ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان ٽي ايم خان | |
---|---|
شھر | |
مڪانيت: 25°7′26″N 68°32′20″E / 25.12389°N 68.53889°Eمڪانيت: 25°7′26″N 68°32′20″E / 25.12389°N 68.53889°E | |
ملڪ |
![]() |
صوبو |
![]() |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
حڪومت | |
• چيئرمين | ذيشان علي شاھ |
اوچائي | 11 ميل (36 ft) |
ٽائيم زون | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
ڊائلنگ ڪوڊ | 022 |
شھر جون يونين ڪاؤنسلون | 3 |
ٽنڊو محمد خان(انگريزي: Tando Muhammad Khan) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان ۽ تعلقي ٽنڊي محمد خان جو صدر مقام ۽ ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ماضي م ھي شھر حيدرآباد ضلعي جو تعلقو ھو ۽ 2005 ۾ کيس علحده ضلعي حيثيت ڏئي ھن شھر کي نئين ضلعي جو صدر مقام بڻايو ويو. 2012 ۾ ھتي جوڊيشل ڊسٽرڪٽ جي قيام سان ھن شھر م سيشن ڪورٽ جو قيام پڻ عمل ۾ آيو
تاريخ[سنواريو]
ھي شھر مير محمد خان شاھواڻي ٽالپر ٺھرايو جيڪو 1813 ۾ وفات ڪري ويو. برٽش دؤر ۾ ھتي اسٽنٽ ڪليڪٽر جي آفيس قائم ڪئي وئي. 1856 ۾ ھن شھر کي ميونسپلٽي جي حيثيت ملي ھئي.
معيشت[سنواريو]
ھن شھر جي معيشت زرعي جنسن جو واپار آهي. ضلعي جي اندر چار شگر ملون واقع آھن جنھن ڪري ھي شھر واپاري مرڪز پڻ آھي
جاگرافي[سنواريو]
ھن شھر جي جاگرافيائي بيهڪ 25°8′N ۽ 68°32′E آهي ۽ سامونڊي سطح کان 11 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي. [1] ھي شھر ڪراچي کان 168 ڪلوميٽر حيدرآباد کان 35 ڪلوميٽر ۽ بدين کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي.