اڪئمنيڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
Achaemenid Empire
اڪئمنيڊ شھنشاھيت
550 BC–330 BC
 

Standard of Cyrus the Great

اڪمئينڊ شھنشاھيت جوعروج وارو دؤر
دارا پھريون جو دور(522 کان 486 ق.م)
گادي جو هنڌ غير متعين
حڪومت مطلق بادشاھت
تاريخي دور ڪلاسيڪل قديم دؤر
 - فارس جو انقلاب 550 BC
 - لڊيا جي فتح 547 BC
 - بابل جي فتح 539 BC
 - پيلوسيم جي جنگ(525ق.م.) ۽ مصر جي فتح 525 BC
 - يونان۽ فارس جون جنگون 499–449 BC
 - مقدوينيہ جي شڪست 330 BC
جانشين
پيشرو
ميڊيا جي شھنشاھيت
نئين بابلي شھنشاھيت
لڊيا
مصر جو ڇويھون خاندان
گنڌارا جي بادشاھت
سوگاديا
مئسگيٽا
سڪندراعظم جي شھنشاھيت
مصر جو اٺاويهون خاندان
Warning: Value specified for "continent" does not comply


اڪئمنيڊ شھنشاھيت.... ( Achaemenid Empire):

پنجين صدي قبل مسيح ۾ ھيء شھنشاھيت پنھنجي عروج تي هئي.ان وقت ان جن سرحدون اولھ ۾ البانيہ تائين، اوڀر ٽيڪسلا ۽ سنڌونديءَ جي وھڪريتائين، اتر ۾ ، آرال سمنڊ کان موجوده لبيا جي سائرني تائين جن ۾ اولهه ايشيا ۽ مصر شامل ھئا.[1] 550 ق.م. کان 330 ق. م. تائين ھلندڙ ھيء شھنشاھيت پھرين فارسي شھنشاھيت ھئي جنھن جو بنياد سائرس اعظم( پيداش580 -529وفات) وڌو.ان جي پکيڙ 55 لک ھم چورس ڪلوميٽر تائين ھئي ۽ اھا صوبن ۾ ورھايل ھئي . ھن جي جوڙڻ وارا فارسي يا Persian خانابدوش ھئا . لفظ فارسي يا پرشين اصل ۾ علائقي جي نالي سان نسبت رکي ٿو.ان علائقي جو نالو فارس يا Persis آھي. جيڪو موجوده ايران جي ڏکڻ ۾ سمنڊ تي واقع آھي. [2] ايراني ان خطي ۾ 1000 قبل مسيح ۾ آيا. [3] ۽ ڪافي صديون نئين اشوري شھنشاھيت جي ماتحت رھيا پوء بابل وارن، سمير وارن، سيٿين ٔ چلڊين فارسين سان گڏجي اشوري شھنشاھيت جو خاتمو آندو ۽ فارسي اڪئنميڊ شھنشاھيت لاءِ رستو هموار ڪيو.[4]


سائرس اعظم جي پٿر تي اڪريل مورتپيسرگيدي ۾

نالو ۽ مطلب[سنواريو]

اڪئمنيڊ لفظ جي معني آهي: اڪئمني جي خاندان مان يا اڪئمني جي خاندان جي/جو.[5] اڪئمني نالي سان ستين صدي قبل مسيح ۾ ڏکڻ ايران ۾ فارس جي ھڪ علائقي انشان جو حاڪم ھيو .انشان ان وقت اشوريہ جي زير اثر ھيو.سائرس اڪئميني جي اولاد مان ھيو.

شھنشاھيت جو قيام[سنواريو]

اٽڪل 550 ۾ سائرس ميڊيائين جي خلاف بغاوت ڪري ميڊيا فتح ڪيو ۽ اڪئميني شھنشاھيت جو بنياد وڌو.[6]سائرس ٻيون جيڪو سائرس اعظم سڏبو آھي ان بادشاھيءَ کي عروج تي پھچايو.ٽيڪس جي ادائيگي ۽ امن جي پاسداري جي شرطن تي سائرس II رياست جي سڀني قوميتن وارن سان ھڪجھڙو ۽ برابريءَ وارو سلوڪ رکيو جيڪا ان جي ھڪ سياسي ڏاھپ ھئي.[7] ھن ماڻھن جي مذهب، رواجن ۽ ماتحت رياستن جي واپار۾ مداخلت کان پاسو ڪيو.ھن جي انھيءَ پاليسي بابل جي ماڻهن کي ھن سان راضي رکيو. وڏي رياست ھجڻ جي ڪري بعد ۾ انتظام ۽ ضابطي جي فقدان جا مسئلا پيدا ٿيا خاص ڪري دارا III جي دؤر ۾ رياست جي ٽٽڻ جو عمل شروع ٿي چڪو ھو.

نئين رياست جي قيام کان پوءِ پارسين ان جو گاديءَ جو هنڌ پئسرگيدي قائم ڪيو ان سان گڏ پرسيپولس شھر پڻ مرڪز بڻيو. دارا I جي دؤر ۾ ھن خانداني بادشاھت کي ھڪ سو سال مڪمل ٿيا.[8]

پٿر تي اڪريل مورت جنھن ۾ اپادانا جي پرسيپولس جي ڏاڪڻ وٽ تحفن سان گڏ وفدن جي آمد. مٿئين حصي ۾ آرين جو وفد ۽ ھيٺين ۾ اشورين يا بابل جو وفد ڏيکاريل آهي.
اڪئمنيڊ شھنشاھيت جي سائرس اعظم جو مقبرو

دارا-I ۽ ان جي پٽ خسرو-/ (Xerxes-I)

جي دؤر ۾ رياست جون يوناني شھري رياستن سان جنگون ھليون.


پرسيپولس وارو قومن جو دروازو



شيراز ۾ کولدن باري جي باغ ۾ پرسيپولس جي فارسي ٺلھ جو نقل


اڪئمينڊ شھنشاھيت جي توسيع جي مرحلي جو نقشو


سائرس اعظم يھودين کي اشورين جي غلاميءَ مان آزادي ڏياري ۽کين يروشلم ۾ ٻيھر آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني.ان ڪري يروشلم ۾ ان جو وڏو مرتبو ھيو
فارسي راڻي اٽوسا جو پتلو جيڪا دارا اعظم جي زال ۽خسرو يا Xerexes I جي ماء ھئي.

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا آف اينشنٽ ايشين سولائيزيش؛ چارلس ايف. ڊبليو. ھگم؛فئڪٽس آن فائيل انشورنس پبلشر؛ پيج ۱
  2. Jamie Stokes (2009). Encyclopedia of the Peoples of Africa and the Middle East, Volume 1. Infobase Publishing. pp. 2–3. ISBN 978-0-8160-7158-6. https://books.google.com/?id=Rtr7MQEACAAJ. 
  3. Mallory, J.P. (1989), In Search of the Indo-Europeans: Language, Archaeology, and Myth, London: Thames & Hudson.
  4. Marc., Van de Mieroop,. A history of the ancient Near East ca. 3000-323 BC (Third edition ed.). Chichester, West Sussex, UK. ISBN 9781118718179. OCLC 904507201. https://www.worldcat.org/oclc/904507201. 
  5. Curtis, Vesta Sarkhosh; Stewart, Sarah (2010). The Sasanian Era. I.B.Tauris. ISBN 978-0-85773-309-2. https://books.google.com/books?id=qPVHBAAAQBAJ&pg=PA79. 
  6. Simon Anglim; Simon Anglim; Phyllis Jestice; Scott Rusch; John Serrati (2002). Fighting techniques of the ancient world 3,000 BC – 500 CE: equipment, combat skills, and tactics. Macmillan. p. 145. ISBN 978-0-312-30932-9. https://books.google.com/?id=HL9cPgAACAAJ. 
  7. Palmira Johnson Brummett; Robert R. Edgar; Neil J. Hackett; Robert R. Edgar; Neil J. Hackett (2003). Civilization past & present, Volume 1. Longman. p. 38. ISBN 978-0-321-09097-3. https://books.google.com/?id=Vz65MAm_6JMC. 
  8. Charles Gates (2003). Ancient cities: the archaeology of urban life in the Ancient Near East and Egypt, Greece and Rome. Psychology Press. p. 186. ISBN 978-0-415-12182-8. https://books.google.com/?id=8aLb5pnm1j4C.