وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

وڪيپيڊيا ۾ چونڊ مضمون

هن تاري مان مراد چونڊ مواد آهي.

چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا پاران ڪجهه بهترين مضمونن طور تصور ڪيو ويندو آهي، مضمونن جي چونڊ وڪيپيڊيا جا منتظمين ڪندا آهن. چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا جا سواريندڙ، مضمونن کي سوارڻ وقت هڪ مثال طور اڳيان رکندا آهن. هتي مضمون شامل ڪرڻ کان اڳ، چونڊ مضمون جا اميدوار ۾ چونڊ مضمونن جي معيار مطابق مضمونن جي صداقت، غيرجانبداري، پورائي، ۽ نموني جو جائزو ورتو ويندو آهي. هتي 10,157 مضمونن مان 3 مضمونن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جيڪو سمورن مضمونن جو لڳ ڀڳ 0 سيڪڙو ٿي ٿو. چونڊ مضمون جيڪڏهن معيار تي پورا نه لهندا هجن انهن کي سڌارڻ يا چونڊ مضمونن مان هٽائڻ لاءِ چونڊ مضمونن جو ٻهير جائزو ورتو ويندو آهي.

موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان (This star symbolizes the featured content on Wikipedia.) مان مراد چونڊ مضمون جي تصديق هوندو آهي. موبائيل ۾ اهو تارو نظر نه اچي ته اوهان "Request Desktop Site" کي ڪلڪ ڪري، چونڊ مضمون هجڻ بابت ڄاڻي سگھو ٿا.

اختصار:
چونڊ مضمون

منتخب مواد:

اوزار منتخب مضمون:


Battle of Preveza (1538).jpg

سلطنت عثمانيه سن 1299ع کان 1922ع تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران ترڪي هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾  هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا  جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو يوڪرين) سان ڏکڻ ۾ سوڊان، صوماليه ۽ يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا. سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون. اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان ايشيا جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" (آمريڪا) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو. عثمانين جي زوال جي دور کي جو هڪ سبب جديد دور به قرار ڏنو ويندو آهي. هن دور ۾ سلطنت هر محاذ تي شڪست کاڌي ۽ ان جون سرحدون گھٽجنديون ويون تنظيمات (اصلاحن) جي باوجود مرکزي حڪومت جي ناڪامي جي ڪري انتظامي عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ 19 هين صدي جي دوران سلطنت عثمانيه سميت ڪافي ملڪن ۾ قوم پرستي کي عروج نصيب ٿيو. مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر 1918ء تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو.

سنڌي ادب
سنڌي ادبي دور جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي، ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي, خداآبادي يا خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو. سومرن جي دور کي سنڌي ادب جو شروعاتي چيو ويندو آهي. ڪيترائي محقق موهن جي دڙي واري دور کي سنڌي ادب جي شروعات ڪوٺين ٿا، سندس خيال مطابق، سنڌي ادب متعلق ان دور جي ڪا تاريخ موجود ناهي. رائي گهراڻي جي زماني سنڌ جي وڏن شهرن توڙي ننڍن شهرن ۾ علم جا باقائده مدرسا سنڌي ٻولي ۾ موجود هئا. ان وقت جي سنڌي ٻولي جا حرف عبراني زبان سان ملندا هئا. عرب دور ۾ سنڌي شاعرن جا حوالا ملن ٿا ۽ ان دور ۾ قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جا مثال پڻ ملن ٿا، پر سنڌ جي ليکڪن جي گھڻائي انهن کي سنڌي ادب جو دور نٿا ڪوٺين. سنڌي ادب جو بنياد ۽ اوسر وارو باقاعده دور سومرن جي دور کي سمجهيو وڃي ٿو. توڙي جو سومرن جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي ۽ سرڪاري زبان عربي هئي پر سومرا حڪمرانن جي مادري زبان سنڌي هجڻ سبب ان دور کي سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع وارو دور تصور ڪيو ويندو آهي. ڳاھ جي صورت ۾ سنڌي ۾ بيت سومرا دور کان ملڻ شروع ٿين ٿا، ڳاهه سنڌي شاعري جي هڪ قديم صنف آهي، جنهن کي سنڌي بيتن جي اوائلي صورت قرار ڏنو وڃي ٿو. سومرا دؤر سنڌي رومانوي داستانن جي حوالي سان انتهائي اهم دؤر آهي. سنڌ ۾ ناٽڪ جي تاريخ اوڻويهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سهيڙجڻ شروع ٿي. 1854ع ۾ رايل ٿيئٽر ڪراچي سنڌي ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم هو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سنڌي زبان جا افساني نگار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو.

ٺٽو
سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. جن مان مير علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي. 1982ع ۾، مشهور بين الاقوامي آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ، پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ، پنهنجي ڪتاب ‘Thatta Islamic Architecture’ ۾، ٺٽي جي باري ۾ بهترين تفصيل ڏنو آهي. پروفيسر دانيءَ جي هيءَ تصنيف گهڻي قدر مير علي شير قانع جي لکيل ۽ مشهور بين الاقوامي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ وڌايل فارسي زبان ۾ لکيل تاريخ، ’مڪلي نامه‘، تان ورتل آهي. لفظ ’ٺٽو‘ ۽ ٺٽي شهر جي بنياد پوڻ واري سال متعلق به تاريخدانن ۾ گهڻو اختلاف آهي. هن سلسلي ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو خيال آهي ته ”لفظ ٺٽو ’تهه تهه‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تهه مٿان تهه“. مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چَوَن خشڪ ميدان کي؛ شايد اُنهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي.“ ميجر راورٽيءَ جي راءِ موجب ”ٺٺ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ’تٽ‘ آهي، جنهن جو اُچار سنڌي زبان ۾ ’تڙ‘ (درياءَ جو ڪپر يا ڪنارو) ٿيو، سنسڪرت ۾ ‘ٽاٽا اسٿا’ جي معنا به “درياهه جي ڪنڌيءَ تي وسندي” ٿئي ٿي.؛ ان طرح ’ٺٽ‘ معنيٰ آهي ”ڪنهن واهه يا درياهه وٽ ٻڌل ڳوٺ جتان پتڻ اُڪري پار پهچجي“.