مواد ڏانھن هلو

لاڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاڙ (انگريزي: Larr ) لاڙ جي ايراضي گنجي ٽڪر جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿئي ٿي ۽ بدين ضلعي جي پراڻ درياءَ جي اورئين ڀر تائين سڄو بدين ضلعو، ٽنڊو محمد خان ضلعو ۽ ٺٽو ضلعو ان ايراضي ۾ شامل آهن[1]. لاڙ جي ڪل ايراضي يارنهن هزار پنج سو اڻانوي چورس ميل آهي[2]سن 1998ع جي آدم شماري موجب لاڙ جي ڪـُـل آبادي ڇويهه لک ٻاهتر هزار، ٽي سؤ اڻٽيهه (329، 72، 26) آهي[3].پيٿاوالا لکي ٿو ته: ”لاڙ، ايشيا ۽ يورپ جي واپاري منڊي هو[4].“ سنڌو تهذيب انهيءَ لاڙ واري علائقي جي سامونڊي ڪنارن کان نڪري ٻين کنڊن تائين پهتي. سنڌي ملاح، وڻجارا ۽ پڻي لوڪ ڏيساورن کان مال آڻيندا ۽ سنڌ جو طرح طرح جو ڪپڙو، خوشبو، اگر، مسالا، چمڙي جو سامان ۽ ٻيو وکر پرڏيهه نيندا هئا.[4]. لاڙ جي زمين هموار ۽ هوا به نه سخت گرم ۽ نه سخت سرد آهي. پراڻ درياءَ ۽ ان جا ڦاٽ، يعني ساگرو درياءَ، جيڪو ٽنڊي باگي جي نزديڪ وهندو هو. پٽيهل درياءَ ۽ ريڻ درياءَ تي به ڪيترائي شهر آباد هئا ۽ واپاري مرڪز پڻ هئا. آبپاشي جو نظام بهتر هو. جوڻ ۽ فتح باغ جو ذڪر، گل بدن بيگم، ”همايون نامه“ ۾ ڪيو آهي[5] جيڪو پڻ درياء جي قريب ھيو .لاڙ هڪ تمام خوبصورت علائقو آهي. سمن جي دور ۾ ٺٽي ۾ تمام وڏا باغ هئا، جن ۾ طرح طرح جا ميوا، ڏاڙهون، انگور وغيره پيدا ٿيندا هئا. هتي جي جابلو علائقن جون نئيون ساوڻيءَ ۾ تمام سهڻو نظارو پيش ڪنديون آهن. جنگ شاهيءَ وارن جبلن مان نئن ڍانگ، نئن اڌ ۽ نئن رورئياري ڪينجهر سان اچيو لانئون لهن. جڏهن ته نئن ڍورو لوڙئيو ۽ نئن سورجي اچي سونهريءَ ۾ ڀاڪرين پوي. جڏهن ته لاڙ جي انهيءَ علائقي ۾ سوين ڍورا ۽ ڍنڍون آهن، جتي سياري جي مند ۾ سائبيريا جا پکي ايندا آهن، اتي مڇي به جام ٿئي. ان کان علاوه ڍنڍن ۾ بهه، قم، ڪوڻيون، پن وغيره جام ٿين، اهو ذڪر لطيف سائين پنهنجي لازوال شاعريءَ ۾ پڻ ڪيو آهي[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. Pithawala M.B, 'Physical and Economic Geography of Sindh', Sindhi Adabi Board, Jamshoro, 1959. P. 357.
  2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ از: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، سال 1956 ص. 121. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
  3. ) 'Provincial Census Report 1998', Bureau of statistics and population Census organization Government of Pakistan, May 2000 - Islamabad.
  4. 4.0 4.1 4.2 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. Gul Badan Beghum: Hamayun Nama (Persian) P. 47.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]