ڄام فيروز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڄام فيروز
سنڌ جو سلطان
1508 کان مارچ 1512 ؛وري آڪٽوبر 1512کان 1528 تائين
پيشرو ڄام نظام الدين سمو(پھريون دور)
ڄام صلاح الدين ٻيون(ٻيون دور)
جانشين ڄام صلاح الدين ٻيون(پھريون دؤر)
شاھ بيگ ارغون(ٻيون دور)
مڪمل نالو
ڄام فيروز سمو
خاندان سمو
شاھي خاندان سمن جي بادشاھي
والد ڄام نظام الدين سمو
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام فيروز (پهريون دوفعو) ڄام نندي جي وفات وقت ڄام فيروز اڃا ننڍي عمر جو هو، ان ڪري نندي جي هدايتن موجب سلطنت جا سڀ معاملا دريا خان جي حوالي ٿيا.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ٺٽي جي شهرين دريا خان ۽ ڄام سارنگ جي فيصلي موجب، ڪم عمر فيروز کي سنڌ جو جائز حڪمران تسليم ڪيو. ٽن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌ جي سياسي فضا ڪافي تبديل ٿي وئي. هر طرف بدامني، بي آرامي ۽ افراتفري پکڙجي وئي. سلطنت جا امير جائز مرتبي نه ملڻ سبب، نراس ۽ مايوس ٿيڻ لڳا. شريف جي جاءِ رذيل والاري، عالم جي جاءِ جاهل ورتي، ڏاهن جي جاءِ تي نادان پهتا، اميرن جي ڀيٽ ۾ مسخرن کي ترجيح ملي. مير محمد معصوم ان متعلق لکي ٿو:

”ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهن ڪري دريا خان موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو.“ [1]

هڪ طرف فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي اختيار ڪئي، جنهن سبب دريا خان ۽ ٻيا مکيه صلاحڪار کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سندس سلوڪ اطمينان جوڳو برقرار نه رهيو. ان ريت سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918هه) ۾ سنڌ جي اميرن ۽ گجراتي لشڪرن جي مدد سان هن سنڌ جي حاڪميت تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ تختگاه کي خالي ڪري ويو. ان دور ۾ دريا خان جو شهر ”ڳاها“ علمي سطح تي وڏي رتبي کي پهتو. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس ٻه پٽ دريا خان جي آڇ تي ”ڳاها“ پهتا ۽ اتي مدرسو ۽ مڪتب کولي ڊگهي عرصي تائين درس ۽ تدريس جاري رکيائون.[2]جنت السنڌ ڪتاب جي بيان مطابق:ڄام فيروز نوجوان هو ۽ حڪومت جو سڀ بار سندس پاران دريا خان نهايت ايمانداريءَ سان هلائي رهيو هو، تنهن ڪري هو سمورو وقت حرم خاني ۾ گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ورلي ٻاهر نڪرندو هو، جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، تڏهن راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ۽ مسخرن جي چرچي بازيءَ ڏسڻ ۾ وقت صرف ڪندو هو. تنهن وچ ۾ عام سما امير ۽ وڏا ماڻهو عام ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ لڳا. جيڪڏهن دريا خان انهن کي ڪا هدايت ڪندو هو ته هن کي به برو ڀلو ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري دريا خان حڪومت سنڀالڻ کان استعفيٰ ڏيئي، پنهنجي جاگير ڪاهان ۾ وڃي رهڻ لڳو. جتي ڪيترائي عالم ۽ درويش به رهندا هئا. دريا خان جي دست برداريءَ ۽ ڄام فيروز جي عياشيءَ ۽ حڪومت جي ڪمن ڏانهن لاغرضائي جون خبرون ٻڌي، ڄام صلاح الدين مظفر شاه گجراتيءَ کان وڏو لشڪر وٺي تڪڙيون منزلون ڪندو اچي ٺٽي پهتو. ڄام فيروز سواءِ جنگ ڪرڻ جي ٺٽي جي شهر مان نڪري ويو. ڄام صلاح الدين ٺٽي جو تخت هٿ ڪيو. ڄام فيروز کي سندس والده لڪائي ڇپائي، ڪاهان ۾ دريا خان وٽ وٺي ويئي ۽ هن کي مدد لاءِ نيزاريون ڪيائين ۽ ڄام فيروز جيڪا دريا خان جي بي قدري ڪئي هئي، تنهن لاءِ معافي ورتائين. دريا خان هن شاهي خاندان جي گذريل مهربانين کي ياد ڪري، وقت وڃائڻ کان سواءِ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. بکر ۽ سيوهڻ طرف جا گهڻائي ماڻهو ۽ بلوچن جون قومون به ڄام فيروز جي جهنڊي هيٺ اچي حاضر ٿيون.[3] لشڪر کي آراسته ڪرڻ کان پوءِ، دريا خان ڄام صلاح الدين سان وڃي روبرو ملاقات ڪئي. دريا خان جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ڄام صلاح الدين صلح جو خواهان ٿيو، پر سندس وزير، حاجيءَ ايئن ڪرڻ کان روڪيس. نوبت جنگ کي پهتي. دريا خان ڄام جي وزير حاجيءَ هٿان شڪست کاڌي. دريا خان جا سپاهي اٿي ڀڳا. حاجي وزير انهيءَ فتح جي خبر صلاح الدين کي خط جي رستي ڏني[3]. اتفاق سان خط وارو قاصد دريا خان کي جهنگ ۾ گڏجي ويو، تنهن حاجي وزير وارو لکيل خط لڪائي، ٻيو خط حاجي وزير پاران صلاح الدين کي لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيائين ته:

”دريا خان جي لشڪر پنهنجي لشڪر کي سخت شڪست ڏني آهي، صلاح ڀري ڳالهه اها آهي ته تون پنهنجي عيال سميت هڪدم ٺٽو ڇڏي وڃ، آءٌ توکي چاچڪان ڳوٺ ۾ اچي گڏبس!“ خط پهچڻ شرط صلاح الدين پنهنجا ٻار ٻچا وٺي رمضان جي تاريخ نائين، روزي ڇوڙڻ کان اڳ، ٺٽو شهر ڇڏيو ويو. انهيءَ طرح ڄام صلاح الدين بادشاهي وڃائي. هن فقط اٺ مهينا ٺٽي ۾ بادشاهي ڪئي. حاجي وزير کي ڄام صلاح الدين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر جو ٻڌي گهڻو ارمان ٿيو ۽ هو آخر رستي تي ڄام صلاح الدين سان وڃي مليو ۽ کيس ارمان ڀريا ڏوراپا ڏيڻ لڳو، مگر هينئر وقت گذري چڪو هو، تنهن ڪري ٻئي پشيمانيءَ جا هٿ ملي گجرات هليا ويا. دريا خان حاجي وزير جي ماڻهن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن ڀڄائي ڇڏيو ۽ عيد رمضان جي ڏينهن ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ آندائين. ڄام فيروز عيدگاه تي سڀني مسلمانن سان گڏجي عيد نماز پڙهي ۽ پوءِ اچي پنهنجو اباڻو تختگاه وسايائين[3]

ٻيون دور: آڪٽوبر 1512 کان[سنواريو]

ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو)

ڄام صلاح الدين جي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ فيروز کي دريا خان جي اهميت جو اندازو ٿيو. آخرڪار سنڌ جو هي بدبخت شهزادو پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري ڳاها پهتو. دريا خان سندس منٿ ميڙ کي وزن ڏنو ۽ بکر توڙي سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيائين. هن جنگ ۾ صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت صلاح الدين ٺٽي مان نڪتو ۽ گجرات هليو ويو. دريا خان شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد جي ڏينهن پهرين شوال 918هه برابر 12 آڪٽوبر 1512ع تي فاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽ حاصلات جي خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. هن ڀيري به ڄام فيروز مملڪت جي پراڻن خادمن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ نه وري دريا خان کي حڪومت جي معاملن ۾ شريڪ ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي درٻار تي ڪم ظرف ۽ ڀاڄوڪڙ ماڻهو اهم مرتبي جا مالڪ بنجي ويٺا. ان کان علاوه بيروني سطح تي پڻ هي ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گهيرجي ويو، جنهن سبب سمن جي سلطنت زوال طرف تڪڙي وک کنئي.[2] جيتوڻيڪ فيروز جو دور سياسي لحاظ کان ساراه جوڳو ڪونهي، ان هوندي به ملڪ اندر معاشي بهتري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو سڪو جاري ڪيو. فيروز جي آخري دور ۾ هرات جو شهزادو مرزا بديع الزمان، شاه بيگ هٿان بيدخل ٿي ننگر ٺٽي پهتو، جتي ڄام سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ايم.ايڇ.پنهور جو رايو آهي ته هن دور ۾ پورچوگيزن لاهري بندر تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هوندي.[2]

سمن جي حاڪميت جو خاتمو[سنواريو]

سن1520ع (926هه) جي آخر ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. شال، مستونگ ۽ ٻين شهرن جو جوڳو بندوبست ڪري، مير فاضل ڪوڪلتاش جي قيادت ۾ اڍائي سؤ چونڊ بهادرن جو لشڪر سنڌ ڏي موڪليو ويو. سموري لشڪر جي نگراني شاه بيگ خود ٿي ڪئي. ارغونن پهرين ڦرلٽ ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڪئي. ارغوني لشڪر باغبان وٽان گذريو. ان وقت دريا خان جي پٽن کيس للڪاريو، ليڪن فاتحن رستو تبديل ڪري ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. باغبان ۾ مختصر قيام وقت هتان جي زميندارن شاه بيگ سان نيازمنديءَ جو اظهار ڪيو. ارغونن ”ساموئي“ جي ميدان تي 22 ڊسمبر 1520ع (11 محرم 927هه) تي جنگ جو ميدان سينگاريو. هن موقعي تي فيروز تختگاه ڇڏي، ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڃي پناه ورتي. دريا خان پنهنجي لشڪر سان ارغونن کي منهن ڏنو. مؤرخن جنگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته:

”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“[4] ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.[2] درياخان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جو تختگاه ”ٺٽو“ ڏهن سالن تائين آڳ ۽ خون ۾ سڙندو ۽ لت پت ٿيندو رهيو. ڏهن ڏينهن جي هن تباهي، شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو. سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين مانهو شهيد ٿيا. ان تباه ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم جو علم ۽ ڪتاب بچي سگهيا. ان تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ڄام فيروز خوار خراب ٿي شاه بيگ جي آڏو پيش ٿيو. سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري هيٺيون حصو فيروز کي ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو ارغونن سنڀاليو. هاڻي شاه بيگ سيوهڻ پهتو. قاضي قادن ساڻس گڏ هو. مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بکر جي قلعي تي سلطان محمد ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيو ويو. ان وچ ۾ خبر پهتي ته ”ٽلٽي“ ۾ دريا خان جا پٽ ۽ مخدوم بلال جنگ جي تياري پيا ڪن. شاه بيگ انهن جي سمجهاڻي واسطي قاضي قادن کي موڪليو. هن موٽي اچي اطلاع ڏنو ته: ميان محمود، موٽڻ، ڄام سارنگ ۽ رنمل سوڍو اچڻ لاءِ تيار هئا، ليڪن مخدوم بلال کين روڪي ڇڏيو. هن جنگ ۾ سوڍن ڄمي لڙائي ڪئي ۽ رنمل سوڍو مارجي ويو. ارغونن غلبي حاصل ڪرڻ بعد هتان جي ماڻهن تي زبردست تباهي آندي ۽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيائون. شاه بيگ هتان جي انتظام جي خاطري ڪري پاڻ شال طرف موٽي ويو.[5] ارغوني فتح ۽ سمن جي ڪمزوريءَ جي خبر گجرات پهتي ته ڄام صلاح الدين ڏهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. هن لشڪر ۾ سمان، ڪڇي، جاڙيجا ۽ سوڍا شامل هئا. فيروز هي اطلاع ملندي ئي سيوهڻ هليو ويو. شاه حسن ارغون کي شامل ڪري، فيروز وري حڪومت وٺڻ چاهي ٿي. صلاح الدين هن حملي جو اطلاع ملندي بدين طرف جنگ جو ميدان سينگاريو. ڄام صلاح الدين سان سندس پٽ هيبت خان ۽ فيروز جو پٽ فتح خان به شامل رهيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي. ابتدا ۾ هيبت خان مارجي ويو. ان بعد ڄام صلاح الدين خوب لڙائي ڪري خود به ميدان جنگ تي شهيد ٿي ويو. فتح خان گرفتار ٿيو، جنهن کي فيروز جي منٿ ميڙ تي معاف ڪيو ويو. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جو سخت جاني نقصان ٿيو. ڄام فيروز وري ننگر ٺٽي تي حڪمران بنجي ويو، جڌهن ته شاه حسن ارغون ”باغبان“ جي ماڇين تي اچي ڪڙڪيو. ماڇين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويا. هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي، گهر تڙ ۽ قلعون زمين برابر ڪري ڇڏيائون.[6] هنن ڪارواين بعد ارغونن اتر سنڌ ۾ فوجي مهم جاري رکي. شاه بيگ باغبان مان دلجاءِ ڪري، سيوهڻ جي قلعي جو معائنو ڪيو. هن اتي قلعي کي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان بعد پاڻ بکر طرف روانو ٿيو. بکر ۾ ارغونن سخت قدم کنيا. ٻروچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ ناس ڪيا ويا ۽ ستيتاليهه ڌاريجا سردارن کي ختم ڪيو ويو. مير معصوم جو اطلاع آهي ته هي فيصلا قاضي قادن جي مشوري سان ڪيا ويا. هو لکي ٿو: ”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ ‏شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“[7] شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين: ”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“[7] هزارين ميل لتاڙي اچڻ ۽ قنڌار کي ڇڏي سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد به ارغونن کي پنهنجو مستقبل محفوظ ڏسڻ ۾ نه آيو. شاه بيگ ٻئي ملڪ طور ”گجرات“ کي منتخب ڪيو. گجرات طرف ويندي شاه بيگ ”اگهاماڻي“ ۾ قيام ڪيو، جتي 26 جون 1524ع (22 شعبان 930) تي فوت ٿيو.[8] ٽن سالن بعد سندس تابوت مڪي موڪليو ويو.[2]

جنت السنڌ جو بيان[سنواريو]

جنت السنڌ جي مطابق: شاه بيگ ارغون کي ڇڏي ڪيترائي مغل ڄام فيروز جي نوڪريءَ ۾ اچي داخل ٿيا هئا. ڄام فيروز ٺٽي جي شهر ۾ هڪڙو خاص محلو انهن مغلن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، جو ’مغل واڙو‘ سڏجي ٿو. ڄام فيروز هاڻي بي کٽڪي حڪومت ڪرڻ لڳو، پر هن کي اچي ڊپ جاڳيو ته دريا خان ڪنهن وقت کيس تخت تان لاهي نه ڇڏي، تنهن ڪري ان جي زور ڀڃڻ لاءِ هو ڪيبڪ ارغون کي همراز بنائي انهيءَ تجويز تي فخر ڪرڻ لڳو. پر اها سندس وڏي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي مغل ظاهري دريا خان جي ڪمن تي چؤڪسي رکندا هئا ۽ اندروني شاه بيگ سان سندس رستو هو. آخر انهن مغلن جي ترغيب ڏيڻ تي ئي مرزا شاه بيگ سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ اچي سمن جي حڪومت جو خاتمو ڪيائين[3].

ٽلٽيءَ جي پهرين جنگ[سنواريو]

ڄام نندي جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾، جڏهن شاه بيگ سن تي پهرين ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن آگري، چنيجا، سَڌوجا ۽ ماڇين جي ڪوٽ وارا شهر ڦري کيس خبر پئجي ويئي ته سنڌ دولتمند ۽ آباد ملڪ آهي. هن دفعي مير قاسم ڪيبڪي ڄام فيروز شاه جي حڪومت ۽ انتظام جو حال ڍرو ڏسي، مرزا شاه بيگ ڏانهن ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پيغام موڪليو. شاه بيگ سيوي جي قلعي تي پنهنجي ڀاءُ کي مقرر ڪيو هو ۽ مير فاصل ڪوڪلتاش کي هڪڙو سوارن جو دستو ڏيئي، اڳواٽ ٺٽي ڏانهن روانو ڪيو. هو جڏهن باغبان پهتو، تڏهن سمن جو لشڪر به سيوهڻ کان ڇهن ستن ڪوهن جي مفاصلي تي ٽلٽيءَ وٽ اچي ان سان دوبدو ٿيو. سمن جي فوج جا اڳواڻ دريا خان جا ٻه پٽ محمود خان ۽ مٺڻ خان پهلوان هئا. لڙائيءَ ۾ سمن جي لشڪر جي شڪست ٿي. پوءِ شاه بيگ، لڪيءَ جي ٽڪرين مان لنگهي، ٺٽي کان ڇهه ميل کن پري خانواه جي ڪناري تي ڇانوڻي ڪئي. 15- محرم سنه 926هه (1519ع) تي، درياءَ ٽپي، هن ٺٽي شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي. دريا خان ڄام فيروز کي پوئتي ٺٽي جي شهر ۾ ڇڏي، پاڻ لشڪر وٺي شاه بيگ کي وڃي سامهون ٿيو. سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ سنڌ جو سورهيه سردار، دريا خان شهيد ٿيو. مغلن جي ٺٽي ۾ ڦرلٽ ڪرڻ: ڄام فيروز شڪست جو ٻڌي درياءُ اڪري پار هليو ويو. مغلن جي فوج برابر پنجن ڏينهن تائين ٺٽي جي دولتمند شهر ۾ ڦرلٽ لائي ڏني. ڄام فيروز توڻي ٻين آبرو وارن ماڻهن جون زالون ۽ ٻار ٻچا به مغلن کڻي قيد ڪيا. قاضي قاضن جهڙو بزرگ عالم ٺٽي ۾ رهندو هو، تنهن جا ٻار ٻچا به قيد ٿيا هئا، سو ٺٽي جي گهٽين ۾ پريشان ٿيو، پنهنجا ٻار ٻچا ڳوليندو وتيو. پوءِ ان هڪڙو درد ڀريو خط ٻئي هڪڙي ٺٽئي بزرگ حافظ محمد شريف معرفت بيگ کي پهچايو. مرزا شاه بيگ تي اهڙو اثر ٿيو، جو شهر ۾ پڙهو گهمارايائين ته زالون ۽ ٻار هڪدم آجا ڪيا وڃن. پوءِ پنهنجو هڪڙو تير قاضي قاضن کي نشانيءَ طور ڏنائين. قاضي صاحب اهو تير هٿ ۾ کڻي شهر ۾ گهمندو رهيو. تان جو ڦرلٽ بند ٿي ويئي ۽ شهر ۾ امن امان قائم ٿيو.[3] ڄام فيروز پنهنجن ٿورڙن ماڻهن سان ٺٽي جي ويجهو پيرار جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو هو. هن کي حرم ۽ عيال جي سخت ڳڻتي لڳل هئي. هوڏانهن مرزا شاهه بيگ، ڄام فيروز جي محلات تي خاص معتبر پهريدار بيهاري ڇڏيا هئا ۽ انهن کي ڄام جي عيال جي عزت ۽ تعظيم بجا آڻڻ لاءِ سخت تاڪيد ڪيو هئائين. آخر ٻي واه نه ڏسي ڄام فيروز مرزا شاه بيگ کي لکي موڪليو ته، ”آءٌ اوهان کي پنهنجو حاڪم ۽ پاڻ کي اوهان جو محڪوم سمجهان ٿو، اوهين جڏهن ٺٽي شهر کان ٻاهر درٻار ڪندا، تڏهن آءٌ اچي درٻار ۾ حاضر ٿيندس.“[3] مرزا شاه بيگ ڄام کي درٻار ۾ اچڻ لاءِ چوائي مڪو. ڄام فيروز پنهنجن ڀائرن ۽ خاص ماڻهن سان شاه بيگ جي درياءَ جي ڪناري واري ڇانوڻيءَ ۾ ڀريل درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. ان زماني جي دستور موجب محڪومن وانگر سند تلوار ڳچيءَ ۾ لٽڪيل هئي. مرزا شاهه بيگ هن کي معافي ڏني ۽ هڪڙي سونهري سروپاءَ، جا سلطان مظفر حسين کان امير ذوالنون کي ملي هئي، سا به ڄام فيروز کي ڍڪايائين ۽ هن کي شهر ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن وٽ رهڻ جي اجازت ڏنائين. صلحنامي ۾ لڪيءَ جي ٽڪرين کان هيٺ ڀرو جيڪو سنڌ ملڪ جو اڌ آهي، سو ڄام فيروز جي قبضي ۾ رهڻ ڏنو ويو ۽ لڪيءَ کان مٿي سمورو ملڪ ارغونن پنهنجي هٿ ۾ رکيو. پوءِ مرزا شاه بيگ فوجون وٺي سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو.[3]

ٽلٽيءَ جي ٻي جنگ[سنواريو]

ٺٽي کان سيوهڻ پهچي مرزا شاه بيگ پنهنجن اميرن مان مير عليڪا ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي قلعي جي سنڀال لاءِ ڇڏيو ۽ سلطان محمود خان بن مير فاضل ڪوڪلتاش کي بکر جي قلعي تي نائب مقرر ڪري، پاڻ شال پرڳڻي مان پنهنجو عيال وٺڻ ويو. دريا خان جي پٽن، محمود ۽ مٺڻ، دريا خان جي جاگير (سيوهڻ ۽ ٽلٽيءَ) جي آس پاس ماڻهو پئي گڏ ڪيا. مرزا شاه بيگ کي سيوهڻ ۾ ئي اها سڻس پئجي ويئي هئي، تنهن ڪري ان ڪي قاضي ۽ عالم محمود ۽ مٺڻ ڏي نصيحتن ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا، پر انهن تي قاضين ۽ عالمن جي نصيحتن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. مرزا شاه بيگ پنهنجو عيال وٺي ٽلٽيءَ ويجهو آيو ته خبر مليس ته ميان محمود ۽ مٺڻ، ڄام سارنگ، راڻو رڻمل سوڍو ۽ ان جو ڀاءُ جوڌا سنگ سوڍو ٽلٽيءَ جي قلعي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن، جن سان سهتن ۽ سوڍن جو زبردست لشڪر موجود اهي. ان طرف جو هڪڙو درويش ۽ عالم سمو مخدوم بلال به سمن جي لشڪر جو وڏو مددگار هو. [3] پهريان مير فاضل ڪوڪلتاش سمن جي لشڪر سان جنگ جوٽي ۽ انهن کي گهڻو هلاڪ ڪيو. پوءِ مرزا شاه بيگ پاڻ لشڪر وٺي جنگ ۾ گهڙيو. مغلن زور ۽ زبردستيءَ سان ٽلٽيءَ جي ڪوٽ جا دروازا ڀڳا. سهتن ۽ سوڍن به بهادريءَ سان جنگ ڪئي، پر نيٺ شاه بيگ سوڀارو ٿيو.[3]

مخدوم بلاول جي شھادت[سنواريو]

جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ شاه بيگ، مخدوم بلال تي ڏنڊ رکيو جو هن ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ارغونن پوءِ دغا ڪري هن درويش تي ڪفر ۽ الحاد جي تهمت رکائي ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪين ملن کان فتويٰ وٺي، هنن سنڌ جي هن بي مثل محب وطن کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪري ڇڏيو. مخدوم صاحب جو عاليشان قبو، باغبان، دادو تعلقي ۾ موجود آهي ۽ مٿس سڀ ڪنهن ماه جي پهرئين جمعي جي رات ميلو لڳندو آهي.[3]

ڄام فيروز حاڪميت جي خاتمي کان پوءِ[سنواريو]

ڄام فيروز آخري ڏينهن گجرات ۾ گهاريا. هن پنهنجي نياڻي سلطان بهادر (932-942هه) کي شادي ڪري ڏني. بهادر گجرات جو ڏهون بادشاه هو.[2]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص114-115 }
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book4/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 3.9 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  4. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص153-154}
  5. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص155-157}
  6. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص 160}
  7. 7.0 7.1 {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص166}
  8. {ڪتاب:ايم. ايڇ. پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص383}