اروڙ

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اروڙ
{{{imagealttext}}}
اروڙ جي قديم عالمگير مسجد
اروڙ is located in سنڌ
اروڙ
محل واقع Sindh#Pakistan
اروڙ is located in Pakistan
اروڙ
اروڙ (Pakistan)
ٻيو نالو الور
مقام روھڙي جي ڀرسان
علائقو سکر
قسم قديم ڦٽل شھر
تاریخ
دور سنڌ م عربن جي آمد ۽ ان کان اڳ وارو زمانو
ثقافت ھندو ۽ ٻڌ ثقافت
مضافت سنڌ جي راجائن جي حڪومت
رھائش پذير سنڌي
واقعا زلزلي ۽ دريائي وھڪري جي تبديلي جي ڪري


اروڙ(انگريزي: Aror), يا الور(انگريزي: Alor) راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو.[1][2][3] ھي شھر (ستين صدي عيسويءَ ۾) راءِ ۽ برهمڻ جي راڄڌاني هو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي.[4] ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين ڦاڪ تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي گهڻو زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو آباد ھو.

اروڙ تي چندر ونسي راجائن 450ع کان 642ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءِ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي 1100 ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو بندرگاهه ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو بندرگاهه ضرور ھو.


ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (250ھ)، مسعوديءَ (942ع)، ابن حوقل (343ھ) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسم جي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي.[5] [6]

اروڙ سنڌ جي هن قديم تختگاهہ کي سنڌي ڳوٺاڻن, ڪن روايتن ۽ تاريخن اروڙ سڏيو آهي، جو ستين صدي عيسويءَ ۾ راءِ برهمڻ جي راڄڌاني هو. هيءَ ڳالھہ تحقيق طلب آهي تہ اروڙ جو پايو ڪڏهن پيو؟ پر جئن تہ مسلمانن جي آمد (96ھہ : 811ع) بعد بہ هي شهر هڪ ــ ٻن صدين لاءِ آباد رهيو، سو هي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ اهو شهر ڇهن صدين جي عرصي لاءِ هن فاني دنيا جي پردهء سمين تي وجود ۾ رهيو، ۽ سندس بناءَ هڪ سؤ ۽ ٻن سؤ عيسوي سنن جي وچ ۾ ٿي هوندي. تختگاهہ اروڙ بابت چچنامہ جو بيان هن طرح آهي تہ ”هن شهر ۾ هر ڪنهن قسم جون شاهاڻيون محلاتون، ٿنڀا، باغ، چشما،نهرون، پارڪ ۽ وڻ هئا، ۽ مهراڻ جي ڪناري تي واقع هو.[7] تاريخ معصومي مطابق:اروڙ مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون،مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي [8]

هيءُ قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو. راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو ۽ محمد قاسم به انهي کي گهيرو ڪري ورتو. پوءِ اتي ابو عاف بن قيس اسديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ملتان ويو ۽ اتان پوءِ قنوج ڏي ٿي ويو، پر حڪم ملڻ تي بغداد ڏي موٽيو. بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلو راءِ اروڙ جو حاڪم هو، ۽ اروڙ کي دلوُر به سڏيندا هئا. اُهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ شهر غرق ٿيو ۽ ناس ٿيو. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾ جڏهن مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي سيد ابوالغيث جي منت آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو(صوبو) سيد کي جاگير ڪري ڏنائين، جڏهن مرزا شاهه بيگ سکر ورتو ۽ اتي جو قلعو جوڙائڻ لڳو، تڏهن اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سنه 930ھ (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳي ماٿيلي جو حاڪم هو.[9]

نالي جو مطلب[سنواريو]

راءِ گهراڻي وارا ”سوام“ جا پوڄاري هئا ۽ سندن گاديءَ جو هنڌ هو ”آليدور“، جو ڦري ”اليور“ ۽ ”الور“ 'اروڙ' ٿيو، جو سنڌ جي گادي مشهور آهي.[10]

عرب جاگرافي نويس اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي، جنھن ۾ ”ال“ عربي علت آهي ته باقي ”رور“ وڃي بچندو.[11]. اروڙ پوءِ ”روهڙيءَ“ جي نالي سان سڏيو ويو.[11] عربن ھن شھر کي ”لوهري“ به ڄاڻايو آهي.[11]

قديم هندستان ڪتابن ۾ ھن شهر کي اروڙ پورا، روڙ نگرا سڏيو ويو آھي.[12] يوناني جاگرافي دانن جي دستاويزن ۾ ھن شهر کي ”موسيڪانوس“ لکيو آهي.[13]

تاريخ[سنواريو]

عرب جغرافيدانن اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن ال عربي علت آهي تہ باقي رور وڃي بچندو. هن مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ اروڙ جي باشندن رڙهي اچي نئون ”رور“ آباد ڪيو، جنهن کي ”الرور“ نالو ڏنو ويو، ۽ بعد ۾ روهڙيءَ جي نالي سان معروف ٿيو. عربن هن کي لوهري بہ ڄاڻايو آهي. نديءَ جي وهڪري مَٽائڻ بعد بہ پراڻي پيٽ ۾ پاڻي رهيو، ان ڪري اروڙ جي اردگرد بستيون آباد رهيون. هڪ سجد جا آثار آهن، جا غازي محمد بن قاسم ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي. هندستان جي قديم آثار وارن ۽ ڊاڪٽر سورلي هن مسجد کي اورنگزيب عالمگير جي نالي منسوب ڪيو آهي؛ پر هي صحيح نہ آهي. اتي ٻن بزرگن جون مزارون بہ آهن ـــ هڪ شاھہ شڪر گنج، لعل شهباز قلندر جي معاصرجي، ۽ ٻي حضرت مخدوم جھانيان جي مريد، شيخ مخدوم قطب جي. هن شيخ صاحب جي ويجهو بي ننڍي مسجد ٺهيل آهي، جا شايد اورنگزيب عالمگير جي جوڙايل هجي. ان کان سواءِ هندن جي ڪالنڪا ديويءَ جو وڏو مندر بہ آهي.

اروڙ ميساريل نديءَ جي ڪناري[سنواريو]

ڊاڪٽر سورلي پنهنجي شهره آفاق گزيٽيئر ۾ ٿامس پيننٽ جي قديم هندستان جي نقشي 1798ع ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ کي هماليہ جبل مان نڪري، ستلج جي اُڀرندي کان وهي، هيٺ عمر ڪوٽ کي عبور ڪري، ڪَڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اتي هن کي گهاگهر ندي سڏيو ويو وڃي ٿو، جا ڊاڪٽر جي راءِ مطابق هاڪڙا لفظ جي بگڙيل صورت آهي. اروڙ واريءَ پراڻي نديءَ کي هاڪڙا جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪافي وقت گذرڻ بعد هيءَ ندي هڪ نارو ٿي وهي، ۽ سنڌو نديءَ جي اٿل جو پاڻي ان ذريعي پراڻي ڍوري ۾ پوندو هو ۽ ڪورِي ڇوڙ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو.

اروڙ جا کنڊرات روهڙيءَ کان پنج ميل پَري ڏکڻ اوڀر طرف، اڀرندي ناري، ناروا واهه يا هاڪڙو درياھ جي پيٽ مٿان آھن.[14][13]

اروڙ جا قديم آثار[سنواريو]

عربن جي فتح وقت اروڙ راجا ڏاهر جي مهاراڄڌاني هو. عربن پنهنجي گادي منصوره ۾ شروع ڪئي، تہ بہ اروڙ هندن جي حڪومتگاه جي صورت ۾ ٻن صدين کان وڌيڪ رهيو ۽ پوءِ ناپيد ٿيو. هن جي ناس ٿيڻ جي حڪايت برهمڻ آباد جي راجا دلوراءِ جي ڏاڍ سان لاڳياپيل آهي. پر ان ۾ ايتري حقيقت نہ آهي، ڇو تہ اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاريءَ جڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو تہ هي شهر اجڙي ويو. نديءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو 341ھہ : 962ع ڌاري آيو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو ۽ ڌرتي ڌُٻي هئي.


تحفته الڪرام[سنواريو]

مطابق، هندو راجائن اروڙ ۾ 130 سال حڪومت ڪئي. ان وقت تائين، جڏهن چچ، برهمڻ ۽ اروڙ جو رهواسي، جو راءِ سهاسي ٻئي وٽ نوڪريءَ ۾ گھڙيو، ۽ هُشياري سبب سندس وزير بنيو، ۽ راجا جي مهاراڻيءَ، سُهاندي (سونهن ديوي) جي زلفن جي پيچ ۾ ڦاٿو ۽ راجا کي قتل ڪرايو، بعد ۾ پاڻ زوريءَ اروڙ جو حاڪم بنيو. ”تحفته الڪرام“ مطابق، هي 1ھہ : 622ع جو سمو هو. چچ نامو ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو احوال ان وقت کان وٺي هندو حڪومت جي زوال تائين آهي.

جنت السنڌ مطابق[سنواريو]

الور، سنڌ جي قديم تختگاه، روهڙيءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي، مهراڻ جي هڪڙيءَ شاخ جي اولهندي ڪپ تي، هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان آرياورت جي قديم شهرن هستناپور، اندر پرسا (دهلي) ۽ پتاليپترا (پاٽنا) جو ثاني هو. يوناني جاگرافي دانن مٿس ’موسيڪانوس‘ نالو رکيو هو. سندس ڀروارين ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. هوئن ٽسانگ شهر کي ’پيشان پوپولو‘ ۽ جنرل اليگزينڊر ڪننگهام ’رور پورا‘ (رورانگر) جي نالن سان لکن ٿا.[15][16] هن شهر کي چؤطرف مضبوط عالم پناه ڏنل هئي ۽ باغات ۽ محلاتن ڪري مشهور هو. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو مشهور مندر هو. عرب سياح ۽ جاگرافي دان پنهنجي پنهنجي لهجي ۾ هن شهر جا جدا جدا نالا لکن ٿا؛ مثلا: مسعودي، جنهن هن شهر کي 942ع ۾ مهراڻ جي اوڀرندي واريءَ شاخ تي ڏٺو هو، سو ’الرور‘ لکي ٿو. ابن خردازبه سنه 250ھ ڌاري ’رور‘ سڏيس ٿو؛ ابن حوقل واري نقشي ۾ سندس نالو ’الرور‘ ڏنل آهي، سيوطي پنهنجي ڪتاب ’مراصدالاطلاع‘ ۾ هن کي اهو ساڳيو نالو ڏنو آهي، شريف ادريسي، مشهور جاگرافي دان، سنه 560ھ (1165ع) ۾ الور کي ’رور‘ لکي ٿو. هن شهر جو هندي نالو ’اروڙ‘ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي جا راجائون اروڙ ونسي خاندان مان هئا. مهراڻ جي شاخ جي مٽجڻ کان پوءِ، هي شهر، جو ڪنهن وقت واپار ڪري ديسان ديس مشهور هو، تنهن جو اقبال مٽجي ويو، سندس کنڊر اڄ خاموسيءَ سان عبرت وٺڻ لاءِ اشارو ڪري رهيا آهن.[15]

نديءَ[سنواريو]

جي پيٽ ۾، اروڙ جي ڀر ۾، ٻہ پٿر پسجن ٿا، جي شايد مهراڻ جي قديم وهڪري جا نشان ڏيکارين ٿا. جيتوڻيڪ اروڙ صدين تائين هندو راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، پر اُتي هندو صنعت ۽ ڪاريگريءَ جا اهڃاڻ بلڪل ڪين ٿا ملن.

عربن جي قبضي کانپوءِ[سنواريو]

جڏهن محمد بن قاسم اروڙ 93ھہ : 711ع ۾ فتح ڪيو تہ اُتي ابو عاف بن قيس اسدي کي حاڪم مقرر ڪيائين. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾، مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي هڪ ڀليمانس سيد ابوالغيث جي منٿ آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو سيد صاحب کي جاگير طور ڏنائين. جڏهن مرزا شاھہ بيگ سکر ورتو ۽ اتي قلعو جوڙائڻ لڳو، تہ اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سن 930ھہ : 1523ع ۾ سلطان محمود بکري مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳ ماٿيلي جو حاڪم هو.

اروڙ جي باري ۾ سفرياتي رپورٽون[سنواريو]

مسٽر اين . جي . مجمدر، سال 1929 ــــ 1930ع جي قديم آثارن جي رپورٽ (Explorations in Sindh) ۾ لکيو آهي: ”اروڙ جي اتر ــ اوڀر پاسي، ڏاکِڻيو روڊ تي، ننڍڙن دڙن جو جھڳٽو آهي، جنهن کي ”ڳڙهي گور“ سڏين ٿا. انهن جي اوچائي اٺن فوٽن کان مٿي نہ آهي. جڏهن هڪ دڙي کي کوٽيو ويو تہ ان مان ستينءَ يا اٺينءَ صديءَ جي سمي جون ڪيئين منقش سرون نظر آيون، جن هن حقيقت جي ترجماني ڪئي تہ عربن کان اڳ اروڙ ۾ هندو حڪومت رائج هئي. روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾، ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي هاڪڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن جي ۽ اروڙ جي وچ ۾ ناري کي پيارڻ لاءِ کاري آهي“.

1855ع ۾، ڪيپٽن ڪربي هن ناري کي کوٽيندي لکيو آهي ”وڏي ناري کي کوٽيندي اسان کي سرن جي ڪم جو وڏو مقدار نظر آيو ۽ ڏهن فوٽن جي سطح هيٺان گهڻن گهرن جي بنياد جا آثار نظر آيا. انهن ڦٽل آثارن مان ٺڪر جي نموني نموني جو سامان نظر آيو، جنهن ۾ پاڻي پيئڻ جا پيالا، کجيون، پاڻي لاءِ پاٽيون ۽ ٻارن جا رانديڪا هئا. ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي جو اڃا بہ ڪنهن ويجھيءَ ڇڪ ۾ اهڙي کوٽائي ٿئي جا ڪنهن قديم اوائلي تواريخي بيٺڪ جو نمونو پيش ڪري“.

ڊاڪٽر سورلي بہ 1956ع ۾ اروڙ ويو ڊاڪٽر سورلي اروڙ ۾ ور وڪڙ ڏنگا دڙا ڏٺا، جن ۾ برتنن جا بيشمار ذرا ۽ ڪي ٽامي جا سڪا مليا. پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي اروڙ جي باري ۾ پنهنجي 1964ع جي شماري ۾ هيئن لکيو آهي . ”قديم منارو ۽ اروڙ جا آثار روهڙي شهر جي ڏکڻ ـــ اوڀر، چئن ميلن تي، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪناري پسجن ٿا. اهي ديبل، نيرون، منصوره، محفوظہ وغيره وانگر اسلامي سرزمين جو منظر ڏيکارين ٿا، جو عربن اٺين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. سرزمين کي خزاني جي مهوسين ۽ مٽيءَ جي کوٽيندڙن ڏاڍو ولوڙي ڇڏيو آهي، ۽ هر هنڌ کڏون آهن، جن مان سڙيل سرون پسجڻ ۾ پيون اچن. اهو بنياد، جنهن تي مسلمانن پنهنجو شهر ٺاهيو، سو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي ۽ ان جو گارو ٺڪرن جي ذرن ۽ ٻين شين جو ٺهيل آهي. جو اسلامي دور جو مواد هٿ ڪيو يو آهي سو ڀنڀور جي اوائلي اسلامي سطح سان برابري ڪري ٿو“.

اروڙ وٽان سنڌو درياءَ تي بند[سنواريو]

چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌو درياهه، هاڪڙي وٽان وهندو هئو. جڏھن اروڙ وٽان مٿس ٻنڌ ٻڌائون ته رخ مٽائي ويو. هاڪڙي واري پاسي بدران، ٺٽي واري پاسي ڏانھن وهڻ لڳو. درياھ جي رخ مٽائڻ سببان، درياھ جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ سموريون رونقون اوڏانھن ڦري ويون. خاص طور تي بھ، مڇي ۽ لوڙھ وغيره ٺٽي طرف ٿيڻ لڳا. اڳي اھي اروڙ وارن وٽان کين تحفي طور ملندا ھيا، جنھنڪري موٽ ۾ پاڻ به اروڙ وارن جي مزماني ڪندا ھيا. ان ڪري ماموئين هن بيت اندر پيشن گوئيءَ طور چيو آهي ته، شال اروڙ جو بند ٽٽندو ۽ درياءُ وري هاڪڙي واري پاسي ڏانھن سير ڪري وهندو. پوءِ ٺٽي واري پاسي، جتي سمن جي حڪومت آهي، پاڻي نه وڃڻ سبب بھه، مڇي ۽ لوڙهه نه ٿيندا، جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ، کين وري هاڪڙي وارن ڏانھن، واجھائڻو پوندو ۽ لاڳاپا وڌائڻا پوندا. [17]

حوالا[سنواريو]

  1. الور : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ايڊيٽر. "اروڙ: قديم سنڌ ۾ عالمن ۽ سائنسدانن جو خوشحال شهر II". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  3. نه سي سڙه سکاڻ. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16840&BookTitle=Na-Si-Sirh-Sakan. 
  4. "اروڙ الور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  5. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اروڙ%20الور انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پھريون
  6. http://altafshaikh.com.pk/اروڙ-تاريخ-جي-آئيني-۾/
  7. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اروڙ%20الور انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پھريون
  8. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ مَعصُومي مصنف؛ مير محمد معصوم بکري ايڊيشن؛ ٽيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي
  9. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  10. سماٽ قوم جا اصل نسل؛ علي محمد سيال؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1966؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  11. 11.0 11.1 11.2 "کپر يا اروڙ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  12. Azad, Asghar. "اروڙ سان منهنجو عشق آهي – خالد ٻانڀڻ". سنڌسماءَچار. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  13. 13.0 13.1 adminkhan. "اروڙ يا الور | عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  14. "اروڙ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  15. 15.0 15.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  16. Cunningham, A: The Ancient Geography of India, Buddhist Period, London, 1871.
  17. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-22 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]


مڪانيت: 27°39′00″N 68°59′00″E / 27.65°N 68.9833°E / 27.65; 68.9833