وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون
|
وڪيپيڊيا ۾ چونڊ مضمون چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا پاران ڪجهه بهترين مضمونن طور تصور ڪيو ويندو آهي، مضمونن جي چونڊ وڪيپيڊيا جا منتظمين ڪندا آهن. چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا جا سواريندڙ، مضمونن کي سوارڻ وقت هڪ مثال طور اڳيان رکندا آهن. هتي مضمون شامل ڪرڻ کان اڳ، چونڊ مضمون جا اميدوار ۾ چونڊ مضمونن جي معيار مطابق مضمونن جي صداقت، غيرجانبداري، پورائي، ۽ نموني جو جائزو ورتو ويندو آهي. هتي 11,125 مضمونن مان 4 مضمونن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جيڪو سمورن مضمونن جو لڳ ڀڳ 0 سيڪڙو ٿي ٿو. چونڊ مضمون جيڪڏهن معيار تي پورا نه لهندا هجن انهن کي سڌارڻ يا چونڊ مضمونن مان هٽائڻ لاءِ چونڊ مضمونن جو ٻهير جائزو ورتو ويندو آهي. موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان ( |
اوزار چونڊ مضمون:
|
سما برصغير جي مسلمان راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جا حڪمران ھئا. سمن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب ۽ سوراشٽر جي ڪجھ علائقن تائين رھي. سندس حڪمراني دوران گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو، ارغونن کان شڪست کان پوءِ سندس بادشاھت ختم ٿي. سمن جي گھراڻي پنهنجي لاءِ ”ڄام“ جو لقب مقرر ڪيو، جيڪو بادشاهه يا سلطان جي برابر آهي. سمن کان پھرين سنڌ تي سومرن جي حڪمراني ھئي. سمن 1335ع ڌاري سومرن کان ٺٽو شھر کسي حڪمراني جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي بادشاھت کي بکر ۽ ٻين علائقن تائين وڌايو. ڄام انڙ بن بابينو، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو. ھن جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن سلطنت دهلي جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا.
ڪارگل جنگ پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ هڪ جنگي ڇڪتاڻ کي چيو ويندو آهي، جيڪا 1999ع جي مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڪشمير جي ضلعي ڪارگل ۽ لائين آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڙهي وئي. هندوستان ۾ هن تنازعي يا جنگ کي آپريشن وجي (سوڀ) جي نالي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي آپريشن هندوستان ڪارگل جي علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيو هو. ھن جنگ جو سبب، پاڪستان جي فوجي سپاهين پاران لائين آف ڪنٽرول ٽپي ڪارگل ۾ هندوستان جي فوجي چوڪين تي قبضو ڪرڻ هو. جنگ جي شروعات ۾، پاڪستان پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وڙهندڙ ڪشيمري مجاهد آهن، آپريشن وجي کان پوءِ مئل فوجين، ۽ پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جي بيانن مان ڳالهه واضع ٿي ته وڙهندڙ پاڪستان جي فوج جا اهلڪار هئا. ڪارگل جنگ جا ٽي مُک مرحلا هئا. پهريون، پاڪستان جي فوج پاران هندوستاني ڪشمير جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ ، ٻيو، هندوستان جي فوج کي پاڪستان فوج مداخلت جي سڌ پوڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج کي متحد ڪرڻ ۽ ٽيون مرحلو هندوستان پاران ڪارگل ۾ آيل پاڪستاني فوجين خلاف جنگ ڪري سڄو علائقو خالي ڪرائڻ هو، جنهن ۾ هندوستان جي فوج ڪامياب وئي.
برووخ اسپنوزا پنهنجي دور جو هڪ وڏو فلسفي هو. ھن جو جنم نالو بينيڊٽو ڊي اسپنوزا ھيو. هي 24 نومبر، 1632ع تي ايمسٽرڊيم جي علائقي جوڊنبورٽ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن اسپنوزا اڃان ڇهن سالن جو هو ته سندس والده وفات ڪري وئي. هن جو تعلق سيفراڊي يھودي گھراڻي سان هو ۽ سندس مادري زبان پورچوگيزي ھئي پر ھي عبراني، ڊچ ۽ اسپيني پڻ ڳالھائيندو ھو. سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو ويو ۽ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف واري رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو. اسپنوزا جوهر کي قدرت ۽ خدا سان هڪ ڪري لکيندو هو. هن جي مطابق خدا جي مرضي ۽ قدرت جا قاعدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. تنهن ڪري سڀ واقعا اڻ تبديل ٿيندڙ قاعدن جو ميڪانيڪي عمل آهن ۽ نه هڪ غير ذميوار خودمختيار حاڪم جيان جيڪو تارن ۾ ويٺو آهي. سندس زندگيءَ جو ڏيئو 1677ع ۾ اجهامي ويو. سندس وفات وقت عمر اڃا 44 سال هئي، هن کي ھيگ شهر ۾ نيئووي ڪرڪ جي عيسائين واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.
عرب اسرائيل جنگ 1948 جنھن کي جنگ آزادي يا پھرين عرب اسرائيل جنگ سڏيندا آهن، اسرائيل جي نالي نئين قائم ٿيل رياست ۽ عرب ملڪن جي فوجي اتحاد جي وچ ۾ لڳل جنگ جو نالو آهي، جيڪا برطانيه جي ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ نگراني ۾ آيل برطانوي فلسطين جي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ لڳي ھئي. 1917ع ۾ بالفور واري اعلان ۽ 1920ع ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جي قيام کان پوءِ يھودين ۽ عربن وچ ۾ ھلندڙ دٻاءُ واري حالت، تڪرار جي صورت اختيار ڪئي. 1936ع کان 1939ع جي وچ تائين ھلندڙ مخالفت، فلسطين ۾ عرب انقلاب کي جنم ڏنو ۽ وري 1944ع کان 1947ع تائي ھلندڙ يھودين جي مخالفت وري يھودي بغاوت کي جنم ڏنو. اسرائيل جي خودمختياري جي اعلان کانپوءِ مصر، اردن، شام ۽ عراق جون فوجون فلسطين ۾ داخل ٿي ويون. انھن مان اردن 2 مئي تي اسرائيل سان ڳالھيون ڪري جنگ کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. جنگ جي نتيجي ۾ اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 181 موجب فلسطين جي تقسيم جي منصوبي تحت کيس مليل علائقي کان سواءِ فلسطيني رياست جي بہ 60 سيڪڙو حصي تي قابض ٿي ويو.
سنڌ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراضي جي لحاظ کان سنڌ پاڪستان جو ٽيو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو آهي. سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي. سنڌ ۾ آبادي جا آثار 7000 سال قبل مسيع ۾ ملن ٿا. مهر ڳڙهه، جيڪو هاڻ بلوچستان جو حصو آهي، ڪنهن وقت سنڌ جون سرحدون ان تائين ڦهليل هيون. سنڌ جي ثقافت کي هزارين سال ترقي ڪرڻ ۾ لڳا، جنهن کان پوءِ 3000 سال قبل مسيح ۾ سنڌو تهذيب جو بنياد پيو. سنڌو تهذيب پنهنجي جوهر ۾ آڳاٽي مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي برابر هئي. هتي جي ماڻهو کي فنون لطيفہ تي عبور حاصل هو، ۽ هنن پنهنجي ٻولي پڻ جوڙي هئي. روهڙي يا اروڙ اڳاٽي سائوويرا بادشاهت جي گادي جو هنڌ هو، جنهن جو ذڪر شروعاتي ٻُڌ ڌرم جي ادب ۾ مُک واپاري مرڪز طور ٿيل آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.
ڪراچي ڪنگز پاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي. هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي، ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي. ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو. هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي. هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.
سنڌو لکت نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه. 1900 قبل مسيح کان پوءِ، هڙاپا جي پُختي دور جي آخر ۾، نشانين جو باترتيب استعمال ختم ٿي ويو. 1100 قبل مسيح ۾، هڙاپا ۾ نشانين جي ڪجهه استعمال جون شاهديون ملن ٿيون، اهو دور هندوستان ۾ لوهه واري دور جي شروعات هو. گجرات جي بيت دورڪا سمنڊ ڪناري کوٽائي مان پراڻي سنڌو تهذيب جون نشانيون مليون آهن، جنهن ۾ هڪ ٽن مٿن وارو جانور، مٽي جي ٿانءُ تي چٽيل نشانيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آڳاٽي هڙاپا جي لکت آهي، اتان هٿ آيل ٿانءُ 1528 قبل مسيح جا آهن، ان لاءِ اهو دليل ڏنو وڃي پيو ته آڳاٽي هڙاپا جي ٻولي 1500 قبل مسيح تائين جاري هئي. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي. سنڌو لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن.
