ثقافت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سماجي ۽ سياسي تنظيم ھر ثقافت ۾ مختلف ھوندي آھي
جشن _ مقامي ثقافت ۾ رسمون۽ رواج جي اھميت ھوندي آھي.
مذھب ۽ انساني ڪلچر


ثقافت جا اھڃاڻ


ثقافت(CULTURE)(/ˈkʌlər/) جي معنيٰ اھي ڪنھن شيءِ يا انسان جي جسماني ۽ ذھني نشونما ۽ سڌارو. اصطلاح طور ثقافت مان مراد ”انسان جي ذاتي ۽ اجتماعي نشونما جا سمورا پھلو“ ورتي وڃي ٿي. ڪنھن معاشري جي رهاڪن جي عقيدن، علم، رھڻي ڪھڻي، ٻوليءَ ريتن رسمن، زندگيءَ جي وھنوار، ۽ حرڪت وغيره کي گڏي ثقافت ڪوٺيو وڃي ٿو . ثقافت ئي ڪنھن قوم جي سڃاڻپ ھوندي اھي. ثقافت ان قوم جو اھو مشترڪ قدر اھي، جنھن سان نہ فقط ان جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي، بلڪہ ٻين سماجن کان الڳ حيثيت جي مڃتا ٿئي ٿي. ثقافت يا ڪلچر جي باري ۾ مفڪرن جا مختلف رايا آھن. ميٿيو ارنلڊ جو چوڻ اھي تہ ”ثقافت فرد جي مڪمل جوڙجڪ جي ڪوشش ڪندي اھي، جا خوبصورتي، ذھانت ۽ روشني تي مرتب اھي.“ ثقافت ترقي ۽ ڪمال جو ٻيو نالو اھي ۽ اها تبديل پذير ٿئي ٿي.[1]ثقافت ڪنھن معاشري ۾ موجود انھن رسمن ۽ رواجن کي چيو ويندو آهي جن تي اتان جا تمام رھاڪو گڏيل طور تي عمل ڪندا هجن.


ثقافت (Saqaafat) ھڪ اڻ کُٽ اظھار خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آھي. جھڙي طرح سج جي روشني سڄي انساني حيات لاءِ ضروري آھي، اھڙي طرح ڪلچر به انسان ذات جي اندروني ۽ ظاھري اصلاح لاءِ ضروري آھي. جھڙيءَ سڄي انسان ذات بنيادي طور تي ھڪ جنس آھي، پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورھايل آھي، اھڙي طرح آخري طور تي سڃي انسان ذات جو ڪلچر به ھڪ ٿيڻو آھي. پر ھر مُلڪ ۽ قوم وٽ ھزار ورھين جي تجربي، ڄاڻ، ماحول جي اثرن، نسلي رجحانن ۽ گڏل ميلاپ کانپوءِ ڪلچر به وڌي ويجھي ٿو ۽ خاص صورت وٺي ٿو ۽ قومن قومي ورثو ٿي پوي ٿو. جنھن کي قيمتي ذخيرو سمجھي محفوظ رکندا آھن. اڳتي ھلي جڏھن جدا جدا قومن جي ثقافتن مان انسان ذات جو ھڪ ڪلچر ٺهڻو آهي ته اُن ۾ صلاحيت وارا ڪلچر تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيندا ۽ اَڀاڳا ڪلچر ڦٽا ڪري ڇڏيا ويندا. [2]

زنده قومن لاءِ يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو هجڻ ائين لازمي آهي، جيئن جسم ۾ دل جو هجڻ ضروري آهي. هڪ اولھ (مغربي) ليکڪ جو خيال آهي: ”ثقافت جي لفظي معنا آهي عقيدتمند هجڻ، نيڪ هجڻ، روحاني خواهشات، لطف جذبن ۽ احساسن جي آنند جي ذريعن ۽ وسيلن کي ثقافت چئجي ٿو.“ ثقافت سان گڏ ٻي لاڳاپيل شئي تهذيب آهي، جهڙيءَ طرح روح ۽ جسم گڏجي زندگيءَ کي وجود ڏين ٿا، اهڙيءَ طرح تهذيب ۽ ثقافت سماج جا بنيادي ذريعا آهن. انهن کانسواءِ زندگي صحيح رنگ ۾ اڳيان نٿي اچي سگهي. ثقافت اسانجو تخليقي سرمايو آهي. اُهي قومون يا نسل سدائين دنيا ۽ تاريخ جي سنهري ورقن تي جيئرا آهن، جن پنهنجي پاڪ ۽ پوتر سوچن کي سدائين قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ثقافت کي ”جيئرو“ رکيو آهي. تهذيب ۽ ثقافت اسان کي ذهني پستيءَ جي غارن مان ڪڍيو آهي. پر انهيءَ سان گڏ ڏٺو وڃي ته تهذيب ۽ ثقافت هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل به آهن، پر سندن نقطه فڪر ۾ جدا جدا حيثيت پڻ آهي. ثقافت جو لاڳاپو باطني زندگيءَ سان، احساسن ۽ جذبن سان هوندو آهي. جڏهن ته مادي ضرورتن جي وسيلن ۽ ذريعن جي پورائي کي تهذيب چئبو آهي. تهذيب متاثر به ڪري ٿي ۽ اثر به قبول ڪري ٿي. ثقافت انهن معيارن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪنهن کي قوم کي ورثي ۾ مليون آهن. انهنجو جو دائرو وسيع آهي ان ۾ انسان جي جذبن ۽ احساسن جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ثقافت پردو آهي، ثقافت حجاب آهي، ثقافت سونهن آهي، صفائي ۽ پويترتا آهي. جيئرو رهڻ لاءِ ، ڀرپور زندگي مثل آهي. ثقافت، انسانيت سان پيار ڪرڻ جو نانءُ آهي، ثقافت، سرهاڻ آهي، ان سان حُسن ۽ زندگيءَ جو لاڳاپو قائم ٿئي ٿو، ثقافت عڪس آهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ آئينو آهي..[3]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. ڪتاب؛ سنڌي ڪلچر، ليکڪ؛ جي ايم سيد
  3. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : ثقافت ؛از: زيب النساء شاھ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}