بندرگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پورٽ آف نيويارڪ ۽ نيوجرسي جو اصل نيويارڪ ھاربر ھڊسن درياء ۽ اوڀر واري درياء جي سنگم تي واقع آهي
'1638 جو سامونڊي بندرگاهه جو پورٽريٽ

بندر گاھ (انگريزي: portسامونڊي يا پاڻي جي جهازن کي وصول ڪرڻ ۽ کيپ کي موڪلڻ جي سهولت مهيا ڪندڙ جڳه کي چئبو آهي. بندر گاه عام طور تي سمنڊ، درياه يا ڍنڍ جي ڪناري هوندو آهي. هتي کيپ جي لاء ضروري سامان ۽ آلا موجود هوندا آهن، جتي ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪَ سامان لاھڻ۽ چاڙھڻ جا گھاٽ (ووف)(انگريزي: wharf) ھوندا آھن ۽ جتان مسافر پڻ ٻيڙن يا بحري جهازن م لھندا چڙھندا آھن. ڪي بندرگاھون سمنڊ کان پري درياھن ۽ ڪينالن ذريعي سمنڊ سان ڳنڍيل ھونديون آھن جھڙوڪ: پورٽ آف ھئمبرگ، پورٽ آف مانچسٽر۽ ڏولٿ(انگريزي: Duluth)جي بندرگاهه. دنيا ۾ موجوده دؤر جون مصروف ترين بندرگاھون پورٽ آف سنگاپور ۽ چين جون بندرگاھونپورٽ آف شنگھائي ۽ نينگبو جوشان (انگريزي: Ningbo-Zhoushan) آھن. بندرگاھن جي شروعات دنيا م قديم زماني کان ٿي ھئي. مصنوعي بندرگاھن م دنيا جي قديم ترين بندرگاھن ۾ وادي الجراف وارو بندر بہ ھڪ آھي جيڪو ڳاڙھي سمنڊ تي واقع ھيو .[1]

حوالا[سنواريو]