مھاڀارت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مھاڀارت
Mahabharata
ڪروکيشتر جي جنگ
معلومات
مذھب هندو مت
ليکڪ وياس
ٻولي سنسڪرت
بيت 200,000
ڪروکيشتر ۾ ڪرشن ۽ ارجن 18هين–19هين-صدي جي پينٽنگ

مهاڀارت (انگريزي ٻولي: Maha Bharat) هندستان جي اوائلي ۽ ڊگهي سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) داستان آهي[1][2] جنهن کي هندو مت جا مذهبي لکڻين يا گرنٿن ۾ معتبر حيثيت مليل آهي. ان جا شلوڪ ارڙنهن جُلدَن جي 25 لک لفظن تي ٻَڌل آهن. هي هندن جو ڌرمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ پندرهن هزار ڪويتائون آهن، هن ڪتاب کي وياس ديو لکيو،[3] جيڪو سندس اکين ڏٺو احوال آهي. هي ڪتاب مهاڀارت اصل ۾ هڪ جنگ نامو آهي، جنهن جو زمانو 600 ق.م ٻُڌايو ويو آهي. مھاڀارت جو سنڌي ۾ ترجمو ڏھين صدي ۾ ٿيو.[4]

مها يُڌ جي شروعات

ان سمرتي جي ڀاڱو اتهاس ۾ داخل سمجهيو ويندو آهي. مها ڀارت موضوع جي لحاظ کان انتهائي نرالو آهي، جنهن ۾ جنگ، راڄ دربار، پريم، ڌرم سڀ شامل آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چار بنيادي زندگي جي مقصدن ڌرم، ارٿ، ڪام واسنا، موڪش سڀني جو مرڪب يا گڏيل مجموعو آهي. ڀگود گيتا دراصل مهاڀارت جو مختصر حصو آهي، پر اهميت جي اعتبار کان نرالي سُڃاڻپ رکي ٿي.

پانڊون ۽ ڪورون جي وچ ۾ ٿيل جنگ[5][6][7]، جيڪا ڪروڪيشتر جي ميدان جنگ وڙهي وئي،[3] اتي شري ڪرشن ارجن کي ڀڳوت گيتا جو گيان ڏنو هو.


حوالا[سنواريو]

  1. Datta, Amaresh (1 January 2006). The Encyclopaedia of Indian Literature (Volume Two) (Devraj to Jyoti). ISBN 978-81-260-1194-0. https://books.google.com/books?id=zB4n3MVozbUC&pg=PA1755&dq=itihasa. 
  2. Ali, Farhan. "ٻن عورتن سبب وڙهيون ويندڙ تاريخ جون ٻه وڏيون جنگيون صالح ميمڻ". Humsari. حاصل ڪيل 2021-11-09. 
  3. 3.0 3.1 "ارجن ڪرشن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  4. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  5. "پانڊوَ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  6. "ارجن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  7. "ڀڳوت ڀڳود گيتا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08.