سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سکر جي آء. بي. اي. يونيورسٽي پاڪستان جي تمام اعلي تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿي.
Sukkur
سکر
ميٽروپولس
Rohri.jpg
Official logo of Sukkur
Logo
مڪانيت: 27°42′22″N 68°50′54″E / 27.70611°N 68.84833°E / 27.70611; 68.84833مڪانيت: 27°42′22″N 68°50′54″E / 27.70611°N 68.84833°E / 27.70611; 68.84833
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو سکر ضلعو
ضلعي قيام سن 1901
ميونسپالٽي جو قيام 1862
حڪومت
 • قسم ميونسيپل ڪارپوريشن
 • سکر جو ميئر ارسلان شيخ
 • ڊپٽي ميئر طارق چوھاڻ
ايراضي
 • ڪُل 5,165 ڪلوميٽراسڪوائر (2,000 اسڪوائر ميل)
اوچائي 67 ميل (220 ft)
آبادي (Census 2017)
 • ڪُل 1.4 Million
ٽائيم زون PST (UTC+5)
Calling code 071
ٽوٽل ٽائون 4
شھر جون يونين ڪاؤنسلون 20
سکر جي سرڪاري ويب سائيٽ]

سکر پاڪستاني صوبي سنڌ جو ٽيون وڏو شھر آھي جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪپ تي اڏيل آهي.

سکر جو تعارف[سنواريو]

سکر پاڪستان جي صوبيسنڌ جو ڪراچيءَ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي.ھي شھر سنڌو درياءَ جي اولهندي ڪپ تي واقع آهي . درياء جي اوڀر واري ڪپ تي تاريخي شھر روھڙي واقع آهي . اھي ٻئي شھر پلين وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. سکر جو شهر سکر بيراج جي ڪري پڻ مشهور آهي جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو بيراج آهي جنھن کي 66 دروازا آهن.انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي۽ ڊويزن جي حيثيت رکي ٿو.ھيشھر آبادي۾ پاڪستان جو ٻارهون وڏو شهر آهي.[1]

ھندن جي ساڌ ٻيلو ۾ واقع زيارتگاھ جيڪا سنڌو درياء جي وچ ۾ واقع آهي.

سنڌ ۾ برطانوي راڄ دوران سکر ڳوٺ جي پاسي ۾ نيو سکر شھر جوڙيو ويو. سکر جي ٽڪريءَ ڀرسان درياءَ جي ٻيٽ تي بکر جو ڦٽل شھر آھي جيڪو ڪنھن وقت سنڌ جو دروازو سڏيو ويندو هو.[2] 1839 ۾ فوجي گيريزن جي قيام کان اڳ پراڻو سکر ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھيو. 1845 ۾ فوجي گيريزن ختم ڪئي وئي.[3] ڪنھن زماني ۾ شھر کجين جي وڻن سان گهيريل ھوندو ھو. ٻارھين صدي عيسويءَ کان پراڻو سکر درياءَ جي اولهندي ڪناري تي واپاري سرگرمين سان ڀرپور دريائي بندر ھوندو ھو ۽ زرعي جنسن جي واپار جو مرڪز ھيو. 1607 ۾ مير معصوم شاھ بکري 86 فٽ اوچو مينار تعمير ڪرايو جيڪو سندس نالي سان منسوب ڪيو ويوسکر۾ واقع مير معصوم بکري جو مقبرو ۽ ان جو 1607 ۾ ٺھرايل مينار 1862 ۾ سکر ميونسپلٽي قائم ڪئي وئي.[4]

1889 ۾ لئنسڊائون پل ذريعي سکر کي پھرين دفعو روھڙيء سان ڳنڍيو ويو.

سکر ۾ 1889 ۾ تيار ٿيل لئنسڊائون پل

سکر ضلعو پهريائين شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو هو. 1901ع ڌاري، شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري، منجهانئس ٻه ضلعا ٺاهيائون، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو. سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميهو هوندو هو، جنهن سڀ کان پهرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجوده صورت وٺرائي.[5]سکر بيراج جنھن کي لائڊ بيراج جو نالو ڏنو ويو سو بہ برٽش دور ۾ ٺھيو جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي سسٽم کي ڪنٽرول ڪري ٿو.ان بيراج جي ڊزائين سر آرنلڊ مستو ٺاھي ۽ سر چارلٽن ھيريسن جي ھدايتن مطابق جوڙيو ويو. ان جي تعمير 1923 ۾ شروع ٿي ۽ 1932 ۾ مڪمل ٿي.

سکر بئراج دُنيا جو سڀ کان وڏو آبپاشيءَ جو منصوبو

ھن بيراج جي ڪئنالن جي مدد سان اٽڪل ھڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.[6][7]

1947 ۾ پراڻي سکر جي آبادي ڏھ ھزار ھئي ۽ نئين سکر جي آبادي اسي ھزار ھئي. ان آبادي ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد انڊيا مان آيل مسلمان مھاجرن جو وڏو اضافو ٿيو.1950 ۾ ھتي سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ ايسٽيٽ يا سائيٽ (.S.I.T.E) قائم ڪئي وئي. 1962 ۾ درياءَ مٿان لئنسڊائون پل جي ويجھو هڪ ٻي پل ٺاھي وئي جنھن کي ايوب پل جو نالو ڏنو ويو.

نالي جو مطلب[سنواريو]

سکر لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سک مان نڪتل چيو وڃي ٿو، جنھن جي معني آرام يا سڪون آھي.[8]

تاريخ[سنواريو]

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته:"سکر لوهريءَ جي آمهون سامهون درياهه جي ڪناري تي آهي. اصل بکر جي تعلقي ۾ هو پر نادر شاهه جي وقت کان وٺي شڪارپور جي تعلقي ۾ داخل ٿيو. اصلوڪو سکر اهو آهي. جنهن کي هاڻي پراڻو سکر ٿا چون. سکر جي اُلهندي ڏي هڪڙي ٽڪري آهي. جنهن کي آدم شاهه جي ٽڪري چون ٿا. انهيءَ تي آدم شاهه عباسيءَ جي قبر آهي. جو ڪلهوڙن جو ڏاڏو هو ۽ جنهن جو بيان سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. پهرين چانڊڪي يا لاڙڪاڻي ۾ زمين هيس. پوءِ ملتان ۾ ويو ۽ مريدن جو لشڪر گڏ ڪري فساد ڪرڻ لڳو ۽ شهيد ٿيو. مير معصوم شاهه جو اشارو مٿي بکر ۾ ڏنو ويو آهي. جو اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ بکر جو نواب هو ۽ قلعو پڪو ڪرايائين ۽ پڪين سرن جو منارو جوڙايائين. جو سئو فوٽ مٿي آهي ۽ گردي ۾ 84 فوٽ آهي. اهو منارو شروع سنه 1002 (=1593ع) ۾ ٿيو، پر 14 ورهيه پوءِ مير معصوم جي پٽ پورو ڪرايو. انهن ٻنهي جون قبرون به اُتي آهن. معصوم ٻيون به گهڻيون عمارتون جوڙايون. مسجد ۽ مسافر خانو به سندس جوڙايل آهن. پراڻي سکر واري جامع مسجد مير معصوم جي والد سيد صفائيءَ جي جوڙايل آهي. مير عبدالباقي پورانيءَ جي به اتي قبر آهي. اتي جي ماڻهن مان ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا: شاهه خير الله يا خيرالدين _ هو احمد شاهه جو پٽ هو. جو پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. اهو 911 هجريءَ ۾ بغداد ۾ ڄائو هو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ لڳو ۽ ٻارهن حج ڪيائين ۽ 14 ورهيه مدينه منوره ۾ رهي علم جي تحصيل ڪيائين. پوءِ عرب ۽ عجم جي سير ۽ سياحت تي نڪتو. 33 ورهيه گشت ڪري ڪي ڏينهن بلڙيءَ ۾ رهي. پوءِ اچي سکر ۾ منزل ڪيائين ۽ هڪڙو جبل پسند ڪيائين. جنهن کي اڃا تائين شاهه جو جبل چوندا آهن. انهيءَ جي هڪڙي غار ۾ عبادت ڪندو هو. سندس ڪرامتون ڏسي ماڻهو سندس مريد ٿيڻ لڳا. هڪ سئو ورهين عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس قبو به انهيءَجبل تي آهي. سندس وفات جي تاريخ رمضان سنه 1027 هجري (=1617ع) آهي. اهو سال هن مصرع مان ابجد جي حساب سان ٿو نڪري: مرشد کامل طريق احمدي، ميان سَڌو ۽ ميان جمال الدين سندس مريد ۽ مجاور هئا. جمال الدين جو پٽ ميان غلام محمد سنه 1174 هجري (=1760ع) ۾ اهو قبو ڊهرائي وري ٻيو وڏو ٺهرايو. جيئن لکيل تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو. پونيون مجاور ۽ سجاده نشين سعيد محمد هو. ميرڪ بايزيد پٽ ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهيءَ جو پنهنجي ڀآءٌ ميرڪ شيخ محمود سان گڏ رهندو هو. ٻئي علم ۽ عمل جا صاحب هئا. پهرين قنڌار ۾ رهندا هئا. پوءِ اتان مرزا شاهه بيگ ارغون سان سنڌ ۾ آيا ۽ ميرڪ بايزيد بکر ۽ سکر جو شيخ الاسلام مقرر ٿيو ۽ سکر ۾ رهيو. پر ڀاڻس وڃي ٺٽي ۾ رهيو. هن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ مير عبدالباقي به پيءُ جي جاءِ تي نالي وارو ٿيو ۽ سندن گهڻو اولاد ٿيو. انهن کان سواءِ مير عاقلشاهه ۽ سندس ڀآءٌ مير محمد حسين ۽ مير محمد زڪريا (جو مير معصوم شاهه بکريءَ جو پوٽو هو) ۽ سندس پٽ مير علي شير ۽ مير محمد يعقوب حڪيم جو ملتان مان اچي اتي رهيو) مشهور هئا. الور (اروڙ) هي قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هاڻي انهيءَ کي اروڙ ٿا چون. انهيءَ جو ذڪر تاريخ ۾ آهي. ۽ اهو دلوراءِ راجا جي ظلم کان ڦٽو. جنهن جو قصو مشهور آهي ۽ جو سومرن جي زماني ۾ هو. چون ٿا ته هو اهڙو ظالم ۽ زبردست هوندو هو، جو جيڪو سوداگر اتي ايندو هو. انهيءَ جي مال جو اڌ وٺندو هو؛ پر جي ڪا خوبصورت زال انهيءَ سان هوندي هئي ته اها به ڦري وٺندو هو. هڪڙي ڀيري هڪڙو سوداگر سيف الملوڪ نالي آيو. جو اصل شهزادو هو، پر تاجر ٿي نڪتو هو ۽ حج تي ٿي ويو. انهيءَ سان هڪڙي خوبصورت زال هئي. جنهن جو نالو بديع الجمال هو. انهيءَ لاءِ اچي هن ڪشش ڪئي. هن ٽي ڏينهن مهلت گهريس. جا مليس. انهيءَ وچ ۾ هن خدا جي درگاهه ۾ عزت جي بچآءٌ جون دعائون گهريون ۽ راتيون جاڳيو. پوءِ ڪن ماڻهن جي مدد سان رات جو لڪ چوريءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي نڪري هليو ويو ۽ حج ڪري وري ديري غازي خان ۽ سيتپور جي وچ ۾ اچي رهيو ۽ اولاد سميت اتي مري ويو ۽ دفن ٿيو. انهيءَ سوداگر جي نڪرڻ کان پوءِ زمين ڌٻي ۽ سارو شهر غرق ۽ ويران ٿي پيو ۽ درياهه. جو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو هو. سو ڦري لوهري ۽ بکر جي وچان وهڻ لڳو، شهر جي ڦٽڻ کان پوءِ دلوراءِ وڃي برهمڻ آباد ۾ رهيو. جو پڻ ساڳيءَ طرح ويران ٿيو. جنهن جو ذڪر پنهنجي موقعي تي ايندو. الور جي مشهور ماڻهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا: (1) قاضي اسماعيل، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد قاسم قاضي ۽ خطيب مقرر ڪري الور ۾ رکيو. انهيءَ جي اولاد مان به هڪڙو قاضي اسماعيل سنه 600 هه ۾ هو. جنهن وٽ عربن جي فتح ۽ سنڌ جي تاريخ جو احوال لکيل هو. جو علي بن حامد ڪوفي اُچ واري ولي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جنهن تان ”چچ نامه“ ٺهيو. (2) شيخ محمود قطب. مخدوم جلال جهانيان جو مريد هو. انهيءَ جو قبو اتي آهي ۽ هڪڙي وڏي زيارتگاهه آهي. (3) ڇٽو امراني. جو دلوراءِ راجا جي سئوٽن مان هو. الور جي ڦٽڻ کان پوءِ هو لڏي سيوهڻ ۾ وڃي رهڻ لڳو ۽ اتي دفن ٿيل آهي. (4) قاضي ستابه الور جو قاضي ۽ بکر جو محاسب هو. (5) شاهه شڪر گنج. لعل شهباز قلندر سيوهاڻيءَ جي وقت جو هو ۽ سندس دوست هو. انهيءَ جو قبو اڳوڻي درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ٽڪريءَ جي مٿان آهي ۽ اتي هر سال ميلو لڳندو آهي. عربن جي فتح کان پوءِ. عربن پنهنجو مکيه شهر منصوره ڪيو ۽ اروڙ پوءِ به ٻن سون ورهين تائين هندن جو شهر هو، پوءِ ڦٽو. ڪن جو چوڻ آهي ته الور اصل الرور هو. جيئن ڪن عربي ڪتابن ۾ به لکيل آهي ۽ جڏهن شهر ڦٽڻ کان پوءِ ۽ درياهه جي مٽجڻ کانپوءِ اتي جا ماڻهو لڏي اچي نئين شهر ۾ ويٺا. تڏهين انهيءَ جو نالو روهڙي رکيائون. جو رور مان نڪتل آهي ۽ عربيءَ۾ انهيءَ کي لوهري لکيائون. شاهه شڪر گنج ۽ شيخ محمود قطب جي ڀرسان هڪڙي مسجد به پوءِ عالمگير بادشاهه يعني اورنگزيب جي ڏينهن ۾ جڙي."[9]


اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهن سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سن 927هه يعني 1529ع ڌاري جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلهه ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺله يا منارو سڏيندا آهن. سن 983هه يعني 1575ع ۾ اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿي. جڏهن هو بکر آيو، تڏهن بادشاهه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان جي حوالي ڪري ۽ پاڻ رڳو سکر هٿ ۾ رکي. سن 998هه يعني 1589ع ڌاري، جڏهن خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏئي ويو، تڏهن آدم شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاهه جي ٽڪري ٿي سڏجي. سن 1168هه : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو ؛ پر بادشاهه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاهه نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سن 1258هه يعني 1842ع ۾ جڏهن چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي.

سکر جا برٽش دور وارا ڪليڪٽر[سنواريو]

آٽو راٿفيلڊ (Otto Rothfield) سکر جو ڪليڪٽر هو. ان صاحب وڏا ڪتاب لکيا آهن، مثلاً ”هندستان جون عورتون“ (Women of India). ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾، خاندانن ۽ شريفزادن کي ڏاڍو همٿائيندو هو. عالم قسم جو انگريز هو. تحقيق جو خاص شوق هوس. مقامي ريتين رسمن جي کوجنا ڪندو وتندو هو. ڪابه نياري يا دلچسپ شي ڏٺائين ته ان جي ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ، سرڪاري ڪم بند ڪري، گوڏو کوڙي ويهي رهندو هو. گول ٿلهو منهن، ۽ قد ڊگهو هوس. مون کيس ڪيترا ڀيرا ڏٺو. عالم ۽ محقق قسم جي انگريزن مان جو ٻيو صاحب سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو، سو هو ڊاڪٽر سارلي صاحب ، جنهن شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي. جن ڏينهن ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو، اسان ڪونه ٿي سمجهيو ته ڪو هو ايڏي پايي جو عالم آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته سکر وارن ڏينهن ۾ به هو پيو شاهه عبداللطيف متعلق خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ محض منتظم پيو نظر ايندو هو. ضلعي جو وڏيرو ڪيتريقدر به ڇو نه سندس دوست هجي، پر جي ڪو غلط ڪم ڪيائين ته هرگز معاف نه ڪندس.[5]

موسم[سنواريو]


تعليم[سنواريو]

سکر جي آء. بي. اي. يونيورسٽي پاڪستان جي تمام اعلي تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿي.


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:PakistanCities سانچو:Pakistan topics

حوالا[سنواريو]

  1. "Population and growth of major cities" (PDF). Archived from the original (PDF) on 2015-04-28. 
  2. Burton, Richard (1851). Sindh and the Races That Inhabit the Valley of the Indus. Asian Educational Services. https://books.google.com/books?id=gO6pPmYjF5MC&pg=PA9&dq=sukkur+sindh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiTqOfO25XYAhVKjFQKHd94AvQQ6AEIOTAD#v=onepage&q=sukkur%20sindh&f=false. Retrieved 19 December 2017. 
  3. Hughes, Albert William (1876). A Gazetteer of the Province of Sind. https://books.google.com/books?id=QZ8IAAAAQAAJ&pg=PA677&lpg=PA677&dq=aror+rohri&source=bl&ots=QboUCMUXCz&sig=Y-gXMCmGsRpJRQ9f89XUvnvNh3M&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwixvM6b5pXYAhVGh1QKHXWZD-4Q6AEIXTAM#v=onepage&q=aror%20&f=false. Retrieved 19 December 2017. 
  4. "Sukkur". Britannica. Retrieved 19 December 2017. 
  5. 5.0 5.1 ڪتاب:اھي ڏينھن اھي شينھن٬جلد،۱؛ليکڪ:پير علي محمد راشدي؛ايڊيشن:۲۰۰۰ ؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو.
  6. Kiana, Khaleeq (16 July 2013). "Rule violations threaten Sukkur Barrage". dawn.com. Retrieved 26 August 2014. 
  7. "Sukku Barrage". Archived from the original on 2012-03-30. 
  8. "History of Sukkur". Old Sukkur. Sindhi Association of India. Retrieved 20 December 2017. 
  9. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو