عربي سمنڊ
عربي سمنڊ مکران | |
---|---|
![]() | |
پاڻي جو قسم | سمنڊ |
حصو آهي | ھندي وڏو سمنڊ |
سامونڊي طاس | پاڪستان، انڊيا،ايران،مالديپ، عمان، صوماليا، متحده عرب امارات، يمن |
وڌ کان وڌ ويڪر | 2٬400 km (1٬500 mi) |
سطحي پکيڙ | 3٬862٬000 km2 (1٬491٬000 sq mi) |
وڌ کان وڌ اونھائي | 4٬652 m (15٬262 ft) |
ٻيٽ | ايسٽولا ٻيٽ، بساواراجا درگا ٻيٽ، لکشادويپ ٻيٽ، پرام ٻيٽ، پيروٽان ٻيٽ، سوڪوترا ٻيٽ |
عربي سمنڊ(انگريزي: Arabian Sea) ھندي وڏي سمنڊ جي خطي ۾ واقع آهي . ان جي اتر ۾ پاڪستان ۽ ايران، اولھ م عدن وارو نار، گئارڊافوئي چينل ۽ عربستان جو اپٻيٽ آهي. اوڀر کان ڀارت آھي. ھن سمنڊ جي جملي پکيڙ 3٬862٬000 km2 (1٬491٬000 sq mi) ۽ ان جي وڌ کان وڌ اونھائي 4٬652 ميٽر (15٬262 ft) آھي. عدن وارو نار کيس باب ميندب نھر ذريعي ڳاڙھي سمنڊ سان ملائي ٿو، ۽ عمان جو نار کيس ايراني نار سان ملائي ٿو.

بندر[سنواريو]
ھن سمند جا مشھور بندر ھيٺيان آھن:
- ڪنڊلا پورٽ، انڊيا
- اوکا پورٽ، انڊيا
- ممبئي پورٽ،انڊيا
- جواھر لال نھرو پورٽ ، انڊيا
- مورموگائو پورٽ گوا,انڊيا
- نيو مينگلور پورٽ، انڊيا
- ڪوچي پورٽ،انڊيا
- ڪراچي پورٽ، پاڪستان
- پورٽ قاسم، پاڪستان
- گوادر پورٽ، پاڪستان
- چاھ بھار پورٽ،ايران
- سلالا پورٽ، عمان
جاگرافي[سنواريو]

عربي سمنڊ جي سطح جي پکيڙ لڳ ڀڳ3٬862٬000 km2 (1٬491٬130 sq mi) آهي.[1]سمنڊ جي وڌ کان وڌ ويڪر لڳ ڀڳ 2٬400 km (1٬490 mi) آھي. ۽ اونھائي 4٬652 ميٽر (15٬262 ft). درياءَ سنڌ ھن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو درياءَ آھي.

حوالا[سنواريو]
- ↑ Arabian Sea, Encyclopædia Britannica