شڪارپور ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شڪارپور
ضلعو
شڪارپور ضلعو
شڪارپور ضلعو ۽ ان جا تعلقا
شڪارپور ضلعو ۽ ان جا تعلقا
شڪارپور is located in سنڌ
شڪارپور
شڪارپور
شڪارپور is located in Pakistan
شڪارپور
شڪارپور
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°57′08″N 68°38′06″E / 27.95222°N 68.63500°E / 27.95222; 68.63500مڪانيت: 27°57′08″N 68°38′06″E / 27.95222°N 68.63500°E / 27.95222; 68.63500
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ڪل تعلقا 4
قيام امير بھادر خان دائود پوٽو اول
پکيڙ
 • ڪل 2,577 ڪ.م2 (995 ميل2)
آبادي ([1]2017)
 • ڪل 12,31,481

شِڪارپور ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام شڪارپور شهر آهي. ھي ضلعو سنڌ جي اتر اولھ واري حصي ۾ واقع آھي. ان جي اتر ۾ ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعا، اولھ ۾ جيڪب آباد ضلعو، ڏکڻ ۾ لاڙڪاڻو ضلعو ۽ اوڀر ۾ سکر ضلعو واقع آھن. ضلعي صدرمقام برٽش انڊيا جي دؤر م ھندوستان جو پيرس طور مشھور ھيو پر ھاڻي سنڌ جي پسمانده شھرن ۾ شامل آهي جتي تعليم ، صحت، صفائي ۽ وندر جي سھولتن جو وڏو فقدان آهي. ان کي دروازن جو شھر پڻ سڏيندا ھئا. ھاڻي دروازا ڪانہ رھيا آھن پر جن علائقن م ھيا اھي ھاڻي انھن دروازن جي نالي مشھور آھن جيئن واڳوڻو در، لکي در، ھاٿي در، سوي در، ھزاري در، خانپوري در وغيره. ھي ضلعو 1843 ۾ قائم ٿيو ۽ خيرپور ميرس کي ڇڏي ڪري پوري اتر سنڌ تي مشتمل ھيو. بعد م جيڪب آباد جو ضلعو ان مان قائم ڪيو ويو. 1901 ۾ ان جي ضلعي حيثيت ختم ڪري نئين قائم ٿيل سکر ضلعي جو تعلقو بڻايو ويو. وري پھرين جولاء 1977ع م ان کي سکر کان ڌار ڪري ضلعي جي حيثيت ڏني وئي جيڪا اڃا قائم آهي. ھن ضلعي جي چئن تعلقن ۾ سپروائزري سرڪل، 63 تپا ۽2187 ڳوٺن کان علاوه هڪ ميونسپل ڪاميٽي، 7 ٽائون ڪاميٽيون، 3 مارڪيٽ ڪاميٽيون،33 يونين ڪائونسلون، 42 پوليس اسٽيشنس ۽ 57 پوسٽ آفيسون آهن[2].

انتظامي ۽ سياسي ورھاست[سنواريو]

هن ضلعي جي پکيڙ 2،512چورس ڪلوميٽر آهي، تعلقن جو تعداد 04، سب ڊويزن 02، ميونسپل ڪاميٽي 01، ٽائون ڪاميٽيون 06، سپروائزري تپيداري سرڪل 13، تپيداري سرڪل 60، ۽ ديهن جو تعداد 260 آهي[2].

تعلقا[سنواريو]

ھن ضلعي م ھيٺيان چار تعلقا آهن:

  1. شڪارپور تعلقو
  2. ڳڙهي ياسين تعلقو
  3. خانپور تعلقو
  4. لکي تعلقو

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

شڪارپور ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[3]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 جھان واھ 2 علي بھار 3 جاڳڻ
4 ھمايون شريف 5 شاھل 6 سلطان ڪوٽ
7 لوڊرا 8 جاڻو 9 مريد سيٺار
10 ڪرن شريف 11 ماڇي 12 ميان صاحب
13 ترائي 14 زرخيل 15 آريجا
16 ڳڙھي ڊاکو 17 رحيم آباد 18 پيربخش شجراع
19 بجراڻي 20 شبير آباد 21 چمن سکپور
22 ڳڙھي تيغو 23 محمودہ باغ 24 ڪوٽ شاھو
25 ٿانڙيو 26 ڳھڻو واھ 27 نم شريف
28 بمڀيار 29 نورگاھ انڙ 30 نوشھرو ابڙو
31 امروٽ شريف 32 مستي خان 33 ڪنڍڙ
34 ڳاھيجا 35 شاھپور جکرو 36 جندو ديرو
37 مرزان پور 38 ڇتو منگي 39 ڊکڻ
40 وارياسو 41 سانگي 42 والس آباد بڊو
43 عبدو 44 وزيرآباد 45 طئب
46 شير ڪوٽ 47 جھان خان 48 منگراڻي
49 حبيب ڪوٽ (رڪ) 50 نمورو 51 نئون واھ
52 عظيم آباد 53 ڀرڪڻ 54 فتح ٽنڊو
55 سيوهاڻي - - - -

قومي اسيمبلي جا تڪ[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جا ٻہ ھيٺيان تڪ آھن:

اين اي 198 شڪارپور 1[سنواريو]

ھن تڪ ۾ شڪارپور ۽ خانپور تعلقن وارا علائقا شامل آهن. ھن تڪ مان 2018 جي جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو عابد حسين ڀيو چونڊجي آيو جيڪو سابق پارليامينٽرين مرحوم الطاف حسين ڀيو جو پٽ آھي ۽ سندس تعلق شڪارپور جي جاڳڻ ڳوٺ سان آهي[4].

اين اي 198 شڪارپور 2[سنواريو]

ھن تڪ ۾ لکي غلام شاهہ ۽ ڳڙھي ياسين وارا علائقا شامل آهن. ھن تڪ مان 2018 جي جنرل اليڪشن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو غوث بخش مهر چونڊجي آيو جيڪو ھڪ پراڻو پارليامينٽرين آھي ۽ سندس تعلق لکي غلام شاھ جي ڳوٺ وزير آباد سان آهي[4].

صوبائي اسيمبلي جا تڪ[سنواريو]

شڪارپور ضلعي ۾ صوبائي اسيمبلي جا ھيٺيان ٽي تڪ شامل آهن:

پي ايس 7 شڪارپور 1[سنواريو]

ھن تڪ شڪارپور شھر وارو آھي. ھن تڪ مان 2018 جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو امتياز شيخ چونڊجي آيو جيڪو شڪارپور جي ھڪ نامور وڪيل مرحوم عبدالرحمان شيخ جو پٽ آھي[5].

پي ايس 8 شڪارپور 2[سنواريو]

ھن تڪ شڪارپور شھر وارو آھي. ھن تڪ مان 2018 جي عام چونڊن ۾ جي ڊي اي جو محمد شهريار مھر چونڊجي آيو جيڪو مشھور پارليميٽيرين غوث بخش خان مھر جو پٽ آھي. شھريار مھر 1976ع ۾ شڪارپور شھر ۾ پيدا ٿيو پر سندس خاندان جو تعلق لکي غلام شاهہ جي ڳوٺ وزير آباد سان آهي. ھي فوج م ڪيپٽن رھيو آھي 1994 کان 2002 تائين پاڪ فوج م رھيو پوء استعيفا ڏئي سياست ۾ شامل ٿي ويو[5].

پي ايس 9 شڪارپور 3[سنواريو]

ھن تڪ ڳڙهي ياسين شھر وارو آھي. ھن تڪ مان 2018 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو آغا سراج احمد دراني چونڊجي آيو جيڪو مرحوم آغا صدرالدين دراني جو پٽ آھي. شھريار مھر 1953ع ۾ ڳڙهي ياسين شھر ۾ پيدا ٿيو[5].

جاگرافي[سنواريو]

ھن ضلعو سنڌ جي اتر اولھ ۾ سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ واري پاسي واقع آهي. ان جي اتر ۾ ڪشمور ۽ جيڪب آباد، اولھ م جيڪب آباد ، اوڀر ۾ سکر ۽ ڏکڻ ۾ لاڙڪاڻي جا ضلعا واقع آھن. ھن ضلعي جي متناسق بيھڪ 27.95222°N 68.63500°E آھي. ھن ضلعي جي پکيڙ 2,577[1] چورس ڪلوميٽر,( 995 چورس ميل)[1] يا 2,868[2] چورس ڪلوميٽر آھي. ان جي تعلقن جي پکيڙ ھرھڪ شڪارپور تعلقو:561 چورس ڪلوميٽر ، لکي غلام شاھ تعلقو: 667 چورس ڪلوميٽر، خانپور تعلقو:664 چورس ڪلوميٽر ۽ ڳڙهي ياسين تعلقو:976 چورس ڪلوميٽر آھي[2].

آبادي[سنواريو]

ھن ضلعي جي آدمشماري 1972ع ۾ 5،30،551 ھئي جيڪا 1981 ۾ وڌي 5,96,409 ٿي وئي. 1998 ۾ 8,80,438 ٿي وئي، 2017 ۾ آدمشماري 12,31,481 ٿي وئي[1]. آبادي جي گھاٽائي 2017 جي آدمشماري مطابق 477.9 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي[1]. 2017 جي آدمشماري مطابق ڪل مرد 6,34,985 ھيا جيڪي ڪل آبادي جو %51.6 ھيا. ڪل عورتون 5,96,477 ھيون جيڪي ڪل آبادي جو %48.4 ھيون. کدڙن جو تعداد 19 ھيو[1]. آبادي جو شھري علائقن ۾ ۽ ٻھراڙيءَ م رھندڙ ھيو. ڪل شھري آبادي 3,03,249 ھئي جيڪا ڪل آبادي جو %24.6 ھيو ۽ ٻھراڙيءَ م رھندڙ ماڻھو 9,28,232 ھيا جيڪي ڪل آبادي جو %75.4 ھيو[1].لساني لحاظ کان سنڌي ڳالهائيندڙ 95.77، اڙدو 1.81، پنجابي 0.24، پشتو 0.22، بلوچي 1.01، سرائيڪي 0.60 ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 0.36 آهي. هن ضلعي ۾ معذورن جي ڪل آباديءَ جو انگ 0.75 في سيڪڙو آهي[2].

تاريخ[سنواريو]

سنڌ گزيٽئر ۾ لکيل آهي ته “امير بهادر خان دائودپوٽي اول پنهنجي طاقت ۽ شجاعت سان مقامي مهرن کي لڙائيءَ ۽ خونريزيءَ کانپوءِ هار ڏئي ڀڄايو، هي علائقو مهرن کان فتح جي يادگار طور هن شهر جو بنياد وڌو جنهن جو نالو شڪارپور تجويز ڪيو ويو” ان مان ثابت ٿئي ٿو ته امير بهادر خان دائودپوٽي اول سن 1026ھ ــ 1617 ڌاري شڪارپور خود مختيار رياست جو بنياد وڌو[2].شڪارپور جو سڄو عروج پٺاڻ دور سان وابسته آهي، جن شهر جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصو ورتو ۽ شهر جي چوڌاري دائودپوٽن جي تعمير ڪرايل چارديواريءَ جي مرمت ڪرائي،چوگرد باغ لڳرايا، شهر جي جامع مسجد نئين سر قائم ڪرايائون. احمدشاهه ابداليءَجي پٽ تيمورشاهه افغانستان کان هندو تاجر گھرائي هت آباد ڪيا جن بخارا، ترڪستان، روس، ايران، چين، جاپان، تبت ۽ آفريڪا تائين واپار جو سلسلو جاري رکيو[2]. واپار جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ گنجائش کي پيش نظر رکندي 1790ع ڌاري هتي قلعي قافلي جي نئين سر تعمير ڪيائون.1842ع تائين ٽالپرن جي قبضي ۾ئي رهيو ته 1842ع ڌاري ٽالپرن جي فوج شڪارپور ۾ داخل ٿي اهڙي طرح پٺاڻن جو اقتدار ختم ٿي ويو. 1842ع ۾ شڪارپور ٽالپرن جي ئي قبضي ۾ آيو[2]. 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو[6] ۽ سنڌ جو دارالخلافه 1847ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو[2]. شڪارپور ضلعو ھاڻوڪي ضلعن گھوٽڪي، سکر، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي حدن تائين پکڙيل ھيو. [2]. ان جي تعلقن ۾ شڪارپور تعلقي سميت 14 تعلقا ميرپورماٿيلو، گھوٽڪي، روهڙي، سکر، پنوعاقل، نوشهروابڙو، رتوديرو، لاڙڪاڻو، قنبر، نصيرآباد، لبِ دريا (موجوده ڏوڪري) ميهڙ ۽ ڪڪڙ شامل ھيا. انھن مان چار تعلقن جي حيثيت سب ڊويزن واري ھئي جن ۾ روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ شامل ھيا[2]. ايف ـ جي ـ گولڊ ـ سمڊ “ترڪِ شڪارپور” ۽ اِي ـ ايڇ ـ ايٽڪن E.H.Eitken ) ( ضلعي شڪارپور جو ڪل رقبو 11،532 مربع ميل لکيو آهي، جڏهن ته گزيٽيئر سنڌ ۾ تحصيل شڪارپور جو رقبو 504 مربع ميل بيان ڪيو ويو آهي[2][6]. 1883ع ۾ انگريز حڪمرانن شڪارپور مان تمام سرڪاري دفتر سکر منتقل ڪري ڇڏيا ۽ پهرين آگسٽ 1901ع تي سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيئي شڪارپور کي ضلعي سکر جو تعلقو بڻايو ويو[2] وري اڳتي هلي هڪ دفعو ٻيهر سال 1977ع ۾ شڪارپور کي ضلعو بنايو ويو[6].

تعليمي ادارا[سنواريو]

1855ع ۾ شڪارپور ۾ پهريون پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن ۾ مسلمان ۽ غير بغير ڪنهن رنگ، نسل، ذات ۽ پات جي تعليم جي اهم زيور سان آراسته ٿيڻ لڳا، بعد ۾ انگريز سرڪار ضرورت جي پيشِ نظر شهر جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇايو[2]. قيام پاڪستان کانپوءِ اسڪولن ۾ اضافو ٿيو آهي. 95ـ1994ع جي رپورٽ موجب هن وقت پرائمري بوائز ۽ پرائمري گرلز اسڪولن جو تعداد 1150 آهي[2]. قيام پاڪستان کان پهريون 1942ع ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اهڙو پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو هو جنهن ۾ اردو ۽ هندي پڙهائي ويندي هئي اڄڪلهه اهو اسڪول اردو صدر پرائمري اسڪول جي نالي سان قائم ۽ مشهور آهي. مذڪوره اسڪولن کان علاوه پرائمري اسڪول پريتم ڌرم سڀا (1889)ع ، هوپفل اڪيڊمي 1900ع نيو ايرا هاءِ اسڪول 1932ع، ايشورٻائي سيتلداس گرلز هاءِ اسڪول ۽ گونمينٽ مڊل اسڪول (3) 1853ع ۾. (جنهن کي 1873ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو)انگريزن پنهنجي اولاد جي تعليمي سهولتن کي پيش نظر رکندي قائم ڪيا بعد ۾ عام ۽ خاص لاءِ اسڪولن جا دروازا کوليا ويا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پهريون 1933ع ۾ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج قائم ٿيو، جنهن ۾ موجوده سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ ايندا هئا[2]. ڪاليج ۾ ايم ـ اي تائين ڪلاس هلندا هئا. قيام پاڪستان کانپوءِ شاهه عبداللطيف ڪاليج 1963ع ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج 1972ع ۾ قائم ٿيا[2]. پهريون ذڪر ڪيل ڪاليج پرائيويٽ هئي ان کي 1972ع سرڪار سڳوريءَ پنهجي تحويل ۾ ورتو. موجوده ضلعي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مڊل اسڪولن جو تعداد 52 آهي. بوائز ۽ گرلز هاءِ اسڪولز 46 ۽ 3 ڊگري ڪاليجن کان علاوه ٽيڪنيڪل، ڪمرشل ڪاليج ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ ۽ حاجي مولابخش لا ڪاليج قابل ذڪر آهن[2].

سنڌ حڪومت جي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ رپورٽ[7] مطابق 2015 ۾ شڪارپور ضلعي ۾ 1173 پرائمري اسڪول، 57 مڊل اسڪول، 4 ايليمينٽري اسڪول، 54 سيڪنڊري اسڪول ۽ 12 ھائر سيڪنڊري ڪاليجون آھن. انھن 1300 تعليمي ادارن ۾ 1,40,971 شاگرد ( جن ۾ 90,088 ڇوڪرا ۽ 50,883 ڇوڪريون شامل ھيون ) داخل ھيا[7] جن جو تفصيل درجن مطابق ھيٺين طرح ھيو:

'شڪارپور ضلعي ۾ 2014-2015 ۾ داخل شاگرد
ڪلاس تعليم تعداد[7]
ڪچي داخلا پرائمري کان اول 14,117
پھرين جماعت پرائمري 23,355
ٻين جماعت پرائمري 18,961
ٽين جماعت پرائمري 17,412
چوٿين جماعت پرائمري 16,280
پنجين جماعت پرائمري 13,089
ڇھين جماعت مڊل 7,494
ستين جماعت مڊل 7,045
اٺين جماعت مڊل 6,871
نائين جماعت سيڪنڊري 6,650
ڏھين جماعت سيڪنڊري 5,492
يارھين جماعت ھائر سيڪنڊري 2,228
ٻارھين جماعت ھائر سيڪنڊري 1,977

2015 ۾ انھن 1300 تعليمي ادارن م استادن جو تعداد 4821 ھيو جن ۾ 3758 استاد ھيا ۽ 1063 استادياڻيون ھيون[7]. سمورن داخل ٿيل شاگردن ۽ پڙھائيندڙ استادن جي ڀيٽ جي شرح مطابق ھر 29 شاگردن لاء ھڪ استاد آھي[7]. انھن 1300 اسڪولن مان 83 شھري علائقن م 1217 ٻھراڙيءَ ۾ واقع آھن[7]. انھن اسڪولن مان بجلي جي سھولت صرف 525 ، پيئڻ جي پاڻي جي سھولت رڳو 811، پائخاني جي سھولت رڳو 782 اسڪولن ۾ ھئي[7]. 741 اسڪولن جي عمارتن جي حالت خراب ھئي ۽ 224 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ حالت م ھيون[7].

صحت جون سهولتون[سنواريو]

صحت جي شعبي ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ را‎ءُ بهادر اوڌوداس تاراچند سول اسپتال کان علاوه هيرانند گنگاٻائي زنانه اسپتال، سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال، ڪرسچين زنانه اسپتال ۽ لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري موجود آهن. ضلعي جي تعلقن ۾، تعلقا اسپتالن کان علاوه بنيادي صحت جا ڪافي مرڪز آهن[2]. ان کان سواءِ سکر روڊ تي ھڪ ٽونٽي بيڊ وومين ھاسپيٽل پڻ آهي. ھن ضلعي ۾ سول اسپتال هڪ، تعلقا هيڊ ڪوارٽر اسپتالون 3، بنيادي صحت مرڪز 33، سرڪاري ڊسپينسريون 6، ويم گھر ۽ ٻارن جو صحت مرڪز 4 ۽ ضلعي ڪائونسل ڊسپينسريون 14 آهن[2].

عدالتي نظام[سنواريو]

شڪارپور ضلعي جو عدالتي صدرمقام سکر واري روڊ تي واقع جڊيشل ڪامپليڪس ۾ آھي ان ڪامپليڪس ۾ ھيڊڪوارٽر جون 16 ڪورٽون واقع آھن جن م سڀ کان وڏي ضلعي عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آھي. ان کان علاوه باقي 5 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ، 2 سينيئر سول ججن جون ۽ 8 سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون عدالتون آھن. سول ججن جي عدالتن جا جج ساڳي وقت فيملي جج پڻ آهن. سينيئر سول جج ساڳي وقت رينٽ ڪنٽرولر پڻ آھن. ان کان سواءِ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ خاص عدالت جي حيثيت م ڪم ڪري پئي. ضلعي جي ٻين شھرن مان ڳڙھي ياسين ۾ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون 2 لکي غلام شاھ، خانپور ۾ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جي ھڪ ھڪ ڪورٽ واقع آهي. ضلعي جي سمورين عام عدالتن جو تعداد 20 ۽ خاص عدالتن م ڪنزيومر ڪورٽ کان سواءِ اينٽي ٽيررزم ڪورٽ ، شڪارپور ڪم ڪن ٿيون.

توانائي[سنواريو]

شڪارپور شهر ۾ بجلي جي فراهميءَ جو عمل آگسٽ 1924ع کان شروع ٿيو. هي عمل بلديه جي سابق صدر ۽ معروف وڪيل مرليڌر پنجابيءَ جي ڪوششن سان پورو ٿيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڄ پوري ضلعي ۾ بجلي جي فراهميءَ سان گڏو گڏ گيس جي فراهمي به ڪيترن علائقن ۾ جاري آهي[2].

معيشيت[سنواريو]

زراعت[سنواريو]

بنيادي طور تي هي ضلعو هڪ زرعي علائقو آهي، هن جي فصلن ۾ چانور، جوئر، ڪمند ۽ ربيع ۾ ڪڻڪ، چڻا، جَوَ ۽ تيل ڪڍڻ جا ٻج آهن.

آمدورفت جون سھولتون[سنواريو]

شڪارپور ضلعو بذريعه انڊس هاءِ وي روهڙي ، ڪوئيٽه روڊ، لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد بذريعه ريلوي سکر ڪوئيٽه ڪراچي سان مليل آهي. ضلعي اندر 7 ريلوي اسٽيشنون قائم آهن. ضلعو پنهنجي تعلقن خانپور، ڳڙهي ياسين ۽ لکي غلام شاهه پڪن روڊن سان منسلڪ آهي[2].

آبپاشي[سنواريو]

شڪارپور ۾ آبپاشي نظام قائم آهي. هن جي ايراضي سکر بيراج جي کيرٿر، وارهه ڪينال، دادو ڪينال ۽ رئيس واهه کان علاوه گڊو بيراج جي سنڌ ڪينال (جيڪو شڪارپور شهر جي هڪ ميل جي فاصلي تي واقع آهي)، بيگاري ڪينال، ننڍي بيگاري ۽ ٻين شاخن ميرواهه، منگرواهه، امروٽ شاخ، رئيس واهه، ڇتو واهه، چوئي شاخ، همايون شاخ ۽ دوست واه کان سيراب ٿيندي آئي آهي[2].

مشھور شخصيتون[سنواريو]

ھتان جي مشھور شخصيتن ۾ ھيٺيان ماڻھو شامل آهن:

مذهب[سنواريو]

شڪارپور ضلعي ۾ هيٺيون صوفي درگاهون مشهور آهن.

  1. پير نظام الدين سرهندي (وفات 1251ھ)، لکي دروازو، شڪارپور
  2. شاه فقير الله علوي شڪارپوري، شڪارپور

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 https://www.citypopulation.de/php/pakistan-admin.php?adm2id=817-
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  3. [ https://www.politicpk.com/shikarpur-district-uc-list-mna-mpa-seats-%d8%b4%da%a9%d8%a7%d8%b1%d9%be%d9%88%d8%b1-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%da%a9%db%8c-%db%8c%d9%88%d9%86%db%8c%d9%86-%da%a9%d9%88%d9%86%d8%b3%d9%84%d8%b2/] شڪارپور، پوليٽيڪو.ڪام
  4. 4.0 4.1 http://www.na.gov.pk/en/profile.php?uid=1433-
  5. 5.0 5.1 5.2 http://www.pas.gov.pk/index.php/members/bydistrict/en/32/110-
  6. 6.0 6.1 6.2 خادم حسين چانڊيو (مرتب) سنڌ سڄي سرهاڻ، ڇاپو پهريون 2010ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو 155.-
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 7.6 7.7 -http://rsu-sindh.gov.pk/contents/SEMIS/SEP2014-15/Shikarpur%20District%20Profile%202014-15%20Final.pdf