سمنڊ
سمنڊ لوڻياٺي پاڻي (Saline Water)جي هڪ وڏي ميڙ کي چئبو آهي جيڪو وڏي سمنڊ (Ocean) سان ڳنڍيل هوندو آهي.

سمنڊ (Sea) لوڻياٺي پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو آهي. هتي خاص سمنڊ ۽ عام سمنڊ (The Sea) جو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي. عام سمنڊ مان مراد اڪثر مهاسگر هوندو آهي، جيڪو سڄي ڌرتيءَ تي پکڙيل لوڻياٺي پاڻيءَ جو هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظام آهي. خاص سمنڊ يا ته حاشيائي سمنڊ هوندا آهن (جيئن بحرِ روم)، يا وري خشڪي سان گهيريل پاڻيءَ جا وڏا ذخيرا هوندا آهن.
پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ لوڻياٺ (salinity) مختلف ٿئي ٿي، جيڪا سطح ۽ وڏن درياهن جي منهن وٽ گهٽ، ۽ مهاسگر جي گهرائين ۾ وڌيڪ هوندي آهي. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ملي ايندڙ مادو sodium chloride (کاڌي جو لوڻ) آهي. ان کان علاوه هن ۾ magnesium, calcium, ۽ potassium جا لوڻ پڻ شامل آهن. سمنڊن ۾ بيڪٽيريا کان وٺي وڏن جانورن تائين سامونڊي حياتيات جا مختلف قسم ملي اچن ٿا. اهي سوين ميٽر گهرائيءَ کان وٺي قطبي برف هيٺان ۽ گرم مرجان جي چٽاڻن تائين پکڙيل آهن.
سمنڊ ڌرتيءَ جي آبهوا کي اعتدال ۾ رکي ٿو ۽ پاڻي جي چڪر، ڪاربن ۽ نائٽروجن جي چڪرن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سطح جو پاڻي هوا سان ملي گهم ۽ گرمي پد جي تبديليءَ جو سبب بڻجي ٿو. سطح جي وهڪرن (Surface currents) جي ڪري سامونڊي لهرون (موجون) پيدا ٿين ٿيون. گهري سمنڊ جا وهڪرا، جن کي گلوبل ڪنوير بيلٽ چيو ويندو آهي، قطبن کان ٿڌو پاڻي کڻي سڄي دنيا جي مهاسگرن ۾ گردش ڪن ٿا ۽ آبهوا تي اثر انداز ٿين ٿا. لٽ ۽ وير (Tides)، جيڪي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا سمنڊ جي سطح کي مٿي ۽ هيٺ ڪن ٿا، اهي ڌرتيءَ جي گردش ۽ چنڊ (۽ ڪجهه حد تائين سج) جي ڪشش جي ڪري ٿين ٿا. سمنڊ هيٺان ايندڙ زلزلن جي ڪري خطرناڪ سنامي لهرون پڻ پيدا ٿي سگهن ٿيون.
انساني تاريخ ۽ ثقافت ۾ سمنڊ جو وڏو حصو رهيو آهي. قديم زماني کان انسان سمنڊ مان گذرسفر ۽ کاڌو حاصل ڪري رهيو آهي. سمنڊ جي سائنسي مطالعي کي بحريات (oceanography) چيو ويندو آهي. سمنڊ انسان کي خوراڪ مهيا ڪري ٿو، خاص ڪري مڇي، صدف ۽ سامونڊي گاهه. ان کان علاوه سمنڊ واپار، سفر، معدنيات ڪڍڻ، بجلي پيدا ڪرڻ ۽ تفريحي سرگرمين (جهڙوڪ تيرڻ ۽ غواصي) لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر انهن سرگرمين جي ڪري سامونڊي گدلاڻ (marine pollution) ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي.
وصف (Definition)
[سنواريو]
سمنڊ ڌرتيءَ جي سڀني سامونڊي پاڻيءَ جو هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظام آهي، جنهن ۾ ايٽلانٽڪ، پيسفڪ (بحرِ ڪاهل)، هندستاني مهاسگر، ڏکڻ مهاسگر ۽ آرڪٽڪ مهاسگر شامل آهن.[1] جيتوڻيڪ "سمنڊ" لفظ مخصوص ننڍن ذخيرن جهڙوڪ اتر سمنڊ يا ڳاڙهو سمنڊ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. مهاسگر ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ڪا واضح حد ناهي، پر عام طور تي سمنڊ مهاسگرن کان ننڍا هوندا آهن ۽ اڪثر خشڪي سان گهيريل هوندا آهن.[2]
طبعي سائنس (Physical science)
[سنواريو]ڌرتي واحد ڄاتل سڃاتل سيارو آهي جنهن جي سطح تي پاڻي موجود آهي.[3](p22) ڌرتيءَ تي موجود پاڻيءَ جو اٽڪل 97.2 سيڪڙو سمنڊن ۾ آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ڪل سطح جي لڳ ڀڳ 71 سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهي.[4][lower-alpha 1] باقي پاڻيءَ جو 2.15 سيڪڙو برف جي صورت ۾ قطبن ۽ گليشيئرز ۾ موجود آهي. باقي تمام ننڍو حصو (0.65 سيڪڙو) مٺي پاڻيءَ جي صورت ۾ درياهن، ڍنڍن ۽ زمين هيٺ موجود آهي.[4]
سمنڊ جي چرپر ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ قوتن جو مطالعو physical oceanography چئبو آهي. Marine biology سمنڊ جي حياتياتي نظام کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏهن ته marine geology جي ذريعي اسان کي کنڊن جي سرڪڻ (continental drift) ۽ ڌرتيءَ جي بناوت بابت ڄاڻ ملي ٿي.[5]
سمنڊ جو پاڻي (Seawater)
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Seawater

لوڻياٺ (Salinity)
[سنواريو]سمنڊ جي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي خاصيت ان جو کارو هجڻ آهي. لوڻياٺ کي عام طور تي في هزار حصي (‰) ۾ ماپيو ويندو آهي. کليل مهاسگر ۾ اها اٽڪل 35 ‰ (يعني هڪ ليٽر ۾ 35 گرام لوڻ) هوندي آهي. بحرِ روم ۾ اها 38 ‰ آهي، جڏهن ته مردار سمنڊ (Dead Sea) ۾ لوڻياٺ تمام گهڻي يعني 300 ‰ تائين ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ مختلف سمنڊن ۾ لوڻياٺ جي سطح مختلف ٿئي ٿي، پر ان ۾ موجود مختلف لوڻن جو پاڻ ۾ تناسب سڄي دنيا ۾ تقريبن هڪ ئي رهي ٿو.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sea." Merriam-Webster.com Dictionary, Merriam-Webster, https://www.merriam-webster.com/dictionary/sea . Accessed 14 March 2021.
- ↑ "What's the difference between an ocean and a sea?". Ocean facts. National Oceanic and Atmospheric Administration. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 January 2017 تي محفوظ ڪيل. 19 April 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedStow - 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedNOAAcycle - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedJenkins - ↑ Swenson, Herbert. "Why is the ocean salty?". US Geological Survey. اصل نسخو مان 18 April 2001 تي محفوظ ڪيل. 17 April 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڌرتيءَ جي اندروني حصي (Mantle) ۾ به مهاسگرن کان وڌيڪ پاڻي هجڻ جو امڪان آهي.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو