ملير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:ملير

ملير يا مارئي جو ملڪ:سنڌ جي مشهور سَتيءَ مارئيءَ جو ملڪ، ”ملير“ ننگر پارڪر واري جُوءِ ۾ آهي. اهو ننگرپارڪر کان اٽڪل ٻاويهه ميل ڏکڻ طرف ٿيندو، اتي، ”ڀالوا“ نالي ٻه ڳوٺ اڄ به موجود آهن. هڪ ڳوٺ ۾ ”ڀيل“ ٿا رهن ۽ ٻئي ڳوٺ ۾ ”خاصخيلي سرائي“ رهن ٿا، ليڪن مارئيءَ جو اصل ڳوٺ هينئر ويران آهي. ڪجهه سال اڳ منهنجي ڪوششن سان، ان کوهه جي ٻيهر مرمت ڪرائي ويئي هئي، جنهن تي مارئيءَ جي اها ”ڪونڊي“ پيل هئي، جنهن ۾ مارئي اتي اچي ”ڇيلڙن“ کي پاڻي پياريندي هئي. اهو خطو به آهي ته ٿر ۽ بر، پر ماڻهو چون ٿا ته اڳ اهو نهايت سرسبز ۽ آباد هو. ان ڪري ماڻهو کيس سڏيندا ئي هئا، ملير!

مارئي جي مذهب ۽ قوميت متعلق اڄ تائين اختلاف آهن ته اصل ۾ ڪير هئي. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته مارئي مسلمان هئي. ايتريقدر جو هن تر ۾ مشهور آهي ته مارئيءَ جي قبر، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان شهيدن جي قبرستان ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ننگر پارڪر جا آثار قديم؛ مير محمد بخش ٽالپر ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1966؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو