ابو الحسن مسعودي
ابو الحسن مسعودي | |
---|---|
(عربي ۾: المسعودي) | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 896 بغداد |
موت | سال 956 (59–60 سال)[1][2] قاھرہ |
شھريت | ![]() |
عملي زندگي | |
پيشو | مؤرخ،ليکڪ[3] |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي[4] |
دلچسپي | تاريخ |
ترميم ![]() |
مسعودي جو نالو علي بن حسين بن علي، ڪنيت ابو الحسن ۽ وطن بغداد ھو ۽ جيئن تہ مشھور اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود رضہ سان سندس خانداني سلسلو ملي ٿو، انھيءَ نسبت سان مسعودي چوائيندو ھو. ھيءُ ھڪ بلند پايي جو مورخ، جاگرافي نويس ۽ سياح جي حيثيت سان مشھور آھي. ھن پنھنجي عمر جا 55 سال سير و سياحت ۾ گذاريا. ھن پنھنجي وطن بغداد کان سفر شروع ڪيو ۽ عراق، شام، آرمينيا، روم، (ايشيائي ڪوچڪ) آفريڪا، سوڊان ۽ حبش کان سواءِ چين، تبت، ھندستان ۽ سريلنڪا به آيو ۽ اتان ڪن ملڪن جي درياھن جو به سير ڪيو. هن جيڪي ڪم تاريخي ۽ جاگرافيائي معلومات لاءِ تحرير ڪيا آھن، اھي ھن کان پھريائين جاگرافيائي نويسن جي لکڻين ۾ نٿا ملن. ھن جي متعدد ۽ ضخيم ڪتابن مان فقط ٻہ تاريخي ڪتاب موجود آھن. ”مروج الذھب“ و ”معادن الجواھر“ ۽ ”التنبيھ والا شراف“. مروج الذھب نھايت معلوماتي ۽ مفيد تصنيف آھي. اگرچہ اھو اسلامي تاريخ جو ڪتاب آھي مگر ھن جي مقدمي ۾ دنيا جي سڀني قومن جي تاريخ آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستان جو ذڪر ۽ ھتان جي شھرن ۽ درياھن جي متعلق ھن ۾ مفيد معلومات موجود آھي. مسعوديءَ اھو ڪتاب سير و سياحت ختم ڪري سنہ 332ھ مطابق 943ع ۾ لکيو ۽ اھو ڪتاب مصر مان گھڻائي دفعا ۽ پيرس مان 9 جلدن ۾ 1871ع ۾ فرينچ ترجمي سان شايع ٿيو آھي. ٻئي ڪتاب ۾ بہ ھندستان متعلق ڪجھ جغرافيائي معلومات آھي ۽ اھو لنڊن مان 1894ع ۾ شايع ٿيو آھي(Earrade Vaux) انھيءَ جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو آھي. آخري عمر ۾ مسعوديءَ مصر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي سنہ 345ھ ۾ فسطاط آيو ۽ 346ھ ۾ اتي وفات ڪيائين.[5]
مسعودي 25 سال دنيا جي مختلف ملڪن جو سيروسفر ڪيو سنڌ ۽ هند ۾ به آيو. سيرو سياحت ختم ڪرڻ کان پوءِ 332ھ ۾ ”مروج الذهب“ نالي ڪتاب لکيائين. ان جو سڄو نالو ”مروج الذهب ومعاون الجٰواهر“ آهي ان کان سواءِ ٻيا ڪتاب به لکيائين، جن مان فقط ”التشبيهه الاشراق“ هن وقت موجود آهي.[6]
حوالا[سنواريو]
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12015979m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ full work available at URL: https://www.google.fr/books/edition/Histoire_de_la_philosophie_en_Islam/I0ANAAAAIAAJ?hl=fr&gbpv=0&kptab=overview — مصنف: Abdel Rahman Badawi — عنوان : Histoire de la philosophie en Islam — جلد: 60 — صفحہ: 472 — ناشر: Librairie philosophique J. Vrin — شائع شدہ از: Études de Philosophie Médiévale
- ↑ full work available at URL: https://www.bartleby.com/library/bios/ — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12015979m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ ابو الحسن مسعودي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
- ↑ سنڌ - سياحن جي نظر ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط-1)؛ رسالو: مهراڻ، 1991ع، جلد،:۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.