مواد ڏانھن هلو

مخدوم بلاول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مخدوم بلاول
محب وطن
عالم دين
ريجنٽ شاھ بيگ ارغون
ڄام فيروز
پورو نالو
شھيد مخدوم بلاول
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن ۽ ارغونن جي بادشاھي
پيءُ حسن سمو
جنم 1451ع
856ھ
ٽلٽي، ڄامشورو ضلعو
لاڏاڻو 1523ع
22 شعبان 930ھ
تدفين ڳوٺ باغبان ( موجوده ڳوٺ مخدوم بلاول) نزد: دادو
مذھب اسلام، سُني، سهروردي

مخدوم بلاول (انگريزي: Makhdoom Bilawal) (پيدائش: 856ھ بمطابق 1451ع – وفات: 929ھ بمطابق 1522ع) المعروف شهيد مخدوم بلاول سنڌ پاڪستان جو عظيم محب وطن صوفي بزرگ، فقيه ۽ جيد عالم هو.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

حضرت مخدوم بلاول شهيد 856ھ بمطابق 1451ع ۾ حسن سمو جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي سمه حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلو جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي سنڌ تي حڪومت واري دور ۾ اتي حاڪم طور مقرر هئا. مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ناظره قرآن ۽ فقهه جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي پنهنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت زهد ۽ تقوى گذاريائين. سندس ناماچار سڄي هندستان ۾ ڦهلي. ان وقت دهليءَ جو مشهور مصنف ۽ شاعر مخدوم جمالي حج تي ويندي هتان گذريو هو سو لکي ٿو ته سنڌ ۾ ٽي روحاني رهبر ۽ عالم آهن، پهريون لال شهباز قلندر، ٻيو مخدوم بلاول ۽ ٽيون مخدوم نوح. بعد ۾ مخدوم بلاولٽلٽي مان لڏي هاڻوڪي دادو ضلعو ۾ ڳوٺ باغبان ۾ رهائيش اختيار ڪئي. باغبان هاڻوڪي ڳوٺ مخدوم بلاول جو پراڻو نالو آهي. هت وڏي مسجد تعمير ڪرائي، مدرسو قائم ڪري درس تدريس شروع ڪيائين. مدرسي ڀرسان آڏاڻو قائم ڪيائين جيڪو پاڻ ۽ سندس شاگرد هلائيندا ۽ ڪپڙو ٺاهيندا هئا. آڏاڻي جي اپت تي سندس، مدرسي ۽ شاگردن جو گذران ٿيندو هو. سندس ڪيئي شاگرد ۽ پوئلڳ هئا. مخدوم صاحب جي فارسي ۾ صوفياڻي ڪلام جو به ذڪر ملي ٿو. [2][3] جنت السنڌ م مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:مخدوم بلال رحه ٽلٽيءَ جو ويٺل هڪ وڏو عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. ظاهري علمن جو وڏو علام ۽ علامه هو. ’تاريخ معصومي‘ وارو بزرگ لکي ٿو ته، هڪ دفعي مخدوم ٻيڙي ۾ سوار ٿي سيوهڻ وڃي رهيو هو، مير بحر خوب گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ڪنهن جو چيو نه ٿي ورتائين. مخدوم صاحب ڇا ڪيو جو پنهنجي ٽوپي کڻي سندس مٿي تي رکيائين ته مهاڻو جهٽ گارين گندن کان خاموش ٿي ويو ۽ اُتي جو اُتي قرآن ۽ حديث جو واعظ شروع ڪري ڏنائين. ’مقالات الشعرا‘ ۾ لکيل آهي ته، مخدوم بلال علم حديث جو وڏو عالم ۽ تفسير جو وڏو ماهر هو ۽ پنهنجي زماني ۾ وڏي کان وڏو عالم ليکجڻ ۾ آيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شعر به موزون فرمائيندو هو. جيئن فرمايو اٿس[4]:

در راه خدا از سر قدم بايد ساخت،

سرمايه اختيار خود مي بايد ساخت.
کفر است بخود نماني بردن بجهان،

از خويش برون شده سويش مي بايد ساخت.

— مخدوم بلاول

مخدوم صاحب ٽلٽي واري ٻين جنگ ۾ شاھ بيگ ارغون جي خلاف سمن جي مدد ڪئي ھئي . جنت السنڌ مطابق: جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ شاه بيگ، مخدوم بلال تي ڏنڊ رکيو جو هن ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ارغونن پوءِ دغا ڪري هن درويش تي ڪفر ۽ الحاد جي تهمت رکائي ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪين ملن کان فتويٰ وٺي، هنن سنڌ جي هن بي مثل محب وطن کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪري ڇڏيو. مخدوم صاحب جو عاليشان قبو، باغبان، دادو تعلقي ۾ موجود آهي ۽ مٿس سڀ ڪنهن ماه جي پهرئين جمعي جي رات ميلو لڳندو آهي.[4]

شهادت بابت

[سنواريو]

ڪن تاريخي تذڪرن ۾ لکيل آهي ته ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ ڦهلائڻ چاهي پئي جيڪا ڳالهه محب وطن عالم ۽ فقيه مخدوبزم بلاول کي نه ٿي آئڙي. ميران محمد جونپوريسنڌو درياھ وسيلي سن وٽان گذريو ته مخدوم بلاول جو پوئلڳ حيدر سنائي سندس راھ ۾ رڪاوٽ بڻيو ۽ جونپوري واپس موٽي ويو. مخدوم بلاول کان وير ميران محمد جونپوري[5] مرزا شاه بيگ ارغون معرفت ورتو ۽ کيس سازش سان شهيد ڪرايائين. ڪن تاريخن ۾ اهو به ذڪر آهي ته جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ته مخدوم بلاول ۽ سندس شاگردن ۽ بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن شديد مزاحمت ڪئي جنهنڪري کيس شاھ بيگ ارغون سازش سان شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم صاحب کي929ھ بمطابق 1522ع ۾ شهيد ڪيو ويو.روايت آهي ته کيس گھاڻي ۾ پيڙھائي شھيد ڪيو ويو هو[6] مير محمد معصوم جي ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ مخدوم بلال ۽ ارغونن جي تصادم بابت مفصل بيان مليو آهي. ساڳئي دور ۾ فريد بکري پڻ هن مسئلي ڏي اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. (ذخيرة الخوانين جلد1 ص177) ان هوندي به ”تاريخ معصومي“ پهريون ماخذ آهي، جنهن ۾ مخدوم بلال جي سوانح پڻ ڏنل آهي. مير معصوم جي لکت ته: هو سن 929ھ ۾ وفات ڪري ويو کي بنياد بنائي ناقدن مخدوم صاحب جي شهادت جو انڪار ڪيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي اصل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سامهون جيڪو قديم ترين نسخو هو، ان ۾ مذڪوره سٽ ڪانهي. ان جو مطلب ته وفات وارو بيان پوءِ جي ڪاتبن جو واڌارو آهي. مير علي شير قانع به مخدوم صاحب جي وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي. (تحفة الڪرام) اڄ اسين تاريخ جي علم مان جيڪا اميد رکون ٿا، وچئين دور ۾ هي علم صرف بادشاهن جي ثنا ۽ ساراه لاءِ هوندو هو. علي ڪوفيءَ کان ڪري خداداد خان تائين سنڌ جي تاريخ جا سڀئي لکندڙ سنڌي نه هئا. ان پس منظر ۾ اهڙن مؤرخن مان سماجي ۽ عوامي تاريخ جي توقع نه رکڻ کپي.[7] سوال آهي ته مخدوم بلال ڇو شهيد ٿيو هو؟ مير معصوم جي لکت مان ڳالهه سڄي صاف نظر پئي اچي. مخدوم بلال مڃيل عالم، محدث ۽ صوفي هو. پاڻ ارغونن جو زبردست مخالف هو. ان صورت ۾ نوان حاڪم هن کي ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيا؟ تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا ظلم نشانبر بيٺا آهن. بهرحال، کيس شهيد ڪرڻ لاءِ هڪ بهاني جي ڳولا ڪئي وئي. مولانا دين محمد وفائي ان پس منظر ۾ لکيو آهي ته: آخرڪار وقتي سياست سبب مخدوم بلال کي شهيد ڪرايو ويو. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص66) هن مسئلي تي جناب جي ايم سيد وڌيڪ روشني ڌي آهي. (پيغام لطيف ص64) انهن ڳالهين کي هت دهرائڻ جي گنجائش ڪانهي. مخدوم بلال جي شهادت بابت دستاويزي ثبوت گهڻو آڳاٽا آهن. انهن جو سرسري ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:[7]
(1) مخدوم جعفر جو بياض: مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر ڳوٺائي هئا. شهادت جي واقعي وقت مخدوم جعفر ويهن – پنجويهن سالن جو هوندو. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ متعدد ڪتابن جو لکندڙ هو. هن جي بياض ۾ مخدوم صاحب جي شهادت جو مذڪور ملي ٿو: آن ولي باکمال را قوم طغچه (چغده) بر بناءِ حد در اشڪنجه کشيده بشهادت رسانيدند. (عبدالواحد آريسر جو مقالو ڇپيل ڊيلي ”جاڳو“ 21 آڪٽوبر 1993ع)
(2) هڪ قديم تحرير: مشتاق متعلوي جنهن مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر ڪيو، ان جي سامهون هڪ قديم تحرير هئي. لکي ٿو ته: نقل از منبع قديم، در منقول چنين نوشته بود. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص63 حاشيو)
(3) تاريخ معصومي: هي ڪتاب مخدوم بلال جي شهادت کان اسي سال پوءِ 1009ھ/16000ع ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب جي انگريزي مترجم ڊاڪٽر ايم ايڇ صديقيءَ مير معصوم جي لکت جي آڌار تي مخدوم بلال جي موت جي سزا جي تصديق ڪئي آهي. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ ص27 حاشيو3)
(4) ذخيرة الخوانين: فريد بکريءَ سن 1060ھ/1649ع ۾ هي ڪتاب لکيو. مخدوم بلال ۽ شاهھ حسن ارغون جي ملاقات ۽ درٻار ۾ ٿيل جهڙپن جو احوال هن ڪتاب ذريعي دستياب ٿئي ٿو.(جلد1 ص177)
(5) دليل الذاڪرين: حاجي پنهور سن 1106ھ/1694ع ۾ هي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر آهي. مولانا دين محمد وفائي هن ڪتاب جي مدد سان لکي ٿو ته پنهنجي مرشد مخدوم بلال جي شهادت کان پوءِ مخدوم ساهڙ هالن جي مخدوم نوح جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان گهڻو فيض پرايائين. (تذڪره مشاهره سنڌ جلد1 ص43)
(6) سراج العارفين: هي ڪتاب سن 1215ھ/1800ع ۾ لکيو ويو. هن جي حوالي سان جناب جي ايم سيد لکيو آهي ته: مخدوم صاحب جي شهادت جو واقعو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب ۾ پڻ ملي ٿو. (پيغام لطيف ص63)
(7) سچل فقير جي شاهدي: سچل سرمست (وفات: 1242ھ/1827ع) هڪ ڪافيءَ ۾ مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر، گهاڻي ۾ پيڙجڻ جي حوالي سان هن ريت ڪيو آهي: گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدان مارايئي (سچل جو سنڌي ڪلام ص377)
(8) تاري گنجينه جهان نما: مخدوم محمد عاقل فارسي زبان ۾ هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ سن 1288ھ/1871ع ۾ لکيو. ان جو سنڌي خلاصو مخدوم محمد شفيع عباسيءَ ڪيو. فارسي توڙي سنڌي خلاصو اڃا نه ڇپيو آهي. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري روايت ۽ ان ۾ مهدوين جي ملوث هجڻ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. (سنڌي ترجمو ص31-34)
(9) سيد حيدر شاه اجناڻي: هي بزرگ هالن جي آس پاس رهندو هو. سن 1303ھ/1885ع ۾ وفات ڪيائين. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري واردات هن ريت بيان ڪري ٿو: ڪني سوري سيج ڪئي، ڪي گهميا منجهه گهاڻي (ڪليات امين ص48)
(10) بياض مشتاق متعلوي: قاضي هدايت الله مشتاق متعلوي (وفات؟؟) گذريل صديءَ ۾ مشهور مصنف، نثر نويس، شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب هڪ قديم تحرير جي حوالي سان مخدوم صاحب جي شهادت جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ عدد مرثيو به لکيو، جنهن لاءِ وفائي صاحب لکيو ته ان ۾ پوءِ جي هيراڦيري ٿيل آهي. مرثيو هن ضميمي جي آخر ۾ ڏجي ٿو.
(11) رکيل شاه صوفي: پاڻ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو، جنهن سن 1359ھ/1940ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم بلال جي شهادت هن ريت بيان ڪئي اٿس:
منجهه گهاڻي پيڙيو، وهن تنهنجي ناز جون ناليون (بحر العشق ص54)
(12) مولانا دين محمد وفائي: مولوي صاحب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد اول سن 1365ھ/1946ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن عالم شخص پنهنجي ڪتاب ۾ مشتاق متعلويءَ جي بياض ۾ آيل مواد ۽ ٻين ذريعن کي سامهون رکي مخدوم بلاول کي شهيد ثابت ڪيو آهي. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ۾ ڇپيو آهي.
قيام پاڪستان کان پوءِ جناب جي ايم سيد هن عنوان تي ”پيغام لطيف“ ۽ ”سنڌ جا سورما“ نالي ڪتابن ۾ مفصل روشني وڌي آهي. ان ريت همعصر دور ۾ هر اديب ۽ شاعر، مخدوم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.[7] مخدوم صاحب جي شهادت جي تاريخ مير معصوم (تاريخ معصومي)، مير علي شير قانع (تحفة الڪرام) ۽ سيد عبدالقادر (حديقة الاوليا) نه لکي آهي. مختلف روايتن موجب هو 30 صفر 931ھ، 2 رجب 930ھ يا 1 محرم 935ھ تي شهيد ٿيو هو. مخدوم صاحب جي مقبري ۾ ڪتبي تي سندس شهادت جي تاريخ 1 محرم 929ھ ڏينهن جمعي جو لکيل آهي. خاطري آهي ته هي واقعو شاه بيگ ارغون جي دور ۾ ٿيو، جنهن جديد تحقيق موجب 22 شعبان 930ھ تي وفات ڪئي هئي.[7] اڪثر مورخن موجب مخدوم بلاول929ھ بمطابق 1522ع) ۾ شهيد ڪيو ويو. ڪن سندس شهادت جو سال 1500ع ڄاڻايو آهي.[8]

مزار

[سنواريو]
مخدوم بلاول جي تربت

مخدوم بلاول شهيد جي مزار دادو ضلعي جي ڳوٺ مخدوم بلاول ۾ آهي جيڪو دادو کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف انڊس هاءِ وي سان واقع آهي. سندس مزار تي هرمهيني ماھ پيرو جمعو لڳندو آهي. مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي، جنهن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھ بخش پنهور 1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع ۾ پنهور صاحب شيشي جو ڪم به مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الھ بخش خان وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جا اڃا سلامت بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال 912ھ ۾ وفات ڪئي، جنهن جو مقبرو اتر ۾ (مخدوم بلال جي) ڪجهه وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت به تازي دور ۾ ٿي آهي.[7]

حوالا

[سنواريو]