عمرڪوٽ
عمرڪوٽ عمرڪوٽ | |
|---|---|
| امرڪوٽ | |
يارهين صديءَ جو عمرڪوٽ قلعو | |
| Coordinates: 25°21′47″N 69°44′33″E / 25.36306°N 69.74250°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ڊويزن | ميرپور خاص |
| ضلعو | عمرڪوٽ |
| ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن | اسلام کان اڳ وارو دور |
| حڪومت | |
| • باڊي | ضلعي حڪومت |
| • ڊپٽي ڪمشنر | طاهر علي ميمڻ[1] |
| ايراضي | |
| • شهر | 48.6 km2 (18.8 sq mi) |
| آبادي | |
| • ڪل | 144,558 |
| • درجو | پاڪستان ۾ 79هون |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+05:00 (PKT) |
| پوسٽل ڪوڊ | 69100 |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 238 |
عمرڪوٽ (اردو: عمرکوٹ؛ ڍاٽڪي: عمرڪوٽ؛ IPA: [ʊmərkoːʈ])، جيڪو اڳ ۾ امرڪوٽ جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو هو، پاڪستان جي سنڌ صوبي جو هڪ تاريخي شهر آهي. مغل شهنشاهه اڪبر اعظم جو جنم 1542ع ۾ امرڪوٽ ۾ ٿيو هو. هندو لوڪ عقيدي جي مشهور ديوتائن پابوجي ۽ رامديو پير بابت روايتي طور چيو وڃي ٿو ته سندن شادي عمرڪوٽ ۾ ٿي هئي. هتي جي مقامي ٻولي ڍاٽڪي آهي، جيڪا راجستاني ٻولين جي گروهه سان تعلق رکي ٿي ۽ هند-آريائي ٻولي خاندان جو حصو آهي. ڍاٽڪي ٻوليءَ جو سڀ کان ويجهو تعلق مارواڙي سان آهي.
انگريزن عمرڪوٽ کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري مٺي، ڇاڇري ڪانٽئي، چيلهار، پارني، ٻڳل، ويراڙي، ڌارناسر ۽ ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، سول ڪورٽ، ڊپٽِي ڪليڪٽر جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، پاڪستان سرڪار جو ميوزم، ٽائون ڪميٽي، ٽيليفون آفيس، پوليس ٿاڻو، مسافر خانو، تعلقو اسپتال ۽ انجنيري بنگلا آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون ڇوڙ ۽ ڍورو نارو 12 ۽ 14 ميل جي فاصلي تي آهن. ميرپور خاص 46 ميل پري آهي، جو پڪو روڊ آهي. ڪنري اسٽِيشن سان به آمدرفت چالو آهي. هيءُ شهر سڀني شهرن سان لاريءَ رستي ڳنڍيل آهي.[3]
شھر جو نالو
[سنواريو]هن شهر جي نالي بابت اختلاف موجود آهي ته ان جو صحيح نالو عمرڪوٽ هو يا امرڪوٽ. فارسي ماخذن ۾ هي نالو ٻنهي صورتن، يعني عمرڪوٽ ۽ امرڪوٽ، ۾ ملي ٿو[4]
هڪ روايت موجب هن شهر جو بنياد راڻو امر سنگهه وڌو هو، تنهنڪري ان جو نالو امرڪوٽ پيو. ٻي روايت مطابق شهر جو بنياد عمر سومرو رکيو هو، جنهن سبب ان کي عمرڪوٽ سڏيو ويو.[4] ٽئين راءِ برطانوي مورخ جيمس ٽاڊ پيش ڪئي آهي، جنهن موجب امارا-سومرا (Umara-Sumra) پرمار راجپوتن جي هڪ شاخ هئي، جيڪا ٿر ريگستان ۾ آباد ٿي ۽ هن شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس خيال موجب شهر جو نالو انهيءَ نسبت سان عمرڪوٽ پيو.[4] تنهن هوندي به، ٿر واري علائقي جا مقامي ماڻهو اڄ به هن شهر کي امرڪوٽ سڏين ٿا، جڏهن ته علائقي کان ٻاهر هي شهر عام طور عمرڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي.[4]
امرڪوٽ يا عمرڪوٽ سنڌ جي قديم شهرن مان هڪ آهي، جنهن جي نالي بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. شهر کي ڪڏهن ”ديهات“، ڪڏهن ”همروٽ“، ڪڏهن ”پدمات“، ڪڏهن ”امراڻو“ ۽ ڪڏهن ”امراپري“ به سڏيو ويو، پر موجوده دور ۾ اهو عام طور عمرڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي. ڪجهه روايتن موجب هن شهر کي عمر سومري سان منسوب ڪري عمرڪوٽ سڏيو ويو، جڏهن ته ٻين تاريخي ماخذن، جهڙوڪ ”تاريخ فرشتا“، آئين اڪبري، اڪبر نامه، ”شاهجهان نامه“ ۽ ٻين مؤرخن وٽ هن شهر جو نالو امرڪوٽ طور ملي ٿو. هڪ راءِ موجب هن شهر جو اصل نالو امرڪوٽ هو، جيڪو برطانوي دور کان عمر سومري جي نسبت سان عمرڪوٽ طور مشهور ٿيو، جيتوڻيڪ ڪجهه محققن موجب عمر سومري جو امرڪوٽ شهر يا قلعي سان سڌو تعلق ثابت نٿو ٿئي.[5]
امرڪوٽ تي راڻا پرساد جي راڄ دوران 1542ع ۾ مغل بادشاهه همايون هتان گذريو، ۽ سندس پٽ اڪبر جو جنم به هتي ٿيو. همايون جي ڀيڻ گلبدن بيگم پنهنجي فارسي ڪتاب “همايون نامه” ۾ لکيو آهي ته راڻو پرساد، شهنشاهه همايون جو زبردست استقبال ڪيو، کيس رهڻ لاءِ بهترين جاءِ ڏني ۽ سندس قافلي جي اميرن لاءِ قلعي کان ٻاهر رهائش جو بندوبست ڪيو. گلبدن بيگم موجب اتي شيون تمام سستيون هيون، هڪ رپئي ۾ چار ٻڪريون ملي رهيون هيون، ۽ راڻا پرساد بادشاهه کي رڍون ۽ ٻڪريون تحفي ۾ ڏنيون. هن بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت قلعو اڪبر بادشاهه جي جاءِ پيدائش واري هنڌ موجود هو. ممڪن آهي ته اهو قلعو امر سنگھ نالي ڪنهن هندو راجا يا راڻي جوڙايو هجي، جنهن ڪري شهر جو نالو شروع ۾ امرڪوٽ ۽ پوءِ عمرڪوٽ ٿيو. عمر مارئي جو قصو ۽ بادشاهه عمر سومري جو دور راڻي پرساد کان اٽڪل 200 سال اڳ جو ڄاڻايو وڃي ٿو. شاهه لطيف جي شاعري ۽ فارسي ۽ عربي ۾ غير ملڪي سياحن جي ڪتابن ۾ هن شهر جا ٻئي نالا ملن ٿا. هڪ ٻوليائي راءِ موجب، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۽ لهجن ۾ ”ع“ مٿان پيش وارو اچار موجود نه آهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته ”ع“ جي زبر واري اچار مان ”الف“ وارو اچار پيدا ٿيو هجي، جنهن سبب ٻئي صورتون صدين کان گڏ هلنديون رهيون. قديم آثارن جي محقق حاڪم علي شاهه بخاري موجب قلعي جي منظم کوٽائي سان قلعي جي عمر، اقتصادي حالت، ثقافت، هنرن ۽ اصل نالي بابت اهم معلومات ملي سگهي ٿي.[6] .
شھر جي تاريخ
[سنواريو]قديم دور ۽ مذهبي آثار
[سنواريو]تاريخي روايتن ۽ آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته امرڪوٽ سنڌ جي انتهائي قديم شهرن مان هڪ آهي، ۽ ممڪن آهي ته قبل مسيح دور ۾ به آباد هو. خاص طور ٻڌ ڌرم واري دور ۾ هن شهر کي اهميت حاصل هئي. جوڳرائي جو تلاءُ انهيءَ دور جي مشهور يادگار طور ڄاتو وڃي ٿو. روايت آهي ته شهر جي ڀرسان لامٻي تلاءُ جي سر تي ۽ جوڳرائي جي ڪپر تي مهاتما ٻڌ جي پوئلڳن چلا ڪڍيا، جنهن ڪري اتي هڪ شاهي قلعو مهاراجه وڪرما جيت ٺهرايو. هڪ روايت موجب شهر مهاراجه وڪرما آباد ڪيو، پر انساني وسنديءَ جا آثار ان کان به قديم سمجهيا وڃن ٿا. قديم آثارن ۾ جوڳرائي جو تلاءُ ۽ ’شو‘ جو آستان شامل آهن. شو جي مندر وٽ برهمڻ آباد هئا ۽ ڀڪشوئن جو به اثر هو. شو جو مندر ڀٽن واري زمين تي واقع آهي، جتي واري جي دڙن مان ٻڌ ڌرم جي دور جا مڻڪا اڄ به ملن ٿا.[7]
عمرڪوٽ جلد ئي ٿر ريگستان جو هڪ اهم شهر بڻجي ويو ۽ تاريخي واقعن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻتہ اهو اوڀر طرف کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ مکيه شاهراهه تي واقع هو ۽ مارواڙ کي سنڌو ماٿري سان ڳنڍيندڙ رستي تي پڻ موجود هو. انهيءَ جغرافيائي حيثيت سبب عمرڪوٽ ريگستان جي ڪنجي سڏجڻ لڳو ۽ فوجي توڙي واپاري لحاظ کان انتهائي اهم شهر بڻجي ويو.[4] جيتوڻيڪ اهو يقيني طور معلوم نه آهي ته شهر ڪڏهن آباد ٿيو، پر ايترو ضرور واضح آهي ته قديم زماني کان هتي آبادي موجود هئي. چيني سياح شُوئن زانگ (Xuanzang)، جيڪو 641ع ۾ هندستان آيو هو، گهڻو امڪان آهي ته عمرڪوٽ جو به دورو ڪيو هجي[8] روايت موجب يارهين صدي عيسويءَ ۾ راڻا امر سنگهه هن شهر کي تعمير ڪرايو هو،[9][4] جڏهنتہ هاڻوڪو شهر ان جي قديم بنيادن تي ٻيهر آباد ڪيو ويو.[9][10]
هتي هڪ ننڍڙو قلعو موجود هو، جيڪو ايترو مضبوط نه هو جو ڪنهن وڏي ۽ طاقتور فوج جو مقابلو ڪري سگهي. موجوده عمرڪوٽ جو قلعو 1746ع ۾ ڪلهوڙا حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو (وفات 1755ع) تعمير ڪرايو. گهڻن تاريخدانن جي راءِ آهي ته اهو قلعو هڪ قديم قلعي جي ماڳ تي اڏيو ويو، جيڪو يا ته سومرا حڪمرانن يا سوڍا راجپوتن تعمير ڪرايو هو.[4]
.
ٽالپر دور ۾ جوڌپور طرفان ڪنهن ممڪن حملي يا چڙهائي جي صورت ۾ دفاع لاءِ قلعي اندر 400 سپاهي مقرر رکيا ويندا هئ.[4]
پرمار، سوڍا ۽ سومرا دور
[سنواريو]امرڪوٽ جي پراچين تاريخ جو مڪمل احوال موجود نه آهي، پر ڪجهه تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڇهين صدي عيسوي ڌاري هتي پرمارن جي حڪومت هئي. لدروي ۽ پونگل جي يدوونسي راجا منڏم راءِ امرڪوٽ جي پرمار راجا سوڍ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ڪيهر، مولراج ۽ گوگلي پيدا ٿيا.[11][12][8] سن 997ع، يعني 1054 سنبت ۾ مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه پرمار مارواڙ جي نون قلعن جي ورهاست پنهنجن نون ڀائرن ۾ ڪئي، جنهن وقت امرڪوٽ جو گراج پرمار جي حصي ۾ آيو[8]. اُمَرڪوٽ جي اهميت تڏهن وڌيڪ وڌي وئي جڏهن اهو سوڍا راجپوتن جي قبضي هيٺ آيو. هي اهو قبيلو هو جنهن جي همت، جوش ۽ حياتيءَ اُمَرڪوٽ کي سنڌ جي تاريخ ۾ امر بڻائي ڇڏيو. سوڍا، جيڪي اُمَرڪوٽ جا حڪمران بڻيا، ريگستان جا رهواسي هئا.[4]ڪرَنل ٽاڊ موجب، گهڻي امڪان سان اهي سڪندر اعظم جي ذڪر ڪيل ”سوگدي“ هئا.[13] هن سوڍا قبيلي جي اصل نسل بابت وڌيڪ تحقيق ڪندي اهو نتيجو ڪڍيو ته هي پرمارا راجپوتن جي هڪ شاخ هئي. سندن هڪ ذيلي شاخ ”اُمرا-سمرا“ هئي، جنهن مان ”اُمَرڪوٽ“ جو نالو نڪتل سمجهيو وڃي ٿو..[4]
هڪ روايت موجب، پرمارا سوڍا، جيڪي ڪيترين صدين کان ٿر جي ريگستان ۾ رهندا هئا، يا ڪن جي چوڻ مطابق اُجين مان آيا هئا، تن 1226ع ۾ اُمَرڪوٽ کي سمرن کان فتح ڪيو؛ جڏهن ته ٻي روايت موجب سمرن جي حڪمرانن اهو شهر کين عطا ڪيو هو..[4] پر ٽاڊ جي ڪتاب راجستان جون تواريخون ۽ آثارِ قديمه ۾ هڪ اهڙو واقعو بيان ٿيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو 1226ع کان اڳ ئي سوڍن جي قبضي ۾ اچي چڪو هو. 1219ع ۾ سوڍن جي راڻا جو چاچيچ ديو سان تڪرار ٿيو، جنهن اوچتو حملو ڪري راڻا کي حيران ڪري ڇڏيو. راڻا چار هزار سپاهي گڏ ڪري حملي آور جو مقابلو ڪيو. هو جنگ ۾ شڪست کائي ويو ۽ پنهنجي گاديءَ واري هنڌ اُمَرڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتائين.[4]
بهرحال، قبضي کان پوءِ اُمَرڪوٽ سوڍن جو مرڪزي شهر بڻجي ويو، ۽ ان وقت کان وٺي سڀني سياسي تبديلين جي باوجود سندن قبضي هيٺ رهيو. قلعي جي حڪمران جو لقب ”راڻا“ هوندو هو. جيتوڻيڪ هو عملي طور خودمختيار هو، تنهن هوندي به سنڌ جي حڪمرانن جي بالادستي کي تسليم ڪندو هو. جڏهن سنڌ دهليءَ جي سلطانن ۽ مغل شهنشاهن جي اقتدار هيٺ هئي، تڏهن راڻا کين خراج ادا ڪندو هو. نئين راڻا جي تخت نشينيءَ تي کيس يا ته مغل شهنشاهه يا ٺٽي ۾ مقرر سندس نائب کان سرڪاري توثيق حاصل ٿيندي هئي.[14].[4]
اُمَرڪوٽ جي راڻا جا پاڙيسري رياست جيسلمير سان لاڳاپا ڪڏهن خوشگوار ته ڪڏهن تڪراري رهيا. 1219ع ۾ راڻا اڳ ئي چاچيچ ديو سان جنگ وڙهي چڪو هو، پر بعد ۾ هن جيسلمير جي حڪمرانن سان سٺا لاڳاپا قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي.[4]. منجم راءِ، جيڪو منگل راءِ جو پٽ هو، پنهنجي ملڪ تي ٿيل هڪ حملي سبب اُمَرڪوٽ ۾ اچي پناهه ورتي. جڏهن هو پاڻ حڪمران بڻيو ته سوڍن جي راڻا پنهنجي ڌيءَ جو سڱ کيس ڏنو. هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ شادي اُمَرڪوٽ ۾ ٿي.[4] هن شاديءَ واري اتحاد اُمَرڪوٽ جي سوڍن کي سندن طاقتور پاڙيسرين کان بچاءُ ۽ تحفظ فراهم ڪيو. ڇو ته سوڍا قبيلي جون عورتون پنهنجي حسن ۽ دلڪشيءَ سبب مشهور هيون، تنهن ڪري سنڌ جا حڪمران ۽ اشرافيه طبقا انهن سان شاديون ڪرڻ جا خواهشمند هوندا هئا. مختلف دورن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي بااثر ماڻهن سوڍا عورتن سان شاديون ڪيون. ان جي بدلي ۾ سوڍن کي تحفظ، سلامتي ۽ سياسي سهارو حاصل ٿيندو رهيو.[4]. جيسلمير جي تاريخي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته يارهين صديءَ جي شروعات ۾ به امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي. ان وقت ڏکڻ ٿر، يعني هاڻوڪي مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري شهر کان اولهه طرف علائقو سومرن جي قبضي هيٺ هو، جنهن کي ”ديرڪ“ پرڳڻو چيو ويندو هو. سومرن پوءِ پرمارن کان امرڪوٽ به حاصل ڪيو. ڇاڇري کان اوڀر کائڙ تي راٺوڙن جو راڄ هو ۽ پارڪر تي پرمارن جو راڄ هو.[15]
سومرن امرڪوٽ فتح ڪري ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جنهن کان پوءِ آهستي آهستي ڏکڻ ٿر ۾ سندن اثر گهٽجڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد ”مڪواڻا“ راجپوتن زور ورتو ۽ ملڪ تي قبضو ڪري ڪيرٽي کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. انهن مان ڪيسر مڪواڻو مشهور راجا ٿي گذريو. ڪيرٽي هن وقت مٺي تعلقي ۾ مٺي شهر کان 16 ميل ڏکڻ طرف هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي[8].[15] ڪجهه روايتن موجب عمرڪوٽ يا امرڪوٽ عمر سومره ولد دودي سومري جو ٻڌل هو، جيڪو سنه 793هه، يعني 1390ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين.[16] هڪ ٻي روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کي کڻي اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو.
راجپوتن همايون کي امرڪوٽ ۾ پناهه ڏني، جتي اڪبر بادشاهه جو جنم ٿيو. سنه 949هه، يعني 1542ع ۾ مرزا شاهه حسن جي دور ۾ همايون بادشاهه شير شاهه افغان کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي رهيو. ساڳئي سال رجب مهيني جي پنجين تاريخ اڪبر بادشاهه ڄائو. اڪبر جي ماءُ جو نالو حميده بانو هو. ان وقت عمرڪوٽ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، تنهن ڪري همايون اتان نڪري جونپور ۾ درياهه جي ڪناري وڃي رهيو.[16]
عمرڪوٽ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو اڪبر اعظم جي جنم ڀومي آهي. همايون، جيڪو شير شاهه سوري کان شڪست کائڻ کان پوءِ نهايت ڏکئي ۽ لاچار حالتن ۾ 1542ع ۾ هتي پهتو، تنهن جو استقبال قلعي جي راڻا، پرساد وِرسال، ڪيو.[4] . همايون جي ڀيڻ گلبدن بيگم هن استقبال جو نهايت جاندار احوال بيان ڪندي لکي ٿي:
”راڻا شهنشاهه جو وڏي عزت ۽ احترام سان استقبال ڪيو ۽ کيس بهترين رهائش فراهم ڪئي. اميرن جي ماڻهن لاءِ قلعي کان ٻاهر جايون مقرر ڪيون ويون. ڪيتريون ئي شيون نهايت سستيون هيون؛ هڪ رپئي ۾ چار ٻڪريون ملي سگهنديون هيون.
راڻا ٻڪريءَ جي ٻچن ۽ ٻين شين جا ڪيترائي تحفا پيش ڪيا ۽ اهڙي مناسب خدمت سرانجام ڏني، جو ان کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ناڪافي آهن.“
راڻا پنهنجي شاهي مهمانن لاءِ قلعي جو وچ وارو حصو خالي ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري اڪبر جي پيدائش قلعي جي اندر ٿي هئي، نه ته قلعي کان ٻاهر، جيئن عام طور تي سمجهيو ويندو آهي[4].
همايون پوءِ قلعو ڇڏي ويو، ڇاڪاڻتہ اهو سندس سڄي فوج کي رهائي نه ڏئي سگهيو ٿي. راڻا شاهه حسن ارغون جي خلاف همايون جي مدد ڪئي، جنهن همايون جي پيءُ کي قتل ڪيو هو، ۽ شهنشاهه جي مدد لاءِ ٻه هزار يا ٽي هزار سپاهي به فراهم ڪيا. پر اها مدد ڪارگر ثابت نه ٿي، ڇاڪاڻتہ راڻا جي فوج ۾ بغاوت ڦٽي پئي ۽ سپاهي منتشر ٿي ويا[4].
حميده بانو بيگم عمرڪوٽ تڏهن ڇڏي جڏهن اڪبر جي عمر پنج هفتا هئي. اڪبر پاڻ ڪڏهن به عمرڪوٽ نه آيو، پر پنهنجي جنم ڀوميءَ سان سندس گهري جذباتي وابستگي هئي[4].
جڏهن بيگلار خاندان سان تعلق رکندڙ مير ابوالقاسم خان زمان، سنڌ جي حڪمران ڄام بيگ سان گڏ اڪبر جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، تڏهن اڪبر کانئس سندس جنم ڀومي بابت پڇيو[4]. هن جواب ڏنو: ”عمرڪوٽ.“
اهو ٻڌي اڪبر خوش ٿيو ۽ چيائين:
”مان ۽ هي سيد، ٻنهي جي جنم ڀومي هڪ ئي آهي.“
ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر
[سنواريو]سنه 967هه، يعني 1559ع ۾، مرزا عيسيٰ ترخان جي ٻن پٽن محمد باقي ۽ محمد صالح وچ ۾ جنگ لڳي. مرزا عيسيٰ محمد صالح جي حمايت ۾ هو، تنهنڪري محمد باقي شڪست کائي ونگ مان عمرڪوٽ آيو ۽ اتان جيسلمير مان لنگهي بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ پهتو.[16]
مرزا غازي بيگ جي دور ۾ سنه 1508هه، يعني 1599ع ڌاري، ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم ارغون سوڍن سان وڙهي عمرڪوٽ ورتو. ابو القاسم سلطان مرزا جاني بيگ جو سالو هو.[16]
ترخانن جي دور ۾ بيگلار خاندان عمرڪوٽ جي سياسي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مير سيد قاسم بيگلار سمرقند مان سنڌ آيو ۽ شاهه حسن ارغون کيس عمرڪوٽ جو حاڪم مقرر ڪيو. هن سوڍا راجپوتن کي راٺوڙن جي خلاف مدد فراهم ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس شادي راڻا ڪويا وئيرسي جي ڌيءَ راجيه سان ٿي. هنن مان مير ابوالقاسم خان زمان پيدا ٿيو، جيڪو بعد ۾ ترخان دور جي هڪ اهم شخصيت بڻيو.[4]
عيسيٰ خان جي وفات کان پوءِ مرزا باقي حڪمران ٿيو. سندس ڀاءُ جان بابا بغاوت ڪري عمرڪوٽ ۾ پناهه وٺڻ چاهي، پر عمرڪوٽ جي راڻا مرزا باقي کي ڳجهي اطلاع ڏئي جان بابا جي رٿ ناڪام بڻائي. اهڙيءَ طرح عمرڪوٽ جان بابا جي قبضي کان بچي ويو.[4]
بعد ۾ مرزا باقي خان زمان کي راڻا ميگراج خلاف موڪليو. راڻا قلعو ڇڏي ويو ۽ خان زمان آسانيءَ سان عمرڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو. هن راڻا بڪر وئيرسي کي راڻا مقرر ڪري پاڻ نصرپور موٽي ويو.[4]
جڏهن عبدالرحيم خانِ خاناں سوڍا خاندان سان شاديءَ وسيلي رشتيداري قائم ڪئي ته مان سنگهه جي سياسي حيثيت مضبوط ٿي وئي. راڻا ميگراج جي وفات کان پوءِ جاني بيگ عمرڪوٽ جي حڪومت ڪشن داس کي ڏني، جنهن سبب مان سنگهه ۽ ڪشن داس ۾ تڪرار پيدا ٿيو. خانِ خاناں جي سفارش تي جاني بيگ خان زمان کي حڪم ڏنو ته مان سنگهه کي راڻا مقرر ڪيو وڃي.[4]
خان زمان ۽ ڪشن داس جي فوجن وچ ۾ مقابلي جون تياريون ٿيون، پر ڳالهين ذريعي عارضي صلح ٿي ويو. پوءِ ساميجا قبيلي جي ڦرلٽ سبب ٻيهر فساد پيدا ٿيو. ڪشن داس ڀڄي ويو ۽ خان زمان عمرڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو. راڻا جي خاندان سان عزت وارو سلوڪ ڪيو ويو، پر فاتح فوج شهر ۾ ڦرلٽ ڪئي، مندر ڊاهي ڇڏيا، ڳئون ذبح ڪيون ۽ رهواسين سان سخت زيادتيون ڪيون.[4]
انهن واقعن سوڍا قبيلي کي سخت ڪاوڙائي ڇڏيو. جڏهن انهن انتقام لاءِ تياريون ڪيون ته خان زمان جنگ کان بچڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو. آخرڪار راڻا ۽ خان زمان ۾ ٺاهه ٿي ويو، راڻا کي عزت، خلعت، گهوڙو ۽ ڦريل مال مان ڪجهه حصو واپس ڏنو ويو، ۽ عمرڪوٽ جا معاملا پرامن نموني طئي ڪيا ويا.[4]
نادر شاهه، ڪلهوڙا ۽ جوڌپور دور
[سنواريو]سنه 1152هه، يعني 1739ع ۾، جڏهن نادر شاهه افشار سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان ڪلهوڙو ٺٽو ڇڏي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ اچي لڪا. نادر شاهه سندن پٺيان ريگستان پار ڪري عمرڪوٽ پهتو، جنهن سبب نور محمد هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿيو. نور محمد پنهنجي وفاداريءَ جو جواز پيش ڪيو، جنهن تي نادر شاهه کيس معاف ڪري سنڌ جي حڪومت واپس ڏني، بدلي ۾ هن هڪ ڪروڙ رپيا ۽ ساليانو خراج ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ان کان پوءِ نادر شاهه جا امير سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پکڙي ويا.[4][16]
ڪلهوڙن جي اقتدار جي مضبوطيءَ سان سوڍا راجپوتن جي طاقت گهٽجڻ لڳي. هڪ بيان موجب 1750ع ۾ مارواڙ جي راجپوتن عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ ڪاهه ڪري تباهي مچائي، پر شهر فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا؛ ٻي بيان موجب 1750ع ۾ نور محمد ڪلهوڙي ۽ سوڍا راجپوتن وچ ۾ جنگ ٿي. ساڳئي دور ۾ عمرڪوٽ مڪمل طور ڪلهوڙا حڪومت ۾ شامل ٿي ويو، راڻا کي قلعي مان نيڪالي ڏني وئي، ۽ شهر سوڍن جي گاديءَ واري حيثيت وڃائي ويٺو.[4][6]
سنه 1168هه، يعني 1755ع ۾، ميان محمد مراد ياب خان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. ان وقت هو عمرڪوٽ ۾ هو. جڏهن ديوان گدومل سندس لاءِ بادشاهه کان سَند ۽ نواب سريبلند خان جو لقب وٺي آيو، تڏهن هو عمرڪوٽ کان ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو ۽ رستي ۾ نصرپور وٽ سندس تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي.[4][16]
سنه 1190هه، يعني 1777ع ۾، مير بجر خان حج تان موٽي آيو ۽ سڌو عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو. هن کوسن کي عمرڪوٽ مان ڀڄائي ڪڍيو. ميان غلام نبي، تاجو ليکي کي هڪ لشڪر سان گڏ وٺي عمرڪوٽ آيو ۽ ڪوٽ جو گهيرو ڪيو، پر فتح حاصل نه ڪري سگهيو. پوءِ الهه بخش جهنجڻ دغا ڪري مير کان معافي گهري. جڏهن مير عمرڪوٽ کان ٻاهر نڪتو ته تاجو ليکي ٻن هزار ماڻهن سان ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو. ان تي مير بجر خان ڇهه هزار لشڪر گڏ ڪري ٽيهه هزار ڪلهوڙن تي ڪاهي ويو. ڪلهوڙا لانياري وٽ پهتا، جتي جنگ لڳي؛ ڪلهوڙا شڪست کاڌائون ۽ ميان غلام نبي مارجي ويو.[16]
1777ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ گهرو ويڙهه ٿي، جنهن ۾ کوسن ڪلهوڙن پاران ٽالپرن سان مقابلو ڪيو. نامياري تاريخ نويس ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي دور ۾ سندس ٽالپر وزير ۽ سپهه سالار مير بجر خان ٽالپر جي سربراهي ۾ ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ وڏي گهرو ويڙهه ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙو مارجي ويو ۽ مير بجر جي مدد سان سندس ننڍو ڀاءُ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو تخت تي ويٺو.[6]
سنه 1194هه، يعني 1781ع ۾، ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي جوڌپور جي راجا بجيسنگهه ٻه ماڻهو موڪلي مير بجر خان کي دغا سان قتل ڪرايو. ان جي بدلي ۾ ميان عبدالنبي عمرڪوٽ جو قلعو ۽ پرڳڻو جوڌپور جي راجا کي ڏئي ڇڏيو.[16]
مير بجار جي وڌندڙ اثر سبب جوڌپور جي راجا وجي سنگهه سان سندس تڪرار پيدا ٿيو. هڪ بيان موجب 1779ع ۾ هڪ ڳجهي سازش تحت مير بجار قتل ڪيو ويو ۽ عمرڪوٽ وجي سنگهه جي حوالي ڪيو ويو. وجي سنگهه سوڍا راجپوتن جي راڻا کي ٻيهر بحال ڪيو، جنهن کان پوءِ عمرڪوٽ جوڌپور رياست جي هڪ پرڳڻي طور هلندو رهيو.[4]
1781ع ۾ ڪلهوڙن جي درخواست تي مدد خان پٺاڻ ڪلهوڙن خلاف ٽالپرن جي هلندڙ بغاوت کي دٻائڻ لاءِ سنڌ آيو ۽ عمرڪوٽ ۾ ڦرلٽ ۽ قتلام ڪيو. جڏهن عبدالنبي جي مدد لاءِ تيمور شاهه مدد خان کي لشڪر سان موڪليو، تڏهن مير عمرڪوٽ ۾ هئا. مير عبدالله خان بلوچن جو لشڪر وٺي مدد خان جي مقابلي لاءِ نڪتو. گهڻي لکپڙهه کان پوءِ مدد خان عمرڪوٽ آيو ۽ مير فتح خان کي ٺڳيءَ سان گرفتار ڪري وٺي ويو، پر پوءِ هو ڀڄي نڪتو ۽ مير عبدالله ۽ مير فتح علي خان سان وڃي مليو، جيڪي ان وقت دين ڳڙهه ۾ هئا. ميرن جي تياريءَ جو ٻڌي مدد خان عبدالنبي کان بيزار ٿي کيس ڇڏي هليو ويو، جنهن کان پوءِ عبدالنبي لاچار ٿي ميرن جي پيش پيو.[16][6]
اٺارهين صديءَ جي آخر ۾ عمرڪوٽ ٽالپر اڳواڻن لاءِ اهم پناهه گاهه بڻيو. جڏهن ڪلهوڙن افغان حڪمران تيمور شاهه دراني کان مدد گهري، تڏهن مير عبدالله خان، مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان عمرڪوٽ ۾ پناهه ورتي. عمرڪوٽ جي قلعي ٽالپرن کي تحفظ فراهم ڪيو، جنهن سندن ڪلهوڙن خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.[4]
1783ع ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي پنهنجي وزيراعظم ۽ فوج جي سپهه سالار مير بجر خان ٽالپر کي قتل ڪرائڻ لاءِ مارواڙ رياست (جوڌپور) جي راجا وجئہ سنگھ سان ڳجهو معاهدو ڪيو. معاهدي موجب مير بجر خان جي قتل جي بدلي ۾ عمرڪوٽ شهر ۽ پرڳڻو سنڌ کان ڌار ڪري مارواڙ رياست سان شامل ڪيو ويو. مير بجر خان جي قتل جي ردعمل ۾ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 75 ورهين وارو ڪلهوڙا دور پڄاڻي تي پهتو ۽ پوءِ 60 ورهين تائين هلندڙ ٽالپر دور شروع ٿيو.[6]
سنه 1201هه، يعني 1786ع ۾، جوڌپور جي راجا ٻه هزار ماڻهو عمرڪوٽ ۾ آڻي ويهاريا، ڇاڪاڻ ته اهو قلعو ميان عبدالنبي کيس ڏنو هو. اتفاق سان رستي ۾ انهن جو جهيڙو مير سهراب خان جي ڀاءُ مير غلام محمد جي ماڻهن سان ٿيو، جيڪو ٿر ۾ شڪار لاءِ آيو هو. مير غلام محمد جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. ان تي مير سهراب، مير فتح علي خان جي مدد سان عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو، راجپوتن کي ماريو، ملڪ ڦريو ۽ پنهنجو وير وٺي واپس ويو.[16]
ٽالپرن جو دور
[سنواريو]1783ع ۾ مير فتح علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ٽالپر اقتدار ۾ آيا ۽ سنڌ ۾ ٽالپر حڪومت جو بنياد وڌو. ٽالپرن پنهنجي گذريل تجربن جي بنياد تي عمرڪوٽ کي هڪ اهم دفاعي ۽ پناهگاهي شهر سمجهيو، ڇاڪاڻتہ کين افغان حملي جو انديشو رهندو هو. انهيءَ ڪري هنن عمرڪوٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوششون ڪيون.[4]
سنه 1229هه، يعني 1813ع ۾، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان عمرڪوٽ جوڌپور جي راجا کان کسي ورتو. مير ڪرم علي ٽالپر جي دور ۾ ٽالپرن عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪئي، راجپوتن کي شڪست ڏني ۽ شهر ۽ پرڳڻو جوڌپور جي راجا کان فتح ڪري لڳ ڀڳ 30 ورهين کان پوءِ ٻيهر سنڌ ۾ شامل ڪيو. ان کان پوءِ عمرڪوٽ ٽالپرن جي هٿ ۾ رهيو.[4][16][6]
جوڌپور جي راجا جي اثر کي روڪڻ لاءِ ٽالپرن پنهنجي فوجون جوڌپور جي علائقن تائين به موڪليون. جيتوڻيڪ عمرڪوٽ ٽالپرن جي قبضي ۾ اچي ويو، پر اهو سنڌ ۽ جوڌپور جي وچ ۾ تڪرار جو موضوع بڻيل رهيو. جوڌپور جي راجا ڪڏهن به عمرڪوٽ تي سنڌ جي ميرن جي بالادستي تسليم نه ڪئي ۽ ان کي پنهنجي رياست جو حصو قرار ڏيندو رهيو.[4]
1815ع ۾ نئونڪوٽ وارو ننڍڙو پڪو دفاعي قلعو جوڙايو ويو.[6]
جڏهن جيمس برنس 1827ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو ته هن لکيو آهي ته ان وقت غلام الله لغاري عمرڪوٽ جو نگران هو.[4]
ٿامس پوسٽنس ۽ جيمس برنس عمرڪوٽ جي هڪ ٻي اهم خصوصيت جو به ذڪر ڪن ٿا. سندن مطابق عمرڪوٽ اهو هنڌ هو جتي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا خزانا لڪائي رکيا ويندا هئا. جيمس برنس لکي ٿو:[4]
"هتي اهو مشهور آهي ته سنڌ جي حڪومت جا ميمبر ڪيترن ئي ڪروڙ رپين جو خزانو رکندا آهن."
سنه 1258هه، يعني 1842ع ۾، سر چارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب عمرڪوٽ، سبزلڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪراچي انگريز سرڪار جي حوالي ٿيا.[16]
انگريز دور
[سنواريو]1843ع ۾ دٻي جي جنگ کان پوءِ سر چارلس نيپيئر ميرپور مان فِٽزجيرالڊ کي عمرڪوٽ موڪليو. ٽالپرن عمرڪوٽ کي پنهنجي فوجي مرڪز طور استعمال ڪيو هو ۽ قلعو مضبوط فوجي دستن سان ڀريل هو. جڏهن فِٽزجيرالڊ عمرڪوٽ پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته اهڙيون خبرون بي بنياد هيون. ڪجهه ڳالهين ٻولهين کان پوءِ قلعو بنا ڪنهن مزاحمت جي انگريزن جي حوالي ڪيو ويو ۽ فِٽزجيرالڊ کي قلعي جو نگران مقرر ڪيو ويو.[4] عمرڪوٽ تي قبضي کان پوءِ سنڌ مڪمل طور انگريزن جي قبضي هيٺ اچي وئي.[4] 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ عمرڪوٽ انگريزن جي قبضي هيٺ آيو. سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران عمرڪوٽ کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو مليو، جڏهن ته قلعو سرڪاري سنڀال هيٺ آيو.[6]
سنڌ جي فتح کان پوءِ جوڌپور جي راجا عمرڪوٽ بابت برطانوي حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪيون ۽ مطالبو ڪيو ته عمرڪوٽ کيس واپس ڏنو وڃي. برطانوي حڪومت عمرڪوٽ کي حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ڏهن سالن کان پوءِ اهو تجويز پيش ڪيو ويو ته عمرڪوٽ ڪڇ جي راءِ کي ڏنو وڃي، پر اها تجويز رد ڪئي وئي. آخرڪار 1856ع ۾ عمرڪوٽ کي مستقل طور سنڌ ۾ ضم ڪيو ويو.[4]
1857ع واري آزاديءَ جي جنگ جي سلسلي ۾ 1859ع ۾ راجپوتن ۽ ٻين مقامي ماڻهن، جن ۾ عمرڪوٽ جو راڻا ۽ ڪجهه مقامي زميندار پڻ شامل هئا، برطانوي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. هنن ڪجهه پوليس اهلڪارن کي قتل ڪري شهر تي قبضو ڪيو، پر انگريز فوج اها بغاوت بي رحميءَ سان ڪچلي، جنهن دوران وڏي رتوڇاڻ ٿي. هن ئي دور ۾ انگريزن امر ڪردار راڻا رتن سنگھ کي عمرڪوٽ جي قلعي اندر ڦاسي تي چاڙهيو.[4][6]
ڏکڻ ٿر ۽ پارڪر جا ڀاڱا انتظامي طور گهڻي عرصي تائين ڪڇ ڀڄ سان ڳنڍيل رهيا، ۽ راجپوتن، کوسن ۽ ڪولهين جي بغاوتن کي دٻائڻ لاءِ ٿيل ڪاررواين ۾ روپلي ڪولهي سميت ڪيترن محب وطن نوجوانن کي موت جي سزا ڏني وئي.[6]
1859ع ۾ عمرڪوٽ جي راڻا ۽ ڪجهه مقامي زميندارن برطانوي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. هنن ٽيليگراف آفيس تي حملو ڪيو، ڪجهه پوليس اهلڪارن کي قتل ڪيو ۽ شهر تي قبضو ڪري ورتو، پر حڪومت فوراً ڪارروائي ڪندي بغاوت کي ختم ڪري ڇڏيو.[4].
برطانوي دور ۾ هڪ ٻيو قابلِ ذڪر واقعو 1867ع ۾ پيش آيو، جڏهن سنڌ جي ڇهين ڪمشنر ايڊي رابرٽ عمرڪوٽ ۾ درٻار ڪوٺائي. ان موقعي تي ميرپورخاص جي رهواسي مير شاهه محمد خان کي ”ستارهٔ هند“ جو خطاب ۽ هڪ تمغو عطا ڪيو ويو..[4]
1869ع ۾ مارواڙ، ٿر ۽ عمرڪوٽ سميت سڄي علائقي ۾ سخت ڏڪار پيو. حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو ڪيترن ماڻهن انتهائي غربت سبب پنهنجا ٻار به وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.[4]
1876ع ۾ بمبئي جي گورنر سر رچرڊ ٽيمپل، جيڪو فارسي ٻوليءَ جو عالم پڻ هو، سنڌ جي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ عمرڪوٽ جو دورو ڪيو.[4] بعد ۾ 1889ع ۾ سنڌ جي يارهين ڪمشنر سر چارلس پرچرڊ پڻ عمرڪوٽ جو دورو ڪيو..[4]
جديد دور ۽ جنگي اهميت
[سنواريو]ٿر ۽ بئراج ايراضي جي ڳانڍاپي تي واقع تاريخي قلعي وارو سرحدي شهر عمرڪوٽ گذريل ٽن صدين دوران ٻاهرين ڪاهن ۽ اندروني بغاوتن سبب گهٽ ۾ گهٽ ست ڀيرا رتوڇاڻ، ڦرلٽ ۽ جلائو گهيرائو جو شڪار ٿيو. عمر مارئي جي لوڪ داستان، مومل جي هڪ ماڙي جي آثارن ۽ اڪبر بادشاهه جي جنم هنڌ سبب مشهور هن شهر کي مختلف دورن ۾ نادر شاهه، مارواڙ جي راجپوتن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، مدد خان پٺاڻ، انگريزن ۽ 1971ع جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران هندستاني فوج جي اڳڀرائي جهڙن واقعن سان واسطو رهيو.[6]
1965ع جي جنگ ۾ حُرن جو ڪردار
[سنواريو]سال 1965ع جي شروعات ۾ ڀارت جي جنگي تيارين کي ڏسندي فوجي اختيارين پنجاب جي چولستان کان ڪڇ جي رڻ تائين سرحدي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج سان گڏ وڏي انگ ۾ مقامي حُرن کي مقرر ڪيو. سنڌ جي سرحدي پٽيءَ کي ٻن سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو: چولستان ۽ اڇڙي ٿر تي ٻڌل ”اتر سيڪٽر“ لاءِ پير پاڳاري جي ننڍي ڀاءُ پير نادر علي شاهه کي، جڏهن ته ٿر ۽ ڪڇ جي رڻ واري ”ڏکڻ سيڪٽر“ لاءِ فقير امين مڱريو کي سيڪٽر ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. پير پاڳاري کي حُرن جو چيف ڪمانڊر بڻايو ويو. ٽنهي ڪمانڊرن کي ڏورانهن محاذن تي موجود حُرن سان رابطي لاءِ هيليڪاپٽر پڻ ڏنا ويا. جنگ دوران پير پاڳارو عمرڪوٽ قلعي اندر قائم هيڊڪوارٽر ۾ موجود رهيو ۽ مختلف جنگي محاذن جا دورا ڪري حُرن جا حوصلا وڌائيندو رهيو.[17]
1965ع جي جنگ دوران جڏهن ڀارتي فوج پنجاب وٽان سرحد پار ڪري پاڪستاني علائقي تي قبضو ڪيو ته سنڌ جي سرحدي مورچن ۾ موجود حُرن کي حڪم مليو ته جواب ۾ هو به پيش قدمي ڪري ڀارتي علائقو فتح ڪن. حُر، جنگي جهازن ۽ تربيت يافته فوج جي مدد سان اڳتي وڌيا ۽ راجستان ۾ مغل دور جا ٻه تاريخي قلعا، ڪشن ڳڙھ ۽ گهوٽاڙو، اهم فوجي ڇانوڻيون، ڪيترائي سرحدي چوڪيون ۽ ريلوي اسٽيشنون فتح ڪيون. ڀارت پاران حرن جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ هٿيار، بارود ۽ تازا فوجي دستا کڻي ايندڙ هڪ ريل گاڏي کي کوکرو پار - موڻاٻائو (Khhokhhuro paar - Monnaabaao) ريلوي لائين تي پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ پٽڙي تان ڪيرائي، باهه ڏئي ساڙي تباهه ڪيو ويو. ٻن هفتن جي جنگ ۾ حُرن راجستان جو اٽڪل 1800 چورس ڪلوميٽر علائقو فتح ڪيو. ڪيترائي حُر نوجوان شهيد ۽ زخمي ٿيا. سرڪار پير پاڳاري، خليفي فقير امين مڱريو، وحيد ڪٽپر ۽ ٻين حُرن کي ”ستاره جرئت“، ”تمغه جرئت“ ۽ ٻين فوجي اعزازن ۽ سَنَدن سان نوازيو.[18]
1971ع جي جنگ ۽ هڱورو ڀٽ جو معرڪو
[سنواريو]1971ع واري پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي وڏي انگ ۾ مقرر بنگالي آفيسرن جي بغاوت سبب سنڌ جي دفاع لاءِ گهربل فوجي دستا ۽ حُر مجاهد وقت سر اڳين مورچن تائين پهچي نه سگهيا. انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺندي ڀارتي فوج ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر شهرن سميت اتر-اوڀر ٿر جي وڏي ايراضي تي قبضو ڪيو. عورتون ۽ ٻار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ بئراج ايراضي جي مختلف ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا. ڀارتي فوج ڪيترن ڳوٺن مان گذري ڇاڇري کان اڳتي وڌي ۽ عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ شهر ٻاهران هڱورو ڀٽ تي گڏ ٿيڻ شروع ڪيو. عمرڪوٽ ڏانهن پيش قدمي جي خبرن سبب شهر جا رهواسي ڊپ ۾ شهر خالي ڪري ويا.[19]
اڳوڻي ضلعي ناظم مگهن مڱريو جي والد فقير ترڪو مڱريو جي اڳواڻي ۾ حُرن جي ”عمرڪوٽ ڪمپني“ شهر جي دفاع لاءِ هڱورو ڀٽ ۽ شهر جي وچ ۾ واقع ”پنجا تلي ترائي“ وٽ مورچن ۾ موجود هئي. ڀارتي فوج 18 مدراس رجمينٽ جي ڪمانڊ ۾ ٽي ڏينهن هڱورو ڀٽ وٽ ڪئمپ قائم ڪري وڌيڪ هٿيار، بارود ۽ تازه دم دستا گهرائي عمرڪوٽ تي قبضي جي رٿابندي ڪري رهي هئي. ترڪو مڱريو وڌيڪ مدد گهري، جنهن تي 26 بلوچ رجمينٽ جي هڪ ڪمپني ڪئپٽن ممتاز جي اڳواڻي ۾ حر مجاهد فورس جي مدد لاءِ پهتي. جنگ ۾ حصو وٺندڙ متارو مڱريو، محمد آريسر ۽ امام بخش ڀنڀرو موجب ٻنهي ڪمپني ڪمانڊرن فيصلو ڪيو ته دشمن جي حملي جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ دشمن جي ڪئمپ تي اوچتو حملو ڪيو وڃي.[20]
رٿابندي موجب حر ۽ بلوچ ڪمپنين مان چونڊيل ڦڙت، بهادر ۽ جانثار جوانن صبح جو 4 وڳي ڀارتي فوج جي ڪئمپ تي اتر ۽ اولهه کان اوچتو حملو ڪيو. ڪارروائي ۾ پهريان مورچن تان مارٽر گولا فائر ڪيا ويا، پوءِ دستي بم ۽ هٿيار استعمال ڪندي دشمن جي مزاحمت کي ٽوڙيو ويو. ڀارتي فوج وڏي انگ ۾ هٿيار، بارود، راشن، درجنين گاڏيون ۽ ٻيو جنگي سامان ڇڏي پنڌ واپس ڀڄڻ تي مجبور ٿي. پاڪستان طرفان بلوچ ۽ حر ڪمپنين جا رڳو 150 جوان هن ڪارروائي ۾ شامل هئا، جڏهن ته ڀارتي ڪئمپ ۾ اٽڪل 700 فوجي موجود هئا، جن مان 49 ٿڏي تي مارجي ويا. لاشن کي اتي ئي گڏيل قبر ۾ دفن ڪيو ويو، ڪجهه زخمين سميت لڳ ڀڳ ويهارو ڀارتي فوجي گرفتار ڪري جنگي قيدي بڻايا ويا. پاڪستاني پاسي جا چار جوان شهيد ۽ ٻارهن زخمي ٿيا. هن ڪارروائي دوران بهادري ڏيکارڻ تي ڪئپٽن ممتاز، صوبيدار گل خان ۽ ٻين کي فوجي تمغن سان نوازيو ويو. 26 بلوچ رجمينٽ جي ڪمپني ۽ حُرن جي عمرڪوٽ ڪمپني کي خاص پذيرائي ڏيندي ”هڱورين“ جو نالو ڏنو ويو. عمرڪوٽ جي دفاع واري هن جنگ جي چار شهيدن جي ياد ۾ قلعي اندر عجائب گهر ڀرسان هڪ يادگار ٺهيل آهي، جنهن تي معرڪي جا انگ اکر پڻ ڏنل آهن.[21]
جاگرافي
[سنواريو]هي شهر 25◦22′ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69◦47′ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي ٿر ۾ واقع آهي. اهو ميرپورخاص کان 46 ميل اوڀر ۾، ان هنڌ تي آهي جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. هڪ ٻي روايت ۾ ان جو مقام 22–25 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 47–69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ طور بيان ڪيو ويو آهي، ۽ شهر کي واريءَ ۽ ڏاڍي زمين جي دنگ تي واقع ڄاڻايو ويو آهي.
عمرڪوٽ جو قلعو
[سنواريو]تعمير ۽ نالي بابت روايتون
[سنواريو]عمرڪوٽ جو قلعو يا امرڪوٽ جو قلعو سنڌ جي تاريخي قلعن مان هڪ آهي، جيڪو ٿر ۽ سنڌو ماٿريءَ جي وچ واري اهم گذرگاهه تي واقع رهيو آهي. قلعي جي تعمير بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. هڪ راءِ موجب موجوده قلعو ڪلهوڙا دور ۾ حيدرآباد جي پڪي قلعي کان اٽڪل ويهه سال اڳ، ميان نور محمد ڪلهوڙي 1746ع ۾ جوڙايو.[4] ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي تحقيق موجب قلعي جي اڏاوت لاءِ لڪي جبل جا پٿر پاڻيءَ رستي آڻڻ خاطر ڳوٺ چيل بند وٽان اتر-اوڀر رخ ۾ “نور واهه” نالي هڪ ابتو واهه کوٽايو ويو هو. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته هاڻوڪي قلعي واري هنڌ ڪلهوڙن کان اڳ به ڪو پراڻو قلعو موجود هو ۽ موجوده قلعو ان جي بنيادن تي اڏيو ويو.[6]
- عمرڪوٽ جي قلعي جو ھڪ منظر
- عمرڪوٽ جو قلعو
- عمرڪوٽ عجائب گھر
روايتن موجب يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگهه قلعو ٺهرايو، جڏهن ته ڪجهه بيانن موجب اهو قلعو پرمار سوڍي اڏايو هو، جنهن تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو. هڪ روايت مطابق 1355ع ۾ عمر سومري هن شهر کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. 1226ع ۾ اهو ٻيهر سوڍن جي هٿ ۾ رهيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. ڪن محققن جي راءِ آهي ته قلعو سنڌ ۾ اسلامي دور کان به اڳ جو ٺهيل آهي.[22]
قلعي ۽ شهر جي اصل نالي بابت تاريخدانن وٽ ٻه اهم رايا ملن ٿا. هڪ راءِ موجب اصل قلعو امر سنگهه نالي راجپوت راڻي جوڙايو هو، تنهنڪري شهر ۽ قلعي جو نالو امرڪوٽ پيو.[23] ٻي راءِ موجب قلعو عمر ماروي واري قصي سان لاڳاپيل مشهور بادشاهه عمر سومري جوڙايو هو، تنهنڪري صحيح نالو عمرڪوٽ آهي.[24]
هڪ طرف تاريخي روايتن موجب سن 1226ع ۾ راجسٿان کان سوڍا راڻا رتي ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ فتح ڪري هتي حڪمران ٿيا، ۽ انهن 26 راڻن جو تاريخي ۽ نالي وار سلسلو هاڻوڪي راڻي همير سنگهه تائين پهچي ٿو، پر انهن ۾ امر سنگهه نالي ڪو راڻو نه ملي ٿو. ٻئي طرف هاڻوڪي قلعي جي ٻن برجن واري مُک دروازي مٿان وچ ۾ لڳل هڪ پٿر تي سورج مکي جو گل اُڪريل آهي، جيڪو سورج ونسي سوڍن جي ڌرمي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن موجوده قلعو ميان نور محمد ڪلهوڙي تعمير ڪرايو هو ته پوءِ مُک دروازي مٿان سورج مکي وارو پٿر لڳائڻ بابت سوال پيدا ٿئي ٿو؛ ممڪن آهي ته اهو پٿر سوڍا راڻن پنهنجي راڄ دوران لڳايو هجي.[6]
جاگرافيائي ۽ فوجي اهميت
[سنواريو]عمرڪوٽ جو قلعو اڳ به ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو مارواڙ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اهم رستي تي واقع هو. ان زماني ۾ عمرڪوٽ سنڌ جي سومرا گهراڻي جي حڪومت هيٺ هو. عمرڪوٽ جي قلعي کان 30 ميل اتر طرف ٿر اندر رتو ڪوٽ نالي هڪ پراڻي قلعي جا نشان موجود آهن. رتو ڪوٽ، جيڪو عمرڪوٽ جي قلعي وانگر اهم آهي، پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني هو يا انهن کان اڳ جو تعمير ٿيل قلعو هو، ان بابت قطعي طور چئي نٿو سگهجي. بهرحال، اهڙن مضبوط قلعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن مدبر حڪمران ٿر تي پنهنجو ڏهڪاءُ قائم ڪرڻ، ۽ سنڌو ماٿري ۽ وچ هندستان جي وچ وارن شاهراهه رستن تي پنهنجو حڪم جاري رکڻ لاءِ انهن قلعن جي اڏاوت ڪرائي هئي.[25]
قلعي جا ڏکڻ ۽ اولهه وارا دروازا
[سنواريو]قلعي جي اتر طرف واري مُک دروازي کان سواءِ ڏکڻ ۽ اولهه پاسي وارن ٻن ننڍن دروازن بابت قديم آثارن جي ماهرن حاڪم شاهه بخاري ۽ علي حيدر گاڏهي جو چوڻ آهي ته قلعي جي اصل ڊيزائين ۾ اهي ٻئي دروازا شامل نه هئا. سندن مطابق اهي دروازا انگريزن پنهنجي سهولت لاءِ قلعي جون ڀتيون ٽوڙي ڪڍايا هئا. قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ ان جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي اهي ٻئي دروازا بند ڪيا پيا وڃن.[6]
لال سنگهه سوڍو، ڏکڻ واري دروازي بابت انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪري ٿو. سندس دعويٰ آهي ته جوڌپور جي راجا ۽ ٽالپرن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿيل جنگ جي وقت به ڏکڻ وارو دروازو موجود هو. سندس چوڻ موجب اهو دروازو مُک دروازي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هو، تنهنڪري جوڌپور جي راجا جون فوجون ان دروازي کي بارود سان ٽوڙي، باهه ڏئي ساڙي، اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيون. سندس مطابق، ان جنگ ۾ باهه سبب سڙيل ڪاريون سرون ۽ ڀتيون اڄ به ان دروازي وٽ موجود آهن.[6]
دلچسپ جايون
[سنواريو]هيءُ شهر ڪراچي، جيڪو سنڌ جو گاديءَ وارو شهر آهي، ۽ حيدرآباد سميت ٻين وڏن شهرن سان سٺيءَ طرح ڳنڍيل آهي.[26] عمرڪوٽ ۾ ڪيترائي تاريخي اهميت وارا ماڳ موجود آهن، جن ۾ اڪبر بادشاهه جي جاءِ پيدائش، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ مومل جي ماڙي شامل آهن. هتي هڪ قديم مندر شِو مندر، عمرڪوٽ پڻ موجود آهي. ان کان علاوه ڪالي ماتا مندر، ڪرشن مندر (پراڻي امرڪوٽ ۾)، منهر مندر ۽ ڪٺواڙي مندر (رانچو لائين ۾) پڻ مذهبي ۽ تاريخي اهميت رکن ٿا.
تعليم
[سنواريو]شهر ۾ 100 کان وڌيڪ اسڪول، 20 ڪاليج ۽ هڪ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج موجود آهن.
آبادي
[سنواريو]آباديءَ جي واڌ
[سنواريو]| Year | Pop. | ±% p.a. |
|---|---|---|
| 1951 | 5,142 | — |
| 1961 | 5,878 | +1.35% |
| 1972 | 8,381 | +3.28% |
| 1981 | 13,742 | +5.65% |
| 1998 | 35,559 | +5.75% |
| 2017 | 134,196 | +7.24% |
| 2023 | 144,558 | +1.25% |
| Sources:[27] | ||
2023ع پاڪستان جي آدمشماري موجب عمرڪوٽ جي آبادي 144,558 هئي.[28]
مذهب
[سنواريو]عمرڪوٽ شِو مندر سنڌ جي سڀ کان قديم ۽ مقدس هندو عبادتگاهن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.[29]
| مذهب | آبادي (1901ع)[30] | سيڪڙو (1901ع) |
|---|---|---|
| هندومت |
3,884 | 78.72% |
| اسلام |
993 | 20.13% |
| جين مت |
46 | 0.93% |
| عيسائيت |
1 | 0.02% |
| ڪل | 4934 | 100% |
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "SAU Umerkot campus graduated first batch". The Academia Magazine. 9 ڊسمبر 2021. 8 جنوري 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "PAKISTAN: Provinces and Major Cities". PAKISTAN: Provinces and Major Cities. citypopulation.de. 4 مَئي 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 Ali, Mubarak (2005). Essays On The History of Sindh. Lahore: Fiction House. ص. —73, 74.
- ↑ امر ڪوٽ عمرڪوٽ : (Sindhianaسنڌيانا)[مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 روزآني ڪاوش جي 26 مارچ 2017 جي ”ڪاوش دنيا“ ۾ عمرڪوٽ بابت نور محمد سمي جي ليکيل ليک مان ورتل
- ↑ امر ڪوٽ عمرڪوٽ : (Sindhianaسنڌيانا)[[Category:Articles with dead external links from March 2026]][مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 3 4 ليمبرڪ, ايڇ. ٽي. (1964). Sind: A General Introduction (ٻيهر ڇاپو 1975 ڇاپو). حيدرآباد. ص. 149.
{{cite book}}: CS1 maint: location missing publisher (ڳنڍڻو) - 1 2 رائچند هريجن (1975). تاريخ ريگستان. حيدرآباد. ص. 651.
{{cite book}}: CS1 maint: location missing publisher (ڳنڍڻو) - ↑ Ali, Mubarak (2005). Essays On The History of Sindh. Lahore: Fiction House. ص. —73 کان 86.
- ↑ ”ٽاڊ راجستان“، ندي ڀاڱو ٻيو صفح 1186- 1187، بحواله امرڪوٽ اتهاس
- ↑ ”ٽاڊ راجستان“، گجراتي، ڀاڱو ٻيو، صفحو 317
- ↑ James Tod, Annals and Antiquities of Rajasthan, Delhi: 1978, ii,p. 181 n. i.
- ↑ Raikes (1856). Memoir on the Thurr and Parkur Districts of Sind. London. ص. 137–138.
{{cite book}}: CS1 maint: location missing publisher (ڳنڍڻو) - 1 2 رائچند هريجن (2005). تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) (چوٿون ڇاپو). ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون
- ↑ عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون
- ↑ عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون
- ↑ عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون
- ↑ عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون
- ↑ "عمرڪوٽ جو قلعو ڪهڙي دور ۾ تعمير ٿيو؟ ........عزيزڪنگراڻي -". 16 جُونِ 2019. 10 جُولاءِ 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Hasan, Shazia (19 اپريل 2015). "Umerkot: Lost in history". DAWN.COM (انگريزي ۾). 29 مَئي 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Umerkot Fort, Umerkot". antiquities.sindhculture.gov.pk (برطانوي انگريزي ۾). 29 مَئي 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
- ↑ "District Government Umerkot". اصل نسخو مان 24 فيبروري 2012 تي محفوظ ڪيل. 16 فيبروري 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Population by administrative units 1951-1998" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- ↑ "Sindh (Pakistan): Urban Localities in Districts - Population Statistics, Charts and Map". www.citypopulation.de. 31 آگسٽ 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The thriving Shiva festival in Umarkot is a reminder of Sindh's Hindu heritage". 27 فيبروري 2018. 18 فيبروري 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Enthoven, R. E. (1902). Census of India, 1901: Volume IX-A. Bombay: Part II, Imperial Tables. Government Central Press. ص. 40–41.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا عمرڪوٽ. |
Umerkot سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from March 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 maint: location missing publisher
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 برطانوي انگريزي-language sources (en-gb)
- Commons link is locally defined
- Commons category wi page teetle different than on Wikidata
- Dmy تاريخون استعمال April 2017 کان
- عمرڪوٽ
- سنڌ ۾ هندومت
- عمرڪوٽ ضلعي جون تعلقائون
- سنڌ جا شھر
- پاڪستان جا شهر
- سنڌ جون گھاٽيون آباديون