سنڌ صوبائي اسيمبلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سنڌ اسيمبلي کان چوريل)
سنڌ صوبائي اسيمبلي
Provincial Assembly of Sindh
12هين صوبائي اسيمبلي سنڌ
قسم
قسم
هڪ ايوان
جو حصو آهي
ڍانچو
سيٽون 168
سياسي ڌڙا
حڪومت (97)

Opposition (68)

خالي (3)

چونڊون
اسيمبلي جا 130 رُڪن سڌي چونڊن ذريعي، 29 عورتن جي مخصوص سيٽن تي ۽ 9 اقليتي ميمبر چونڊبا آهن.[1]
پويون چونڊون
25 جولائي 2018
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ
سنڌ اسيمبلي جي عمارت، ڪراچي
ويب سائيٽ
www.pas.gov.pk

سنڌ جي صوبائي اسميبلي (Provincial Assembly of Sindh) سنڌ ۾ پاڪستان جو قانون ساز ايوان آھي جنھن جو گادي جو ھنڌ ڪراچي ۾ واقع آھي۔ ھي آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 106 جي تحت قائم ڪئي وئي۔ ھن ايوان جون 168 نشستون آھن جن مان 130 تي سڌي سنئين چونڊون منعقد ٿينديون آھن جڏھن ته 38 نشستون عورتن ۽ غير مسلم اقليتن جي لاءِ مخصوص آھن۔

تاريخ[سنواريو]

پاڪستان جو ٺھراء[سنواريو]

3- مارچ 1943ع تي سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ ”پاڪستان ٺهراءُ“ منظور ڪيو، جيڪو اسيمبليءَ ۾ جناب جي - ايم - سيد پيش ڪيو هو. اسيمبليءَ جي ميمبرن جي وچ ۾ ان ٺهراءُ تي جيڪا گفتگو ٿي هئي ۽ موافق ۽ مخالف ميمبرن ان جي حق ۾ ۽ ان جي خلاف جيڪي دليل ڏنا هئا، ان سڄي ڪاروائي بابت سرڪاري رپورٽ ”سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي ڪاروائي“ جي عنوان سان جلد 17، نمبر 6 ۾ گورنمينٽ پريس ڪراچيءَ مان شايع ٿي هئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايل تفصيل مطابق اسيمبليءَ جي گڏجاڻي 3- مارچ 1943ع تي اربع ڏينهن اسيمبلي هال ڪراچيءَ ۾ 3 بجي مانواري صدر مسٽر جي. فريزر جي اڳواڻيءَ هيٺ ٿي. ان گڏجاڻيءَ ۾ اسيمبليءَ جا جيڪي ميمبر حاضر هئا، انهن جا نالا الف - بي وار هيٺ ڏجن ٿا[2]: عبدالمجيد شيخ، آکجي رتنسنگ سوڍو، علي گوهر خان مهر، الله بخش خدا داد خان گبول، الله داد خان، امام بخش خان ٽالپور، امير علي ٺارو خان لاهوري، ارباب توڳاچي مير محمد، بندهه علي خان مير، ڏيئل مل دولترام، غلام علي بنده علي خان ٽالپور، غلام الله خان مير، غلام حسين هدايت الله، غلام محمد اسراڻ، غلام مرتضيٰ شاهه، غلام نبي شاهه، گوبندرام پريتمداس، گوڪلداس ميولداس، هيمنداس روپچند واڌواڻي، هوسيڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڊبليو بي، هوتچند هيرانند، الاهي بخش پير، جان محمد جوڻيجو، جينو ٻائي غلام علي الانا، قيصر خان، غلام محمد خان، لولو مل ريواچند، ماهن ڪرنل ايڇ جي، محمد علي شاهه سيد، محمد ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر، محمد خان نواب غيبي خان چانڊيو، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف خان چانڊيو، نهچلداس ڇتو مل وزيراڻي، نور محمد شاهه سيد، پرتاب راءِ خير سکداس، رسول بخش خان انڙ، شمس الدين خان بارڪزئي ۽ سهراب خان سرڪي[2]. ڪارروائيءَ جي شروع ۾ اسيمبليءَ جي ميمبرن واسطيدار وزير کان صوبائي مسئلن بابت سوال پڇيا، جن جا هنن جواب ڏنا. ان کان پوءِ غير سرڪاري ڪم شروع ٿيو، جنهن ۾ پهرين جناب جي.ايم.سيد، اسپيڪر جي اجازت سان ”پاڪستان ٺهراءُ“ پيش ڪندي چيو ته[2]:

پاڪستان لاءِ قرارداد

— ”هيءُ ايوان سرڪار کي سفارش ڪري ٿو ته هزايڪسيلنسي وائسراءِ جي معرفت هزمئجسٽي جي سرڪار تائين هن صوبي جي مسلمانن جون خواهشون ۽ جذبا پهچايا وڃن، ته جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو پنهنجو مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايتون، سياسي ۽ اقتصادي نظريا آهن، ۽ جيڪي هندن کان بلڪل علحيده آهن، تنهنڪري کين حق پهچي ٿو ته هڪ قوم ٿي رهن، جن جون پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن، جيڪي هندستان جي ننڍي کنڊ جي انهن علائقن مان ٺاهيون وڃن، جتي اهي (مسلمان) اڪثريت ۾ آهن. تنهنڪري، اهي پرزور اعلان ٿا ڪن ته کين اهڙو ڪو به آئين قبول نه هوندو، جيڪو مسلمانن کي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رکي، جنهن تي ٻي قابض هجي ۽ جيئن ته ايندڙ وقت ۾ کين پنهنجي اصولن مطابق آزاديءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تنهنڪري هنن لاءِ ضروري آهي ته سندن پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن ۽ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت جي رعيت ڪري رکيو ويو ته ان جي ڪري خوفناڪ ۽ ڏکائتن نتيجن واري گهرو جنگ يقيني آهي."، جي.ايم.سيد[2]

جناب جي . ايم. سيد جي انهيءَ ٺهراءُ کي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ورجايو، جنهن تي نهچلداس وزيراڻيءَ رول 91 جي پئرا ’الف‘ ۽ ’د‘ هيٺ اعتراض اٿاري چيو ته ان ٺهراءُ کي پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏجي. ان لاءِ هن اهو دليل ڏنو ته هڪ ته ايوان جا سڀ هندو ارڪان ايوان ۾ موجود ڪونهن ۽ ٻيو ته ان ٺهراءُ جو تعلق صوبائي حڪومت سان ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ٺهراءُ مطابق، هندستان جي مسلمانن کي مرڪزي حڪومت هيٺ رهڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، جو هنن جو مذهب، روايتون وغيره جدا آهن. هن اهو به اعتراض ڪيو ته اهو ٺهراءُ 5- تاريخ (مارچ) تي پيش ڪيو وڃڻو هو[2]. مسٽر نهچلداس وزيراڻيءَ جي اعتراض تي سر غلام حسين هدايت الله (جيڪو ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو)، اسپيڪر کي مخاطب ٿي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ مون معزز ايوان کي آگاهه ڪيو هو ته اهو ٺهراءُ 3 تاريخ تي پيش ڪيو ويندو ۽ نه 5 تاريخ تي، ڇاڪاڻ ته معزز ميمبر موڪلن ۾ وڃڻ گهريو ٿي. هن ٺهراءُ تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ان ۾ هڪڙو ئي مسئلو کنيل آهي ته مسلمان هڪڙي مرڪزي حڪومت جي هيٺ رهڻ نٿا گهرن، پر آزاد علائقن جي صورت ۾ رهڻ گهرن ٿا[2].

ان مرحلي تي مانواري اسپيڪر ٺهراءُ کي قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايوان جي راءِ ورتي، جنهن مطابق ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي جن ميمبرن حمايت ڪئي، اهي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر الله بخش ڪي. گبول، خانبهادر حاجي امير علي لاهوري، ارباب توڳاچي، مير بنده علي خان ٽالپور، مير غلام علي خان ٽالپور، سر غلام حسين هدايت الله، خانبهادر غلام محمد اسراڻ، سيد غلام مرتضيٰ شاهه، خانبهادر سيد غلام نبي شاهه، پير الاهي بخش نواز علي، نواب حاجي ڄام جان محمد، بيگم جينو ٻائي جي. الانا، سردار بهادر سردار قيصر خان، سيد محمد علي شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد هاشم گزدر، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف چانڊيو، سيد نور محمد شاهه، رئيس رسول بخش خان انڙ، جناب علي گوهر خان مهر، جناب شمس الدين خان بارڪزئي ۽ خانصاحب سهراب خان سرڪي. جن ميمبرن ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي، اهي هئا: راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس، ڊاڪٽر هيمنداس آر. واڌواڻي ۽ مسٽر لو لـُـو مل آر. موٽواڻي. اهڙيءَ ريت ٺهراءُ جي حمايت ۾ چوويهه ميمبر هئا ۽ مخالفت ۾ ٽي ميمبر. اهڙيءَ ريت سنڌ صوبائي اسيمبليءَ 3- مارچ 1943ع تي ”پاڪستان ٺهراءُ“ منظور ڪيو.[2]

سنڌ خوراڪ اختياري (سنڌ فوڊ اٿارٽي)

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pas.gov.pk/index.php/faqs/listfaqs/en/13
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي منظور (قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو بنيادي اهم حصو)؛ ليکڪ مراد علي مرزا؛ ڪتاب جو نالو ؛ مهراڻ 1985ع (1-2) ايڊيٽر؛ نفيس احمد شيخ جلد؛ 34 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال؛ (جنوري - جون) 1985ع

24°51′16″N 67°01′12″E / 24.85444°N 67.02000°E / 24.85444; 67.02000مڪانيت: 24°51′16″N 67°01′12″E / 24.85444°N 67.02000°E / 24.85444; 67.02000