مواد ڏانھن هلو

سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سومرو
نمايان آبادي وارا علائقا
 پاڪستان
 ڀارت
ٻوليون

سنڌي، سرائڪي، پنجابي، گجراتي، ڪڇي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

ٻيا سنڌي قبيلا

(سومرو) سنڌ جي هڪ قديم ذات يا نسل آهي، جيڪا سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ بلوچستان ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد آهي۔[1] سومرو (Soomro) هڪ ذات جو نالو آهي. پارسي تاريخ نويسن ڄاڻايو آهي ته سومرا (Soomraa) اصل عربستان جي علائقي ”سامره“ مان آيل هئا..[حوالو گهربل] .[2][3]

نالي جو پسمنظر

[سنواريو]

سومرو قوم، سامرہ جي عربن مان نڪتل آهي، جيڪي حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ سنڌ جي فتح جي موقعي تي عراق جي شهر سامره مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا۔ هتي انهن کي سامري چيو ويندو هو، پر پوءِ تلفظ ۽ لهجي جي تبديلي سبب سومرو سڏجڻ لڳا۔[4] مشهور محقق ۽ مؤرخ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب سومرن جو دور ۾ لکي ٿو [5]

سومرن جو پراڻو ۽ پهريون مشهور سردار سومار هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ پنهنجي نالي سان گڏ ابنِ سومار (سومار جو پٽ) سڏبو هو، جيتوڻيڪ سندس ذاتي نالو راجپال هو، سومار جو لقب راءِ هو، انهيءَ ڪري سومارراء کان پوءِ سندس اولاد سومرا سڏجڻ لڳي۔ سومرا لفظ يقيني طور تي سومارراء جو ئي مخفف يا مختصر تلفظ آهي۔

اصل نسل

[سنواريو]

سومرا حجازی عربي النسل، مسلمان، ھوازنيہ القريشي قوم جا ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي رڳو سومرو/سومره لکن ۽ سڏائين ٿا۔ هن مسلمان قريشي قوم سومرا جو مؤرثِ اعليٰ حضرت سمره بن جندب بن ھوازن آهن۔ انهيءَ نسل جي قريشي سومرا حاڪمن ڪڏهن رڳو اندرونِ سنڌ ۽ ڪڏهن سڄي سنڌ تي، ٻن دورن ۾، منصوره سن 134ھ / 752ع کان وٺي، ٻئي دور جي سن 441ھ - 445ھ جي ابتدا ۾ تخت گاهه ٿري / ٿرڙي کان سومرن جي ٻين تخت گاهن ملتان، اسڪندريه (اُچ)، پتڻ پور، محمدطور، وگھ ڪوٽ، عمر ڪوٽ، روپا ماڙي، ديبل، ساموئي، برهمڻ آباد، الور، سيھوڻ، نانڪي، گونڊل ۽ دمريله وغيره تي 1591ع تائين 839 سال لڳاتار بغير ڪنهن وقفي جي، شروع کان آخر تائين نهايت خودمختياري ۽ شان و شوڪت سان حڪومت ڪئي۔[6] سومرن جي مؤرثِ اعليٰ صحابيِ رسول سمره بن جندب جو شجرو قريش سان هن طرح ملي ٿو[7]

سمره بن جندب بن هوازن بن قيس غيلان بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان۔

محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ عربن سنڌ سان واپاري لاڳاپا قائم ڪري ورتا هئا ۽ ديبل، اوکا منڊل، ديراول، سومنات، منگرول، دوارڪا، رانڌبر ۽ کنڀات وغيره، جتي سامونڊي واپار جو زور هو، اتي بني سمره ۽ بني تميم جي قبيلن پنهنجا واپاري مرڪز به قائم ڪري ورتا هئا۔ مصالحو، ڪپڙو، هٿيار، ٿانوَ حضرموت، يمن، عراق ۽ يمامه ڏانهن موڪليا ويندا هئا ۽ اتان عربي گهوڙا، کجور ۽ يمني موتي هتي وڪري لاءِ آندا ويندا هئا۔[8] 34ھ ۾ عثمان بن عفان جي دورِ خلافت ۾ بصره جي حاڪم عبدالله بن عامر عاملِ مڪران عبدالرحمن بن سمره (جيڪو صحابيِ رسول سمره بن جندب جو پٽ هو) کي اجازت ڏني ته سرحدِ مڪران تي (راجا چچ جي اشتعال تي) حملي جون ڌمڪيون ڏيندڙ سنڌي فوجن کي ڀڄائي ڇڏي۔ چنانچہ حملو ڪري سنڌ جي فوجن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ مڪران کان سرحدِ ڪيڪان تائين سڄو علائقو کسي ورتو ويو، اهو ئي علائقو هو جيڪو چچ جي حڪومت ۾ ڪجهه سالن کان شامل هو۔[9] عبدالرحمٰن بن سمره ڪابل فتح ڪيو، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته بني سمره هر دور ۾ وڏين وڏين فتحن ۾ حصو ورتو۔[10]

سومرن حجاج بن يوسف ثقفي جي دور ۾ تسخيرِ سنڌ جي موقعي تي شهر سامره مان لڏي اچي سنڌ جي فتوحات ۾ حصو ورتو۔[11] حجاج بن يوسف ثقفي مڪران ۽ سرحد سنڌ جو حاڪم محمد بن هارون سمره کي مقرر ڪيو،[12] جن جو تعلق بني سمره سان هو۔ محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي وقت مكران جي ڇانوڻيءَ ۾ بني سمره جا ٽي هزار جوان تيار هئا۔[13] جن محمد بن قاسم جي فوج سان شامل ٿي فتحِ سنڌ ۾ حصو ورتو۔ علامه مولوي عبدالله شائق سومرن جي اصل نسل بابت چون ٿا ته،[14]

سومرا قوم جا مؤرثِ اعليٰ حضرت علي ڪرم الله وجهه آهن، انهيءَ ڪري کين علوي چئي سگهجي ٿو۔ سومرن جو سلسلوءِ نسب حضرت علي ڪرم الله وجهه جي نامدار فرزند حضرت محمد ابن حنفيہ سان ملي ٿو، جن کي محمد اڪبر به چيو وڃي ٿو۔ محمد حنيفه خولد جعفر بن قيس جي ڌيءَ مان پيدا ٿيا۔ حضرت محمد بن حنيفه کان حديث جون روايتون سندن والدِ کان آهن ۽ محمد بن حنيفه کان پوءِ سندن پٽ ابراهيم اهي روايتون ڪيون۔ 65 ورهين جي عمر ۾ 81ھ بمطابق 662ع ۾ مديني شريف ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيو۔

محمد حنيفه جا ٻه پٽ جعفر ۽ ابراهيم هئا۔ جعفر بن محمد حنيفه مدينه منوره مان هجرت ڪري سامره (عراق) ۾ سڪونت اختيار ڪئي۔ سلطان ابنِ سومار، سومرن جي پهرئين تاجدار جو سلسلوءِ نسب هن طرح محمد ابن حنيفه سان ملي ٿو: عصام الدين ڀونگر بن سومار بن سحدان بن عبدالرحمٰن بن ڪعب بن اشرف بن عبدالله بن مقداد بن عمر بن مسلام بن مقيس بن نحاض بن حبيب بن هارون بن جعفر بن محمد حنيفه۔[15] عباسي خليفي مامون الرشيد علويَن جو بيحد احترام ڪندو هو، جنهن مقداد کي، جيڪو محمد حنيفه جي پٽ جعفر جي اولاد مان ستين پيڙھي مان هو، سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جيڪو 215ھ ۾ پنهنجي اهل و عيال، ڀائرن ۽ مٽن مائٽن سميت سامره (عراق) مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو، جن کي پوءِ سنڌ جا رهواسي سومره چوڻ لڳا۔[16] مشهور مؤرخ اعجاز الحق قدوسي تاريخِ سنڌ حصو اول ۾ سومرن بابت چوي ٿو،[17]

سومرا نه ته هندو هئا ۽ نه هندو راجپوت، بلڪه اهي عرب هئا، جيڪي هندستان ۾ آباد ٿي ويا هئا ۽ پيڙھي در پيڙھي هتي رهندي هتي جا ئي رھاڪو شمار ٿيڻ لڳا۔

روايت موجب سومرن جي نسل بابت جيڪي اشارا ملن ٿا، تن مطابق سومرن جو سلسلو عربن سان ملي ٿو۔ سومرن جي عرب هئڻ بابت هيٺيان ثبوت ملن ٿا:

  • پهريون هيءُ ته سومره حضرت علي ڪرم الله وجهه جي اولاد مان آهن۔
  • ٻيون هيءُ ته سومرن جو عرب قبيلو ڪربلا جي جنگ ۾ حضرت امام حسين رضي الله عنه جي طرفان وڙهيو، سڀئي مارجي ويا، رڳو هڪ بزرگ مرد ۽ سندس پوڙهي زال بچي ويا، جن جو هڪ ننڍڙو پٽ هو، جنهن جو نالو "سومرا" هو۔ سندس ماءُ کيس حضرت امام حسين رضي الله عنه جي خدمت ۾ جنگ ۾ قربان ٿيڻ لاءِ پيش ڪيو، پر حضرت امام حسين رضي الله عنه کيس دعا ڏني ته زنده رهي ۽ صاحبِ اولاد ٿئي۔
  • ٽيون هيءُ ته سومرن جو شجرو، جيڪو ڪنهن عرب گهراڻي جو هو، بلڪه حضرت علي ڪرم الله وجهه جي اولاد مان هو، مڪي ۾ پيدا ٿيو، پوءِ سنڌ آيو ۽ هتي ئي پلجي وڏو ٿيو۔ هو وڏي طاقت ۽ ڪرامت وارو هو، ايتري قدر جو کيس هوا اڏائي سنڌ تائين کڻي آئي۔ ديوَ سندس قبضي ۾ هئا ۽ انهن ئي سندس تختگاهه وگھ ڪوٽ جي تعمير ڪئي۔[18]

سومرا تميم انصاري حاڪمِ سنڌ جي اولاد جو نالو هو۔[19]

سومرا: حاڪمِ سنڌ

[سنواريو]

غزنوي سلطنت پاڻ ۾ خانداني ويڙهن سبب ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ سلطان عبدالرشيد جي عياشي ۽ آرام طلبي سبب سرحدي علائقا خودمختياري حاصل ڪري رهيا هئا۔ 444 هجري ۾ سنڌ ۾ سومرا خاندان جي مستقل حڪومت جو بنياد پيو۔ سومرا قبيلي جي ماڻهن ٿري (ماتلي، سنڌ) ۾ گڏ ٿي سومرو نالي هڪ شخص کي سنڌ جو حاڪم بڻايو۔ سومرا وڏي ٺٺ ٺانگر ۽ شان سان سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ مفسدن جو قلع قمع ڪيو۔ ان کان پوءِ هن آسپاس جي سعد نالي هڪ طاقتور زميندار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ڀونگر هو، جيڪو سومرو کان پوءِ تخت نشين ٿيو۔ سومره 1051ع ۾ وفات ڪئي۔[20] جڏهن غزنوي خاندان جي سنڌ ۽ ملتان جي گورنر جي حڪومت تي گرفت ڪمزور ٿي وئي، 423ھ بمطابق 1032ع ۾ ابن سومار واليِ ملتان سنڌ ۾ سومرا حڪومت جو بنياد وڌو ۽ نهايت طاقت ۽ خودمختياريءَ سان حڪومت ڪئي۔[21]

جنت السنڌ جو ليکڪ رحيمداد خان مولائي شيدائي جو بيان آهي ته سومرو (اهوئي) پهريون شخص هو، جيڪو اچ جي مشائخ جي هٿ تي اسماعيلي عقيدن کان توبه ڪري سُني ٿيو۔[22] سومرن سنڌ تي 445ع - 843ع تائين 21 حڪمرانن حڪومت ڪئي۔[23] جڏهن ته ابوالفضل آئين اڪبري ۾ سومرن جي حڪمراني 500 سال ٻڌائي آهي۔[24] ابو ظفر ندوي جي مطابق سومرن جي 25 حڪمرانن 401ھ کان 752ھ تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي۔[25] سومره دور ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي عربي هئي۔ سومرن جي حڪمراني ختم ٿيڻ سان ئي سنڌ جي سرڪاري ٻولي فارسي ٿي وئي۔[26]

تاريخ طاهري جو مصنف مير طاھر نسياني لكي تو "سومرا هندو قبيلي مان هنا ء هندو مذهب جا پابند هئا. سنه 700 هه كان سنه 843 هه تائین حکومت کيائون. سندن تختگاه محمد تور الور جي ويجهو هو."طاهري جي بيان موجب سومرن جي سنڌ حڪومت 700هه يعني علاء الدين خلجيءَ جي زماني كان شروع ٿي[27]. رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ طاھري جي ڏسيل سومرن جي تخت گاھ جي مقام جي بیگلارنامه جي بيان سان ڪندي لکي ٿو ته: بيگلار نامه جو مصنف امیر سید قاسم خان بن سيد قاسم ترمذي مطابق:"سنڌ" فتح تين کان پوء، عرب جي قبيلي تميم سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڪجهه عرصي کان پوء سومرا قوم سنڌ تي قبضو كيو ء پنج سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. سندن تختگاه مهاتم تور هو. مولائي شيدائي وڌيڪ لکي ٿو ته: عجب جي ڳالهه چئبي ته جيئن مؤرخن سومرن جا نالا گڏيل هندي ء عربي ڏنا آهن، تيئن سندن تختگاهن جا نالا به عربي و هندي ڏنا اٿن: هڪڙا محمد تور لكن تا بیا مهاتم تور ممڪن آهي ته مهاتم تور نالو محمد تور هجي پر سوال آهي ته سندس جاء وقوع به جدا جدا هنڌن تي ڏيکارين ٿا[27]. تاریخ سنڌ جلد 3 جو مصنف ميان عبدالغني عبدالله سومرن جي حڪومت جو زمانو سنه 700 هه (1300ع) كان 743هه (1439ع) تائين ڏيكاري ٿو، جيڪو سن تاريخ طاهري ڏنو آهي. سومرن بابت ميان عبدالغني لكي ٿو: "تميم، جو سنه 111هه م هشام بن عبد الملڪ جي زماني سنڌ جو گورنر ٿي آيو هو، تنهن جو اولاد بني تميم، جڏهن هجري 4 صدي م خليفي مامون جي ڏينهن م سامره شهر مان لڏي سنڌ م آيو، تڏهن اتان ساڻس ٻي هڪڙي عرب قوم به سنڌ م لڏي آئي هئي جنهن پوء پان کي سومرا سڏايو." حقیقت م چچنامه توٽي تاريخ سند جلد (3) جو مصنف ٻئي غلط آهن؛ چاڪاڻ ته مامون نه 4 هجري صدي م ٿي گذريو نه وري سندس ڏينهن ۾ سامره شهر جو ڪو نالو نشان موجود هو. جیڪڏهن چچنامه غلطي ڪئي ته ان جو هي مطلب نه آهي ته تاریخ سنڌ جو مصنف به غلطي ڪري. سامرہ جو اصل نالو سرمن راء هو، جو گھٹي استعمال ڪندي پوء سامره بنجي ويو. سرمن راء هڪڑي چانوئي هئي جا خليفي معتصم بالله عباسي بغداد كان نوي ميلن جي مفاصلي تي دجله جي هڪڙي شاخ قاطون تي سنه 220 هه م تعمير ڪرائي، ان م ترڪ لشڪر ويهاري بغداد بدران اتي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو هو. مامون 4 صدي هجريء م تي نه گذريو بلڪہ هن ته سنه 218هه م وفات ڪئي هئي[27]. يورپي مؤرخن جن ۾ ايلٽ پڻ شامل آهي سومرن کي نومسلم راجپوت ڈیکاریو آهي[27][28]. مولانا عبدالحلیم شر، جنهن کي نواب وقار الامرا وزير اعظم حیدرآباد دکن پنج هزار رپيا تاریخ سنڌ تيار ڪرن لاء ڏنا هئا. جنهن جو پهريون جلد سنه 1907 ع م ء بيو جلد سنه 1909 ع م شایع ٿيا هئا، سومرن كي سامري نومسلم يهودي لكي ٿو. مولوي صاحب کي اھوئ گمان ان ڪري ٿيو هو، جو یهودین جو ھڪڑو فرقو شام جي جبل شمرون ڪري، سامري سڏبو هو[27]. مؤرخ جي. ايبٽ پنهنجي تحقيقات موجب سومرن کي راجپوت لكي ٿو سندس بيان موجب سنڌ كان سواء ڪڇ، گجرات ، سورت تائين سندن حڪومتون هيون[27][29].

سومرا حڪمرانن جو تخت گاهه

[سنواريو]

منصوره سومرا حڪمرانن جو پهريون دارالحڪومت هو۔[30] سومرن جو تخت گاهه ابتدا ۾ ٿري هو، پوءِ سنگھار جي زال هيمون پنهنجو تخت گاهه قلعو واهڪه کي بڻايو، جنهن کي سنڌي ٻولي ۾ وگھ ڪوٽ يا وجهه ڪوٽ چوندا آهن، ۽ اهو هنڌ نهرپران کان اوڀر طرف پنج ميل پري واقع هو، ان وقت جڏهن رڻ ڪڇ ٻيڙيون هلائڻ جي قابل هو۔ قلعو واهڪه هڪ بندرگاهه هو۔ (توضيحات تاريخِ معصومي، مرتبه عمر بن محمد دائود پوٽو ص 294)[31] بيگلار نامه جي صفحي 8 ۾ آهي ته سنڌ ۾ اسلامي فتح کان پوءِ عرب قبيلو تميم حڪومت ۾ آيو، ٿورن ڏينهن کان پوءِ سومرا ماڻهن قبضو ڪيو، اهي پنج سؤ ورهيه تائين قابض رهيا، انهن جو تخت گاهه مھاتم طور يا مھتم طور هو۔[32]

ٻولي ۽ ادب ۾ سومرن جو حصو

[سنواريو]

سومرن جي دور ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي زباني ادبي روايتن جو داستاني دور هو۔ هن دور ۾ سنڌ جي گهڻين عشقيه داستانن، جنگ نامن ۽ سنڌ جي بهادر سردارن جي ڪارنامن کي بيان ڪرڻ جي شروعات ٿي۔ سومرن جو دور عام فهم سنڌي ٻولي وارو دور هو۔[33]

لوڪ داستانون

[سنواريو]

عمر مارئي

[سنواريو]

سومرن جي دور ۾ صوفياءِ ڪرام

[سنواريو]

ملتان جا بھاؤالدین زڪریا ملتاني (1262ع-1182عپاڪ پتن جا بابا فريد الدين گنج شڪر (1275ع-1173عاُچ شريف جا سيد جلال الدين بخاري (غوث صاحب جا همعصر ۽ مريد)، شيخ عثمان قلندر شهباز (وفات 1272ع) ۽ شيخ حسين المعروف پير بٺو (وفات 1248ع) سومرا دور ۾ مشهور بزرگ گذريا آهن۔[34]

موجوده دور ۾ سومرن جو سياسي اثر ۽ رسوخ

[سنواريو]

سنڌ جي جاگيردار گهراڻن مان سومرو خاندان جا ماڻهو مختلف سياسي جماعتن جا ميمبر هئڻ سبب هميشه اقتدار ۾ رهندا آيا آهن۔ مختلف پارٽين جي نمائندگي ڪرڻ جي باوجود هو پاڻ ۾ اتفاقِ راءِ سان رهن ٿا ۽ خانداني وفاداري نڀائين ٿا۔[35]

نامور شخصيتون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962ء،کراچی، ص3
  2. سنڌ گزيٽيئر
  3. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-10-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي ادبي بورڊ
  4. تحفۃالکرام (اردو)، میر علی شیر قانع ٹھٹوی، سندھی ادبی بورڈ، جام شورو، 2006ء، حاشیہ ص15-16
  5. سومروں کا دور (سندھی)، ڈاکٹرنبی بخش خان بلوچ، سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ، 2006، ص 241
  6. تاریخِ سومرہ سندھ (سندھی) جلد سوم، وزیر علی ولد محمد اسماعیل سمرہ (سومرہ)، دارالاشاعت ابن اسماعیل سمرہ (سومرہ) جڑیا پور چک، ص 65
  7. تاریخِ سومرہ سندھ (سندھی) جلد اول، وزیر علی ولد محمد اسماعیل سمرہ (سومرہ)، دارالاشاعت ابن اسماعیل سمرہ (سومرہ) جڑیا پور چک، ص240
  8. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962ء،کراچی، ص 44-45
  9. ص 43-44، تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، مطبع 1962ء، کراچی
  10. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962ء، کراچی، ص 45
  11. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962 ء،کراچی، ص 52
  12. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، مطبع 1962ءکراچی، ص 67
  13. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962ء،کراچی، ص 77
  14. دولت علویہ(سندھی)، علامہ مولوی عبد اللہ شائق، گلشن پبلیکیشن حیدرآباد، سندھ 2003ء ،ص 23
  15. دولت علویہ(سندھی)، علامہ مولوی عبد اللہ شائق، گلشن پبلیکیشن حیدرآباد، سندھ 2003 ،ص24
  16. دولت علویہ(سندھی)، علامہ مولوی عبد اللہ شائق، گلشن پبلیکیشن حیدرآباد، سندھ 2003 ،ص27
  17. تاریخِ سندھ (حصہ اول)، اعجاز الحق قدوسی، اردو سائنس بورڈ، لاہور، ص 417
  18. سومروں کا دور (سندھی)، ڈاکٹر نبی بخش بلوچ، سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ، 2006، ص 173-174
  19. مسلمان قبیلوں کی مختصر تاریخ اور روایتی خاکہ (سندھی)، شیخ صدق علی شیر علی انصاری، گلشن پبلیکیشن، حیدرآباد، ص105
  20. تاریخِ سندھ (حصہ اول)، اعجاز الحق قدوسی، مطبع اردو سائنس بورڈ، لاہور،ص 420
  21. A Gazetteer of the Province of Sindh by A. W. Hughes, Second Edition، George Bell and Sons, London, 1876, P 27
  22. تاریخِ سندھ (حصہ اول)، اعجاز الحق قدوسی، اردو سائنس بورڈ، لاہور، ص 421
  23. تحفۃالکرام (اردو) از میر علی شیر قانع ٹھٹوی، مترجم اختر رضوی، مطبع سندھی ادبی بورڈ، جام شورو، 2006ء، ص 115
  24. آئین اکبری حصہ دوم از ابوالفضل، ص 120
  25. تاریخ سندھ، سید ابو ظفر ندوی، دارا المصنفین شبلی اکیڈمی، اعظم گڑھ (یو پی) ہند، 2012ء، ص 313
  26. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر، مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962ء،کراچی، ص 4
  27. 1 2 3 4 5 6 رحيمداد خان مولائي شيدائي. "جنت السنڌ". سنڌي ادبي بورڊ.
  28. انسانيڪلوپيديا برتنيڪا جلد - 25، ص 143، يارهون ايديشن.
  29. J. Abbat: Sind-Are interpretation of the Unhappy Valley, Soomros PP. 88-89, Karachi, 1907.
  30. تاریخِ سومرہ سندھ پر ایک نظر از مہاشے عبد الکریم نظامی، 1962ء،کراچی، ص 142
  31. تاریخِ سندھ (حصہ اول) از اعجاز الحق قدوسی، اردو سائنس بورڈ، لاہور، ص 429
  32. تاریخِ سندھ (حصہ اول)، اعجاز الحق قدوسی، اردو سائنس بورڈ ،لاہور،ص 430
  33. سندھی زبان اور ادب کی تاریخ (سندھی)، ڈاکٹر نبی بخش بلوچ، پاکستان اسٹڈی سینٹر، سندھ یونیورسٹی، جامشورو،1999، ص 153
  34. سندھی زبان اور ادب کی تاریخ (سندھی)، ڈاکٹر نبی بخش بلوچ، پاکستان اسٹڈی سینٹر، سندھ یونیورسٹی، جامشورو،1999، ص 147
  35. http://tajziat.com/quaterly/issue/2015/04/article.php?id=10[مئل ڳنڍڻو]

سانچو:سنڌ جون سلطنتون سانچو:تاریخ سنڌ

سانچو:ڀارتی مسلمان

حوالا

[سنواريو]