مواد ڏانھن هلو

بلوچستان، پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بلوچستان (صوبو) کان چوريل)
بلوچستان
بلوچستان
Flag of بلوچستانOfficial seal of بلوچستان
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°E / 27.7; 65.7
ملڪ  پاڪستان
قيام 14 آگسٽ 1947
صوبائي گادي جو هنڌ ڪوئيٽا
وڏي ۾ وڏو شھر ڪوئيٽا
ذيلي ورھاستون
Government
  Type صوبائي حڪومت
  Body بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي
  گورنر امان الله خان ياسين زئي(2018) [1]
   وزير اعلیٰ ڄام ڪمال خان(2018)
  چيف سيڪريٽري اختر نذير (2018)
  انسپيڪٽر جنرل پوليس محسن حسن بٽ
  بلوچستان اسيمبلي ھڪ ايواني (65 سيٽون)
Area
  Total
347,190 ڪ.م2 (134,050 ميل2)

بلوچستان (انگريزي: Balochistan) /bəˌlɪˈstɑːn/ ) ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي. هن جو گادي جو هنڌ ڪوئيٽا شھر آھي. بلوچستان ۾ هڪ ننڍي پيماني تي گوادر بندر گاه آهي. بلوچستان ۾ معدني وسيلا تمام گھڻا آهن. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آھي. انتظامي طور بلوچستان ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ ورهايل آهي.

بلوچستان جا صوبائي نشان (غير سرڪاري)
صوبائي جھنڊو
صوبائي مھر
صوبائي جانور
صوبائي پکي
صوبائي وڻ
صوبائي گل

تاريخ

[سنواريو]

ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون[2]. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو[2]. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو[2]. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا[2]. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو[2]. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي[2]. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو[2].

بلوچستان جي انتظامي ورھاست

[سنواريو]

ڊويزنل ورھاست

[سنواريو]

بلوچستان صوبو 6 انتظامي ڊويزنن ۾ تقسيم ٿيل آھي جيڪي ھرھڪ: ڪوئٽا، قلات، ژوب، نصيرآباد، مڪران ۽ سبي آھن.
بلوچستان جون ڊويزنون ۽ ضلعا

انتظامي ڊويزن ضلعا
قلات ڊويزن قلات, آواران، خاران، خضدار(ڊويزنل صدر مقام)، لسٻيلا، مستونگ، شھيد سڪندرآباد ۽ واشڪ
مڪران ڊويزن گوادر, ڪيچ(ڊويزنل صدر مقام) ۽ پنجگور
نصيرآباد ڊويزن جعفرآباد،نصيرآباد, ڪڇي، صحبتپور ۽ جھل مگسي
ڪوئيٽا ڊويزن ڪوئيٽا(ڊويزنل صدر مقام), چاغي، قلعہ عبدالله، پشين ۽ نوشڪي
سبي ڊويزن سبي(ڊويزنل صدر مقام)، ڪوھلو، زيارت، ڊيرا بگٽي، ھرنائي ۽ لھري
ژوب ڊويزن ژوب(ڊويزنل صدر مقام)، موسیٰ خیل،بارخان، قلعہ سيف الله،لورالائي،شيراني ۽ دوڪي

بلوچستان جا ضلعا

[سنواريو]
ضلعا تحصيلون
قلات ضلعو قلات تعلقو، منگچر تعلقو جوھان تعلقو ۽ گاگز تعلقو
آواران ضلعو ماشڪئي تعلقو، آواران تعلقو ۽ جھل جھائو تعلقو
خاران ضلعو خاران تعلقو، ناگ، وسوق ۽ بسیمہ تعلقو
خضدار ضلعو خضدار تعلقو، وڍ تعلقو، مولا تعلقو، نال تعلقو ۽ زھري تعلقو
لسٻيلو ضلعو لسٻيلو تعلقو، اٿل تعلقو، ڪنراج تعلقو، لاکڙا تعلقو ۽ لیاري تحصیل
حب ضلعو حب تعلقو،سونمياڻي تعلقو، گڊاني تعلقو، ساڪران تعلقو ۽ دریجي تعلقو
مستونگ ضلعو مستونگ تعلقو، دشت تعلقو، کڏڪوچھہ تعلقو ۽ ڪردگاپ تعلقو
شھيد سڪندر آباد ضلعو سوراب تحصيل
واشڪ ضلعو واشوڪ ۽ ماشکيل تعلقو
گوادر ضلعو گوادر تعلقو، اورماڙا تعلقو، پسني تعلقو، جیواني تعلقو ۽ سنتسار تحصيل
ڪيچ ضلعو تربت تعلقو، بلیدہ تعلقو، زامران تعلقو، تمپ تعلقو، مند تعلقو ۽ دشت تعلقو
پنجگور ضلعو پنجگور تعلقو، گوارگو، گچڪ ۽ پاروم تعلقو
نصير آباد ضلعو ڊيرا مراد جمالي تعلقو،نصيرآباد تعلقو، تمبو تعلقو، ڇتر تعلقو ۽ بابا ڪوٽ تعلقو
جعفر آباد ضلعو جھٽ پٽ (ڊيرا اللہ یار) تعلقو ۽ جعفر آباد تعلقو
صحبت پور ضلعو صحبتپور تعلقو، مانجھي پور، ھائردين ۽ فريد آباد تعلقو
ڪڇي ضلعو ڪڇي تعلقو، ڀاگ تعلقو، ڍاڍر تعلقو، مڇ تعلقو، سني تعلقو ۽ ختن تعلقو
جھل مگسي ضلعو جھل مگسي تعلقو۽ گنداواھہ تعلقو
ڪوئيٽا ضلعو ڪوئيٽا شھر تعلقو، پنجپائي ۽ چلتن تعلقو
چاغي ضلعو دالبندين تعلقو، چاغي تعلقو، دڪ تعلقو، نوڪنڊي تعلقو ۽ تفتان تعلقو
قلعو عبدالله ضلعو قلعہ عبدالله، گلستان ۽ دوبندي تعلقو
چمن ضلعو چمن شھر تعلقو ۽ چمن صدر تعلقو
نوشڪي ضلعو نوشڪي تعلقو
پشين ضلعو پشین تعلقو، حرمزئي، شایستہ برشور، بوستان، ڪاریزات ۽ سرانان تعلقو
سبي ضلعو سبي تعلقو، شاھرگ، لھڙي ۽ ڀاگ تعلقو
خضدار ضلعو خضدار تعلقو
ڪوھلو ضلعو ڪوھلو، ميوند ۽ ڪاھان تعلقو
ھرنائي ضلعو ھرنائي تعلقو
ڊيرا بگٽي ضلعو ڊيرا بگٽي، سئي، ڦلاواغ ۽ پيرڪوھ تعلقو
اوستا محمد ضلعو اوستا محمد ۽ گنداواھہ تعلقو
زيارت ضلعو زيارت تعلقو ۽ سنجاوي تعلقو
زوب ضلعو زوب تعلقو، قمر دين ڪاريز، سمبازا، ڪاڪڙ خراسان ۽ اشيوات تعلقو
موسيٰ خيل ضلعو موسي خيل تعلقو
برکان ضلعو بارکان تعلقو
قلعو سيف الله ضلعو قلعو سيف الله تعلقو ۽ مسلم باغ تعلقو
دڪي ضلعو دڪي تعلقو
شيراني ضلعو شيراني تعلقو
لورالائي ضلعو لورالائي تعلقو

حوالا

[سنواريو]