عمرڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عمرڪورٽ
شھر
Umerkot Fort
Umerkot Fort
عرفيت: امرڪوٽ
عمرڪورٽ is located in Sindh
عمرڪورٽ
عمرڪورٽ
Location of Umerkot within Sindh Province
عمرڪورٽ is located in Pakistan
عمرڪورٽ
عمرڪورٽ
عمرڪورٽ (Pakistan)
مڪانيت: 25°21′47″N 69°44′33″E / 25.36306°N 69.74250°E / 25.36306; 69.74250مڪانيت: 25°21′47″N 69°44′33″E / 25.36306°N 69.74250°E / 25.36306; 69.74250
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو عمرڪوٽ
ٽائيم زون PKT (UTC+05:00)



Umarkot Fort
عمرڪوٽ جو قلعو
عمرڪوٽ جو عجائب گھر

عمرڪوٽ(انگريزي: Umer Kot City ) (اردو: عمرکوٹ, پاڪستان جي صوبي سنڌ جو شهر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جو صدر مقام آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ شهر قديم شهرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کي کڻي اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو. هيءُ شهر 22 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 47 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي. هي واريءَ ۾ ڏاڍي زمين جي دنگ تي آهي. هتي 1542ع ۾ هاڪارو مغل بادشاهه اڪبر اعظم ڄائو هو. هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاٽو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگ قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جو اڃا تائين سلامت آهي. ڪن محققن جي راءِ آهي ته قلعو سنڌ ۾ اسلامي دور کان به اڳ جو جوڙايل آهي.[1] انگريزن عمرڪوٽ کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري مٺي، ڇاڇري ڪانٽئي، چيلهار، پارني، ٻڳل، ويراڙي، ڌارناسر ۽ ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، سول ڪورٽ، ڊپٽِي ڪليڪٽر جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، پاڪستان سرڪار جو ميوزم، ٽائون ڪميٽي، ٽيليفون آفيس، پوليس ٿاڻو، مسافر خانو، تعلقو اسپتال ۽ انجنيري بنگلا آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون ڇوڙ ۽ ڍورو نارو 12 ۽ 14 ميل جي فاصلي تي آهن. ميرپور خاص 46 ميل پري آهي، جو پڪو روڊ آهي. ڪنري اسٽِيشن سان به آمدرفت چالو آهي. هيءُ شهر سڀني شهرن سان لاريءَ رستي ڳنڍيل آهي[2].

غوثيه گيسٽ ھائوس جو منظر

تفصيل[سنواريو]

امرڪوٽ يا عمرڪوٽ هيءَ وسندي/شهر 25◦22′ اتر ويڪرائي ڦاڪ 69◦47′ -اوڀر- ڊگھائي ڦاڪ ٿر ۾ آهي. ميرپورخاص (Mirpurkhaas) کان ٤٦ ميل اوڀر ۾ ٺيڪ ان جاءِ تي آهي جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. ھي شھر پنھنجي قلعي سبب مشھور آھي؛ جيڪو پرمار سوڍي اڏايو هو. ھن تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو. وري ١٢٢٦ع ۾ سوڍن جي ھٿ ۾ رھيو. راجپوتن، ھمايون کي ھتي پناهه ڏني ۽ اڪبر بادشاهه جو جنم ٿيو. ڪلھوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ميان نورمحمد جي قبضي ھيٺ ھو، جنھن کي ڪلھوڙن جوڌپور جي راجا کي وڪيو. ١٨١٣ع ۾ ميرن ھي شھر واپس ورتو. سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران، ھن کي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليو. قلعو سرڪاري سنڀال ھيٺ آھي.

تاريخ ڏسائي ٿي ته امرڪوٽ سنڌ جي انهن چند شهرن مان آهي، جيڪي سنڌ جا تمام قديم ۽ آڳاٽا آهن. امرڪوٽ ٿر ۽ سنئين زمين جي ڪس تي آهي، هن شهر جي ايراضي ڪنهن دور ۾ تقريباً چوڏهن پندرهن ميلن ۾ پکڙيل هئي. پراڻي امرڪوٽ جا آثار ’شو‘ جي مندر کان وٺي ڏياتيهه تائين نظر اچن ٿا. هن شهر کي ڪڏهن ”ديهات“ جي نالي ته ڪڏهن ”همروٽ“، ڪڏهن ”پدمات“ ته ڪڏهن ”امراڻو“ ۽ ڪڏهن ”امراپري“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي، ليڪن هن وقت عمرڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪو سراسر غلط آهي، هن شهر کي عمر سومري جي نسبت سان عمرڪوٽ برٽش دور کان سڏيو ويو، توڻي جو عمر سومري جو امرڪوٽ جي شهر ۽ قلعي سان ڪو به واسطو نه آهي. تاريخ جا قديم ماخذ ”تاريخ فرشتا“ (Taareekh e Firshitaa)، آئين اڪبري (Aaeen e Akbari)، اڪبر نامه (Akbar Naamaa)، ”شاهجهان نامه“ ۽ ٻيا مصنف انهي ڳالهه تي متفق آهن ته هن شهر جو نالو امرڪوٽ آهي. عمرڪوٽ يا امرڪوٽ عمر سومره ولد دودي سومري جو ٻڌل هو، جو سنه 793هه (سنه 1390ع) ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين[3]

امرڪوٽ جي تاريخ بابت روايتون[سنواريو]

امرڪوٽ جي تاريخ ۽ روايتن کي مد نظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي شهر قبل مسيح ۾ به آباد هو، خاص ڪري ٻڌ ڌرم واري دور ۾ هي شهر اوج تي هو، جوڳرائي جو تلاءُ (Joggiraaee jo talaau) ان دور جي مشهور يادگار آهي، چون ٿا ته هن شهر جي ڀر ۾ لامٻي تلاءُ (Laambbay talaau) جي سر تي ۽ جوڳرائي جي ڪپر تي مهاتما ٻڌ جي پوئلڳن اچي چلا ڪڍيا، جنهن ڪري اتي هڪ شاهي قلعو مهاراجه وڪرما جيت ٺهرايو. هي شهر مهاراجه وڪرما -آباد- ڪيو، پر هتي انسان ذات جي وسنديءَ جا آثار ان کان به قديم آهن. ان قديم دور جي آثارن ۾ هڪ ”جوڳرائي“ جو -تلاءُ- ۽ ٻيو ’شو‘ جو آستان آهي. انهيءَ ’شو‘ جي مندر وٽ برهمڻ-، آباد هئا، گڏوگڏ ڀڪشوئن جو به زور هو. شوِ جو مندر ڀٽن واري زمين تي آهي ۽ انهن واري جي دڙن مان ٻڌ ڌرم جي دور جا مڻڪا اڄ به عام جام ملن ٿا. تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿيو ته امرڪوٽ جو شهر قديم آهي ۽ لڳ ڀڳ امر ڪوٽ جو قلعو به ايترو ئي پراڻو آهي، ڇهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ هن شهر تي پرمار راجائن جي حڪومت هئي، انهن راجائن جي حڪومت کي يارهين صدي عيسوي ۾ حاڪم حمير سومري ختم ڪيو. هن قديم شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر ۾ بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي ولادت ٿي“.[4] امرڪوٽ جي پراچين اتهاس جي پوري خبر ڪانهي، پر ڪن اتهاسن ۾ ٿورو احوال آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڇهين صدي عيسوي ڌاري اُتي پر مارن جي حڪومت هئي. لدروي ۽ پونگل جي يدوونسي راجا منڏم راءِ امرڪوٽ جي پر مار راجا سوڍ جي ڪنيا سان وهانءُ ڪيو [5]. منڏم راءِ کي انهيءَ راڻيءَ مان ٽي پٽ ڪيهر، مولراج ۽ گوگلي نالي ٿي[6]ا. سن 997ع- 1054 سنبت ۾ مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه پرمار مارواڙ جي نون قلعن جي ورهاست پنهنجن نون ڀائرن ۾ ڪئي. ان وقت امرڪوٽ جو گراج پرمار کي حصي ۾ مليو. جيسلمر جي اتهاس ۾ آيل حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته يارهين صديءَ جي شروعات ۾ به امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي. ان وقت ڏکڻ ٿر يعني هاڻوڪي مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري شهر کان اولهه طرف سڄي ملڪ تي سومرن جو راڄ هو، جنهن کي ”ديرڪ“ پرڳڻو چوندا هئا، جن پوءِ پرمارن کان امرڪوٽ به هٿ ڪيو. ڇاڇري کان اوڀر کائڙ تي راٺوڙن جو راڄ هو ۽ پارڪر تي پرمارن جو راڄ هو[2]. سومرن امرڪوٽ وٺي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو ته آهستي آهستي ڏکڻ ٿر ۾ سندن زور گهٽجي ويو ۽ اتي ڪجهه وقت بعد ”مڪواڻا“ راجپوتن زور ورتو ۽ ملڪ تي قبضو ڪري ڪيرٽي ۾ گاديءَ جو هنڌ ڪري ويٺا، جن مان ڪيسر مڪواڻو مشهور راجا ٿي گذريو آهي.”ڪيرٽي“ ھن وقت مٺي تعلقي ۾ مٺي شهر کان 16 ميل ڏکڻ طرف ننڍو ڳوٺ آهي.[2].

اڪبر بادشاھ جي جاء پيدائش جت

سنه 949هه _سنه 1542ع) ۾ مرزا شاه حسن جي وقت همايون بادشاه شير شاه افغان کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي سنڌ ۾ رهيو ۽ اُتي انهيءَ سال جي رجب مهيني جي پنجين تاريخ اڪبر بادشاه ڄائو. راڻيءَ جو نالو حميده بانو هو. عمرڪوٽ تڏهن ننڍڙو ڳوٺ هو، تنهنڪري همايون اتان نڪري جونپور ۾ درياه جي ڪناري تي اچي رهيو.[3]

عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار[سنواريو]

ٿر ۽ بئراج ايراضي جي ڳانڍاپي تي، تاريخي قلعي وارو سرحدي شھر عمرڪوٽ، گذريل 3 صدين دوران ٻاهرين ڪاهن ۽ اندروني بغاوتن سبب گهٽ ۾ گهٽ 7 ڀيرا رتوڇاڻ، ڦرلٽ ۽ جلائو گهيرائو جو شڪار ٿيو آھي پر 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ دوران مقامي حُرن ۽ ٻين سنڌي جوانن، پنهنجو رت ڏئي هن شھر کي وڏي مهارت سان ڀارتي فوج جي قبضي ۽ تباھي کان ذري تان بچائي ورتو هو.

عمر مارئي جي لوڪ داستان، مومل جي هڪ ماڙي جي آثارن ۽ اڪبر بادشاھ جي جنم جي هنڌ جي حوالن سان مشھور هن شھر ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ 1739ع ۾ ايران کان ڪاهي آيل نادر شاھ رتوڇاڻ ۽ ڦرلٽ ڪئي، هو ڪلهوڙن کان معاهدي ۾ ساليانو ڏَن مقرر ڪرائي واپس موٽي ويو، 1750ع ۾ مارواڙ جي راجپوتن عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ ڪاھ ڪري تباهي مچائي پر شھر فتح ڪرڻ ۾ سوڀارا نه ٿيا، 1777ع ۾ ٽالپرن پاران سنڌ جون واڳون ڪلهوڙن کان ڦُرڻ جي ڪوشش دوران ٻنهي قبيلن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ گهرو ويڙھ ٿي، جنهن ۾ کوسن، ڪلهوڙن پاران ٽالپرن سان چوٽون کاڌيون، ڪلهوڙو حاڪم ميان غلام نبي عمرڪوٽ ۾ مارجي ويو هو. 1781ع ۾ ڪلهوڙن خلاف ٽالپرن جي هلندڙ بغاوت کي چٿڻ لاءِ ڪلهوڙن جي گذارش تي ڪاهي آيل مدد خان پٺاڻ عمرڪوٽ ۾ به ڦرلٽ ۽ قتلام ڪيو، 1783ع ۾ ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبي پنهنجي ئي وزيراعظم ۽ فوج جي سپھ سالار مير بجر خان ٽالپر کي قتل ڪرائڻ لاءِ مارواڙ رياست (جوڌپور) جي راجا وجئہ سنگھ سان هڪ ڳجهو معاهدو ڪيو، معاهدي موجب مير بجر خان جي قتل عيوض عمرڪوٽ شھر ۽ پرڳڻو سنڌ کان ٽوڙي مارواڙ رياست سان جوڙيو ويو، بجر خان جي قتل جي ردعمل ۾ سنڌ ۾ اٽڪل 75 ورهين وارو ڪلهوڙا دور پڄاڻي تي پهتو ۽ پوءِ 60 ورهين تائين هلندڙ ٽالپر دور جي شروعات ٿي.

1786ع ۾ عمرڪوٽ پرڳڻي جي ٿر واري ايراضي ۾ شڪار لاءِ ويل سنڌ جي والي، ٽالپر خاندان جي ماڻھن کي مارواڙي راجپوتن پاران بنا اجازت شڪار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ درجنين ساٿين سميت قتل ڪرڻ کانپوءِ ٽالپرن، پنهنجي شڪارين جي قتل جو پلاند ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ تي ڪاھ ڪري شھر ۾ وڏي رتوڇاڻ ڪئي، 1813ع ۾ مير ڪرم علي جي دور ۾ ٽالپرن عمرڪوٽ تي ڪاھ ڪري راجپوتن کي هارَ ڏئي، شھر ۽ پرڳڻو فتح ڪري، 30 ورهين کان پوءِ وري واپس سنڌ ۾ شامل ڪري ورتو ۽ 1815ع ۾ نئونڪوٽ وارو ننڍڙو پڪو دفاعي قلعو جوڙائي مڪمل ڪيو.

انگريز دور ۾ 1857ع واري آزادي جي جنگ جي سلسلي ۾ 1859ع ۾ راجپوتن ۽ ٻين مقامي ماڻھن، ڪجھ پوليس اهلڪارن کي قتل ڪري شھر تي قبضو ڪري ورتو، اها بغاوت ڪچلڻ لاءِ انگريز فوج پاران بي رحم ڪاروائي دوران وڏي رتوڇاڻ ٿي، هن ئي دور ۾ انگريزن امر ڪردار راڻا رتن سنگھ کي عمرڪوٽ جي قلعي اندر ڦاسي تي چاڙھيو، هن دور ۾ ڏکڻ ٿر ۽ پارڪر وارا ڀاڱا انتظامي طور وڏو عرصو ڪڇ ڀُڄ سان جُڙيل رهيا، اتي راجپوتن، کوسن ۽ ڪولهين پاران ڪيل بغاوتون چٿڻ لاءِ ٿيل ڪارواين ۾ روپلي ڪولهي (Roplo Kolhi) سوڌو ڪيترن ئي محب وطن نوجوانن کي موت جي سزا ڏني وئي.

سال 1965ع جي شروع ۾، ڀارت جي جنگي تيارين کي ڏسندي، فوجي اختيارين پاران پنجاب جي چولستان کان ڪڇ جي رڻ تائين سرحدي دفاع کي ناقابل ِ تسخير بڻائڻ لاءِ اتي فوج سان گڏ وڏي انگ ۾ مقامي حُرن کي مقرر ڪري، سنڌ جي ان سرحدي پٽيءَ کي 2 سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو هو، چولستان ۽ اڇڙي ٿر تي ٻڌل “اتر سيڪٽر“ لاءِ پير پاڳاري جي ننڍي ڀاءُ پير نادر علي شاھ کي جڏھن ته ٿر ۽ ڪڇ جي رڻ واري “ڏکڻ سيڪٽر“ لاءِ فقير امين مڱريو کي سيڪٽر ڪمانڊر ۽ پير پاڳاري کي حُرن جو چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو، هنن ٽنهي ڪمانڊرن کي ڏورانهن محاذن تي مقرر حُرن سان رابطي لاءِ هيليڪاپٽر پڻ ڏنا ويا. جنگ دوران پير پاڳارو پاڻ عمرڪوٽ قلعي اندر قائم ڪيل هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود هو ۽ اتان مختلف جنگي محاذن جا دورا ڪري حُرن جا حوصلا وڌائيندو رهيو.

جنگ ڇڙڻ کانپوءِ ڀارتي فوج پنجاب وٽان سرحد پار ڪري پاڪستاني علائقي تي قبضو ڪري ورتو، سنڌ جي سرحد تي دفاعي مورچن ۾ موجود حرن کي حڪم مليو ته ردعمل طور هو به پيش قدمي ڪري ڀارت جو علائقو فتح ڪندا، حُر، جنگي جهازن ۽ تربيت ورتل فوج جي مدد سان اڳتي وڌي، ڀارتي فوج جي سخت مزاحمتن کي منهن ڏيندا راجستان ۾ مغل دور جي 2 تاريخي قلعن، ڪشن ڳڙھ ۽ گهوٽاڙو سميت اهم فوجي ڇانوڻيون، ڪيتريون ئي سرحدي چوڪيون ۽ ريلوي اسٽيشنون فتح ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا، ڀارت پاران حرن جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ هٿيارن ۽ بارود سميت تازا فوجي دستا کڻي ايندڙ هڪ ريل گاڏي کي کوکرو پار - موڻاٻائو (Khhokhhuro paar - Monnaabaao) ريلوي لائين تي، پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ پٽڙي تان ڪيرائي، باھ ڏئي ساڙي تباھ ڪيو ويو، 2 هفتن جي هن جنگ ۾ حُرن راجستان جو اٽڪل 1800 چورس ڪلوميٽر علائقو فتح ڪري ورتو هو، هن جنگ ۾ ڪيترائي حُر نوجوان شھيد ۽ زخمي ٿيا. سرڪار پاران پير پاڳاري، خليفي فقير امين مڱريو، وحيد ڪٽپر ۽ ٻين حُرن کي بهترين جنگي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي “ستاره جرئت“ “تمغہ جرئت“ ۽ ٻين فوجي اعزازن ۽ سَنَدن سان نوازيو ويو هو.

1971ع واري جنگ وقت پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي وڏي انگ ۾ مقرر بنگالي آفيسرن جي بغاوت سبب هتان جي دفاع لاءِ گهربل فوجي دستا ۽ حُر مجاهد وقت سر پنهنجي اڳين مورچن تائين پهچي نه سگهيا جنهن جو فائدو وٺندي ڀارتي فوج کي سنڌ جي محاذ تي پاڪستان کان 1965ع برگيڊيئر راجا ڀواني شنڪر جي اڳواڻي ۾ ڀارتي فوج جي مختلف رجمينٽن تي ٻڌل هڪ وڏي انگ ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر شھرن سميت اتر-اوڀر ٿر جي هڪ وڏي ايراضي تي قبضو ڪري ورتو، جنهن جي ڪري عورتون ۽ ٻار کڻي سر بچائڻ لاءَ اتان ڀڄي وڃي بئراج ايراضي جي مختلف ڳوٺن ۾ پناھ ورتائون.

ڀارتي فوج رستي ۾ ايندڙ ڳوٺن ۾ کي پار ڪندي ڇاڇري کان اڳتي وڌي، عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ شھر ٻاهران “هڱورو ڀٽ“ تي گڏ ٿيڻ شروع ڪيو هو، عمرڪوٽ ڏانهن پيش قدمي جون خبرون پهچڻ سبب عمرڪوٽ جا رهواسي ڊپ ۾ شھر مڪمل طور خالي ڪري چڪا هئا، اتان جي اڳوڻي ضلعي ناظم مگهن مڱريو جي والد فقير ترڪو مڱريو جي اڳواڻي ۾ حُرن جي “عمرڪوٽ ڪمپني“ شھر جي دفاع لاءِ هڱورو ڀٽ ۽ شھر جي وچ ۾ واقع “پنجا تلي ترائي“ وٽ قائم ڪيل مورچن ۾ اڳ ئي موجود هئي، ڀارتي فوج 18 مدراس رجمينٽ جي ڪمانڊ ۾ 3 ڏينهن تائين هڱورو ڀٽ وٽ ڪئمپ قائم ڪري، وڌيڪ گهربل هٿيار، بارود ۽ تازه دم دستا گهرائي انهن جي مدد سان عمرڪوٽ تي قبضي جي رٿابندي ڪري رهي هئي، حرن جي ڪمپني ڪمانڊر ترڪو مڱريو پاران ڀارتي فوج جي وڏي انگ ۽ ڪاھ جي تيارين کي ڏسندي شھر جي دفاع لاءِ وڌيڪ لشڪري گھرايا ويا تنهنڪري 26 بلوچ رجمينٽ جي هڪ ڪمپني، ڪئپٽن ممتاز جي اڳواڻي ۾ حر مجاهد فورس جي مدد لاءِ پهتي، هن جنگي معرڪي ۾ ذاتي طور حصو وٺندڙ متارو مڱريو، محمد آريسر ۽ امام بخش ڀنڀرو ٻڌائين ٿا ته “اسان جي مدد لاءِ هڪ بلوچ ڪمپني پهچڻ کانپوءِ ٻنهي ڪمپني ڪمانڊرن فيصلو ڪيو ته عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ دشمن جي رٿيل چال کي ناڪام ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ بدران ڇو نه پاڻ اڳرائي ڪري دشمن جي ڪئمپ تي اوچتي ڪاھ ڪري، ٿر جي فتح جي غرور ۽ عمرڪوٽ تي قبضي جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي کين اتان واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪيون“ رٿابندي موجب حُر ۽ بلوچ ڪمپنين مان پنهنجي نوعيت جي هن خاص جنگي ڪاروائي لاءِ چونڊيل ڦُڙت، بهادر ۽ جانثار جوانن صبح جو 4 وڳي ڀارتي فوج جي ڪئمپ تي اتر ۽ اولھ کان وِڄَ وانگر ڪڙڪي اوچتي ڪاھ ڪئي، ڪاروائي دوران سڀ کان پهرين پنهنجي دفاعي مورچن وٽان ماٽر گولا فائر ڪرڻ کانپوِ پاڻ سان گڏ کنيل دستي بم ۽ هٿيار ڪتب آڻيندي، دشمن جي سخت مزاحمت کي مات ڏئي کين وڏي انگَ (تعداد) ۾ هٿيار، بارود، راشن، درجنين گاڏيون ۽ ٻيو جنگي سامان ڪئمپ ۾ ڇڏي پنڌ واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو، هن ڪاروائي ۾ پاڪستان پاران بلوچ ۽ حر ڪمپنين جي رڳو 150 جوانن حصو ورتو، جڏھن ته ڀارتي فوج جي ڪئمپ ۾ ان وقت اٽڪل 700 ويڙھاڪ فوجي موجود هئا جن مان 49 ڄڻا هن ڪاروائي دوران ٿڏي تي مارجي ويا. انهن جي لاشن کي اتي ئي کوٽيل هڪ گڏيل قبر ۾ دفن ڪيو ويو، ڪجھ زخمين سميت ويهارو کن گرفتار ڪري جنگي قيدي بڻايا ويا، جڏھن ته هتان وارا رڳو 4 جوان شھيد ۽ 12 زخمي ٿيا، ويجهي جنگي تاريخ ۾ تمام ٿوري افرادي قوت سان پاڻ کان ٽيڻ کان وڌيڪ انگ واري دشمن جي فوج مٿان اهڙي طرح ڪاروائي ڪري سوڀ حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪوبه مثال نٿو ملي، هن جنگي ڪاروائي دوران بهادري ۽ جرئت سان سر تريءَ تي رکي عمرڪوٽ جو دفاع يقيني بنائڻ عيوض ڪئپٽن ممتاز، صوبيدار گل خان ۽ ٻين کي فوجي تمغن سان نوازيو ويو، سرڪار پاران 26 بلوچ رجمينٽ جي ان ڪمپني ۽ حرن جي عمرڪوٽ ڪمپني جي خاص پذيرائي ڪندي کين “هڱورين“ جو نالو ڏنو ويو، جيڪي اڃا تائين وڏي فخر سان ان نالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون، عمرڪوٽ جي دفاع واري هن جنگ جي انهن 4 شھيدن جي ياد ۾ قلعي اندر عجائب گهر لڳ هڪ يادگار ٺهيل آھي جنهن تي ان معرڪي جا انگ اکر به ڏنل آھن. [7]

عمر ڪوٽ جو قلعو[سنواريو]

امر ڪوٽ يا عمر ڪوٽ جو قلعو (Amarkot Fortt or Umarkott fort) ٺهرائڻ بابت تاريخ جا پنا اُٿلائڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪلهوڙا دور ۾ حيدرآباد واري پڪي قلعي کان اٽڪل ويهارو سال اڳ ميان نورمحمد ڪلهوڙي 1746ع ۾ جوڙايو هو، عمرڪوٽ جي تاريخ تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي پاران لکيل هڪ تحقيقي مضمون موجب قلعي جي اڏاوت لاءِ لڪي جبل جا پٿر پاڻي رستي قلعي تائين پهچائڻ لاءِ ڳوٺ چيل بند وٽان اتر اوڀر رخ ۾ “نور واھ” جي نالي سان هڪ ابتو واھ به کوٽايو ويو هو، ڪجھ تاريخدانن جو خيال آهي ته هاڻوڪي قلعي واري هنڌ تي ڪلهوڙن جي دور کان اڳ ڪو اڃا وڌيڪ پراڻو قلعو به موجود هو ۽ هاڻوڪو قلعو ان جي بنيادن مٿان اڏيل آهي، قلعي ۽ شهر جي اصل نالي بابت تاريخدان 2 رايا رکن ٿا، هڪ راءِ موجب اصل ۾ اهو قلعو امر سنگھ نالي راجپوت راڻي پاران جوڙايو ويو هو[8]، تنهنڪري شهر توڙي قلعي جو اصل نالو امرڪوٽ آهي جڏهن ته ٻيءَ راءِ موجب قلعو عمر ماروي واري قصي جي حوالي سان مشهور بادشاھ عمر سومري (Umar Soomro) جوڙايو هو، تنهنڪري صحيح نالو عمرڪوٽ آهي،[9] هڪ طرف ڏٺو وڃي ته سن 1226ع ۾ راجسٿان (Rajasthan) کان اچي رتي ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کي فتح ڪري هتي راڄ ڪندڙ 26 راڻن جو تاريخ ۽ نالي وار تفصيل جيڪو هاڻوڪي راڻي همير سنگھ تي کُٽي ٿو انهن مان امر سنگھ نالي ڪوبه راڻو ناهي رهيو، ٻئي طرف هاڻوڪي قلعي جي 2 برجن واري مُک دروازي مٿان وچ تي لڳل هڪ پٿر مٿان سورج مکي جو گل اُڪريل آهي جيڪو سورج ونسي سوڍن جي ڌرمي نشاني سمجهيو ويندو آهي، سمجھ ۾ نٿو اچي ته هاڻوڪو قلعو ميان نور محمد ڪلهوڙي اڏايو هو ته پوءِ ان جي مُک دروازي مٿان سورج مکي وارو پٿر ڇو لڳايو ويو؟ ممڪن آهي ته راڻن پنهنجي راڄ دوران اهو پٿر لڳايو هجي. [10] سنه 967هه (سنه 1559ع) ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جي ٻنهي پٽن محمد باقي ۽ محمد صالح جي پاڻ ۾ جنگ لڳي. مرزا عيسيٰ محمد صالح جي فائدي ۾ هو، تنهن ڪري محمد باقي شڪست کائي ونگ منجهان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ اتان جيسلمير مان لنگهي بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ آيو. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ سنه 1508هه (سنه 1599ع) ڌاري ابو القاسم سلطان ولد شاه قاسم ارغون سوڍن سان وڙهي عمرڪوٽ ورتو. هو مرزا جانيءَ جو سالو هو. سنه 1152هه (سنه 1739ع) ۾ جڏهن نادر شاه سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن ميان نور محمد ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان ڪلهوڙا ٺٽو ڇڏي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪا، پر نادر شاه هنن جي مٿان وڃي بيٺو ۽ هو لاچار ٿي اچي پيش پيا. اتان نادر شاه جا امير سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙي پيا. سنه 1168هه (سنه 1755ع) ۾ ميان محمد مرادياب خان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. هو عمرڪوٽ هو. جڏهن ديوان گدومل سندس لاءِ بادشاهه کان سُندَ ۽ نواب سريبلند خان جو لقب وٺي آيو، تڏهن هو عمرڪوٽ کان ٺٽي آيو ۽ رستي ۾ نصرپور وٽ تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. سنه 1190هه (سنه 1777ع) ۾ ميربجار خان حج پڙهي موٽي آيو ۽ سڌو عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو، ۽ کوسن کي اتان ڀڄائي ڪڍيائين. ميان غلام نبيءَ کي تاجو ليکي هڪڙي لشڪر ساڻ وٺي آيو ۽ اچي ڪوٽ کي گهيرو ڪيائون؛ پر فتحياب نه ٿيا. تڏهن الهه بخش جهنجڻ دغا ڪري مير کان وڃي معافي گهري. جنهن تي مير عمرڪوٽ کان نڪري ٻاهر ٿيو ته تاجي ليکيءَ ٻن هزارن ماڻهن سان ڪوٽ وڃي والاريو. تنهن تي ميربجار ڇهه هزار لشڪر وٺي ٽيهن هزارن ڪلهوڙن تي ڪاهي ويو. ڪلهوڙا نڪري لانياريءَ وٽ آيا، جتي جنگ لڳي ۽ شڪست کاڌائون ۽ ميان غلام نبي مارجي ويو، سنه 1194هه (سنه 1781ع) ۾ ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي بجيسنگ جوڌپور جي راجا ڪي ٻه ماڻهو موڪلي مير بجار خان کي دغا سان مارايو، انهيءَ لاءِ ميان راجا کي عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏيو. انهيءَ وقت ڌاري جڏهن عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ تيمور شاه مدد خان سردار لشڪر سان موڪليو، تڏهن مير عمرڪوٽ ۾ هئا. مير عبدالله خان بلوچن جو لشڪر وٺي هن کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪتو. گهڻي لکپڙهه کان پوءِ مدد خان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ مير فتح خان کي ٺڳاري پڪڙي وٺي ويو. پر پوءِ هو نڪري ڀڄي وڃي مير عبدالله ۽ مير فتح علي خان سان گڏيو، جي تڏهن دين ڳڙهه ۾ هئا. ميرن جي سانباهي جو ٻڌي مدد خان عبدالنبيءَ کان بيزار ٿي هن کي ڇڏي هليو ويو ۽ پوءِ عبدالنبي لاچار ٿي اچي مير جي پيش پيو. سنه 1201هه (سنه 1786ع) ۾ جوڌپور جي راجا ٻه هزار ماڻهو عمرڪوٽ ۾ آڻي ويهاريا، جو اهو ڪوٽ ميان عبدالنبيءَ هن کي ڏنو هو اتفاق سان واٽ ويندي اُنهن جو جهيڙو مير سهراب خان جي ڀاءُ مير غلام محمد جي ماڻهن سان ٿي پيو، جو هو ٿَرَ جي شڪار تي آيل هو. مير جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. تنهن تي مير سهراب، مير فتح علي خان جي مدد سان عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ راجپوتن کي ماري ملڪ ڦري وير وٺي هليو ويو. سنه 1229هه (سنه 1813ع) ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان عمرڪوٽ جوڌپور جي راجا کان کسي ورتو ۽ انهيءَ کان پوءِ سندن هٿ ۾ رهيو. سنه 1258هه (سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب عمرڪوٽ، سبزلڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪراچي انگريز سرڪار کي مليا.[3]عمر ڪوٽ جو قلعو ھاڻي جيان اڳ بھ ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجھيو ويندو ھو ۽ مارواڙ ۽ سنڌوماٿريءَ جي اھم گس تي موجود ھو. تنھن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حڪومت ھئي. عمرڪوٽ جي قلعي کان ٣٠ ميل اتر طرف، ٿر اندر ھڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اھڃاڻ موجود آھن. اھو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جھڙو اھم آھي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آھي يا انھن کان اڳ جي تعمير آھي، سو پتو ڪونھ ٿو پوي. اھو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ ڪنھن مدبر حڪمران ٿر جي ڏھڪاءَ وھارڻ لاءِ اھڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ ھندستان جي مابين شاھي رستن تي پنھنجا فرمان جاري رکيا..[11]

عمرڪوٽ تي راڻا پرساد جي راڄ[سنواريو]

امرڪوٽ تي راڻا پرساد جي راڄ دوران هندستان جي مغل بادشاھ همايون جي 1542ع ۾ هتان گذرڻ ۽ سندس پٽ اڪبر جي هتي جنم جي حوالي سان همايون جي ڀيڻ گلبدن بيگم (Gulbadan Begum) پاران فارسي ۾ لکيل ڪتاب “همايون نامه” (Himaayoon naamaa) ۾ ڄاڻايل آهي ته “راڻي پرساد (Raanno Parsaad)، شهنشاھ همايون جو زبردست استقبال ڪيو، کيس رهڻ لاءِ بهترين جاءِ ڏني ۽ سندس قافلي جي اميرن جي رهائش لاءِ قلعي جي ٻاهران رهائش جو بندوبست ڪيو، اتي ڪيتريون ئي شيون تمام سستيون هيون، هڪ روپئي ۾ 4 ٻڪريون ملي رهيون هيون، راڻا پرساد بادشاھ کي رڍون ۽ ٻڪريون تحفي ۾ ڏنيون، اهڙي ريت اسان جو ايترو خيال رکيو جو هتي بيان نٿو ڪري سگهجي...” گلبدن بيگم جي مٿئين ذڪر مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت قلعو اڪبر بادشاھ جي جاءِ پئدائش واري هنڌ هو، ٿي سگهي ٿو اهو قلعو امر سنگھ نالي ڪنهن هندو راجا يا راڻي جوڙايو هجي ۽ ان پويان شهر شروع ۾ امرڪوٽ ۽ بعد ۾ عمرڪوٽ بڻجي ويو هجي، عمر مارئي جو قصو ۽ بادشاھ عمر سومري جو دور راڻي پرساد کان اٽڪل 200 سال اڳ جو ڄاڻايل آهي، شاھ لطيف جي شاعري توڙي فارسي ۽ عربي ۾ غير ملڪي سياحن پاران لکيل ڪتابن ۾ هن شهر جا ٻئي نالا اچن ٿا، هڪ راءِ اها به آهي ته هتي مذهبي فرق کانسواءِ اڪثريت سان ڳالهائي ويندڙ مارواڙي توڙي ڍاٽڪي ٻولين ۽ لهجن ۾ ع مٿان پيش وارو اُچار ئي ناهي تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ع تي زبر سان اچار جي ڪري ع مان فري الف ٿي ويو هجي ۽ ايئن صدين کان ٻنهي اُچارن سان هلندو پيو اچي. سنڌ جي قديم آثارن تي 2 تحقيقي ڪتابن جي ليکڪ حاڪم علي شاھ بخاري جو چوڻ آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قلعي جي رٿيل کوٽائي سان ملندڙ شين تي تحقيق ذريعي قلعي جي ڄمار، ان دور جي ملڪ جي اقتصادي حالت، ثقافت، هنرن سميت تمام گهڻي معلومات هٿ ڪري سگهجي ٿي ۽ قلعي جو اصل نالو ڄاڻڻ ۾ به وڏي مدد ملي سگهي ٿي. [10]

عمرڪوٽ تي ويجهي تاريخ ۾ آيل لاها چاڙها ۽ ڪاهون[سنواريو]

عمرڪوٽ ويجهي تاريخ ۾ جيڪي لاها چاڙها، جنگي ڪاهون ڏسي چڪو ۽ ڦرلٽ ۽ قتل عام جو شڪار ٿيو انهن ۾ 1739ع ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ نادر شاھ جو حملو، شهر جي ڦرلٽ، 1750ع ۾ نورمحمد ڪلهوڙي (Noor Mohd Kalhorro) ۽ سوڍا راجپوتن (Soddaa Raajpoots) وچ ۾ جنگ، 1777ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ گهرو ويڙھ جنهن ۾ ڪلهوڙن پاران کوسن، ٽالپرن سان چوٽون کاڌيون، 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ جو ڪلهوڙن جي مدد لاءِ حملو ۽ ڦرلٽ، 1886ع ۾ سوڍن جي اجازت کان سواءِ ٽالپر حڪمران جي ڀاءُ پاران ٿر ۾ شڪار ڪرڻ تي سوڍن پاران ٽالپرن جي شاهي شڪاري قافلي جا درجنين ماڻهو قتل ڪرڻ بعد ٽالپرن ۽ سوڍن ۾ جنگ ۽ مير سهراب خان ۽ مير غلام محمد خان جي ماڻهن پاران شهر جي ڦر لٽ، 1813ع ۾ مير ڪرم علي ٽالپر جي دور ۾ ٽالپرن جو عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ حملو ۽ راجپوتن کي شڪست، انگريز دور ۾ 1859ع ۾ راجپوت راڻن ۽ ٻين مقامي زميندارن جي بغاوت، جنهن دوران انهن انگريزن جي ٽيليگراف آفيس وٽ ڪجھ سپاهين کي قتل ڪري پوري شهر تي قبضو ڪري ورتو هو پر پوءِ انگريز سرڪار اها بغاوت ناڪام بڻائي ڇڏي هئي ۽ پاڪستان جي قيام بعد ڊسمبر 1971ع واري پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جنگ دوران هندستان جي فوجن پاران ڇاڇري (Chhaachhro) ۽ ننگرپارڪر (Nangar Paarkar) جي تعلقي هيڊڪوارٽر وارن ٻنهي شهرن ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن تي قبضو ڪري اهي سمورا ڳوٺ ۽ ٻئي شهر باهون ڏئي ساڙڻ ۽ سوين بي گناھ ٿرواسين کي قتل ڪرڻ کان پوءِ عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ برگيڊيئر راجا ڀواني شنڪر جي اڳواڻي ۾ شهر ٻاهران هڱورو ڀٽ وٽ گڏ ٿيڻ شروع ڪيو ته ان خوف ۽ هراس سبب عمرڪوٽ جو شهر ڪيترن ئي ڏينهن تائين مڪمل خالي ٿي چڪو هو پر هندستاني فوج جي هن شهر تي قبضي وارا ارادا اتان جي مقامي حرن ۽ بلوچن، رات جي وقت مٿن ڪيل هڪ ڪاروائي ذريعي ناڪام بڻائي، کين واپس ڇاڇري طرف ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. [10]


قلعي جا ڏکڻ ۽ اولهه وارا دروازا[سنواريو]

قلعي جي اتر طرف واري مُک دروازي کان سواءِ ڏکڻ ۽ اولھ پاسي وارن ٻن ننڍن دروازن بابت قديم آثارن جي ماهرن حاڪم شاھ بخاري ۽ علي حيدر گاڏهي جو چوڻ آهي ته قلعي جي اصل ڊيزائين ۾ اهي ٻئي دروازا ناهن، اهي دروازا انگريزن پنهنجي سهولت لاءِ قلعي جون ڀتيون ٽوڙي ڪڍايا هئا، قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ ان جي سيڪيورٽي کي آڏو رکندي اهي ٻئي دروازا بند ڪيا پيا وڃن، پر لال سنگھ سوڍو موجب، ڏکڻ وارو دروازو انگريزن کان اڳ نه هئڻ واري ڳالھ کي جوڌپور جي راجا ۽ ٽالپرن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿيل جنگ جي حوالي سان رد ڪندي دعوا ڪري ٿو ته “ٽالپر دور ۾ به ڏکڻ وارو دروازو موجود هو، جيڪو مُک دروازي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هو، تنهنڪري جوڌپور جي راجا جون فوجون ان دروازي کي بارود ذريعي ڀڃي باھ ڏئي ساڙي ڪيرائڻ کان پوءِ اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيون هيون، ان جنگ ۾ باھ سان سڙيل ڪاريون سرون ۽ ڀتيون اڄ به دروازي وٽ موجود آهن. [10]

ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي عمرڪوٽ ۾ جنگ[سنواريو]

نامياري تاريخ نويس ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب 1777ع ۾ ڪلهوڙي حڪمران ميان غلام نبي (Miaan Ghulaam Nabi) جي دور ۾ سندس ٽالپر وزير ۽ سپھ سالار مير بجر خان ٽالپر جي سربراهي ۾ ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ وڏي گهرو ويڙھ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙو مارجي ويو ۽ مير بجر جي مدد سان سندس ننڍو ڀاءُ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو تخت تي ويٺو. [10]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "عمرڪوٽ جو قلعو ڪهڙي دور ۾ تعمير ٿيو؟ ........عزيزڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "رائچند هريجن" defined multiple times with different content
  3. 3.0 3.1 3.2 قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. امر ڪوٽ عمرڪوٽ : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. ”ٽاڊ راجستان“، ندي ڀاڱو ٻيو صفح 1186- 1187، بحواله امرڪوٽ اتهاس
  6. ”ٽاڊ راجستان“، گجراتي، ڀاڱو ٻيو، صفحو 317
  7. عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون
  8. Hasan, Shazia. "Umerkot: Lost in history". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-05-29. 
  9. "Umerkot Fort, Umerkot". antiquities.sindhculture.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-05-29. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 روزآني ڪاوش جي 26 مارچ 2017 جي ”ڪاوش دنيا“ ۾ عمرڪوٽ بابت نور محمد سمي جي ليکيل ليک مان ورتل
  11. ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو