خدا آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
خدا آباد
Khudabad
Gate of Mosque.jpg
خدا آباد is located in Sindh
خدا آباد
خدا آباد
مڪانيت: 26°23′N 67°27′E / 26.39°N 67.45°E / 26.39; 67.45مڪانيت: 26°23′N 67°27′E / 26.39°N 67.45°E / 26.39; 67.45
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو سنڌ
اوچائي 31 ميل (100 ft)
ٽائيم زون PST (UTC+5)

خدا آباد : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جو ھڪ ننڍڙو شھر.خدا آباد کي يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت جو تختگاهه بڻايو. ڪن روايتن مطابق ان جو پراڻو نالو شڪارپور پنهواري هو. خدا آباد کي ڪلهوڙن وڏي ترقي ڏني، اڄ به پنجاهه ايڪڙن تي ڦٽل شهر موجود آهي. ٻه عمارتون، هڪ جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو صحيح صلامت آهن، جيڪو ميان غلام شاهه جوڙايو هو.[1].

تاريخ[سنواريو]

ميان يارمحمد ڪلھوڙو جي وقت ۾ سنه 1113هه (سنه 1701ع) ڌاري ڪلهوڙن زور ورتو ۽ پنوهرن کان شڪارپور هٿ ڪري اتي پنهنجو مکيه شهر ٺهرايائون ۽ انهيءَ تي خدا آباد جو نالو رکيائون، ۽ اتان پوءِ ٻيا پاسا هٿ ڪرڻ لڳا. ميان يار محمد جا ٻه پٽ، نور محمد ۽ محمد خان، جي هيستائين قلات ۾ هئا، سي به اتي اچي رهڻ لڳا. سنه 1170هه (سنه 1757ع) ۾ جڏهن ميان غلام شاهه گاديءَ تي ويٺو، تڏهن انهيءَ شهر کي درياهه ويڙهي ويو، تنهن ڪري ميان اهو ڇڏي پنهنجي پيءُ جي ٻڌل شهر حيدرآباد جي ويجهو ٻيو شهر ٻڌو، جنهن کي الهه آباد سڏيائين. فقط سندس مائيتو ڀاءُ محمد مرادياب خدا آباد ۾ رهندو آيو ۽ عطر خان هن کي اتي رهائيندو آيو ته مُلڪ جي طمع رکي. سنه 1172هه (سنه 1759ع) ۾ ميان غلام شاه جڏهن ٻڌو ته ڪي کوسا سردار خدا آباد جي شهر تي ڪاهي ڦر ڪري هليا ويا آهن، تڏهن اتي اچي انهن کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين ۽ شهر جي سنڀال لاءِ ماڻهو مقرر ڪيائين. سنه 1186هه (سنه 1772ع) ۾ ميان يار محمد سرفراز اڳوڻُ خدا آباد ڇڏي نئون خدا آباد جوشهر هالن کي ويجهو ٻڌايو ۽ سگهوئي پوءِ ميرن ٽالپرن سان ناسازي ٿيڻ لڳيس ۽ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير سهراب کي ماريائين، جي خدا آباد ۾ دفن ڪيا ويا. اهو واقعو سنه 1189هه ۾ ٿيو ۽ ٻئي سال ۾ مير فتح خان بلوچن جو لشڪر وٺي خدا آباد کي گهيرو ڪيو ۽ زور سان اندر گهڙيو. ميان محمد سرفراز پنجن ڇهن ماڻهن سان ڀڄي هڪڙي مهاڻي جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جنهن کي به وري ميرن اچي گهيرو ڪيو. سنه 1197هه (سنه 1782ع) ۾ مير بجار خان ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وهاريو ۽ پاڻ به پنهنجن بلوچن سميت اچي خدا آباد ۾ رهيو. جڏهن پوءِ عبدالنبي ڀڄي وڃي مدد خان کي وٺي آيو، اهو سردار خدا آباد ۾ آيو ۽ ماڻهن سان ظلم ڪرڻ ۽ آسپاس جا ملڪ ڦرڻ لڳو، تڏهن مير عبدالله، جو عمرڪوٽ ۾ هو، سو لشڪر وٺي مدد خان سان وڙهڻ آيو. مدد خان نڪري مير جي منزل گاه وٽ ويو ۽ پوءِ عبدالنبيءَ جي حرڪت معلوم ڪري موٽي هليو ويو. ميان عبدالنبي پشيمان ٿي مير وٽ اچي پيش پيو ۽ اڳتي لاءِ قسم کنيائين، تنهن ڪري مير کيس خدا آباد ۾ وري به گاديءَ تي وهاريو. سنه 1201هه ( 1786ع) ۾ عبدالنبي ڀڄي قلات جي خان کان مدد وٺي خدا آباد تي ڪاهي آيو، مير فتح علي خان تڏهن ونگ جي پاسي ويل هو، پر عبدالنبي نااميد ٿي سيوهڻ جي پاسي هليو ويو. سنه 1197هه (سنه 1783ع) ۾ مير فتح علي خان، تيمور شاه بادشاهه جي ڏسڻ کان پوءِ سنڌ جو پڪو حاڪم ٿي آيو ۽ خدا آباد ڇڏي شاهپور جو نئون شهر ٻڌي انهيءَ ۾ اچي رهيو. سنه 1202هه (سنه 1787ع) ۾ اتان نڪري حيدرآباد اچي تخت گاهه ڪيائين ۽ پوءِ انهيءَ شهر کي سينگارڻ لڳو. سنه 1217هه (سنه 1802ع) ۾ مير فتح علي خان وفات ڪئي ۽ سندس لاش خدا آباد ۾ کڻي وڃي دفن ڪيائون، جو سندس وڏا اتي دفن ڪيل هئا.مير ڪرم علي خان پهريون مير هو، جو حيدرآباد ۾ رکيو ويو. انهيءَ کان اڳي ميرن کي خداآباد ۾ رکندا آيا. مير ڪرم علي خان سنه 1244هه (سنه 1828ع) ۾ وفات ڪئي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو