سيد سبغت الله شاھ ثاني پير پاڳارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تعارف[سنواريو]

پير پاڳارو سيد صبغت الله شاھ ثاني پير پاڳاري جي خاندان ۾ آزاديءَ لاءِجدوجهد جو بنياد صبغت الله اول (وفات 1246 هه) وڌو، جڏهين سنڌ مان هو صاحب سيد احمد شهيد جو ٻانهن- ٻيلي ٿي بيٺو، ۽ کيس رسد جو سامان توڙي مجاهدن جا دستا مدد طور ڏنائين. انهن مجاهدن کي ئي پهريائين ”حُر“ يعني ’آزاد‘ سڏيو ويو. هن خاندان ۾ اهو آزاديءَ جو جذبو موروثي طور هلندو پئي آيو، ۽ صبغت الله شاهه اول جي اولاد مان سندس نالي پويان سڏيل سيد صبغت الله شاهه ثانيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو هئڻ بلڪل ممڪن هو. سنڌ مان، پير پاڳاري جي خاندان طرفان، سيد احمد شهيد جي حمايت ۽ سنڌ مان حرن مجاهدن جي دستن جو جهاد لاءِ وڃڻ وارو واقعو (29- 1830ع)، ان وقت هندستان ۾ انگريزن جي اسرندڙ حڪومت کان ڳجهو ڪونه هو. انهيءَ ڪري، جڏهين تيرهن ورهيه کن پوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهين پير پاڳاري جي خاندان کي خاص طور- اک ۾ رکيائون: انهيءَ ڪري ئي پير پاڳاري جنابحزب الله شاهه (1847- 1890ع) جي وقت ۾ حرن توڙي عام جماعت جو رخ ڦري انگريزن جي خلاف ٿيو، ۽ انگريزن اهو نفرت جو جذبو آخرڪار ٻي حُر تحريڪ (1896ع) ۾ نمايان ٿيو. انهيءَ واقعي بعد، پير پاڳاري ۽ جماعت جي خلاف انگريزي حڪومت منظم طور تي ڪاروايون شروع ڪيون: جماعت مان هر سَگهي ۽ صحتي نوجوان کي لوڙهن اندر بند ڪيو ويو، ۽ هر چُرندڙ ۽ طاقتور فرد کي ويسارپور ضلعي احمد نگر ڏانهن جلا وطن ڪيو ويو. اهو لوڙهن (Concentration camps) جو سلسلو هلندو پئي آيو، تان جو شمس العلماء شاهه مردان (عرف ڪوٽ- ڌڻي) انگريزن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1914ع واري لڙائيءَ ۾ حڪومت آزمائش طور کانئن ماڻهو گهريا. پير صاحب جن پنج سؤ ماڻهو ڏيڻا ڪيا ۽ ٻي مالي مدد ڪئي، تڏهين وڃي لوڙهن جو خاتمو ٿيو. انهيءَ هوندي به، انگريزن هن گاديءَ کي اک ۾ رکيو. ٻئي طرف، پير صاحب پاڳاري توڙي سندن جماعت به انگريزن جي غير مسلم ۽ ڌاريءَ حڪومت، جنهن مٿن ايتريون سختيون ڪيون هيون، تنهن کي نفرت جي نظر سان ٿي ڏٺو.[1]

ننڍپڻ[سنواريو]

ٻيو ته سيد صبغت الله شاهه ٻارهن ورهين جي ننڍيءَ وهيءَ ۾ تخت ۽ طاقت جو صاحب ٿيو. سندن ولادت 13 صفر سن 1327 هه ۾ ٿي، ۽ پنهنجي والد شمس العلماء جناب شاهه مردان شاهه جي وفات (7 ربيع الاول 1339 هه) بعد ’پير پاڳاري‘ جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪيائون. سندن ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندس ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد ٿي ته هيءُ ننڍڙو پير پاڳارو سندن صلاح سان اُٿندو ويهندو، ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ پڻ واڌارو ٿيندو، ٻئي طرف انگريزي حڪومت جي هوشيار ڪارپردازن سوچيو ته هن ننڍي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جئن هو خانداني روايات کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي، ٽئين طرف دربار جي جهونن خدمتگارن ۽ جماعت جي ڪن وڏن خليفن کي آسرو ٿيو ته هو پير صاحب کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائيندا. مگر، ننڍي هوندي کان ئي صبغت الله شاهه جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي: هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن خلاف نفرت هئي؛ هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو، انهيءَ ڪري مشورن کي محض مشورا ڪري ٿي ڄاتائين، ۽ ٻين جي صلاحن کي جئن جو تئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرائتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو، ۽ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خوداعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو. ٻئي ڪنهن شخص جي حالت ۾ ننڍي وهيءَ ۾ انهن وصفن جو هجڻ باعث غنيمت بنجي ها، پر پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه لاءِ اهي خوبيون آزمايش جو سامان کڻي آيون. خذمتگار ۽ خليفا کڻي خاموش رهيا، پر ويجهن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي ڪارپردازن جون اُميدون پوريون نه ٿيون. پير صاحب پنهنجن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن موجب هلڻ کان صاف انڪار ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري اهي ٻِئي طرف هن ننڍي پير پاڳاري جا مخالف ۽ هڪ ٻئي جا دوست بنجي پيا. پير پاڳاري ٿيڻ بعد سيد صبغت الله شاهه هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پيرپاڳاري جناب علي گوهر شاهه ثاني جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامون فريم ۾ بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. چيائون ته ’اسان جا وڏا ڪهڙا نه سادا هئا: خدا تعاليٰ سندن ذاتي عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي به هي رکي ڇڏيا اٿن‘ ائين چئي، اُهو آفرين نامون ۽ فريم لهرائي ڀڃائي ڇڏيائون.[1]

گرفتاري ۽ سزا[سنواريو]

انگريزي حڪومت کي هن ننڍي پير پاڳاري جي لاغرض طبيعت خدشي ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ هنن کيس ننڍيءَ وهيءَ ۾ انگريزي حڪومت جي طاقت جو چٽڪو چکائي آڻ مڃائڻ جا سامان پيدا ڪيا. خوش قسمتيءَ سان حڪومت کي پير صاحب جن جي پنهنجن عزيزن مان فريادي ۽ شاهد ملي ويا، ۽ ننڍين ڳالهين کي وڏو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ بنائي، پير صاحب جن تي سکر ۾ ڪيس هلايو ويو. پير صاحب جن جي طرفان ’جناح‘ صاحب وڪالت ڪئي. چون ٿا ته جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو ته حڪومت هر حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري؛ پر جناح صاحب نه مُڙيو: ڪورٽ ۾ آيو، مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري هليو ويو. حڪومت پير صاحب کي ڏهن سالن جي سزا ڏيئي سنڌ کان ٻاهر اُماڻيو. وطن کان دور انهيءَ وڏي عرصي ۾، پير صاحب جن پنهنجن وڏن جي تعليمات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رتناگري جيل ۾، سندن جد امجد عالي جناب محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي ملفوظات جو خاص طرح گهرو مطالعو ڪيائون؛ ازان سواءِ ٻيا فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب ڪافي پڙهيائون، ۽ انهن ڪتابن مان پنهنجا انتخابات تاليف ڪيائون. جڏهن رتنا گري جيل مان کين مدناپور مرڪزي جيل، ڏانهن منتقل ڪيو ويو، تڏهن اُتي پڻ پنهنجو مطالعو جاري رکيائون. انهيءَ عرصي ۾ هندستان جي سياست کي پڻ پوريءَ طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائون، ۽ غالباً انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ واري حڪمت علميءَ تي پڻ انهيءَ عرصي ۾ غور ڪيائون. اتي مختلف جماعتن جي سياسي ورڪرن سان پڻ سندن تبادله خيالات ٿيندا رهيا.[1]

جيل مان آزادي ۽ تحريڪ لاءِ تياري[سنواريو]

پير صاحب جن جي آزاد ٿيڻ ۾ اڃا سال ڏيڍ کن هو ته پويان حڪومت طرفان جماعت جي خيالات ۽ رجحانات معلوم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي ويئي. هر هڪ ٿاڻي جي حد اندر رهندڙ مريدن کي گهرايو ويو، ۽ بالغن جوانن کان وٺي پير مردن تائين سڀني جا نالا لکيا ويا. ان بعد، سڀني کي ضلعي جي ايس. پي. ۽ ڪليڪٽر جي آڏو پيش ڪيو ويو. غالباً حڪومت طرفان اها هڪ قسم جي پيش قدمي هئي؛ ڇاڪاڻ ته پير صاحب جن جي انقلابي رجحانات جو حڪومت کي پتو پئجي ويو هو، ۽ کين خدشو هو ته پير صاحب جن واپس پهچي نه معلوم ڪهڙو رويو اختيار ڪري: انهيءَ ڪري پير صاحب سان جماعت جي عقيدتمنديءَ کي پرکڻ ۽ پير صاحب جي طاقت کي ڪٿڻ لاءِ خاص اهي قدم کنيا ويا. سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد، پير صاحب پهريائين پهريائين پنهنجي مريدن جي اصلاح ۽ تربيت طرف توجهه ڪيو. پهريائين حڪم ڪيائون ته ”اسان جا مريد هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪن“. انهيءَ تي ٻيڙين ۽ چلمن جي موالين تماڪ پن ڇڏي ڏنو، ۽ پنجاهه سٺ ورهين جي ڪن موالين ڪونڊا ڀڃي ڇڏيا ۽ ڏنڊا ساڙي ڇڏيا. نفسيات طور جماعت تي هن حڪم جو وڏو اثر پيو. ان بعد حڪم آيو ته ”عورتون عاج جا چوڙا نه پائين“- جماعت جي سڀني عورتن چوڙا ڀڃي ڇڏيا. پير صاحبن جن صرف اهي حڪم ڪين ڏنا، پر پاڻ پنهنجي سر جانچ ڪيائون ته ڪيتري قدر انهن جي پوئواري ڪئي وڃي ٿي. سانگهڙ جي ڀرسان گڙنگ لڳ سندن واسطي جماعت هڪ بنگلو ٺهرايو هو، جتي پاڻ مريدن جون دعوتون وٺندا هئا. هن گڙنگ واري بنگلي کي پير صاحب جن پنهنجي نئينءَ تحريڪ کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ ڄڻ مرڪز مقرر ڪيو. بنگلي جي چوڌاري مريدن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. رات جو پير صاحب جن پوشاڪ بدلائي، کٿا اوڍي، جماعت جي ويس ۾ فقير بنجي وڃي جماعت ۾ گهمندا هئا. جيڪي ماڻهو لڪچوريءَ ٻيڙي پيا پيئندا هئا، انهن جون جايون ۽ پٿاريون جانچي صبح جو گهرائي، انهن کي پوري تنبيهه ڪندا هئا. انهيءَ پڪڙپڇاڙ جو وڏو اثر پيو، ۽ سڄيءَ جماعت ۾ غائبانه طور حڪم مڃڻ جو مادو پيدا ٿيو. ان بعد حڪم ڏنائون ته ”جماعت جو ڪو به ماڻهو ولايتي ڪپڙو نه پائي ۽ پنهنجي ملڪ جو اڻيل ڪپڙو پائي“؛ ۽ ٻيو ته ”ڳوٺن ۾ مسلمان توڙي هندو پاڻ ۾ متفق ٿي رهن ۽ ڪوبه فساد ٿيڻ نه ڏنو وڃي“. انهن حڪمن مان ظاهر آهي ته پير صاحب جن جي ذهن ۾ پبلڪ طرفان هن ڌاري حڪومت خلاف هڪ متحده محاذ قائم ڪرڻ جا خيال هئا. انگريزن جي بيدار مغر حڪومت کي اڳ ئي اون هئي، مگر ولائتي ڪپڙي پائڻ خلاف نڪتل حڪمن بعد حڪومت جي سڄي مشنري تحرڪ ۾ اچي ويئي، ۽ پير صاحب جي جماعت تي چوڪسيءَ جا حڪم نڪري ويا. انهيءَ دور ۾ پير صاحب جن طرفان حڪم پهتو ته ’جماعت جا اهي ماڻهو، جي غازين جي صف ۾ شامل ٿيڻ چاهين، سي پنهنجا نالا لکائين‘.جماعت جي اڳواڻ فقيرن کي حڪم مليو، جن پنهنجي حدن اندر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي غازين جا نالا لکيا، ۽ اهڙيون لسٽون تيار ڪري پيش ڪيائون. پير صاحب جن کي فقط نالن جي ضرورت ڪانه هئي، پر کين هر هڪ ماڻهوءَ کي نظر مان ڪڍڻو هو ته ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. گڙنگ واري بنگلي تي پير صاحب جن جدا جدا وقتن ۽ موقعن تي انهن غازين جو معائنو ڪيو. پاڻ ڪرسي وجهي ويهندا هئا؛ پوءِ مختلف طرفن جا غازي، اٽڪل پندرهن کان وٺي ٽيهن تائين ٽولا ٽولا ڪري، اندر گهرائيندا هئا. حڪم هوندو هو ته اندر اچن ته قطار ڪري بيهن پوءِ جڏهن قطار ڪري بيهندا هئا ته پير صاحب جن کانئن پڇندا هئا ته ”اوهان سڀ غازي ٿيا آهيو؟“ فقير چوندا هئا ته ”هائو قبلا“. جواب ۾ پاڻ چوندا هئا ته ”فقيرو اوهان کي مبارڪ هجي جو اوهين غازي ٿيا آهيو؛ اوهان تي صد رحمت هجي؛ انشاءالله پاڻ پار آهيون، اسان مان جيڪي هوندا سي رنگ ڏسندا!“ البت جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي ذرا سست ۽ لُڏيل ڏسندا هئا ته ان کي همتائيندا هئا. ڪي ٽولا اندر وڃڻ وقت ئي نعرا هڻندا جماعتي راڳ ڪندا ويندا هئا. انهن موقعن لاءِ جماعت طرفان هڪ ڪافي رائج ٿي ته: ”سورهيه سرجو سانگو لاهي، آيا مرد ميدان تي ڪاهي؛ سر ڏنوسون مرشد کي، پوءِ عيد اسان لئه آهي.“ اڪثر ٽولا اها ڪافي چوندا پير صاحب جن جي آڏو وڃي بيهندا هئا. پير صاحب جن جي طرفان، ظاهري طرح ’غازي‘ بنجڻ ۽ سِر ڏيڻ جو مقصد بيان ٿيل ڪونه هو، پر ’غازي‘ جي لقب خودبخود فقيرن ۾ اهو خيال پيدا ڪيو ته ’غازي‘ بنجي سِر قربان ڪرڻو آهي. پير صاحب جن انگريزن جي تسلط کان پوريءَ طرح آگاهه هئا. پاڻ اندروني طور جماعت جي اصلاح ڪندا رهيا، ۽ کين قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ڪندا رهيا.[1]

سنڌ ۾ ھندو مسلم فساد[سنواريو]

ان وقت مسجد منزل گاهه وارو معاملو شروع ٿي چڪو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن جي ڇڪتاڻ وڌي ويئي هئي. پير صاحب جن ان وقت غازين کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا، ۽ انهيءَ طرح حڪومت طرفان غازين جي ڀرتيءَ جي آڙ ۾ جيڪي الزام گهڙجي رهيا هئا، تن کر رد ڪيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ خود پير صاحب جن جي ڳوٺ جي هندن تي حملي لاءِ تياريون ڪرايون ويون: پس پرده مقصد اهو هو ته جيڪڏهين خود پير صاحب جن جي ڳوٺ جي هندن کي ماريو ويو، ته امن رکڻ خاطر غازين جي ڀرتيءَ وارو بهانو ٽٽي پوندو. جنهن رات اها سازش عمل ۾ اچڻي هئي، انهيءَ کان ڏينهن اڳ پير صاحب جن کي سانگهڙ ۾ بنگلي تي اطلاع پهتو ۽ اتان فوري حڪم نڪتا، جنهن تي پير صاحب جن جي ڳوٺ جي غازين پنهنجي طاقت جو اهڙو ته مظاهرو ڪيو، جو حملي آور حملي جي همت ئي نه ڪري سگهيا. ٻئي ڏينهن، شهر جا هندو وفد ڪري سکر جي ڪليڪٽر وٽ پهتا ته پير صاحب جن جي غازين رات اسان جي جان بچائي آهي. اهڙيون تارون مٿي حڪومت کي به پهتيون. انهيءَ ڪري ”غازين” جي وجود کي حڪومت طرفان ’خطرناڪ‘ ثابت ڪرڻ جي جيڪااسڪيم هئي،سا في الحال ناڪامياب ٿي.[1]

بغاوت جون تياريون ۽ سرڪاري حڪمت عملي[سنواريو]

حڪومت طرفان هاڻي هڪ ٻي حڪمت عملي سوچي ويئي. هن واقعي کان ٿورو پوءِ، سکر جي ڪليڪٽر طرفان پير صاحب جن کي ملاقات لاءِ پيغام پهتو. پير صاحب جن خليفي احمد کي موڪليو ته وڃي ڪليڪٽر سان ملي. سکر جو ڪليڪٽر ڪوٺاوالا هو، جنهن سان خليفو احمد وڃي مليو ۽ گجراتيءَ ۾ ساڻس ڳالهايائين. ڪليڪٽر پارسي هو ۽ گجراتي سندس مادري زبان هئي. هو خليفي احمد سان نهايت سهڻو پيش آيو، ۽ کيس چيائين ته ”پير صاحب جن کي هڪ خاص پيغام ڏيڻو آهي ته ’امن قائم ڪرڻ ۾ پاڻ جيڪو ڪم ڪيو اٿن، ان کان خوش ٿي سرڪار سندن لاءِ هڪ تلوار ۽ هڪ بندوق انعام طور مقرر ڪئي آهي، ۽ پڻ سندن واسطي خطاب جي سفارش منظور ڪئي آهي‘: اميد ته پير صاحب جن هي انعام قبول ڪندا“. خليفي احمد سڄو احوال اچي پيش ڪيو. پير صاحب جن چيو ته ”ڪليڪٽر جو اسان جي طرفان شڪريو وڃي ادا ڪر ۽ کيس چؤ ته هٿيار اسان وٽ موجود آهن، ۽ ’پيرپاڳاري‘ جو خانداني خطاب ئي اسان لاءِ ڪافي آهي.“ خليفي احمد موٽي اچي ڪليڪٽر سان خبر ڪئي، جنهن تي ڪليڪٽر چيو ته ”پير صاحب جن وڏي غلطي ٿا ڪن- گورنمينٽ سندن انڪار کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي!“ بس، گورنمينٽ طرفان پير صاحب جن جي خيالات ۽ رجحانات جي هيءَ آخري آزمائش هئي. هن بعد حڪومت کي يقين ٿيو ته پير صاحب کي گورنمينٽ سان وفادار ٿي رهڻ بابت ڪوبه ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ عرصي ۾ حڪومت طرفان، پوليس آفيسرن معرفت، پير صاحب جن جي مڙني برجستن مريدن خلاف ڪاغذي ڪاروايون مڪمل ٿي چڪيون هيون. پير صاحب جن هينئر سانگهڙ لڳ گڙنگ واري بنگلي کي اچي مرڪز بنايو، ۽ سڄا ڇهه مهينا اتي رهڻ جو پروگرام رکيائون- انهيءَ لاءِ ته هن ڌاريءَ حڪومت جي زبردستيءَ کي مُنهن ڏجي. پاڻ خاص برجستن ماڻهن کي سپاهيانه زندگيءَ جي تربيت ڏنائون ۽ پوريءَ طرح آزمايائون. انگريزن خلاف سڄي جماعت ۾ عام طرح، ۽ غازين ۽ ٻين چونڊ اڳواڻن ۾ خاص طرح، هڪ نفرت جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو. چئي نٿو سگهجي ته ان وقت پير صاحب جن جي طرفان انگريزن جي مخالفت جي سلسلي ۾ ڪهڙي حڪمت عملي پيش نظر هئي. جيتوڻيڪ عام طرح اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي آهي ته پير صاحب جن پنهنجي مريدن کي بندوقن ۽ رائفلن جي ٽريننگ ڏيئي انگريزن خلاف سنئين سڌي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ڪيو، مگر انهيءَ قسم جي راءِ جي ڪابه تصديق ٿي نٿي سگهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پير صاحب جن سڄيءَ جماعت توڙي غازين کي بيدار پئي ڪيو، ۽ ڪن خاص چونڊ فقيرن کي سندن حال آهر پوريءَ طرح ٽريننگ ڏيئي تيار پئي ڪيو، مگر اهو چئي نٿو سگهجي ته اها تياري ڪنهن فوري مقابلي لاءِ هئي. پير صاحب جن جي پيش نظر البته جماعت بنديءَ، اتحاد ۽ طاقت پيدا ڪرڻ جا فوري نظريا هئا- انهيءَ لاءِ ته آيندي واري جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪجي. ٻئي طرف، انگريزي حڪومت پير صاحب جن کي ذهني طور پنهنجو باغي تسليم ڪري، ڪنهن به صورت ۾ فوري ٽَڪرجي صورت پيدا ڪري، پير صاحب جن کي گرفت هيٺ آڻڻ ٿي چاهيو. انهيءَ اسڪيم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا ويا: (1) هر قسم جي ڏوهه کي بنا جانچ جونچ جي حُرن ڏانهن منسوب ڪري، خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ ٺاهيا ويا؛ (2) ننڍن وڏن حرن لاءِ حد جي پوليس ٿاڻن تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون- ڪن تي هفتي بدران هر ٽئين روز، ٻئي روز، بلڪ روزاني حاضريون مقرر ڪيون ويو؛ (3) پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي تي چوڪسي لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو، ته من انهن تي حملو ٿئي ته پير صاحب خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. پير صاحب جن انهن ٽنهي قدمن خلاف احتجاج ڪيو. خاص طرح، گورنمينٽ جو توجهه روزانه حاضرين ڏانهن ڇڪايو ته ’جيڪي ماڻهو روزاني اٺن ڏهن ميلن جي مفاصلن تان پيدل هلي اچي ٿاڻن تي حاضريون ڏيندا، سي پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت پورهيو ڪري سگهندا: فقط ”حر“ جي نالي کان متنفر ٿي، غريبن ۽ اشرافن کي هن قسم جي روزاني تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ انصاف ناهي!“ باوجود هنن احتجاجن جي، حڪومت ويتر سختيءَ کان ڪم ورتو. انهيءَ تي پير صاحب جن حاضري ڏيندڙ ماڻهن مان ڊزن کن برجستن ماڻهن کي گهرايو ۽ کين چيو ته ”فقيرو، هاڻي اڳتي لاءِ اوهين حاضري نه ڏيو!“ ڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ حڪم جو اهو مطلب هو ته ’اوهين حاضري ڏيڻ کان انڪار ڪريو ۽ پنهنجن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پنهنجو ڪم ڪار ويٺا ڪريو: ڀل حڪومت اوهان کي گرفتار ڪري- آخرڪار ڪيترن کي گرفتار ڪري پوري پوندي!‘ ٻين جو چوڻ آهي ته پير صاهب جن حڪومت جي ضد ۽ ناانصافيءَ کان تنگ ٿي، انهن چونڊ ماڻهن کي چيو ته ’اوهين روپوش ٿي وڃو، ۽ حاضرين لاءِ ٿاڻن تي هرگز حاضر نه ٿيو؛ ڏسون ته گورنمينٽ ڇا ٿي ڪري؟‘ بهرحال، پير صاحب جن کي يقيني طور هڪ قسم جي ’سول نافرماني‘ مدنظر هئي. اهي چونڊ فقير انهيءَ ڪم موجب حاضرين تي ڪونه ويا ۽ پنهنجي گروهه جي مصلحت موجب روپوش ٿي ويا. جڏهن حڪومت طرفان پير صاحب تي زور پيو، ته پير صاحب جن چيو ته سرڪار انهن ماڻهن کي ڳولي هٿ ڪري. ٻئي طرف، چونڊ سرڪاري ڪامورا هن سڄي معاملي سان وابسته ڪيا ويا، جن انتظامي تدبر کان ڪم وٺڻ جي بدران، مليل هدايتن موجب، ويتر هن باهه کي ڀڙڪايو ۽ پير صاحب ۽ فقيرن خلاف هر قسم جون رپورٽون حڪومت کي موڪليندا رهيا. پير صاحب انهيءَ ڪري جڏهين به اهي پاڻ يا سندن نائب پير صاحب جن کي ملڻ ٿي آيا ته پير صاحب جن کين انهيءَ نگاهه کان ٿي ڏٺو. پير صاحب جن کي ڪن مريدن ۽ ٻين خيرخواهن طرفان مشورا ڏنا ويا ته انهن ڪامورن کي خوش ڪجي؛ مگر پاڻ چيائون ته رشوت ڏيڻ اسان جي مذهب ۾ حرام آهي.[1]

گرفتاري[سنواريو]

بهرحال، هيٺان موڪليل رپورٽن جي بناء تي، پير صاحب جن کي گڙنگ بنگلي تان نظربنديءَ جي حالت ۾ ڪراچيءَ وٺي ويا، جتي کين وڏي وزير چيو ته ’اوهان کي حفاظتي قانون موجب هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻو آهي ۽ ٻاهر نه وڃڻو آهي‘. پير صاحب جن چيو ته ’جيڪڏهن اسان جو ڪو قصور هجي ته سرڪار اسان تي مقدمو هلائي، يا هت ڪراچيءَ ۾ رهڻ بابت تحريري حڪم ڏئي ته اسين انهيءَ پابندي خلاف قدم کڻون‘. مگر انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه مليو. انهيءَ تي پير صاحب جن آخري طور وڏي وزير (سر غلام حسين) کي چيو ته ’هيءَ بندش بيقاعدي آهي ۽ هت اسين وڌيڪ نه رهنداسون- اوهان کي جيڪي ڪرڻو هجي سو ڪندا‘. ائين چئي، پير صاحب جن راتو رات موٽر ذريعي ڪراچيءَ مان گڙنگ جي بنگلي تي پهتا. کين يقين ٿي ويو هو ته حڪومت بهرحال سندن ذات جي خلاف ڪارروائي ڪندي؛ انهيءَ ڪري فقيرن کي حڪم ڏيئي ڇڏيائون ته جي معاملو وڌي وڃي ته ڏنل هدايتن موجب هڪ پوري نظام هيٺ جدوجهد جاري رکن. اتان درگاهه شريف تي پهتا، ۽ جيڪي ڪي مختصر حڪم احڪام ڏيڻا هئا سي ڏنائون. ٻئي ڏينهن سندن نظربندي عمل ۾ آئي، ۽ کين ڪراچيءَ پهچايائون.[1]

رياستي ڪاروائي[سنواريو]

ان بعد، حڪومت طرفان پير صاحب جن جي خلاف بغاوت جي مقدمي لاءِ مواد گڏ ڪيو ويو. ٻئي طرف، سرويچ حُرن ڪارروايون شروع ڪيون. حڪومت طرفان، حُرن جي همت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي کي گهيرو ڪرائي، سندن ڪٽنب کي نظر بند ڪيو ويو ۽ ٻاهران سڀ لانڍيون ساڙايون ويون. ان بعد بنگلي تي بمباري ڪئي ويئي، ۽ درگاهه شريف تي پير صاحب جن جي حويلين ۽ ڪوٽ کي بارود ذريعي ڪيرايو ويو. پر، اهي ڪارروايون حرن جي همت کي پست نه ڪري سگهيون، ۽ هنن مردن ”مارشل لا“ کي مڙس ٿي منهن ڏنو. ان وقت سر زمين سنڌ جي هنن سورهين جيڪي پوليس ۽ ملٽريءَ سان مقابلا ڪيا، انهن ۾ سندن حڪمت عملي ۽ بهادريءَ تي هڪ جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. انهن مقابلن ۾ زالن به پنهنجن مردن جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪن زالن جي همت ۽ بهادريءَ جا ڪارناما حيرت انگيز آهن: مطلب ته پير صاحب جن جي ڏنل تربيت انهيءَ حد تائين مؤثر ثابت ٿي، جو اڳواڻ (پير صاحب) جي غير حاضريءَ جي باوجود سپاهين (حُرن) پنهنجي نظام ۽ انتظام هيٺ جنگ جاري رکي. مقابلن ۾ وڏا مارجي ويا ته ننڍن سندن جايون ڀريون. انهيءَ دور ۾ ڪيترائي ملڪي ماڻهو، انگريزي حڪومت جي زور ۽ اثر هيٺ، جاسوس بنجي فقيرن جي پويان پيا. فقيرن جوابي حملا ڪري بدلو پئي ورتو. انهيءَ جنگ ۾ بيشڪ سُڪن گڏ ساوا به سڙي ويا: هڪ طرف ملڪ جا ڪي غريب ماڻهو بيگناهه مارجي ويا، ته ٻئي طرف ”مارشل لا“ جي آڙ ۾ ملٽريءَ وارن قهر ڪري ڇڏيا: نه فقط حُرن، پر پير صاحب جي عام مريدن توڙي سندن تعلقدارن کي ٻارين ٻچين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين نهايت بيدرديءَ سان جيلن ۽ ڪئمپن ۾ بند ڪيو ويو، جتي سوين ٻارڙا، زالون ۽ ٻڍڙا، بک ۽ بيماريءَ جي وگهي مري ويا! حيدرآباد جيل ۾ انگريزن پنهنجن جاسوسن کي برقعا پارائي ’حُرن جي سڃاڻپ‘ لاءِ ٿي موڪليو، ۽ انهن برقعي پوشن فقط پنهنجي آقائن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ نوجوانن تي هٿ ٿي رکيا، ۽ انهن نوجوانن کي محض انهيءَ ’سڃاڻپ‘ جي بنياد تي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ٿي ويو! چون ٿا ته هڪ دفعي، هڪ اهڙي برقعي واري، هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي اچي هٿ رکيو جو ”مارشل لا“ کان اڳ جو قيدي هو- تنهن جڏهن دانهون ڪيون،تڏهن وڃي ’برقعي پوشن‘ جي قلعي کلي.[1]

مقدمو ۽ سزا[سنواريو]

بهرحال، انهيءَ هيبتناڪ ماحول ۾، سنڌ جي ڪن وڏيرن ۽ زميندارن کان زبانيون ڏياري، پير صاحب جن تي جان جي سزا مقرر ڪئي ويئي. چون ٿا ته پير صاحب جن دستور موجب هميشہ شب خيز هوندا هئا. هڪ انگريز آفيسر اچي ساڻن شطرنج راند ڪندو هو، ۽ پاڻ ان کان سڀ رانديون کڻندا هئا. حياتيءَ جي آخري رات به انهيءَ آفيسر پير صاحب جن سان راند ڪئي، ته من پير صاحب جن کي پنهنجي جان جو فڪر هجي ۽ انهيءَ ڪري کانئن راند کڻي سگهي: پر پير صاحب جن کانئن دستور موجب وري به رانديون کٽيون، ۽ اها آخري رات پاڻ نهايت گهري ننڊ ڪيائون. ان وقت سنڌ ۾ مارشل لا ۽ آفيسرن جي رعب تاب ذريعي اهڙو ته هيبتناڪ ماحول پيدا ڪيو ويو، جو پير صاحب جن جي حمايت ۾ ڪن ٿورن کي حق جي ڪلمي چوڻ جي توفيق ٿي. ان وقت مسلم ليگ پوري طاقت ۾ هئي. جڏهنعليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ڪي شاگرد ان وقت وفد وٺي دهليءَ ۾ مرحوم لياقت علي خان کي وڃي مليا، تڏهن هن چيو: ’اسان کي پير صاحب پاڳاري لاءِ پوري همدردي آهي، پر سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن ۾ جرات ڪانهي جو پير صاحب جي حمايت ۾ ڪو هٿ ڊگهيرين، ۽ اسان کي مداخلت جو موقعو ڏين‘. بهرحال، پير صاحب جن 1943ع ۾، اٺين بجي، ويهين مارچ تي، سر ڏيئي سرها ٿيا. چون ٿا ته مقدمي وقت حڪومت طرفان ڪن ماڻهن کي پير صاحب ڏانهن موڪليو ويو ته جيڪڏهن پير صاحب معافي وٺي ته حڪومت سندن ’معافيءَ‘ تي غور ڪندي. پير صاحب جن چيو ’معافي هڪ الله ۽ الله جي رسول کان وٺبي، نصاري کان ڪهڙي معافي وٺبي!‘ جڏهن شروع ۾ پير صاحب فقيرن کي تربيت پئي ڏني، تڏهن ڪنهن هڪ فقير چيو ته ’قبلا، انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿبو!‘ انهيءَ تي پير صاحب جن چيو ته ’انشاءالله، اسان ۽ توهان مان جيڪي هوندا سي پاڻيهي رنگ ڏسندا!‘ بهرحال، پيرصاحب جن 1943ع ۾ پنهنجي جان جي قرباني ڏني، ۽ 1947ع ۾ انگريزن ٽپڙ ٻڌا.[1]

ذاتي زندگي[سنواريو]

پير صاحب جن جي ذاتي زندگيءَ بابت هيٺيون مختصر حقيقتون معلوم ٿي سگهيون آهن: (1) بسا اوقات پنهنجي ماني پاڻ پچائيندا هئا؛ (2) صبح جو وڏي اسر اٿي ورزش ڪندا هئا ۽ ان بعد نماز ادا ڪندا هئا؛ (3) اڪثر موقعن تي پاڻ فقيرن سان گڏجي بيهي ڪم ڪندا هئا: هڪ دفعي ڪيٽيءَ ۾ لانڍين کي لوڙهو پئي آيو ته پاڻ به اچي پُور کڻي لوڙهو ڏيڻ لڳا؛ هڪ دفعي فقيرن ڪڻڪ جون ڳوڻيون کڻي مٿي گدام تي ٿي رکيون ته پاڻ به اچي ڪم ۾ شامل ٿيا، ۽ ڳوڻين کي ڪُنڊن ۾ مضبوط هٿ وجهي يڪي اڇل سان مٿي سَٿيءَ تي پئي چاڙهيائون؛ (4) جيڪڏهن سندن ڪو فقير نقد آڻي نذر طور ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ’قبلا، قبول پوي‘ ، ته پاڻ چوندا هئا ’قبول‘؛ پر جيڪڏهن ڪو لک صلواة جو اچي پيش ڪندو هو ته چوندا هئا ته ’قبول، آفرين هجيئي!‘ ائين چئي مٿن دعا گهرندا هئا؛ (5) سندن دستور هو ته پئسي جو نذرانو هٿ ۾ نه وٺندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو فقير وِرِهَ (کٻڙ جون پاڙون) جا ڏندڻ آڻي نذراني طور پيش ڪندو هو ته هٿ ڊگهيري کانئس وٺندا هئا؛ (6) هڪ دفعي سيٺارجن کان اوڀر ميرواهه تعلقي ۾ ”تَلي“ جي دعوت تي هڪ مائي چڻن جي پلي ڇَٻيءَ ۾ وجهي تحفي طور کڻي آئي- پير صاحب جن چيس ته ’امان، اها سٺي رڌي به تون سگهندينءَ: جوئر جون مانيون ۽ اهو ساڳ رڌي کڻي اچ، جماعت دعوتيءَ جي دعوت کائيندي، مان تنهنجي دعوت کائيندس‘؛ (7) سانگهڙ لڳ گڙنگ واري بنگلي تي هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر کانئن پڇيو، ’ڀلا ڪهڙي سبب کان گورنمينٽ ۽ گورنمينٽ جي ڪامورن جي عزت نٿا ڪريو؟‘ پير صاحب جن جواب ڏنو ته ’عام هلت چلت ۽ اطوار ڏسڻ بعد جڏهن اوهان جي عزت ڪرڻ جو رڳو خيال اچي ٿو، ته مون کي پنهنجي نسل ۾ شڪ ٿو پوي ته آءٌ ڪو ’حسيني‘ آهيان!‘[1]


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 1.9 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ--پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ثاني رحه-- رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ