بلوچستان، پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بلوچستان (صوبو) کان چوريل)
بلوچستان
بلوچستان
صوبو
بلوچستان
جھنڊو
بلوچستان
مھر
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°E / 27.7; 65.7مڪانيت: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°E / 27.7; 65.7
ملڪ  پاڪستان
قيام 14 آگسٽ 1947
صوبائي گادي جو هنڌ ڪوئيٽا
وڏي ۾ وڏو شھر ڪوئيٽا
ذيلي ورھاستون
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي
 • گورنر امان الله خان ياسين زئي(2018) [1]
 •  وزير اعلیٰ ڄام ڪمال خان(2018)
 • چيف سيڪريٽري اختر نذير (2018)
 • انسپيڪٽر جنرل پوليس محسن حسن بٽ
 • بلوچستان اسيمبلي ھڪ ايواني (65 سيٽون)
پکيڙ
 • ڪل 347,190 ڪ.م2 (134,050 ميل2)
آبادي (2017)[2][3]
 • ڪل 12,344,408

بلوچستان(انگريزي: Balochistan) /bəˌlɪˈstɑːn/ ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي. بلوچستان ۾ هڪ ننڍي پيماني تي گوادر بندر گاه آهي، بلوچستان ۾ معدني وسيلا تمام گھڻا آهن. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آھي. انتظامي طور بلوچستان ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ ورهايل آهي.

بلوچستان جا صوبائي نشان (غير سرڪاري)
صوبائي جھنڊو
صوبائي مھر
صوبائي جانور
صوبائي پکي
صوبائي وڻ
صوبائي گل

تاريخ[سنواريو]

ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون[5]. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو[5]. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو[5]. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا[5]. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو[5]. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي[5]. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو[5].

بلوچستان جي انتظامي ورھاست[سنواريو]

ڊويزنل ورھاست[سنواريو]

بلوچستان صوبو 6 انتظامي ڊويزنن ۾ تقسيم ٿيل آھي جيڪي ھرھڪ: ڪوئٽا، قلات، ژوب، نصيرآباد، مڪران ۽ سبي آھن.
بلوچستان جون ڊويزنون ۽ ضلعا

انتظامي ڊويزن ضلعا
قلات ڊويزن قلات, آواران، خاران، خضدار(ڊويزنل صدر مقام)، لسٻيلا، مستونگ، شھيد سڪندرآباد ۽ واشڪ
مڪران ڊويزن گوادر, ڪيچ(ڊويزنل صدر مقام) ۽ پنجگور
نصيرآباد ڊويزن جعفرآباد،نصيرآباد, ڪڇي، صحبتپور ۽ جھل مگسي
ڪوئيٽا ڊويزن ڪوئيٽا(ڊويزنل صدر مقام), چاغي، قلعہ عبدالله، پشين ۽ نوشڪي
سبي ڊويزن سبي(ڊويزنل صدر مقام)، ڪوھلو، زيارت، ڊيرا بگٽي، ھرنائي ۽ لھري
ژوب ڊويزن ژوب(ڊويزنل صدر مقام)، موسیٰ خیل،بارخان، قلعہ سيف الله،لورالائي،شيراني ۽ دوڪي

بلوچستان جا ضلعا[سنواريو]

ضلعا تحصيلون
قلات ضلعو قلات تحصيل ،منگوڇر تحصيل، جوھان تحصيل ۽ گازگز تحصيل
آواران ضلعو آواران تحصيل,ماشڪئي تحصيل ۽ جھل جھائو تحصيل
خاران ضلعو خاران تحصيل، ناگ تحصیل، وسوق تحصیل بسیمہ تحصيل
خضدار ضلعو خضدار تحصيل، مولا تحصيل، نال تحصيل، وڌ تحصيل ۽ زھري تحصيل
لسٻيلو ضلعو لسٻيلو تحصيل، دریجي تحصیل، حب تحصیل، اوٿل تحصیل،گڊاني تحصیل، ڪنراج تحصیل، لیاري تحصیل، سومیاني تحصیل ۽ لاکرا تحصيل.
مستونگ ضلعو مستونگ تحصيل، دشت تحصیل، کڏڪوچہ تحصیل، ڪردگاپ تحصيل
شھيد سڪندر آباد ضلعو سوراب تحصيل
واشڪ ضلعو واشڪ تحصيل ، ماشڪيل تحصيل
گوادر ضلعو گوادر تحصيل، اورماڙا تحصيل،

پسني تحصیل ، جیواني تحصیل ۽ سنتسار تحصيل

ڪيچ ضلعو ڪيچ تحصيل, بلیدہ تحصیل, زامران تحصیل, تمپ تحصیل, مند تحصیل دشت تحصيل
پنجگور ضلعو پنجگور تحصيل، گوارگو تحصیل، گچڪ تحصیل، پاروم تحصيل
نصيرآباد ضلعو نصيرآباد تحصيل, تمبو تحصیل,

ڊیرا مراد جمالي تحصیل، ڇتر تحصیل، بابا ڪوٽ تحصيل

جعفرآباد ضلعو گنداخہ تحصيل، جھٽ پٽ تحصيل (ڊيرا الهيار) استاد محمد تحصيل
صحبتپور ضلعو صحبتپور تحصيل، مانجھي پور تحصيل، ھائردين تحصيل ۽ فريد آباد تحصيل
ڪڇي ضلعو ڪڇي تحصيل، ڀاگ تحصیل، ڍاڍر تحصیل، مڇ تحصیل، سني تحصیل , ختن تحصيل، بالاناڙي تحصيل
جھل مگسي ضلعو جھل مگسي تحصيل ۽ گنداواھ تحصيل
ڪوئيٽا ضلعو ڪوئيٽا تحصيل، پنج پائي تحصيل ، چلتان تحصيل
چاغي ضلعو چاغي تحصيل, دڪ تحصیل، نوڪنڊي تحصیل، تفتان تحصيل
قلعہ عبدالله ضلعو قلعہ عبدالله تحصيل,گلستان تحصیل دوبندي تحصیل،چمن تحصیل
نوشڪي ضلعو نوشڪي تحصيل، دالبندين تحصيل
پشين ضلعو پشين تحصيل، حرمزئي تحصیل، شایستہ برشور ڪاڪڙان تحصیل، بوستان تحصیل ڪاریزات ڪاڪڙان تحصیل، سرانان تحصيل
سبي ضلعو سبي تحصيل, شاھرگ تحصيل
خضدار ضلعو خضدار تحصيل
ڪوھلو ضلعو ڪوھلو تحصيل، ميوند تحصيل، ڪاھان تحصيل
ھرنائي ضلعو ھرنائي تحصيل
ڊيرا بگٽي ضلعو ڊيرا بگٽي تحصيل، سئي تحصيل، ڦلاواغ تحصيل، پيرڪوھ
لھري ضلعو لھري تحصيل، ڀاگ تحصيل
زيارت ضلعو زيارت تحصيل ۽ سنجاوي تحصيل
زوب ضلعو زوب تحصيل، قمرالدين ڪاريز تحصيل، سمبازا تحصيل، ڪاڪڙ خراسان ۽ اشيوات تحصيل
موسی خیل ضلعو موسی خیل تحصیل
بارخان ضلعو بارخان تحصيل
قلعہ سيف الله ضلعو قلعہ سيف الله تحصيل، مسلم باغ
دوڪي ضلعو دوڪي تحصيل
شيراني ضلعو شيراني تحصيل
لورالائي ضلعو لورالائي تحصيل

حوالا[سنواريو]

  1. Retired justice Amanullah Khan Yasinzai appointed Balochistan governor, The Express Tribune, 3 October 2018.
  2. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 29 August 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  3. "Pak population increased by 46.9% between 1998 and 2011". The Times of India. وقت 29 January 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 January 2016. 
  4. "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 5.6 [ https://nation.com.pk/05-Dec-2015/how-balochistan-became-a-part-of-pakistan-a-historical-perspective]