راجا چندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راجا چندر
سنڌ جو مھا راجا
سن691 کان 699 تائين[1]
72ھ کان 80ھ
پيشرو راجا چچ
جانشين راجا ڏاهر
ريجنٽ مھاراجہ چچ جو ڀاءُ
پورو نالو
راجا چندر سين
گهراڻو برھمڻ
شاھي گھراڻو برھمڻ گھراڻو
پيءُ سيلائج
مذھب ٻڌازم

راجا چندر سين: برھمڻ گھراڻي جو سنڌ جو حاڪم جنھن سنڌ تي ساڌا ست سال حڪومت ڪئي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ٻڌ مذهب جي پوئلڳ چچ جي وڏي ڀاءُ چندر پڳ سنڀاليندي ئي زوريءَ ماڻهن کي ٻڌ مذهب اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو پر پوءِ به عوام کانئس خوش هو. جنهن وقت چچ گذاري ويو ان وقت متو (سيوستان جو راجا) جيڪو اڳ ۾ ئي ڀڄي وڃي هندستان ويٺو هو، قنوج جي راجا سيهرس بن راسل ڏانهن ويو ۽ چيائينس ته سنڌ جو راجا هاڻي دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ تخت تي سندس ناتجربيڪار راهب ڀاءُ چندر ويٺو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن عبادت ۽ مطالعي ۾ مصروف آهي. جيڪڏهن هاڻي حملو ڪري اهو ملڪ منهنجي حوالي ڪيو ته ڍل طور ڍير دولت جو اوهان جي خزاني ۾ جمع ڪندو رهندس. سيهرس پنهنجي ڀاءُ برهاس بن ڪسائس کي سپهه سالار بڻائي متي سان گڏ هڪ وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو. چچ جو ڏوهٽو جيڪو ڪشمير جي سرحد تي حڪمران هو. اهو به برهاس ۽ متي سان ملي ويو. ٻنهي پنهنجي لشڪر کي چندر جي حد ۾ هاسي ندي جي ڪپ تي اچي گڏ ڪيو ۽ ڀرسان واري قلعي ديوهپور (ديبالپور) تي قبضو ڪيو جتان اڳتي وڌي بندڪاهويا پهچي مهينو ترسيا ۽ پوڄا پاٽ ڪئي. اتان چندر ڏانهن اطاعت ڪرڻ جي ڌمڪي موڪليائون. چندر همت هارڻ بدران فوجي تياريون شروع ڪري ڏنيون ۽ چچ جي پٽ ڏهرسينا کي برهمڻ آباد فوج کي تڪڙو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هيڏانهن چچ جي ننڍي پٽ ڏاهر کي وري الور جي حفاظت جي ذمينداري سونپيائين. انهن سڀني تدبيرن دشمن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ چندر ڪاميابيءَ سان ست سال حڪومت ڪندو رهيو ۽ نيٺ 48ھ (668ع) ۾ پنهنجي موت مري ويو.[2] لئمبرڪ لکي ٿو ته:چيو وڃي ٿو ته چندر جي بادشاهيءَ ستن سالن تائين جٽاءُ ڪيو، ۽ هن جي مرڻ پڄاڻان، ڏاهر الور ۾ سندس تخت تي ويٺو. اهو به چيو وڃي ٿو ته چندر جي هڪ پٽ نالي راج پاڻ کي برهمڻ آباد ۾ آباد ڪيو، پر جلد ئي هن ڏهرسيه لاءِ اها جاءِ خالي ڪئي. هن ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي ته چچ جي انهيءَ وڏي پٽ پنهنجي ريٽجڻ کي، توڻي عارضي وقت لاءِ ائين چپ چاپ کڻي تسليم ڪيو هوندو، خصوصاً هن ڪري، جو اها ڳالهه انهيءَ اصول سان ٽڪر کائي رهي هئي، جنهن موجب خود هن جي مٿان چندر کي ٽِپايو ويو هو[3].

جنت السنڌ جو بيان[سنواريو]

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: " چچ کان پوءِ سيلائج جو ٻيو پٽ، چندر گاديءَ تي ويٺو، جو وڏ تپسوي هو. هن ٻڌ ڌرم کي زور وٺايو. سيوهڻ جو راجا متو سندس خلاف قنوج جي راجا سيهرس کان مدد گهرڻ ويو. ڪشمير جو راجا رمل چچ جو ڏوهٽو به، دشمن سان مددگار ٿي بيٺو، مگر چندر پنهنجي سلطنت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. حڪومت جي اٺين سال چندر مري ويو."[4]

برھمڻ گھرائي جي راجائن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  3. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي