آهير
ڏيک
آھير ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جو هڪ قبيلو، جيڪو سنڌ ۾ آباد هو. هن قبيلي جا ماڻهو ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ اُتان کير کڻي شھرن ۾ وڪڻندا هئا. ڳوٺاڻا ۽ ڌاريا هجڻ جي ڪري، ساڻن سماجي معاملن ۾ وهنوار نہ رکيو ويندو هو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آهير‘ اصطلاحي لفظ ليکجي ٿو، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ’ڌاريو مرد‘، سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي مشهور آهي تہ: ”آهير وڃائي اوبڻي، رن وڃايو رنبو“. اها چوڻي سماجي لحاظ کان طنزيہ ۽ تنقيدي چوڻي بہ آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آهير : (Sindhianaسنڌيانا)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.