براهمڻ آباد (منصوره)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
محمد بن قاسم جي دور ۾ برھمڻ آباد جو مقام

برھمڻ آباد(انگريزي: Birhaman Abad) سنڌ جو قديم تاريخي شھر جيڪو موجوده ضلعي سانگهڙ ۾ شھدادپور شھر کان ڪجھ فاصلي تي سنڌو درياھ جي ڪناري تي آباد ھيو ء زلزلي جي ڪري درياء جي وھڪري تبديل ٿيڻ جي ڪري ڦٽي ويو ۽ ان شھر کان ڪجھ فاصلي تي عربن سنڌ جي نئين شھر منصورہ جو بنياد رکيو جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھيو جيڪو پڻ درياء جي وھڪري جي تبديلي جي ڪري ڦٽي ويو. برھمڻ آباد ۽ منصورہ جي مقام ھڪٻئي جي ويجھي ھجڻ جي ڪري برھمڻ آباد کي منصورہ جو پراڻو نالو پڻ سمجھيو ويندو آھي.

چچ جو ٺھرايل راوڙ قلعو[سنواريو]

ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو تہ چچنامي م ذڪر ٿيل آهي ته ڏاهر پنھنجي وڏي ڀاء ڏھرسيه جي وفات بعد پنهنجو اڪثر وقت الور جي بدران برهمڻ آباد ۾ گذارڻ لڳو؛ هو اونهاري جا چار مهينا راوڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو، جيڪو چچ اڌورو تعمير ٿيل ڇڏي مري ويو هو، ۽ جنهن کي ڏهرسيه تڪميل تي پهچايو هو[1].

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو