اشوڪا

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

موريا گهراڻي جو هڪ مشهور راجا. هي راجا چندر گپت جو پوٽو ۽ بندوسار جو پت هو. پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي هڪ ٻئي پٺيان ٽئڪسيلا ۽ اُجين جو گورنر رهيو. انتظامي صلاحيتن کي ڏسندي، بندوسار پنهنجن ٻين پٽن جي نسبت -اشوڪا- کي ترجيح ڏني ۽ کيس ولي عهد بڻايو. هيءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ 237 ق. م ڌاري ”مگڌ“ جي گاديءَ تي ويٺو. پنهنجي دؤر حڪومت ۾ هن ڪانگڙہ (اڙيسا) تي حملو ڪيو. انهيءَ حملي ۾ جيتوڻيڪ هن کي فتح ته ٿي، پر -جنگ- ۽ خون، حڪومت کان سندس دل کٽي ڪري وڌي ۽ هن -ٻڌ- ڌرم اختيار ڪيو ۽ باقي حڪومت انهيءَ ڌرم جي تعليمات مطابق ئي هلايائين. هن -ٻڌ- ڌرم جي پرچار لاءِ هرهنڌ پنهنجا مبلغ موڪليا. سنڌ ۾ هن جو خاص چيلو ”اپار گپتا“ آيو، جنهن هتي -ٻڌمت- جو تمام گهڻو پرچار ڪيو. اشوڪا، سنڌ، بلوچستان، صوبي سرحد ۾ مانسهره، سوات، پاڪستان جي اترين علائقن، افغانستان، ڪشمير، نيپال، يونان ۽ مصر تائين -ٻڌمت- جا ڪتبا کڙا ڪرايا، -جن- مان ڪي هن وقت به موجود آهن، -جن- مان سارناٿ جي ڪتبي کي بنيادي اهميت حاصل آهي. هن بيشمار -اسٽوپا- به تعمير ڪرايا. هي اهنسا (عدم تشدد) جو پيروڪار هو ۽ حڪومت جو پويون عرصو ڀڪشو (ٻڌ درويش) بڻجي هلايائين. 186 ق. م ڌاري -اشوڪا- وفات ڪئي. سندس مرڻ کان ستت ئي پوءِ موريا خاندان جي حڪومت ختم ٿي وئي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B4%D9%88%DA%AA%D8%A7