ڄام نظام الدين پھريون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام نظام الدين پھريون
سنڌ جو سلطان
1389 کان 1391 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ)
پيشرو ڄام صلاح الدين
جانشين ڄام علي شير
پورو نالو
نظام الدين پٽ صلاح الدين سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
پيءُ ڄام صلاح الدين
جنم نظام الدين
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام نظام الدين (پهريون) انگريزي (Jam Nizamuddin-1) سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام نظام الدين مختصر مدت لاءِ حڪومت ڪئي.مير علي شير ۽ ٻين مؤرخن موجب همير سومرو مٿي ذڪر ڪيل معرڪي ۾ قتل ٿي ويو. جديد تحقيق موجب ڄام انڙ جي ڪامياب بغاوت بعد، سومرن جي حاڪميت ختم ٿي. ليڪن همير گجرات طرف ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڄام اڍائي سالن جي حڪومت بعد وفات ڪئي . مؤرخن لکيو آهي ته جڏهن پاڻ سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن پنهنجن چاچن کي جيڪي قيد ۾ بند هئا، هڪدم آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.[2]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

سندس دور ۾ اندروني توڙي ٻاهرين سطح تي ڪوبه خطرو موجود نه هو. ان ڪري ملڪي معاملا منشين جي حوالي ڪري، پاڻ سلطنت جي ڪمن کان گهڻي حد تائين لاپرواه ٿي ويو. ان صورتحال ۾ سندس چاچن کيس قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، ليڪن کيس وفادار سپاهين ان جو اطلاع مهيا ڪيو. هيءَ حقيقت ٻڌي پاڻ گجرات طرف نڪري ويو. سندس وفات رستي ۾ ٿي. هن اوچتي تبديليءَ سبب ٺٽي ۾ سخت بدامني پکڙي. آخرڪار اميرن جي فيصلي موجب ڄام علي شير سنڌ جو بادشاه بنيو.[2] ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪليءَ ۾ ساموئي واري ڪنڊ تي آهي.[3] جنت السنڌ مطابق:ڄام صلاح الدين کان پوءِ سندس پٽ ڄام نظام الدين گاديءَ تي ويٺو. هن تخت تي ويهڻ شرط پنهنجن چاچن، سڪندر، ڪرن، بهاءُ الدين ۽ عامر کي جيڪي اڳ قيد هئا، تن کي آزاد ڪري نيڪ نيتيءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳو. کين عهدا ڏيئي پاڻ ساموئيءَ ۾ رهڻ لڳو. ملڪ جو گشت ڪري احوال روبرو ڏسندو وائسندو هو، ليڪن جن چاچن سان هن نيڪيون ڪيون هيون، سي سند خلاف اندروني سازش ڪرڻ لڳا. ڄام نظام الدين کي خبر پئجي ويئي، سو ٿورن همراهَن سان راتورات گجرات ڏي هليو ويو ۽ سفر ۾ ئي وفات ڪري ويو.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  3. مڪليءَ جا تاريخي ماڳ | SindhSalamat, وقت 2018-02-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-14 
  4. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي