ضلعو لاڙڪاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(لاڙڪاڻو ضلعو کان چوريل)
لاڙڪاڻو
ضلعو لاڙڪاڻو
َضلعو
ڳڙھي خدابخش ۾ ڀٽو خاندان جو مقبرو
ڳڙھي خدابخش ۾ ڀٽو خاندان جو مقبرو
لاڙڪاڻو ضلعو ۽ ان جا تعلقا
لاڙڪاڻو ضلعو ۽ ان جا تعلقا
لاڙڪاڻو is located in Pakistan
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو is located in سنڌ
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°32′11″N 68°12′37″E / 27.53639°N 68.21028°E / 27.53639; 68.21028مڪانيت: 27°32′11″N 68°12′37″E / 27.53639°N 68.21028°E / 27.53639; 68.21028
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعي جو قيام پھرين آگسٽ 1901ع
صدر مقام لاڙڪاڻو
پکيڙ
 • ڪل 1,906 ڪ.م2 (736 ميل2)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,524,391

ضلعو لاڙڪاڻو(انگريزي: Larkana District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي۔ جيڪو اتر اولھ سنڌ ۾ واقع آهي. ان جون حدون اتر ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ، اولھ ۾ قمبر شھدادڪوٽ، ڏکڻ ۾ دادو ۽ اوڀر ۾ سنڌونديءَ سان جنھن جي پار خيرپور ميرس ۽ نوشھروفيروز ضلعا واقع آھن.

تاريخ[سنواريو]

1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الڳ رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو، دادو ضلعي جو اتريون ميھڙ ۽ ڪي اين شاھ وارو حصو شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. لاڙڪاڻي ضلعي کي برٽش انڊيا سرڪار پھرين آگسٽ 1901ع ۾ قائم ڪيو ھيو ان وقت قمبر شھدادڪوٽ ضلعو پڻ ان ۾ شامل ھيو. پر ڊسمبر 2004 ۾ ارباب رحيم واري سنڌ سرڪار ان کي ٽوڙي ان مان قمبر شھدادڪوٽ ضلعو قائم ڪيو ويو جنھن سان ان کي پکيڙ گھٽجي وئي ۽ ان جو اڌ کان مٿي حصو نئين ضلعي ۾ شامل ٿي ويو. پراڻن لاڙڪاڻو، ڏوڪري ۽ رتوديرو تي مشتمل ھن باقي ضلعي ۾ ڏوڪري مان نئون تعلقو باقراڻي ٺاھي ان کي چئن تعلقن تي برقرار رکيو ويو.

جھڪر جو دڙو

لاڙڪاڻو ضلعو سنه 1901ع ۾ ٺهيو. ان وقت ضلعي جو پهريون ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ٽوپر 'Toper' هو. ميونسپالٽيءَ جو ضلعي جي حيثيت سان پهريون صدر مقرر ٿيو. لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ جو پهريون چونڊيل صدر سر شاهنواز ڀٽو سال 1921ع کان 1933ع تائين لاڳيتو رهيو، جنهن پنهنجي دور ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ سٺا ڪم سرانجام ڏنا. اهڙي ئي لحاظ کان خانبهادر ڪريم بخش خان کهاوڙ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمين، صدر ۽ نائب صدر پڻ ٿيو. جڏهن سال 1938ع جي آڪٽوبر جي 18 تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو ته ان وقت نبي بخش خان ڀٽو (ايم.ايل.اي) صدر ۽ ڪريم بخش خان کهاوڙ نائب صدر هو.[2] خانبهادر سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ کانپوءِ سندس پٽ سرائي قربان علي خان کهاوڙ سياست ۾ حصو وٺندو رهيو. مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو. ضلعي لاڙڪاڻه لوڪلبورڊ جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ٿيو. هن کان پوءِ خانبهادر علي حسن خان هڪڙو (آفيشئيٽنگ)، خانبهادر ڪريم بخش خان کهاوڙ، نواب نبي بخش خان ڀٽو، فضل الله قاضي، قربان علي خان کهاوڙ (گاجي کهاوڙ 27- 01-1953ع کان 28-8- 1953ع تائين، (آفشئيٽنگ)، خانصاحب فقير محمد انڙ ۽ علي گوهر کهڙو صدر هئا.[2]

جاگرافي[سنواريو]

لاڙڪاڻو ضلعو پاڪستان جي لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ اتر سنڌ ۾ واقع ميداني علائقي ۾ آهي. ان جي اوڀر ۾ سنڌوندي وھي ٿي جيڪا ان جي اوڀر واري ضلعي حد آھي. ضلعي جي پکيڙ 1906 چورس ڪلوميٽر آهي[3]. ھتان جي موسم سياري ۾ خشڪ ۽ سرد ۽ اونھاري ۾ تمام گرم ۽ خشڪ رھي ٿي. اونھاري ۾ ھتي سانوڻ يا مون سون جون تيز برساتون وسنديون آهن. ھن ضلعي ۾ جبل ڪانہ آھن.

معيشت[سنواريو]

زراعت[سنواريو]

ضلعي مان سکر بيراج کان نڪرندڙ رائس ڪئنال وھي ٿو جيڪو ھتان جي زمينن کي چانورن جي پوک لاء پاڻي مھيا ڪري ٿو. اتر، اولھ ۽ ڏکڻ طرف شڪارپور، قمبر شھدادڪوٽ ۽ دادو واقع آھن. اتر اولھ جي ڪنڊ جيڪب آباد سان پڻ ملي ٿي. ڪلھوڙن جي دؤر کان سکر بئراج ٺھڻ تائين ھتي گھاڙ واھ وھندو ھيو جنھن ۾ ٻيڙين ذريعي واپار پڻ ٿيندو ھيو پر پوء سکر بيراج جي آبپاشي واري نظام اچڻ سان رائس ڪئنال پاڻي جو وڏو ذريعو بڻجي ويو.

لاڙڪاڻي شھر ٻاھران ھڪ کجي جو باغ

لاڙڪاڻي جا امرود ۽ ٻير پوري سنڌ ۾ مشھور آھن. سنڌوندي جي ساڄي ڪپ تي واقع لاڙڪاڻي جي ھزارين ايڪڙ زمين تي امرود ڪثرت سان ٿئي ٿو.ان علائقن ۾ دودائي، ماھوٽا، نئون ديرو، چوھڙپور، ميتلا، آگاڻي، عزت جي وانڍ، ڦلپوٽا وغيره شامل آهن[4][5].

صنعت[سنواريو]

ھن ضلعي م نئون ديرو لڳ نئون ديرو شگر مل واقع آهي جيڪو ھڪ سرڪاري پراجيڪٽ ھيو. ان جو افتتاح اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 30 جنوري 1974ع ۾ ڪيو[6]. جيڪا بعد ۾ نجي شعبي ۾ تبديل ڪئي وئي.

تعليم[سنواريو]

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، ڏوڪري جو نسبتي نشان

سنڌ حڪومت جي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ رپورٽ[7] مطابق 2015 ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 1048 پرائمري اسڪول، 65 مڊل اسڪول، 7 ايليمينٽري اسڪول، 56 سيڪنڊري اسڪول ۽ 14 ھائر سيڪنڊري ڪاليجون آھن. انھن 1190 تعليمي ادارن ۾ 2,21,444 شاگرد ( جن ۾ 1,30,025 ڇوڪرا ۽ 91,419 ڇوڪريون شامل ھيون ) داخل ھيا[7] جن جو تفصيل درجن مطابق ھيٺين طرح ھيو:

'لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2014-2015 ۾ داخل شاگرد
ڪلاس تعليم تعداد[7]
ڪچي داخلا پرائمري کان اول 22,719
پھرين جماعت پرائمري 32,195
ٻين جماعت پرائمري 28,382
ٽين جماعت پرائمري 26,491
چوٿين جماعت پرائمري 24,395
پنجين جماعت پرائمري 22,666
ڇھين جماعت مڊل 12,609
ستين جماعت مڊل 13,464
اٺين جماعت مڊل 13,222
نائين جماعت سيڪنڊري 12,137
ڏھين جماعت سيڪنڊري 9,767
يارھين جماعت ھائر سيڪنڊري 1,728
ٻارھين جماعت ھائر سيڪنڊري 1,669

2015 ۾ انھن 1190 تعليمي ادارن م استادن جو تعداد 6,598 ھيو جن ۾ 4,806 استاد ھيا ۽ 1792 استادياڻيون ھيون[7]. سمورن داخل ٿيل شاگردن ۽ پڙھائيندڙ استادن جي ڀيٽ جي شرح مطابق ھر 34 شاگردن لاء ھڪ استاد آھئا[7]. انھن 1190 اسڪولن مان 135 شھري علائقن م 1055 ٻھراڙيءَ ۾ واقع ھئا جن مان 17 بند ھيا [7]. انھن اسڪولن مان بجلي جي سھولت صرف 884 ، پيئڻ جي پاڻي جي سھولت رڳو 965، پائخاني جي سھولت رڳو 919 اسڪولن ۾ ھئي[7]. 492 اسڪولن جي عمارتن جي حالت خراب ھئي ۽ 174 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ حالت م ھيون[7].

لاڙڪاڻي جا تعليمي ۽ تربيتي ادارا[سنواريو]

لاڙڪاڻي ۾ مھارت واري تعليم ۾ سڀ کان وڏو ادارو شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آھي جيڪا شروع ۾ اھا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سڏبي ھئي. ان کان علاوه لاڙڪاڻي شھر م قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جو ڪيمپس، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور جو ڪيمپس، ڏوڪري ۾ واقع ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، زرعي ڪاليج ڏوڪري، پوليٽيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، پوليس ٽريننگ اسڪول، ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج، نرسنگ اسڪول، وومينز ٽيچنگ اينڊ ٽريننگ اسڪول، پيراميڊيڪ اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ پائليٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ ميونسپل ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، زيبسٽ لاڙڪاڻو شامل آهن[8]. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري امتحان وٺندڙ بورڊ لاڙڪاڻي شھر ۾ آھي جنھن جو نالو بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آھي. ان کان سواءِ ھتي ھڪ پبلڪ اسڪول پڻ آھي جيڪو لاڙڪاڻي ۾ آھي.

صحت[سنواريو]

لاڙڪاڻي جي وڏين اسپتالن ۾ شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچنگ ھاسپيٽل، سول اسپتال لاڙڪاڻو، چانڊڪا اکين جي اسپتال، اين آء سي وي ڊي سيٽلائيٽ سينٽر لاڙڪاڻو، ايس آي يو ٽي لاڙڪاڻو سينٽر، شيخ زيد عورتن جي اسپتال، شيخ زيد ٻارن جي اسپتال ۽ ٻيون اسپتالون شامل آهن. 2016 ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ميڊيڪل يونيورسٽي واري ٽيچنگ اسپتال ۽ سول اسپتال ٻنھي ۾ مريضن لاء بسترن جو تعداد 1250 ھيا[9]. ضلعي جي سمورين 32 سرڪاري ۽ نجي اسپتالن م بسترن جو تعداد 3,367 ھيو[9]. 2016 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊسپينسرين جو تعداد 229 ھيو جن مان 29 سرڪاري، 7 نيم سرڪاري، 17 مڪاني حڪومتن جون ۽ 176 پرائيويٽ ھيون. ان کان سواءِ 28 بيسڪ هيلٿ سينٽر ۽ 5 رورل ھيلٿ سينٽر ھيا[9]. 2016 جي شماريات مطابق لاڙڪاڻي ضلعي م 1921 ماڻھن لاء ھڪ ڊاڪٽر[10]، 10,036 ماڻھن لاء ھڪ نرس ۽ 486 ماڻھن لاء اسپتال جو ھڪ بستري جو بندوبست ھيو[9].

ثقافت[سنواريو]

ھن ضلعي جي ثقافت سنڌي آھي.

آبادي[سنواريو]

لاڙڪاڻو ضلعو ڊسمبر 2004 کان اڳ پکيڙ ۾ وڏو ضلعو ھيو ۽ ان جا ست تعلقا ھيا جن مان شھدادڪوٽ، قمبر، ميروخان ۽ وارھ تعلقا الڳ ٿي ويا ۽ پراڻي ضلعي مان صرف ٽي تعلقا رتوديرو، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو برقرار رھيا. انھن ٽن تعلقن جي گڏيل آبادي 1972 ۾ 4,60,735 ھئي، جيڪا 1981 ۾ 5,72,006 ٿي وئي[3]. 1998 جي آدمشماري ۾ وڌي 10,01,608 ٿي وئي[3]. 2017 جي آدمشماري م لاڙڪاڻي ضلعي جي آبادي 15,24,391 تائين ٿي وئي[3]. پکيڙ ۽ آبادي جي تناسب مطابق ھن ضلعي م 799.9 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ۾ رھن ٿا[3]. 2017 جي آدمشماري مطابق ضلعي ۾ مردن جو تعداد 7,78,249 ھو ۽ عورتن جو تعداد 7,46,093 ھيو، ۽ آبادي م 49 کدڙا ھيا[3]. آبادي جي %46 (701637 ماڻھو) شھرن ۾ رھندڙ ھيا ۽ %54 (8,22,754 ماڻھو) ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ھيا[3].

سياسي ورھاست[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا چار تڪ اچن ٿا جن ۾ پي ايس 10 لاڙڪاڻو 1، پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2، پي ايس 12 لاڙڪاڻو 3 ۽ پي ايس 13 لاڙڪاڻو 4 شامل آهن. جڏھن ته قومي اسيمبليءَ جا ٻہ تڪ اٿس جن ۾ اين اي 200 لاڙڪاڻو 1 (پراڻو نالو: اين اي 204 لاڙڪاڻو 1 ) ۽ اين اي 201 لاڙڪاڻو 2 (اين اي 205 لاڙڪاڻو 2) شامل آهن.

پي ايس 10 (لاڙڪاڻو 1)[سنواريو]

ھي رتوديرو شھر وارو تڪ آھي. ھن تڪ جو پراڻو نالو پي ايس 37 لاڙڪاڻو 3 ھيو. ھن تڪ ۾ رتوديرو تعلقو، لاڙڪاڻي تعلقي جي سرڪل عاقل شامل آهن[11]. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو محمد علي خان ڀٽو 39,128 ووٽ کڻي کٽي آيو ۽ سندس مقابلو ڪندڙ اميدوار پاڪستان مسلم ليگ نواز جي امير بخش ڀٽو 34,919 ووٽ کنيا[11].[12] 25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي فريال ٽالپر ھن تڪ مان 53,627 ووٽ[13] کڻي چونڊ کٽي آئي جيڪا مير منور ٽالپر جي زال ۽ حاڪم علي زرداري جي نياڻي آهي[14]. ھارايل مقابلو ڪندڙ اميدوار تحريڪ انصاف جو امير بخش ڀٽو ھيو جنھن 37,665 ووٽ کنيا[13].

پي ايس 11 (لاڙڪاڻو 2)[سنواريو]

ھي لاڙڪاڻي شھر وارو تڪ آھي. جنھن جو پراڻو نالو پي ايس 36 لاڙڪاڻو 2 ھيو. ھن تڪ ۾ لاڙڪاڻي شھر جي ميونسيپل ڪارپوريشن وارو علائقو ( جنھن ۾ چارج نمبر 10 چارج نمبر 11 ، لاڙڪاڻي سرڪل ۽ تعلقي واري سرڪل شامل ناھي). 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو نثار احمد کهڙو 21,143 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو، سندس مقابلو ڪندڙ مسلم ليگ فنڪشنل جي اميدوار نذير احمد شيخ 14،412 ووٽ کنيا[11][12].25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ جي ڊي اي جو معظم عباسي ھن تڪ مان 32,178 ووٽ[13] کڻي چونڊ کٽي آيو[14] ۽ سندس مقابلو ڪندڙ پيپلزپارٽي جي اميدوار ندا کھڙو 21,811 ووٽ کنيا[13] ندا کھڙو نثار کھڙو جي نياڻي آهي.

پي ايس 12 (لاڙڪاڻو 3)[سنواريو]

ھن تڪ جو پراڻو نالو پي ايس 35 لاڙڪاڻو ھيو. ھن تڪ ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي ڪنگا سرڪل، ٻيڙو چانڊيو سرڪل، لاڙڪاڻو سرڪل (جنھن ۾ لاڙڪاڻو ميونسيپل ڪارپوريشن شامل ناهي پر رڳو چارج 10 ۽ 11 وارا علائقا شامل) ۽ باقراڻي تعلقي جي رڳو آباد سرڪل شامل آھن. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو الطاف حسين انڙ 23,624 ووٽ کڻي کٽي آيو سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار سھيل انور سيال ھيو جنھن 21,180 ووٽ کنيا ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نويد احمد ابڙو 217 ووٽ کنيا[11][12].25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ھن تڪ مان سھيل انور 48,997 ووٽ[13] کڻي چونڊ کٽي آيو[14] ۽ سندس مقابلو ڪندڙ جي ڊي اي جي سيد اڪبر حسين راشدي 22,626 ووٽ کنيا. تحريڪ انصاف جي سلمه پروين 1849 ووٽ کنيا[13].

پي ايس 13 (لاڙڪاڻو 4)[سنواريو]

ھي تڪ ڏوڪري تعلقي ۽ آباد سرڪل کانسواءِ باقراڻي تعلقي تي مشتمل آھي[11]. ھن تڪ جو پراڻو نالو پي ايس 41 لاڙڪاڻو-قمبر شھدادڪوٽ 2 (اولڊ لاڙڪاڻو 7) آھي. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو اعجاز احمد جتوئي 19,663 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو ۽ سندس مقابلو ڪندڙ عادل الطاف انڙ 7909 ووٽ کنيا[11] [12].25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو حزب الله ٻگهيو 46,101 ووٽ کڻي ھن تڪ مان چونڊ کٽي آيو جيڪو سردار واحد بخش ٻگھيو جو پٽ آھي ۽ 1956ع ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس اباڻو ڳوٺ نئون گڏ تعلقي باقراڻي ۾ واقع آهي [14].سندس مقابلو ڪندڙ جي ڊي اي جي عادل الطاف انڙ 44,197 ووٽ کنيا. تحريڪ انصاف جي شفقت حسين انڙ 6,697 ووٽ کنيا[13].

اين اي 200 (لاڙڪاڻو 1)[سنواريو]

ھي تڪ جو پراڻو نالو اين اي 204 لاڙڪاڻو 1 ھيو. ھي تڪ رتوديرو تعلقو، لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جو علائقو سواء چارج نمبر 10 ۽ 11 جي ، عاقل سرڪل، لاڙڪاڻو تپو شامل آهن[11]. جنھن مان 2013 جي عام چونڊن م پيپلزپارٽي جو محمد اياز سومرو 50,118 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار معظم علي خان 28,744 ووٽ کنيا[11]. ان تڪ ۾ لاڙڪاڻي تعلقو ، رتوديرو تعلقو ۽ ميروخان تعلقي جا ڪجهه حصا شامل ھيا. ھاڻي ان م تعلقو لاڙڪاڻو ۽ تعلقو رتوديرو شامل آهن. 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو بلاول ڀٽو زرداري 84,426 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. ان سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ جي ڊي اي جو اميدوار راشد محمود سومرو ھيو جنهن 50,200 ووٽ کنيا ۽ ان کان پوءِ ٽئين نمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حليمه ڀٽو 8,661 ووٽ کنيا[11][15][12].

اين اي 201 (لاڙڪاڻو 2)[سنواريو]

ھي تڪ جو پراڻو نالو اين اي 205 لاڙڪاڻو 2 ھيو. ھن تڪ ۾ ڏوڪري تعلقو ، باقراڻي تعلقو، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڪنگا سرڪل، ٻيڙو چانڊيو سرڪل، لاڙڪاڻي تپي ۽ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن کانسواءِ لاڙڪاڻو سرڪل ۽ چارج 10 ۽ 11 شامل آهن. جنھن مان 2013 جي عام چونڊن م پيپلزپارٽي جو اميدوار نذير احمد ٻگھيو 65,720 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو ھو. ۽ مقابلي ۾ آزاد اميدوار صفدر عباسي 23,561 ووٽ کنيا[11]. 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو خورشيد احمد جوڻيجو 97,051 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. ان سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ جي ڊي اي جو اميدوار الله بخش انڙ ھيو جنهن 69,111 ووٽ کنيا ۽ ٽئين نمبر تي تحريڪ انصاف جي قرئت العين 10,305 ووٽ کنيا[15][12].

انتظامي ورھاست[سنواريو]

تعلقن ۾ ورھاست[سنواريو]

ھن ضلعي جي ورھاست ھيٺين چئن تعلقن ۾ ٿيل آهي:

يونين ڪائونسلون/ڪاميٽيون[سنواريو]

لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2005 تحت ناظمن وارو نظام ڏنو ويو هو جنھن م پوري ملڪ م شھرن توڙي ٻھراڙين لاء يونين ڪاؤنسلون قائم ڪيون ويون ھيون . پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ م 2005 وارو قانون ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تحت 2005 کان اڳ وارو نظام بحال ڪيو جنھن تحت يونين ڪاؤنسلون صرف ٻھراڙين لاء مخصوص ڪيل ھيون ۽ شھرن واري ميونسپل علائقن ۾ يونين ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون ھيون. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻھراڙيءَ جون 47[16] يونين ڪاؤنسلون ۽ شھر جون 20[16] يونين ڪاميٽيون شامل آهن جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا.

يونين ڪائونسلون

  1. يو سي 1 ٻوسڻ
  2. يو سي 2 جمعو اگھم
  3. يو سي 3 لاشاري
  4. يو سي 4 طيب
  5. يو سي 5 بنگل ديرو
  6. يو سي 6 سعدو ديرو
  7. يو سي 7 ڳڙهي خدا بخش
  8. يو سي 8 عزت جي وانڍ
  9. يو سي 9 بھمڻ
  10. يو سي 10 پير بخش ڀٽو
  11. يو سي 11 ڪوھري ( ڀانڊو قبو)
  12. يو سي 12 وارث ڏنو ماڇي
  13. يو سي 13 ڪوٺي
  14. يو سي 14 لنڊ
  15. يو سي 15 ٻيڙو چانڊيو
  16. يو سي 16 رتو ڪوٽ
  17. يو سي 17 رشيد وڳڻ
  18. يو سي 18 مٺو ديرو
  19. يو سي 19 ڦل
  20. يو سي 20 عاقل
  21. يو سي 21 آگاڻي
  22. يو سي 22 ماھوٽا
  23. يو سي 23 فتح پور (ڪنگا)
  24. يو سي 24 ڌامراھ
  25. يو سي 25 وڪيه سانگي
  26. يو سي 26 بقاپور (نائچ)
  27. يو سي 27 مشوري شريف (ھٽي)
  28. يو سي 28 پٺاڻ
  29. يو سي 29 قادر بخش ڪولي
  30. يو سي 30 مھراب پور
  31. يو سي 31 بخش جتوئي (احسان واھڻ)
  32. يو سي 32 گڏ
  33. يو سي 33 مڏ باھو
  34. يو سي 34 فريد آباد
  35. يو سي 35 پراڻو آباد
  36. يو سي 36 مھر وڏا (دنداڻو)
  37. يو سي 37 ڳجھڙ
  38. يو سي 38 دڙا
  39. يو سي 39 وڏي واھڻي
  40. يو سي 40 ٽاٽڙي
  41. يو سي 41 سيھڙ
  42. يو سي 42 سامٽيا
  43. يو سي 43 يارو لاکير
  44. يو سي 44 ڪاراڻي
  45. يو سي 45 گاجي ديرو
  46. يو سي 46 موئن جو دڙو (بگي)
  47. يو سي 47 وڪڙو

يونين ڪاميٽيون

  1. يو سي 1 واپڊا ڪالوني
  2. يو سي 2 شيخ زيد ڪالوني
  3. يو سي 3 شھباز ڪالوني
  4. يو سي 4 نذر محلا
  5. يو سي 5 رحمتپور محلا
  6. يو سي 6 ڀينس ڪالوني
  7. يو سي 7 ممتاز ڪالوني
  8. يو سي 8 لاھوري محلا
  9. يو سي 9 پيپلز ڪالوني
  10. يو سي 10 لوھر ڪالوني
  11. يو سي 11 صديقي ڪالوني
  12. يو سي 12 شاھ بھارو ڪالوني (نيو سبزي منڊي)
  13. يو سي 13 شيوا منڊي
  14. يو سي 14 جلال شاھ محلا (فش مارڪيٽ)
  15. يو سي 15 علي گوھر آباد لاڙڪاڻو
  16. يو سي 16 محلا مراد واھڻ (بيت المال ڪالوني)
  17. يو سي 17 دڙي محلا لاڙڪاڻو
  18. يو سي 18 محلا الله آباد (محلا خدا آباد)
  19. يو سي 19 محلا محمد پور ( ڪرم آباد لاڙڪاڻو)
  20. يو سي 20 محلا محمد پور (خالق ڪالوني)

ديھون[سنواريو]

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 187 ديھون واقع آهن جن مان لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 54 ، رتوديرو تعلقي ۾ 61 ، ڏوڪري تعلقي ۾ 31 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 41 ديھون واقع آهن.

لاڙڪاڻي ضلعي جون ديھون[17]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آگاڻي 2 احمد پٺاڻ 3 عاقل 4 باگو وگھامل
5 بئد سانگي 6 ٻيڙو چانڊيو 7 بِنڊي 8 بگٽي بلوچ
9 چاڪر علي 10 چوھڙپور 11 ڇٽو مھيسر 12 دڙا گاد
13 ڌامراھ 14 دودائي 15 فتح پور (لاڙڪاڻو) 16 فاتي بلوال
17 گھانگھرو 18 الياس (لاڙڪاڻو) 19 جماراڻي 20 جيئند جتوئي
21 ڪنگا 22 ڪاٺڙ 23 ڪاٺورو بڊو 24 خالد (لاڙڪاڻو)
25 کيدڪار 26 ڪوٺي (لاڙڪاڻو) 27 لھڻو سامٽيو 28 لاھوري
29 لنگھ 30 لاڙڪاڻو 31 لونگائي 32 لنڊ (لاڙڪاڻو)
33 مسو حب 34 مٺوديرو 35 مياڻي نھال 36 موريو کھڙو
37 ننگر سانگي 38 نصرالله (لاڙڪاڻو) 39 نئون آباد 40 نظر ٿرڙي
41 ننديرو 42 ڦل (لاڙڪاڻو) 43 رشيد وڳڻ 44 رتوڪوٽ
45 رتوڪوٽ ريئتي 46 سچيڏنو ڪلھوڙو 47 سنھڙي 48 سومار سانگي
49 سلطان ابڙو 50 طالباڻي 51 وليدَ 52 وڪيا سانگي
53 واھ نبي بخش 54 ذڪريو مھيسر 55 آباد 56 امروٽ
57 بقاپور 58 بيھليم 59 ٻيلھڙي 60 ڀٽا ڪلھوڙا
61 دنداڻو 62 دڙو دودائڪو 63 دريا خان 64 ڍنڍڙا
65 فريد آباد 66 گنجو 67 ڳيريلو 68 گڏ
69 حسن واھڻ 70 جتوئي ڇڇڙ 71 ڪانيا 72 ڪنڙي
73 ڪارڙا 74 ڪوٽ چانڊڪو 75 مڏ باھو 76 مھر وڏا
77 مٽو 78 مھراب پور 79 مير خان ابڙو 80 نصيرآباد جاگير
81 نصيرآباد ريئتي 82 نورپور 83 پنجو کوکر 84 صالحاڻي
85 شاھبيگ 86 شاھنواز 87 شيخ فوجو 88 سمڻو
89 سونھري جاگير 90 سونھري ريئتي 91 ٽرڳڙ 92 ٺلھا
93 ياڪو سنديلو 94 آريجا 95 باقراڻي 96 زنگيجا
97 ڦلپوٽا 98 عاقل ھڪڙو 99 بنگل ديرو 100 ڀھمڻ
101 ڀانڊو رتو 102 ڀٽا 103 ٻوسڻ 104 ڇڄڙا
105 ڇانگو راھوجو 106 داران پور 107 دودا خان ڀٽو 108 دوسو دار
109 ڊرڀي 110 فتح پور 111 ڳچل 112 غلام حسين ھڪڙو
113 جمعو اگھم 114 ڪلر سرڪاري 115 خيرو ديرو 116 خانواھ
117 خدا بخش ڀٽو 118 ڪوڏراڻي 119 ڪوھري 120 ڪٻڙو
121 محمد خان جلباڻي 122 ممو جاگير 123 ممو ريئتي 124 مسو ديرو
125 ميوو گھانگھرو 126 مياڻي نور ملاح جاگير 127 مياڻي نور ملاح ريئتي 128 موريا فقير
129 ملان ڪلھوڙا 130 نئون ديرو ديھ 1 131 نئون ديرو ديھ 2 132 نظر ڏيٿو
133 نظر گھانگھرو 134 نورپور 135 پنجو ابڙو 136 پنجو ڪنارو
137 پنجو لورڙ 138 ہاٽڙو 139 پاورو 140 پير بخش ڀٽو
141 راھوجا 142 راجو ديرو 143 سعيدو ديرو 144 سالار جانوري
145 سنجر ابڙو 146 سرھو گھانگھرو 147 شادي ابڙو 148 شادي اگھم
149 شريف پور 150 طيب 151 انڙ 152 وليداد ويسر
153 وارث ڏنو ماڇي 154 وسند جيھو 155 وسايو ڀٽو 156 يارو پتافي
157 ابڙيپوٽا 158 ٻٻري 159 باڊھ 160 بگي
161 ڀنگيا ڪلھوڙا 162 ٻيلي گاجي 163 ٻڍو ديرو 164 چاڪرو
165 داٻلي ويچوب 166 ڏوڪري 167 فتح پور 168 گاجي ديرو
169 گھانگھريڪو 170 گجر 171 جادم ڪلھوڙو 172 قبولي
173 ڪاراڻي 174 خچرپور 175 خيرواھ 176 خيرو جھتيال
177 کوھ نورنگ 178 لاتڙي 179 مرزائي 180 نري لاشاري
181 سامٽيا 182 سيھڙ 183 سئي 184 تڳير
185 ويھڙ 186 وڪڙو 187 يارو لاکير

سياحت[سنواريو]

سياحن لاءِ سمبارا ان ھوٽل

ھي ضلعو موئن جي دڙي جي ڪري بين الاقوامي سياحتي مرڪز آهي. موئن جي دڙي جي پنج ھزار سال پراڻي تھذيب جا قديم آثار ڏوڪري جي ڀرسان واقع آھن جتي ھڪ ميوزيم ۽ ايئرپورٽ پڻ واقع آھن. موئن جو دڙو يونيسڪو طرفان ورلڊ ھيريٽيج يا عالمي ورثو قرار ڏنل آهي. ھتي پاڪستان جي ٻن سابق وزير اعظمن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو مقبرو پڻ سياحتي مرڪز آهي.

آبپاشي ۽ آبي ذخيرا[سنواريو]

عدالتي نظام[سنواريو]

ضلعي ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ڪم ڪري پئي جنهن م ھاء ڪورٽ جا 3 جج ٽن مھينن لاء ويھندا آھن ۽ سال م چار دفعا تبديل ٿيندا آهن. ان سرڪٽ ڪورٽ جي اختيار وارن علائقن م لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ضلعا ۽ ميھڙ سب ڊويزن جا علائقا اچي وڃن ٿا. اھڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي جا ھاء ڪورٽ وارا ڪيس لاڙڪاڻي واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت لاڙڪاڻي شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون 8 عدالتون قائم آھن، جن مان ھڪ عدالت رتوديرو شھر ۾ ڪم ڪري ٿي. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ضلعي م سينئر سول ججن جون پنج عدالتون ڪم ڪن ٿيون جن مان 4 لاڙڪاڻي شھر ۾ ۽ ھڪ رتوديرو ۾ ڪم ڪري ٿي. ضلعي ۾ سول جج ۽ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون 9 عدالتون آهن جن مان 6 لاڙڪاڻي شھر ۾ ، 2 رتوديرو ۽ 1 ڏوڪري ۾ ڪم ڪن ٿيون. ضلعي ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ، ھڪ بينڪنگ ڪورٽ، ھڪ ليبر ڪورٽ ، ھڪ ايٽي ٽيررزم ايڪٽ ڪورٽ ، ھڪ اينٽي ٽيررزم ڪورٽ پڻ ڪم ڪن ٿيون. ضلعي اندر وڪيلن جي ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪن ٿيون[18].

مشهور شخصيتون[سنواريو]

ذوالفقار علي ڀٽو، بینظیر ڀٽو، مرتضیٰ ڀٽو، نثار کهڙو، ایوب کهڙو، ممتاز ڀٽو، سر شاھنواز خان ڀٽو، قاضي فضل الله، حميدہ کھڙو، رئيس جان محمد خان جوڻيجو، بشير خان قريشي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، اياز قادري، حيدر بخش جتوئي، مولانا جان محمد عباسي، جسٽس محمد افضل سومرو، جسٽس احمد علي شيخ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي, ميڊم اشرف عباسي، منور عباسيصفدر عباسي, دليپ ھيرو, ڪليم الله لاشاري, سريش ڪيسواڻي, انور کوکر, شاھ سھيل مسعود, عابده پروين, رام پنجواڻي, مھتاب اڪبر راشدي, خالد محمود سومرو, حسين شاھ راشدي, قائم شاھ بخاري, غلام حسين انڙ، الطاف حسين انڙ, اداڪاره سھائي علي ابڙو, ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي,نثار احمد کھڙو راشد محمود سومرو

حوالا[سنواريو]

  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  2. 2.0 2.1 {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 https://www.citypopulation.de/php/pakistan-admin.php?adm2id=811-
  4. the Newspaper. "Berries and guava of Larkana". dawn.com. حاصل ڪيل 23 March 2016. 
  5. Web Desk. "Chilly weather badly affects guava orchid crop". Pakistan Times. وقت 8 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 March 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "LARKANA SUGAR MILLS (PVT) LTD.". enic.pk. حاصل ڪيل 23 March 2016. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 7.6 7.7 www.rsu-sindh.gov.pk › Lar...PDFlarkana - rsu-sindh.gov.pk-
  8. https://www.apnalarkana.com/education.html-[مئل ڳنڍڻو]
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2018-10-24 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-05-05 
  10. (ان ۾ فزيشن ، سرجن، گائينوڪالاجسٽ ۽ ٻين سڀني قسمن جا ڊاڪٽر شامل ھئا)
  11. 11.00 11.01 11.02 11.03 11.04 11.05 11.06 11.07 11.08 11.09 - https://www.politicpk.com/ps-12-larkana-election-result-2018-sindh-assembly/
  12. 12.0 12.1 12.2 12.3 12.4 12.5 - https://www.politicpk.com/qambar-shahdadkot-district-sindh-assembly-election-results-2013-2008-2002-ps-39-to-ps-42/
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 13.4 13.5 13.6 https://hamariweb.com/pakistan-election/general/2018/sindh/PS-10/-
  14. 14.0 14.1 14.2 14.3 - http://www.pas.gov.pk/index.php/members/bydistrict/en/32/111 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-05-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  15. 15.0 15.1 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-01-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-05-03 
  16. 16.0 16.1 [1] لاڙڪاڻو، پوليٽيڪو. ڪام
  17. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
  18. -https://www.sindhhighcourt.gov.pk/district_courts_sindh.php