ڪوٽڏجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪوٽڏجيءَ (Kot Diji) جي ماڳ جا قديم آثار خيرپور شهر کان 15 ميل ڏکڻ طرف موجوده ڪوٽڏجي واري قلعي جي سامهون نئشنل هاءِ وي جي اولهه طرف آهن. هيءُ ماڳ 600 فوٽ ڊگهو، 400 فوٽ ويڪرو ۽ زمين جي سطح کان 40 فوٽ اوچو آهي. هن ماڳ کي 1935ع ڌاري هڪ ماهر ڊاڪٽر گهريا ڳولي لڌو. ان کان پوءِ هن ماڳ جي کوٽائي ڊاڪٽر ايف اي خان 1955ع کان 1975ع تائين ڪرائي. [1]

ڪوٽڏجي مان قديم آثارن جي ماهرن کي هڪ اهڙي ثقافت جا اهڃاڻ مليا آهن، جيڪا سنڌو ماٿري جي شهري تمدن کان 7 سو سال آڳاٽي آهي. ان کي ماهرن ”ڪوٽڏجي واري ثقافت“ جو نالو ڏنو آهي. ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر ايف اي خان ڪوٽڏجي بابت ٻڌايو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ اها پهرين زرعي وسندي هئي ۽ سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو بنيادي پٿر رکڻ وارا اهي ڪوٽڏجي جا ماڻهو هئا. هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪوٽڏجي جي زرعي وسندي، موهن جي دڙي کان 7 سو سال قديم آهي ۽ اها تاريخ ريڊيو ڪاربان وسيلي حاصل ٿي آهي. جنهن ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته ننڍو کنڊ ته ڇا پر سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ ”زرعي سماج“ (Agrarian Society) جو پايو وجهندڙ سنڌي ماڻهو هئا. [2]

هيءُ ماڳ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪوٽ ڏنل شهر، جيڪو شايد حڪمران طبقي جي رهائش گاهه هيو ۽ ٻيو ٻاهريون شهر، جنهن ۾ شايد ڪمي ڪاسبي رهندا هئا. ماهرن موجب ڪوٽڏجي ننڍي کنڍ (برصغير) ۾ سڀ کان پهريون شهر هئو. جنهن جي چوڌاري ڪوٽ اڏيل هو. هن قديم ماڳ جي سڀ کان متاثر ڪندڙ شيءَ اهو ڪوٽ آهي، جيڪو هڙاپا جي زماني کان اڳ جو آهي. جنهن جي اوچائي ۽ ٿولهه به ٺيڪ ٺاڪ آهي. هي ڪوٽ هڪ ٽڪر تي تعمير ٿيل آهي ۽ ٿوري ٿوري فاصلي تي مورچا ٺهيل آهن. [3] ڪوٽ وارو حصو، جيڪو 5 سو فوٽ ڊگهو ۽ ساڍا ٽي سو فوٽ ويڪرو ۽ 40 فوٽ بلند آهي، اتان ڪشادا ڪمرا مليا آهن. جن جا بنياد پٿر جا ۽ باقي اڏاوت مٽيءَ جي سرن جي آهي. ڪيترن ديوارن جي ٿولهه 5 فوٽن کان به وڌيڪ آهي. ڇتيون گاري سان لنبيل آهن. [4]

ڪوٽڏجي حوالي سان ڊاڪٽر ايف اي خان ٻڌائي ٿو ته هن ماڳ جي رهاڪن کان هڙاپا ۽ موهن جي دڙي وارن فني ۽ ٻيون ڳالهيون سکيون. جن ۾ شهري رٿابندي ۽ قلعي بندي شامل آهن. هن قديم ماڳ جي شروعاتي تهه تي آباد ٿيل ماڻهو ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جي هنر ۾ ڪافي ترقي ڪري چڪا هئا. هتان سندن ڪوزي گريءَ جا تمام بهترين نمونا دريافت ٿيا آهن. هو مٽيءَ جي ٿانون تي عام پينٽنگ ڪندا هئا. شروعاتي دور جي ٿانون تي مور جون تصويرون ۽ مڇيءَ جا نمونا ملن ٿا. [5] هتان لڀندڙ ٿانون چڪ تي ٺهيل ۽ باهه ۾ پڪل آهن. جن تي گهري ڳاڙهي چمڪدار روشن فتيل چٽيل آهي. ان کان سواءِ انهن ٿانون تي مخصوص هڙاپا طرز جا نمونا ڪاري رنگ ۾ چٽيل آهن. نمونن ۾ پپر جو پن، مڇيءَ جا ڇلر ۽ سج وغيره عام جام نظر اچي ٿو. ڪوٽڏجي جي اوائلي دور وارا ٿانون ايترا ترقي ڪيل نه هئا. پر بعد ۾ آهستي آهستي انهن اوسر جا مختلف مرحلا طئه ڪيا. ابتدائي ٿانون ڳچين کان سواءَ هئا. [6]

ماڳ جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ تهه منجهان مهرون ۽ ٺڪر جون ٺهيل جانورن ۽ انسانن جون مورتون به مليون آهن. مورتن ۾ ٺڪر جون ٽي زنانيون ۽ 12 سنڱي ڍڳي جون مورتون شامل آهن. هتان مليل ڌات جي اوزارن ۾ ڪهاڙي، نيزا، ڇيڻيون ۽ چوڙيون لڌيون ويون آهن. ان کان سواءِ مارنگ (چلها) پڻ لڌا ويا آهن. جن تي اتان جا رهواسي رڌ پچاءُ ڪندا هئا. ڪوٽڏجي مان مليل باقيات ۾ مٽيءَ جا ٿانون، ٻارن جا رانديڪا، گاڏيون، کينهون، سنگ مرمر جا ٽڪرا، چوڙيون، مٽيءَ جي ٺهيل ديوين ۽ جانورن جون مورتون، تير ۽ پٿر جا اوزار وڏي تعداد ۾ مليا آهن. عورتن جي پائڻ جون چوڙيون، مٽيءَ ۽ سپ جون جڙيل آهن. جڏهن ته ٻارن جي کيڏڻ لاءِ بال ۽ گاڏيون پڪل مٽيءَ جون ٺهيل آهن. [7]

ڪوٽڏجي جي ثقافت سنڌ کان سواءِ رڻ ڪڇ جي ڏاکڻين حصي، پنجاب، بلوچستان جي اترين حصي، راجسٿان جي اترين حصي تائين ڦهليل هئي. ڪوٽڏجي مان مليل باقيات. ان کان اڳ سري ڪولا ۽ پيراڻو گهنڊائي مان ملي چڪي آهي. [8] [9] [10] [11]

  1. Khan, Dr. F.A, “Kotdigi- Preliminary Report on Kotdigi Excavations” 1956-58, Karachi
  2. خيرپور ۾ ٿيل سچل نيشنل سيمينار 1983ع
  3. مولا بخش اي سومرو.،”ڪوٽڏجي-آثار قديما جو هڪ نشان“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1962 پرچو نمبر 4
  4. Gauhar, Altaf “Twenty years of Pakistan 1947 to 1964” Pakistan Publication, Karachi 1969, P-624-625
  5. Khan, F.A, “Kotdigi-Preliminary Report
  6. Wheeler, S.M, “Early India & Pakistan” P-1100-1107
  7. Mughal, M.R, “Archaeology of Sindh” 1975, P-6
  8. خان، ڊاڪٽر ايف اي ”ڪوٽڏجي ڪلچر“ ماهوار هلال پاڪستان ميگزين، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 1983ع
  9. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  10. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر ليکڪ: رڪ سنڌي
  11. Kot Diji - Wikipedia