بلوچستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بلوچستان (Balochistan) هڪ جغرافيائي علائقو آهي جيڪو پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي ملڪن ۾ ورهايل آهي. هن علائقي جو نالو بلوچ قوم جي ڪري پيو آهي. بلوچستان هڪ پهاڙي ريگستان آهي.

پاڪستان ۾ بلوچستان صوبو بلوچستان جو سڀ کان وڏو حصو آهي. ايران ۾ بلوچستان جو حصو سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ شامل آهي.

تاريخي ثبوتن مان ڄاڻ ملي ٿي ته بلوچستان جا اصل ۽ قديم رهاڪو سنڌي آهن. بلوچ اصل ۾ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ ٻاهران آيا هئا. بلوچن جي چوٿين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ اچڻ بابت ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو هو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت گهڻي انگ ۾ رهندا هئا.[1]

مير رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: تاريخ ٽالپرن جي بيان ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي ڄاڻ هئڻ کپي ته سنڌ ماٿري ۾ جيڪي بلوچن جي وجود کي ٽالپرن جي دور کان تسليم ڪن ٿا اهو تصور غلط آهي. بلوچستان دراصل سنڌ جو حصو هئو.[2]

ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: بلوچستان ۽ خراسان ٻئي اقليم سنڌ جا صوبا آهن.[3]

احمد يار بلوچ لکي ٿو ته: بلوچستان ۾ بلوچن جي اچڻ جو سلسلو مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحليوار ٿيو، قديم مسڪن ”حلب“ وشام مان هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو.[4]

صادق علي بلوچ لکي ٿو ته: زابلستان بلوچن جو قديم وطن آهي.[5] موسا خان جلال زئي لکي ٿو ته: تاريخ بلوچستان مان هي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران جي طرف مهاجر ٿي ته ان وقت انهن جو سردار جلال خان هو.[6]

پيڪولين لکي ٿو ته: اڪثر بلوچ پنهنجو پاڻ کي عربن جو اولاد سمجهن ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو پهريون وطن چون ٿا. انهي طرح سان حلب بلوچن جو پيدائشي وطن آهي.[7]

ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته: هي قوم قديم دور ۾ عربستان ۾ ڪربلا، دجله، فرات جي گودي ۽ حلب جي مرغزارن ۾ ۽ ايراني سرحد سان گڏوگڏ آباد هئي.[8]

ڪامران اعظم اڳيان لکي ٿو: هڪ روايت مطابق جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان ۾ آيا ته 44 فرقا هئا پر سڀ کان وڏو سردار اعلمش رومي هو.[9]

مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ته بلوچستان قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. هاڻوڪي بلوچستان جيڪو اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”مهر ڳڙهه جي تهذيب“ به سنڌين جي آهي، جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪون هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن. بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي.

پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا گڻائي علائقا سنڌ مان ڪڍي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. لسٻيلو پڻ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پهرين سنڌ جي شهر ڪراچي جو حصو هئو. پوءِ جڏهن ون يونٽ ختم ڪيو ويو تڏهن لسٻيلي کي واپس سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيو ويو هئو.

پراڻن دورن جا بادشاھ سندن ئي رياستن کي ڀائرن، سئوٽن ۽ سيڻن ۾ ورهائيندا هئا، وري دنگن تان جهيڙيندا به هئا! جيئن سنڌ کي ڪلهوڙن ۽ ميرن ورهايو هو! ميان عبدالنبي ميرن سان جنگ ۾ مدد ڪرڻ تي، [[ڪراچي[[، خان آف قلات کي تحفي طور ڏني هئي، جيڪا 1795ع ۾ ٻيهر ميرن جي صاحبيءِ ۾ واپس سنڌ سان ملائي وئي، ڪراچي ٻيهر سنڌ سان ملائڻ واري انهي معرڪي ۾ تلاوه خان عرف ٽالهو خان به شامل هو.[10]


حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب سماٽ ص نمبر 31
  2. ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 579
  3. ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع
  4. ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص نمبر 38
  5. تاريخ بلوچان هند ص نمبر 40
  6. تاريخ بلوچستان ص نمبر 16
  7. ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري
  8. ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48
  9. ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55
  10. محقق علي احمد نظاماڻي