو، سيوهڻ شهر، سيوهڻ جو قلعو، قلندر شهباز جو مقبرو، سيوهڻ ۾ يڪ ٿنڀي، چار ٿنڀي، ڪائي ۾ دخمه ۽ بُلي جي بُٺي، ڀڳو ٽوڙهو جبل، لڪي تيرٿ، لڪي شاهه صدر شهر ۽ شاهه صدرالدين لڪياريءَ جو مقبرو، ڪائيءَ جون غارون، آمري، منڇر لڳ ٽهڻي جو قديم ماڳ، پير مشاخ جو ماڳ، ڪوهتراش بُٺي، نئيگ وٽ لکمير يا لکشمير جي ماڙي ۽ ٻُڌ مت جو ٺلهه، قمبر علي شاھ جو مقبرو، ڪرچات، پوکڻ ڪوٽيرو، بيبيءَ جي ڀٽ، نئنگ، احمد شاهه سائيٽ، عارب جو ٿاڻو، کجور لانڍي، ٻچائي لانڍي، حجوڻو، ٽڪو بارڻ، سن شهر، شاهه حيدر سنائي، شاهه جرار ۽ جي. ايم. سيد جون مزارون، مخدوم ساهڙ لنجار جي مزار، نئن موهن، نئن بارڻ وغيره شامل آهن. هن ضلعي جي قديم ماڳن مڪانن تي ناميارن آرڪيالاجسٽن فيئر سروس ۽ اين. جي. مجمدار ڪم ڪيو آهي. هن ضلعي جي قديم ماڳن مان آمريءَ جا آثار وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي موهن جي دڙي جي تهذيب کان به آڳاٽا آهن. هن ضلعي جي ڳوٺن جهانگارن، باجارن کان هڪ قديم سڙڪ نڪري ٿي، جنهن جو دنگ عربي سمنڊ تي وڃي ٿئي ٿو، هتان ئي قافلا سامونڊي سفر لاءِ سامونڊي بندرن تي پهچندا هئا. هن ئي سڙڪ سان محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري واپس بغداد موڪليو ويو هو.

قدامت[سنواريو]

ڄام شوري ضلعي ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر به واقع آهي. ڄام شوري کي سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) لاءِ مکيه لنگهه به ڪوٺيو وڃي ٿو، هتان ئي سيوهڻ کان پوءِ کيرٿر جو جابلو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن جي ڄمار ايم. ايڇ. پنهور 39 کان 47 ملين سال ڄاڻائي آهي. هن ضلعي جي ڪجهه حصي ۾ کيرٿر نئشنل پارڪ به اچي وڃي ٿو. ڪوهستاني جابلو پٽي به هن ضلعي ۾ آهي. هن ضلعي ۾ ڪانڀو، ڪارو ۽ سورجاڻي جبل به آهي.

شهر ۽ وسنديون[سنواريو]

سنڌو ندي هن ضلعي جي سيوهڻ کان ڄام شوري تائين سڌي سينڌ وانگر وهي ٿي، جنهن جي ڪپ تي لڪي شاهه صدر، آمري، سن، مانجهند، خاڻوٽ، منظور آباد، ٻڍاپور، انڙپور، علي آباد، پيٽاري، ڄام شوري ۽ ڪوٽڙيءَ جا شهر واقع آهن. مشهور تفريح گاهه بڊو جبل به هن ئي ضلعي ۾ آهي. ڄام شوري ويجهو المنظر جو تفريحي ماڳ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل ريسٽورينٽ آهي، جيڪا سنڌو درياهه تي ڄام شوري پل ويجهو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادوءَ ٺهرائي هئي. هتان ئي ڦليلي واهه، ڪوٽڙي بئراج جا واهه نڪري لاڙ واري حصي کي آباد ڪن ٿا.

تاريخي اهڃاڻ[سنواريو]

ڄام شوري ضلعي جي قديم ترين قبرستانن ۾ تؤنگ، بونيشن وارو قبرستان ۽ ڄام لوهار وارو قبرستان اچي وڃن ٿا. هتي تاريخ کان اڳ واري دؤر جون ڪيتريون قديم روهيون ۽ ڪوٽيڙا موجود آهن، جهڙوڪ: حسين شاهه ڪوٽيڙو، سَند ڪوٽيڙو، رجب باريجو، حاجي قاسم باريجو وغيره. زردتشت دؤر جا ڪيترا گبربند جهڙوڪ: دنبار گبربند ۽ گز گبربند به هن ضلعي ۾ موجود آهن. خود رني ڪوٽ جي دروازي تي زردتشتين جو آتشڪدو ۽ ميري ڪوٽ ۾ زردتشت دور جا نشان ملن ٿا. ڄام شوري ضلعي جي ڳوٺ انڙپور لڳ دولهه دريا خان جي اوطاق به موجود هئي، جيڪا هن وقت کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي.

انتظامي تعلقا[سنواريو]

هيءُ ضلعو چئن تعلقن ۾ ورهايل آهي.

ڄامشوري ضلعي جا تعلقا
نمبر تعلقن جا نالا يونين ڪاؤنسلون آبادي
1 ڪوٽڙي تعلقو 10
2 سيوهڻ شريف تعلقو 8
3 مانجهند تعلقو 5
4 ٿاڻو بولا خان تعلقو 5
ڪل 28

[1]

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ڄامشورو ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[2]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 واھڙ 2 شيخ 3 ڀنڀا
4 جعفر آباد 5 اراضي 6 ٽلٽي
7 چنا 8 بوبڪ 9 باجارا
10 جھانگارا 11 آمري 12 شالماني
13 [[]] 14 [[]] 15 منظور آباد
16 خاڻوٺ 17 انڙپور 18 تونگ
19 ٿاڻو ارباب خان 20 مول 21 ساڙي
22 ٿاڻو احمد خان 23 ڌماچ 24 موندر خان پالاري
25 الله بچايو شورو 26 ڌابون 27 [[]]
28 سنڌ يونيورسٽي 29 پيٽارو - -

ثقافت[سنواريو]

سنڌالاجي ، ڄامشورو
سنڌالاجي
سنڌالاجي

توانائي[سنواريو]

ڄامشورو ضلعي ۾ توانائي جي منصوبن ۾ ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ ۽ لاکڙا ڪول پاور پلانٽ شامل آهن.جيڪي ملڪ جي اندر بجلي جي ضرورتن جي پورائي ۾ حصيدار آهن.

ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  2. [1] ڄامشورو، پوليٽيڪو. ڪام