مواد ڏانھن هلو

مهاجر صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Muhajir Sooba
مهاجر صوبو
Proposed province تجويز ڪيل صوبو
Flag of the Muttahida Qaumi Movement
پرچم
Location of Muhajir Sooba
Province سنڌ


2014ع ۾ سنڌ جي سياست جو سڀني کان گرم اشو “مهاجر صوبي” جو رهيو، جيڪو اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده پارٽي ايم ڪيو ايم الطاف حسين پاران سال جي پهرين مهيني کان وٺي آخري مهيني تائين هلندو رهيو. الطاف حسين پاران سنڌ ٽوڙڻ واري تقرير کانپوءِ سنڌ جي قومپرست پارٽين، ادبي تنظيمن، سماجي ۽ مذهبي ڌرين پاران سخت رد عمل آيو. 4 جنوري تي هڙتال ڪئي وئي. احتجاج ڪيا، مظاهرا ڪيا، ريليون ڪڍيون ۽ مطالبو ڪيو ته الطاف پنهنجي بيان کي واپس وٺي ۽ سنڌي قوم کان معافي گهري.الطاف حسين پاران مطالبن مڃڻ بدران رد عمل جي رد عمل ۾ اڃا به سنڌ ٽوڙڻ وارو بيان آيو پر ٻئي طرح جو سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهايئندڙن کي هر شعبي ۾ سنڌين جي برابر حصو ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.الطاف حسين پاران مطالبن مڃڻ بدران رد عمل جي رد عمل ۾ اڃا به سنڌ ٽوڙڻ وارو بيان آيو پر ٻئي طرح جو. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي نئون صوبو نٿو ڏنو وڃي ته “سنڌ ون” ۽ “سنڌ ٽو“ بڻايو وڃي.[1]

سنڌ جي ورهاست جو مطالبو

[سنواريو]

سنڌ جي ورهاست جو مطالبو پاڪستان ۾ وقت بوقت سامهون ايندڙ هڪ سياسي ۽ انتظامي تجويز آهي، جنهن تحت سنڌ صوبي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ يا ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري نئون صوبو قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. آئيني قانون، تاريخي پسمنظر، آبادياتي اصولن ۽ وفاقي استحڪام جي حوالي سان جڏهن هن مطالبي جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته اهو وڏي پيماني تي غير عملي ۽ متنازع سمجهيو وڃي ٿو.

آئيني حيثيت

[سنواريو]

پاڪستان جو آئين صوبي جي حدن ۾ تبديلي لاءِ سخت طريقهٔ ڪار مقرر ڪري ٿو. آئين جي آرٽيڪل 239(4) موجب، ڪنهن به صوبي جي سرحدن ۾ تبديلي ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي ۾ ٻه ٽهائي اڪثريت سان آئيني ترميم منظور نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي پڻ ٻه ٽهائي اڪثريت سان ان جي منظوري ڏئي. سنڌ جي حوالي سان، اهڙي ترميم جو مطلب اهو ٿيندو ته سنڌ اسيمبلي پاڻ پنهنجي گاديءَ جي شهر ۽ معاشي مرڪز کي صوبي کان ڌار ڪرڻ تي راضي ٿئي، جيڪو عملي ۽ سياسي طور انتهائي غير ممڪن سمجهيو وڃي ٿو.

ضلعي يا انتظامي يونٽن جي وڌاءَ کي نئون صوبو ٺاهڻ سان جوڙڻ پڻ آئيني طور غلط قياس آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ضلعو صوبائي قانون تحت ٺهندڙ انتظامي وحدت آهي، جڏهن⁠تہ صوبو آئين جي بنيادي ڍانچي جو حصو هوندو آهي.

تاريخي پسمنظر

[سنواريو]

ڪراچي تاريخي طور سنڌ جي سامونڊي تهذيب، واپار ۽ تمدني ارتقا جو اهم مرڪز رهيو آهي. قديم دور کان عربن جي آمد، پوءِ برطانوي راڄ ۽ جديد دور تائين، ڪراچي هميشه سنڌ جي جغرافيائي ۽ تاريخي تسلسل سان جڙيل رهيو آهي. 1947ع کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ وقت مهاجرن جي آبادڪاري انساني همدردي ۽ قومي ذميواري تحت ڪئي وئي، جنهن کي سنڌ جي عوام ۽ سياسي قيادت قبول ڪيو. اها آبادڪاري ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ يا علائقائي حقن جي منتقلي نه هئي.

آبادياتي ۽ سماجي اصول

[سنواريو]

عالمي سطح تي ڪو به تسليم ٿيل اصول موجود ناهي جنهن موجب ڪنهن شهر ۾ ڪنهن خاص لساني يا نسلي گروهه جي آبادي وڌڻ سان ان علائقي کي نئون صوبو يا خودمختيار يونٽ بڻائڻ جو حق پيدا ٿي وڃي. جيڪڏهن اهڙي منطق کي قبول ڪيو وڃي ته گهڻ نسلي ۽ گهڻ لساني سماجن ۾ لاتعداد علائقائي مطالبا جنم وٺي سگهن ٿا، جيڪي قومي وحدت لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.

وفاقي استحڪام ۽ سياسي اثر

[سنواريو]

سنڌ جي ورهاست جو عمل صوبي جي معاشي بنيادن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪراچي سنڌ جي صنعتي، بندرگاهي ۽ مالي ڍانچي جو مرڪز آهي. اهڙي ورهاست صوبن جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌائي سگهي ٿي ۽ وفاقي نظام ۾ عدم اعتماد پيدا ڪري سگهي ٿي. ماهرن جي خيال ۾، نسلي يا لساني بنيادن تي سرحدن جي نئين سر تشڪيل گهڻ قومي رياستن لاءِ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿي. آئيني، تاريخي، آبادياتي ۽ وفاقي تجزئي جي روشني ۾، سنڌ جي ورهاست جو مطالبو عام طور تي:

  • آئيني طور ناقابلِ عمل
  • تاريخي طور غير مستند
  • آبادياتي اصولن جي ابتڙ
  • وفاقي استحڪام لاءِ خطري وارو

سمجهيو وڃي ٿو. ڪيترن تجزين مطابق، انتظامي مسئلن جو حل صوبن جي ورهاست بدران مقامي حڪومتن جي مضبوط نظام، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ آئيني دائري اندر سڌارن ذريعي ممڪن آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفت

[سنواريو]

الطاف حسين جي خطاب کانپوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ‎” جو نعرو لڳايو ويو.[2]

جسمم جي مخالفت

[سنواريو]

25 جنوري تي جيئي سنڌ متحدا محاذ پاران سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي ۽ الطاف کي پنهنجو بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.هڙتال دوران سڄي سنڌ ۾ 48 ڪريڪرن جا ڌماڪا ٿيا ۽ جسمم جا ڪيترائي ڪارڪنن گرفتار ڪيا ويا.[3][4]


سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مخالفت

[سنواريو]

9 فيبروري تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گلشن حديد کان وٺي تبت سينٽر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن سنڌ ٽوڙڻ خلاف بينر ۽ پمفليٽ کڻي سڄي ڪراچي شهر ۾ سنڌ جي حق ۾ نعرا هڻندا رهيا. ريلي کي خطاب ڪندي قادر مڱسي چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به قيمت تي قبول ناهي. متحده نسل پرستي کان پسو ڪري ته بهتر رهندو. اسان جي ريلي امن لاءِ آهي اردو ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته اهڙين سازشن کان خبردار رهن. آڌر همارا، آڌا تمهارا” وارا نعرا نفرتن کي جنم ڏيندا آهن.[5]

جسقم جي مخالفت

[سنواريو]

23 مارچ تي جسقم پاران ڪراچي ۾ آزادي مارچ ڌرڻو لڳايو ويو. هن ڌرتي کان ٻه ڏينهن اڳ بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي شهيد ڪيو ويو پر پوءِ به پروگرام ملتوي ڪو نه ڪيو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي صنعان قريشي چيو ته سنڌ سڄي دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته؛ برداشت، رواداري ۽ برابري سان جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري پاليسي اختيار ڪرڻ سان انسان ذات لاءِ امن ۽ اتحاد آهي. سنڌ کي ورهائڻ جي سوچ به نه رکڻ گهرجي. اسان انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين.[6][7]

سن ۾ احتجاج

[سنواريو]

25 اپريل تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 19هين ورسي جي موقعي تي ايس يو پي، جسقم، جيئي سنڌ متحدا محاذ، جسم قومپرست اڳواڻن ميڙاڪا ڪيا، جنهن ۾ سنڌ ورهائڻ واري سازش کي ننديو ويو ۽ جلال محمود شاهه چيو ته حڪومت ۽ اسيمبلين کي ڪردار نڀائڻ گهرجي.[8]

ويهن صوبن جو مطالبو

[سنواريو]

چار مهينا متحده پاران سنڌ جي ورهاڱي تي ڪجهه به نه ڳالهايو ويو پر 15 سيپٽمبر تي الطاف حسين بيان جاري ڪيو ته ملڪ ۾ 20 صوبا ٺاهيا وڃن. آبادي جي لحاظ سان وڌيڪ صوبا ٺاهڻ ضروري ٿي پيا آهن.[9] الطاف جي بيان کان فوري پوءِ سڄي سنڌ مان رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو. ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه چيو ته متحده آمراڻي سوچ جي ڪري اردو ڳالهائيندڙن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، الطاف خلاف نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا. متحده کي ٻنجون ڏيڻ لاءِ اڳواڻن پاران حڪومت کان گهر ٿي وئي.


16 سيپٽمبر تي الطاف بيان ڏنو ته فوج نوان صوبا ٺاهڻ ۾ مدد ڪري، صوبن واري بيان تي قومپرستن کي جواب ڪو نه ڏيندس. وڙهڻ وڙهائڻ جي ڳالهه ٺيڪ ناهي.


رسول بخش پليجي ء قادر مڱسي جو بيان

[سنواريو]

17 سيپٽمبر جي ڏينهن قادر مڱسي بيان ڏنو ته پاڪستان جي سلامتي سنڌ سان مشروط آهي، اسان 30 ورهيه اڳي چيو هو ته ايم ڪيو ايم ٺهي سنڌ جي ورهاڱي لاءِ آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته برطانيه الطاف جي بيان جي خطابن تي پابندي وجهي، جنهن کي سنڌ جو نقشو پسند ناهي اهو هتان هليو وڃي..[10]

الطاف ء فارق ستار جي بيانن تي رد عمل

[سنواريو]

19 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر فاروق ستار چيو ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽن کي ٺاهڻ گهرجي. سنڌ سرڪار انتطامي يونٽ نٿي ٺاهي جنهن تي آئون واڪ آئوٽ ٿو ڪريان.

21 سيپٽمبر تي الطاف حسين پنهنجي نئين بيان ۾ نئون مشورو ڏنو. هن چيو ته سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهايو وڃي اتر، ڏکڻ، اوڀبر ۽ اولهه سنڌ ڪري چار صوبا ٺاهيا وڃن.

انهي تاريخ تي سنڌ جي ٻن ورحاني پيشوار ئن مخدوم امين فهيم ۽ پير پاڳاري جي ملاقات ٿي جن گڏيل طور تي ميڊيا آڏو اچي چيو ته “اسان سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهيون. ايڪي ۽ ٻڌي کي فروغ ڏيڻ واري ماحول تي يقين رکون ٿا.[10]

قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج

[سنواريو]

23 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران اي پي سي منعقد ڪئي وئي حقيقت ۾ سنڌ جي پارلياماني، مذهبي، قومپرستن، سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي ورهاڱي يا انتطامي يونٽن ٺاهڻ کي رد ڪري ڇڏيو.[10]

سنڏ اسمبلي جو قراردادون

[سنواريو]

25 سيپٽمبر تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه قراردادو اتفاق راءِ سان منظور ٿيون. هڪڙي حڪومت پاران ۽ ٻي اپوزيشن پاران. سنڌ جي ورهاڱي خلاف هئا. ساڳئي تاريخ تي ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ 10 هنڌن تي ڌرڻا لڳايا ويا. مرڪزي ڌرڻو وزيراعليٰ هئاوس آڏو لڳايو ويو جنهن ۾ متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي چيو ته 65 ورهيه اڳي اسان چيو هو بن ڪي رهيگا پاڪستان ته اهو وٺي ڏيکاريوسين ۽ اڄ چئون ٿا ته بن ڪي رهيگا صوبا ته اهو به وٺي ڏيکارينداسين.[10]

جماعت اسلامي جي مخالفت

[سنواريو]

26 سيپٽمر تي سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ ۾ الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ جي مطالبي خلاف ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. الطاف حسين کي مطالبو واپس وٺڻ لاءِ چيو ويو ۽ سنڌ ۾ نفرتون پکيڙڻ کان روڪيو ويو.

ساڳئي تاريخ تي حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جماعت جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخي وحدت آهي، ورهاڱو ممڪن ناهي. چار صوبا ڏکيائي سان پيا هلن ته 20 صوبا ڪيئن هلندا.[10]


سنڌ رائٽرس اينڊ ٿنڪرز فورم جو احتجاج ء الطاف جي منافقت

[سنواريو]

27 سيپٽمبر ۾ سنڌ رائٽرس اينڊ ٿنڪرز فورم جي سڏ تي ڪلفٽن ڪراچي جي علائقي ۾ ٽن تلوارن چوڪ تي سنڌ جي ورهاڱي خلاف احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. دانشورن خطاب ۾ چيو ته الطاف لنڊن ۾ ويهي پاڪستان ۾ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، لنڊن پوليس کي انهي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. نوان صوبا ٺاهڻ پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش سمجهي وڃي.

ساڳئي تاريخ تي الطاف حسين لنڊن مان ٽيلي فونڪ خطاب دوران چيو ته سنڌ جا قومپرست ايجنسين جي پيرول تي آهن. اسان سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي بلڪه نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.[10]

سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو نه کٽنڊڻ سلسلو

[سنواريو]

28 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻو، سکر ۽ لکي غلام ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ۽ پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جي آيو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ وارا پاڻ ٽڪرا ٿي ويندا، جيڪڏهن سنڌ جو ورهاڱو ٿيو ته پوءِ پاڪستان به ڪو نه بچندو ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو.

انهيءَ ڏينهن پ پ ڀ ش پاران سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا لڳايا ويا ۽ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ مڪلي جي قبرستان مان سبق حاصل ڪن. ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ وارو موقف واپس ڪري نه ته سندس خلاف احتجاج جو دائرو وڌندو ويندو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران “سنڌ منهنجي امان” ريلي مختلف شهرن ۾ روزانو نڪرندي رهي. بدين، ٺٽو، حيدرآباد سميت سنڌ ورهائڻ خلاف ستپ جي ريلي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.[10]

حوالا

[سنواريو]