سنڌ جو وڏو وزير
وزير اعليٰ سنڌ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي صوبائي حڪومت جو سرواڻ هوندو آهي. ان جي چونڊ سنڌ اسيمبلي ڪندي آهي. هاڻوڪي وڏي وزير کان پهرين، سنڌ جو وزير اعليٰ قائم علي شاهه هو. جنهن جو لاڳاپو پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي۔ هو 7 اپريل 2008ع تي سنڌ جو 23 هون وڏو وزير ٿيو هو.
سنڌي جي هاڻوڪي وڏي وزير جو نالو سيد مراد علي شاهه (انگريزي ٻولي: Syed Murad Ali Shah) آهي. هن جو لاڳاپو به پاڪستان پيپلز پارٽي (Pakistan Peoples' Party) سان آهي. مراد شاهه ڪراچي، سنڌ ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ پڻ سنڌ جو وڏو وزير رهي چڪو آهي. مراد شاهه ميٽرڪ سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول (Saint Patrick's High School) مان، انٽرميڊيئيٽ ڊي جي سنڏ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ( D. J. Sindh Government Science College) ڪراچيءَ مان، ۽ انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن، اين اِيِ ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي (NED University of Engineering and Technology) مان ڪئي. سٺي تعليمي ڪارڪردگي جي بنياد تي قائد اعظم اسڪالرشپ تي آمريڪا جي اسٽيفرڊ يونيورستي (Stanford University) ڪيليفورنيا مان اسٽرڪچرل انجنيئرنگ (Structural engineering) ۾ ماسٽر ڪيائين. ان کان پوءِ ٻن سالن کان پوءِ هن ساڳي ئي يونيورسٽي مان ٻيهر انٽرنيشنل اسڪالرشپ تي ايڪانامڪ سسٽم (Economic System) ۾ ماسٽر ڪئي.
1986ع کان 1990ع تائين، مراد شاهه، واپڊ (WAPDA) جي لاهور واري آفيس ۾ انجنيئر طور نوڪري پڻ ڪئي، ان کان پوءِ پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. ان کان سواءِ هن حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي ( Hyderabad Development Authority) ۾ پڻ انجنيئر طور ڪم ڪيو ۽ ان کانپوءِ هن سٽي بينڪ (Citibank) پاڪستان ۽ لنڊن ۾ پڻ نوڪري ڪئي. هن گلف انويسٽمينٽ ڪارپوريشن ڪويت (Gulf Investment Corporation، Kuwait) ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.
مراد شاهه 2002ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پي ايس 77 تان چونڊجي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. سنڌ جو وڏو وزير ٿيڻ کان پهرين آبپاشي (Irrigation) ۽ فنانس (Finance) جي وزير جي طور تي ڪم ڪري چڪو آهي. [1]
سنڌ جي وڏن وزيرن جي فهرست[سنواريو]
وزير اعليٰ جو نالو | قلمدان سنڀاليو | قلمدان ڇڏيو | سياسي جماعت/تبصرو |
---|---|---|---|
غلام حسين هدايت اللہ (پهريون ڀيرو) | 28 اپريل، 1937ء | 23 مارچ، 1938ء | مسلم پيپلز پارٽي |
اللہ بخش سومرو (پهريون ڀيرو) | 23 مارچ، 1938ء | 18 اپريل، 1940ء | اتحاد پارٽي |
مير بندہ علي خان ٽالپر | 18 اپريل، 1940ء | 7 مارچ، 1941ء | مسلم لیگ |
غلام حسين هدایت اللہ (ٻيون ڀيرو) | 14 آڪٽوبر، 1942ء | 14 آگسٽ، 1947ء | مسلم پيپلز پارٽي |
وزير اعليٰ جو نالو | قلمدان سنڀاليو | قلمدان ڇڏيو | سياسي جماعت/تبصرو |
---|---|---|---|
محمد ايوب کھڙو (پهريون ڀيرو) | 16 آگسٽ، 1947ء | 28 اپريل، 1948ء | ![]() |
پير الٰهي بخش | 3 مئي، 1948ء | 4 فيبروري، 1949ء | ![]() |
يوسف هارون | 18 فيبروري، 1949ء | 7 مئي، 1950ء | ![]() |
قاضي فضل اللہ عبيد اللہ | 8 مئي، 1950ء | 24 مارچ، 1951ء | پاڪستان مسلم لیگ |
محمد ايوب کھڙو (ٻيون ڀيرو) | 25 مارچ، 1951ء | 29 ڊسمبر، 1951ء | ![]() |
گورنر راڄ | 13 آڪٽوبر، 1955ء | 22 مئي، 1953ء | |
پيرزادهہ عبد الستار | 22 مئي، 1953ء | 8 نومبر، 1954ء | ![]() |
محمد ايوب کھڙو (تیسری مرتبہ) | 9 نومبر، 1954ء | 13 آڪٽوبر، 1955ء | ![]() |
عهدو ختم | 13 آڪٽوبر، 1955ء | 30 جون، 1970ء | صوبو اولھه پاڪستان (ون يونٽ) جو حصو بڻيو رهيو |
فوجي قانون (مارشل لاء) | پهرئين جولاءِ، 1970ء | پهرئين مئي، 1972ء | |
ممتاز ڀٽو (پهريون ڀيرو) | پهرئين مئي، 1972ء | 20 ڊسمبر ، 1973ء | ![]() |
غلام مصطفيٰ جتوئي | 25 Dسمبر، 1973ء | 5 جولاءِ، 1977ء | ![]() |
فوجي قانون (مارشل لاء) | 5 جولاءِ، 1977ء | 6 اپريل، 1985ء | ضیاء الحق جي آمريت جي دوران |
غوث علي شاهہ | 6 اپريل، 1985ء | 6 اپريل، 1988ء | ![]() |
اختر علي غلام قاضي (پهريون ڀيرو) | 11 اپريل، 1988ء | 24 جون، 1988ء | ![]() |
گورنر راڄ | 24 جون، 1988ء | 31 آگسٽ، 1988ء | |
اختر علي غلام قاضي (ٻيون ڀيرو، نگران) | 31 آگسٽ، 1988ء | 2 ڊسمبر، 1988ء | ![]() |
قائم علي شاهه (پهريون ڀيرو) | 2 ڊسمبر، 1988ء | 25 فيبروري، 1990ء | ![]() |
آفتاب شعبان ميراڻي | 25 فيبروري، 1990ء | 6 آگسٽ، 1990ء | ![]() |
ڄام صادق علي (5 نومبر، 1990ء تائين نگران جي حيثيت سان) | 6 اگست، 1990ء | 5 مارچ، 1992ء | آزاد |
مظفر حسين شاهہ | 6 مارچ، 1992ء | 19 جولاءِ، 1993ء | ![]() |
سيد علی مدد شاهہ (نگران) | 19 جولاءِ، 1993ء | 21 آڪٽوبر، 1993ء | |
سيد عبد اللہ شاهہ | 21 آڪٽوبر، 1993ء | 6 نومبر، 1996ء | ![]() |
ممتاز ڀٽو (ٻيون ڀيرو، نگران) | 7 نومبر، 1996ء | 22 فيبروري، 1997ء | سنڌ نيشنل فرنٽ |
لياقت علي جتوئي | 22 فيبروري، 1997ء | 30 آڪٽوبر، 1998ء | ![]() |
گورنر راڄ | 30 آڪٽوبر، 1998ء | 17 ڊسمبر، 2002ء | |
علي محمد مهر | 17 ڊسمبر، 2002ء | 9 جون، 2004ء | ![]() |
ارباب غلام رحيم | 9 جون، 2004ء | 19 نومبر، 2007ء | ![]() |
عبدالقادر هاليپوٽو (نگران) | 19 نومبر، 2007ء | 6 اپريل، 2008ء | |
قائم علي شاهه (ٻيون ڀيرو) | 6 اپريل، 2008ء | 21 مارچ، 2013ء | ![]() |
زاهد قربان علوي (نگران) | 21 مارچ، 2013ء | 30 مئي، 2013ء | |
قائم علي شاهه (ٽيون ڀيرو) | 30 مئي، 2013ء | 28 جولاءِ، 2016ء | ![]() |
سيد مراد علي شاهہ (پهريون ڀيرو) | 30 جولاءِ، 2016ء | تاحال | ![]() |