سنڌي ماڻھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌي لوڪَ
سنڌين جي ڳڻپ
؟
53,410,910: پاڪستان ·
5890،000: هندستان ·
ٻولي: سنڌي ٻولي

سنڌي ماڻھو ڏکڻ ايشيا ۾ آباد ماڻھن جو  هڪ نسلي گروھ آهي جيڪو دراوڙ، آريائي ۽ سامي نسلن سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻھو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا۔ پاڪستان جو سنڌ صوبو انھن جي نالي سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻهو سنڌي ٻولي کي مادري ٻولي طور  ڳالهائيندا آهن ۽ اردو يا هندي کي ٻي درجي جي ٻولي طور ڳالهائيندا آهن۔

هندستان جي ورهاڱي کانپوء مسلمان سنڌي نئين ملڪ پاڪستان ۽ هندو سنڌي هندستان هليا ويا۔ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مسلمان آهي،۽ سريلنڪا ۾ بہ مھاڻا ملاح ھزارن سالن کان سريلنڪا ۾ واپار لائي ويندا رھيا آھن جڏھن تہ ڀارت کان پوء سريلنڪا مين سنڌي واڏي تعداد ۾ رھندا آھن. هندو مذهب جي مڃيندڙن جو به وڏو انگ آهي ۽ ڪجهه ٻين مذهبن جا پيروڪار آهن۔

سنڌي رهڻي ڪهڻي

نالو[سنواريو]

لفظ ”سنڌ“ يا ”سنڌو” سنسڪرت ٻولي مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب ”وڏو درياھ“  آهي ۽ سنڌو درياھ جي ڪپن کي پهريون دفعو آباد ڪندڙن کي سنڌين جو نالو ڏنو ويو۔

ٻولي[سنواريو]

سنڌين جي مادري ٻولي سنڌي آھي، جيڪا ھڪ قديم ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي۔ سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي۔ انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي۔

قومون[سنواريو]

سنڌي ماڻھن جي اڪثريت سماٽ ۽ ٻروچ قومن سان تعلق رکي ٿي۔ ان کان علاوہ عرب ۽ درواڙ نسل سان تعلق رکندڙ سنڌي به چڱي تعداد ۾ موجود آھن۔ پٺاڻ، پنجابي ۽ ڪجهه ٻين قومن سان تعلق رکندڙ سنڌين جي ھڪ قليل تعداد موجود آھي۔ انھن سڀني جي مادري ٻولي سنڌي آھي۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]