سما برصغير جي مسلمان راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جا حڪمران ھئا. سمن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب ۽ سوراشٽر جي ڪجھ علائقن تائين رھي. سندس حڪمراني دوران گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو، ارغونن کان شڪست کان پوءِ سندس بادشاھت ختم ٿي. سمن جي گھراڻي پنهنجي لاءِ ”ڄام“ جو لقب مقرر ڪيو، جيڪو بادشاهه يا سلطان جي برابر آهي. سمن کان پھرين سنڌ تي سومرن جي حڪمراني ھئي. سمن 1335ع ڌاري سومرن کان ٺٽو شھر کسي حڪمراني جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي بادشاھت کي بکر ۽ ٻين علائقن تائين وڌايو. ڄام انڙ بن بابينو، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو. ھن جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن سلطنت دهلي جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا.
... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
... ته قديم يوناني رياستن ۾ جڏهن شهري آزاديءَ جو شعور وجود ۾ آيو، تڏهن عالمن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو جيڪو معاوضي تي سياست، مدنيت، فن تقرير اصول بلاغت، منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو.
... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 11,125 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
،
،
،
،
۽
۾ گڏجو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: