روهڙا راڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روهڙا (روڙ) شاهي گهراڻو

450 بي سي–489 AD
گادي جو هنڌ روڙي
مذهب ٻڌ ڌرم
هندو ڌرم
حڪومت خودمختيار بادشاهت

سانچو:History of Sind

روهڙا راڄ يا روهڙا شاهي گهراڻو يا روهڙا خاندان (انگريزي ٻولي: Ror dynasty) سنڌ ۾ اروڙ (عربي: اَل ــ رُور) نالي جگهہ تي حڪومت ڪندڙ هڪ راڄ هُيو.اِنَ خاندان جو زوال (489 عيسوي) ۾ ٿيو، جنهن کان اڳتي راءِ گهراڻو يا راءِ سلطنت جي شروعات ٿئي ٿي. روهڙا شاهي گهراڻو ڏکڻ ايشيائي (انڊئن سب ڪانٽيننٽ) طاقت ور خاندان هيو، جنهن اڄڪلهه واري ڏينهن ۾ سنڌ ۽ 450 مسيح کان اڳ (ق.م) ڌاري اتر اولهه وارو انڊيا جو حصو تي حڪمراني ڪئي.[1]. روڙا يا روڙ خاندان روڙي جنهن جو هاڻوڪو نالو روهڙي تان حڪمراني ڪئي روڙي يا روهڙي شهر هڪ روڙ ڪشتريا ڍچ ، روڙ ڪمار پنجين صدي قبل مسيح BCE ۾ اڏاوت ڪرايو هيو. روڙي روهڙي قديم زمانو کان روڙوڪا ۽ روڙڪ جهڙن نالن سان سڃاتي ويندي آهي.سائورا بادشاهت جي راڄڌاني حيثيت سان، روڙوڪا اوائلي ٻُڌسٽ ساهتيا (ٻُڌ ادب) ۾ ھڪ اھم واپاري مرڪز طور ذڪر ڪيل آھي.[2] ٻُڌسٽ جاتڪا ڪهاڻيون روڙڪا جي بادشاه رودرايان ۽ مگاڌا (مگڌا) جي بِمِسارا بادشاه جي وچ۾ هڪٻئي سان تحفن جي ڏِي وَٺ بابت ڳالهيون ٻُڌائين ٿيون.[3] ٻڌمت اتهاس (ڪرانيڪل ) ديوياودانا، جي مطابق، رور (روڙ) تاريخي طور تي پاتاليپوترا سان سياسي اثر جي لحاظ سان مقابلو ڪيو هيو.[4] اسڪالر ٽي.ڊبليو رائس ڊيوڊز 7 صدي قبل مسيح (BCE) ۾ روروڪا (روڙڪا) کي هندستان (انڊيا) جو سڀ کان اهم شهر طور ذڪر ڪيو آهي.[5]

پڻ ڏسو[سنواريو]



حوالا[سنواريو]

  1. "Kingdoms of South Asia - Kingdoms of the Indus / Sindh". www.historyfiles.co.uk. حاصل ڪيل 2020-01-04. 
  2. Derryl N. MacLean (1989), Religion and Society in Arab Sind, p.63
  3. "Archived copy". وقت 3 June 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "The Divyavadana (Tibetan version) reports: 'The Buddha is in Rajgriha. At this time there were two great cities in Jambudvipa: Pataliputra and Roruka. When Roruka rises, Pataliputra declines; when Pataliputra rises, Roruka declines.' Here was Roruka of Sindh competing with the capital of the Magadha empire." Chapter 'Sindhu is divine', The Sindh Story, by K. R. Malkani from Karachi, Publisher: Sindhi Academy (1997), ISBN 81-87096-01-2
  5. Page 317, Lord Mahavira and His Times, by Kailash Chand Jain, Published 1992 by Motilal Banarsidass Publications, ISBN 81-208-0805-3