سنڌ جي تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


Major ethnic groups of Pakistan in 1980.jpg

ھي مضمون ڌر جي بنياد تي آھي، ان کي ترميم ڪري وڪيپيڊيا جي اصولن مطابق اڻڌريو بڻايو وڃي.
The Budhist Kingdom of Sindh 642 A.D

سنڌ جي اوائلي تاريخ بابت ڪا به يقيني ڄاڻ نه ٿي ملي ۔ مورخين ي چوڻ مطابق سنڌو تهذيب پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۔ هي علائقو شروعات ۾ سمنڊ جو حصو هو ۔ جيڪو زلزلن ۽ ٻوڏن جي اچڻ ڪري سڪي ويو ۔ فيسفڪ سمنڊ ۽ وچ اوڀر کان ڪي قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ، جن ۾ دراوڙ ، ميد ,، ڀيل ۽ ميگهواڙ شامل هئا ۔

سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ "سنڌو" جون مختلف آوازي شڪليون آھن. اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿو آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه سنڌي ڏسڻ ۾ اچن ٿا . (Jafarey, 1982:110-111)اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوندو

پٿرن جو دؤر[سنواريو]

اوائلي دؤر ۾ ماڻهن جبلن ۽ جهنگن کان ٻاهر نڪري ڳوٺن ۽ شهرن جو بنياد وڌو ۔۔ شڪار ڪرڻ ۽ وڍٽڪ لاء پٿرن مان هٿيار ٺاهيائون ۔چوپايو مال پالڻ شروع ڪرڻ ڪيو ۔ اهڙي طرح انسانن شعور ۽ تهذيب طرف قدم رکيو ۔

سنڌو ماٿري واري تهذيب[سنواريو]

1922ع ۾ ڏوڪري جي ڀرسان هڪ قديم شهر جا آثار مليا ، ماهرن جي تحقيق مطابق اهو شهر پنج هزار ورهيه اڳي وجود ۾ آيو ۔ اهو ان وقت جي خوشحال ۽ ترقي يا فته تهذيبن مان هو ۔ ان شهر کي موهن جو دڙو سڏين ٿا

آريا[سنواريو]

ويدڪ دور جي سنڌ

آريا سنڌ ۾ وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ کان وارد ٿيا ۔ سندن ملڪ ۾ تمام گهڻي سردي ۽ سنڌ جو سرسبز ۽ مالامال هجڻ سندن ڪاهن جا سبب ٻڌايا وڃن ٿا ۔ سندن دؤر 1500ق-م ٻڌايو وڃي ٿو ۔ آرين مقامي ماڻهن سان جنگيون ڪري کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رهيلن کي غلام ۽ هيٺئين درجي جو شهري قرار ڏنو ۔

رامائڻ ۽ مهاڀارت[سنواريو]

رامائڻ واري زماني ۾ سنڌ مختلف رياستن ۾ ورهايل هئي. جن مان هڪڙي رياست "ڪيڪيہ راڄ" به هئي، جيڪا گهڻو ڪري موجوده کيرٿر جبلن کان پريان هئي. سندس گادي جو هنڌ راڄ ڳڙھ هو. راجا جو نالواسواپتي هو. هي رياست فوجي لحاظ طاقتور سلطنت هئي. هتان جا گهوڙا تمام گهڻو مشهور هئا. ساڳي وقت دولت مند ۽ خوشحال راڄ هو. راجا اسواپتي جي ڀيڻراڻي ڪيڪئي ايوڌيا جي راجا ۽ شري رام جي پيءراجا دسرٿ جي ٽيون نمبر زال هئي. جنهن مان هن کي ڀرت نالي پٽ هو. راڻي ڪيڪئي جي نيڪي، وفاداري ۽ عمدہ مزاج جي رامائڻ وڏي تعريف ڪئي وئي آهي. پر ساڳي وقت کائنس شري رام کي ڊنڊڪ ڍنڍ ڏانهن بنواس( جلاوطني ) ڪرائڻ واري به ڪيڪئي هئي. [1] مهاڀارت جي زماني ۾ سيوهڻ ۾راجا جئدرٿ نالي هڪ طاقتور بادشاہ حڪومت ڪندو هو. هن مهاڀارت ۾ حصو ورتو هو ۽ ڪورون جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو هو.

ڌارين جي يلغار[سنواريو]

سنڌ تي هميشه کان غيرملڪين جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن ۔ قديم دؤر ۾ سنڌ ڌرتي تي آرين ، مصرين ، عراقين ، ڪلدانين ، يمنين ۽ يونانين جي ڪاهن جا واقعا ملن ٿا

سڪندر مقدوني جي ڪاهه[سنواريو]

327 ق-م ۾ سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاه ڪري ڏني ۽ سنڌي راجائن مان راجا پورس ۽ راجا سامبس ساڻس دليري سان وڙهندي جان ڏنائون ۔


پاڻيڻي[سنواريو]

500 ق-م ڌاري سنڌ جي هڪ عالم پاڻيڻي دنيا ۾م سڀ کان پهريان ڪنهن ٻوليَ جي گرامر ترتيب ڏني ۔ پاڻ سنسڪرت ڀاشا جا ٽي هزارکان به وڌيڪ قاعدا بيان ڪيائون ۔

رائي گهراڻي جي حڪومت[سنواريو]

راءِ گهراڻي سنڌ تي 495ع کان 632ع تائين صاحبي ڪئي.سندن آخري بادشاهه راء سهاسي هو ۔ سندس وفات بعد هن خاندان جي حڪومت جو زوال ٿيو ۔

برهمڻ راڄ[سنواريو]

سنڌ تي برهمڻ صاحبيءَ جو دؤر 632ع کان 711ع تائين هليو. هن خاندان جي حڪومت جو بنياد چچ بن سيلائج رکيو ،

عربن جي ڪاهه[سنواريو]

سنڌ تي عرب جي حڪمراني 711ع کان 1050ع تائين هلي.

اموي خلافت[سنواريو]

سڀ کان پهريان سنڌ تي بنو اميه خاندان جي حاڪميت رهي ۔

عباسي خلافت[سنواريو]

بنو اميه کان بعد خلافت بنو عباس ڏانهن منتقل ٿي وئي ۔

هباري ۽ اسماعيلي دؤر[سنواريو]

1020ع ۾ عمر بن عبدالله هباري سنڌ ۾ پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي ۔ جنهن ۾ خليفهء بغداد کي ڪو به عملدخل ڪونه هو ۔ البته خطبي ۾ خليفي جو نالو پڙهيو ويندو هو ۔ هبارين کان بعد ۾ قرامطين يا اسماعيلي حڪومت جا آثار ملن ٿا ۔ پر سندن باري ڪا خاص معلومات نه ٿي ملي ۔

عرب دؤر ڪيئن رهيو ؟[سنواريو]

عربن جي ڪاه سبب سنڌ ۾ اسلام جا دروازا کليا ۔ عرب دؤر ۾ منصوره ، ديبل ، برهمڻ آباد ۽ ٻين شهرن وڏي ترقي ڪئي ۔ منصوره سنڌ جي گادي جو هنڌ هئڻ سان گڏوگڏ علمي ۽ واپاري مرڪز پڻ هو ۔ منصوره ۾گهڻن تعليمي مرڪزن جون شاهديون ملن ٿيون ۔ هتي سنڌي ۽ عرب گڏجي رهندا هئا ۔ عربن جي دؤر ۾ قرآن مجيد جو پهريون دفعو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيو ۔ڪيترائي سنسڪرت ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪيا ويا ۔

عربن کان پوء سنڌ[سنواريو]

عربن کان بعد سنڌ تي غزنوي ، غوري ، تغلق ، غلام ۽ خلجي حڪومت ڪندا رهيا ۔ اهو سلسلو 1026ع کان 1050ع تائين جاري رهيو ۔ انهيَ دوران علي بن حامد ڪوفي کي سنڌ جي تاريخ بابت هڪ دستاويز هٿ آيو ، جنهن جو چچ نامي جي نالي سان فارسي ۾ ترجمو ڪيائين ۔

سومرا راڄ[سنواريو]

سنڌ ۾سومرن جي صاحبيءَ جو دؤر 1050ع کان 1350ع تائين آهي. سندن دؤر متعلق جيڪا معلومات ملي آهي ، سان ڏندڪٿائن ۽ قياس آرائين تي مشتمل آهي ۔ دودو چنيسر , مومل راڻو , عمر مارئي ۽ ٻيا انيڪ قصا ان دؤر طرف منسوب آهن ۔ سومرن جو دؤر سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دؤر سڏجي ٿو ۔

سمن جو دؤر[سنواريو]

سنڌ تي سمن جي صاحبيءَ جو دؤر 1350ع کان 1520ع تائين هليو. هن دؤر جا حالات پڻ ڏندڪٿائن ۽لوڪ ڪهاڻين مان معلومات ملي ٿي ۔ سمن جي مشهور حاڪمن ۾ ڄام تماچي ، ڄام بابينو ، ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروزفيروز آهن ۔

ارغون[سنواريو]

سنڌي تي ارغونن جو قبضو ۽ حڪمراني 1520ع کان 1555ع تائين رهي.

ترخان[سنواريو]

سنڌي ترخانن جو دؤر 1555ع کان 1592ع تائين جاري رهيو.

مغل[سنواريو]

سنڌ تي مغلن جي حڪمراني 1592ع کان 1700ع تائين جاري رهي. هن دؤر ۾ ڪيتريون ئي عاليشان۽ خوبصورت عمارتون تعمير ٿيون ۔ انهن ۾ معصوم شاهه جو منارو ۽ ٺٽي جي جامع مسجد مکيه آهن ۔ مير معصوم شاهه بکري هن دؤر ۾ ئي سنڌ جي تاريخ تي تاريخ معصومي لکيو ۔

ڪلهوڙا[سنواريو]

سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني 1700ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙا حڪومت کي سنڌي ادب جو سنهري دؤر سڏجي ٿو ۔ ڪيترائي شاعر ۽ اديب هن دؤر ۾ پيدا ٿيا ۔ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو واسطو به هن زماني سان هو ۔ عظيم مجاهد ۽ عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به ڪلهوڙا عهد سان واسطو رکندڙ هو ۔ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي سنڌي ٻوليَ جي عربي رسم الخط تيار ڪئي ۔ مير علي شير قانع ٺٽوي جو به تعلق انهيَ وقت سان هو ۔

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ[سنواريو]

ٽالپر[سنواريو]

ٽالپرن جو دؤر 1782ع کان 1843ع تائين رهيو ۔ هي دؤر سنڌ جي اسلامي دؤر جي زوال جو وقت هو ۔ انگريز مختلف حيلن بهانن سان سنڌ جي ٽالپر حاڪمن کي ڪمزور ڪندا ويا ۔ پنجاب جي سک سلطنت جون نظرون به سنڌ تي هيون ۔ اهڙي وقت ۾ پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ اول سيد احمد شهيد بريلوي سان گڏجي جهاد جي ذريعي سکن ۽ انگريزن خلاف وڙهيو ۔

انگريزن جي ڪاهه[سنواريو]

سنڌ تي انگريز 1843ع تي قبضو ڪيو ۽ انهن جو اهو قبضو 1947ع تائين جاري رهيو. [2]

چنيسر واري واٽ[سنواريو]

پنهنجي مٿان تاحيات غداريءَ جي تهمت آڻيندڙ چنيسر، پنهنجي ڀاءُ ۽ راڄ ڀاڳ سان تضاد ۽ تڪرار ڪري، علاوالدين خلجيءَ کي دهلي مان سڏي اچي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو ڪم ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو....!! پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي قيادت ان کان به بدتر ۽ سنڌ جي سڀ طرفي تباهيءَ جو بنياد رکڻ لاءِ به، ساڳي ئي سوچ جو سهارو ورتو!. انهن پنهنجي ضد ۽ لالچ ۾ اچي، فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي ان حصي کي پاڻ ئي ڀڄائي، ختم ڪري، پنهنجو رشتو ورهاڱي جي صورت ۾، هندستان جي ٻين علائقن مان ايندڙ نسلن سان رکندا!. ان طبقي جي ذهني پرورش علي محمد راشديءَ جهڙو خسيس سوچ جو مالڪ ڪري رهيو هو، جنهن فقط 1938ع ۾ لڪيءَ جي هندن طرفان تتل ڏينهن دوران ڌرم شالا ۾ جاءِ نه ڏيڻ تي، ”سنڌ کي هندن کان ئي پاڪ ڪري ڇڏڻ“ جو قسم کڻي ڇڏيو هو. سندس سوچ جي ساٿاري مسلم ليگي ٽولي جو خيال هو ته ”جي سنڌ جي سنڌي هندن کي سنڌ مان ڀڄائي، سندن جاءِ تي هندستان مان آيل مهاجرن کي جاءِ ڏني وڃي ته، نوان آيل مهاجر نه رڳو سندن آڏو سينو ساهي نه سگهندا، پر ان ريت هو سنڌ ۾ صدين کان سندن مقابلي ۾ تمام گهڻو مضبوط رهندڙن مان جان ڇڏائي، سندن ڇڏيل معاشي حيثيت به ماڻي وٺندا“. ان سازشي ذهنيت تحت اُنهن سنڌ جي معيشت، تعليم ۽ رياستي معاملا هلائڻ ۾ مهارت رکندڙ سنڌين کي سنڌ مان ڀڄائي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ان ڪلچر کي به تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪو ورهاڱو ٿيڻ جي صورت ۾ به، ڌارين جا ڪٽڪ ڪاهي اچڻ باوجود به، ٻين ثقافتن تي حاوي رهي، انهن کي پنهنجي اندر ضم ٿي وڃڻ تي مجبور ڪرڻ وارو هو. انهن پنهنجي اندر مقابلي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ بجاءِ، پنهنجو پاڻ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي واٽ وٺڻ بجاءِ، پنهنجي قوم ۽ ڌرتي خلاف ئي هڪ سازش سَٽڻ جو رستو ورتو!. پوءِ جڏهن ڳالهه کين سمجهه ۾ آئي، تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ڪا به معافي، سنڌ کي سندن هٿان ئي پهچايل تباهيءَ جي تلافي ٿي نه سگهي. سنڌ ڏينهون ڏينهن سنڌين جي هٿن مان نڪري ڌارين جي قبضي هيٺ ايندي وئي، جنهن عمل کي اڄ تائين ڪوبه ”سنڌ دوست“ روڪي ناهي سگهيو.

ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار سمجهڻ جي پناهگير سوچ[سنواريو]

1943ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ طرفان پنهنجي ئي تباهيءَ جو ٺهراءُ منظور ڪرڻ يا ان کان به اڳ 8 آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ سنڌ جي ڪراچيءَ ۾ قائدِ اعظم جي صدارت ۾ ٿيل ڪانفرنس دوران شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ طرفان ”سياسي حق خود اختياريءَ جي مفادن تحت قطعي طور ضروري سمجهون ٿا ته، هندستان کي ٻن وفاقن ۾ ورهايو وڃي، يعني مسلم رياست جو وفاق ۽ غير مسلم رياستن جو وفاق“، جهڙا ٺهراءَ پاس ڪرڻ باوجود، پاڪستان جڙڻ بعد ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ آباد ٿيندڙ پناهگير، پاڪستان ٺهڻ جي سلسلي ۾، ڪوبه ڪريڊٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ نه اڳ تيار هئا، نه ئي هينئر تائين تيار آهن!. قائد اعظم جي مهربانيءَ سان ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ وارو شهر بڻائڻ جي فيصلي، سندن ان سوچ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، ۽ انهن اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته ”سنڌ، ڪراچي شهر جون حدون ختم ٿيڻ بعد ئي شروع ٿئي ٿي!“. متحده سربراهه الطاف حسين جي فرمائش تي، رشيد جمال طرفان تاريخ سهيڙڻ جي نالي ۾ لکيل ”سنڌ پنجاب تضاد“ کي پڙهندي، آسانيءَ سان ان پناهگير سوچ تائين پهچي سگهجي ٿو. جنهن ۾ موصوف فرمائي ٿو: ”ون يونٽ جي خاتمي بعد هڪ بنيادي تبديلي اها آئي جو، ڪراچيءَ جي ان الڳ حيثيت کي ختم ڪيو ويو، جيڪا قائداعظم جي دور کان هلندي پئي آئي- ايئن ڪراچيءَ کي سنڌ جو گادي وارو شهر بڻايو ويو، ايئن ڪراچي سنڌ جو حصو بڻجي وئي“ (سنڌ-پنجاب تضاد صفحو 300). ان پناهگير سوچ شروع کان ئي، قائداعظم کي سنڌ ڄائو ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ جو شهر ڪنهن به ريت نه پئي سمجهيو، نه اڄ تائين سمجهي رهي آهي!.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، سنڌ جي جاگيردار قيادت کي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جو احساس ته تمام گهڻو دير سان ٿيو، پر برطانوي هاءِ ڪمشنر پناهگيرن ۽ سندن قائد لياقت علي خان جي سازش کي تمام تڪڙ ۾ سمجهي ورتو. هو اپريل 1949ع ۾، پاڪستاني وزيراعظم لياقت علي خان جي سياسي سازش بابت، برطانوي حڪومت کي آگاهه ڪندي لکي ٿو: ”الهندي پاڪستان جي جوڙجڪ لاءِ لياقت علي خان جي رٿابندي ۾ اهم عنصر سنڌ آهي. هنن (پناهگير قيادت) کي اهڙي سنڌ جي ضرورت آهي، جيڪا سندن هٿن ۾ رانديڪو بڻجي وڃي،!“.(ايوب کهڙو، صفحو 630)

لياقت علي خان جي سنڌين بابت زهريلي سوچ به اڃا تائين اسان جي آڏو اڻپوري ۽ مبهم آيل آهي. پناهگير سوچ جو قائد سنڌين سان ڪيتري حد تائين نفرت ۽ تعصب رکندڙ هو. ان کي ڏسڻ لاءِ ڪلڪتي يونيورسٽي جي تاريخ جي پروفيسر سرنجن داس جي لکيل ڪتاب”ڪشمير ۽ سنڌ“ جي صفحي 145 ۽ 146 تائين پهچڻو پوندو، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو:” پاڪستان جي حاڪمن جي پهرين کيپ جي ويجهو سنڌي ثقافت جي ادنيٰ حيثيت جو اظهار، لياقت علي خان جي مسلم ليگ سنڌ جي صدر سيد علي اڪبر شاهه جي روبرو ادا ڪيل ان جملي مان چڱيءَ ريت لڳائي سگهجي ٿو ته، ”گڏهه ۽ اٺ هڪلڻ کانسواءِ سنڌ جي ثقافت ٻيو ڇا آهي؟“ سرنجن داس پنهنجي ڪتاب ۾ ايف احمد جي ڪتاب ”پاڪستان پرابلمس“ جي پيج 131 جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن ۾ لياقت علي خان سوال ڪري رهيو آهي: ”سنڌي مسلمان ڪيئن پيدا ٿيا!؟“، پوءِ پاڻ ئي ان جو جواب ڏيندي چئي ٿو:” هندن جي پيشاب مان“.

ورهاڱي سنڌ ۽ سنڌين کان ڇا کسيو ۽ ڌارين کي ڇا ڏنو؟[سنواريو]

ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ غلاميءَ کان سواءِ، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي کان سواءِ، پنهنجن ئي شهرن جي روڊن ۽ رستن تي ملندڙ سنڌين جي موت کان سواءِ جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪيو ته، اهو ئي جاگيردار حڪمران طبقو، جيڪو پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ غلاميءَ جي هر گند ۾ ڪرڻ لاءِ 24 ئي ڪلاڪ تيار رهي ٿو. ان جي مقابلي ۾ جاگيردارن جي ”مسلم رياست“ جي قيام جي سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڏوهه، نه سنڌ وٽ ڪجهه ڇڏيو آهي، نه ئي ڪروڙين سنڌين وٽ!.ٻئي پاسي سنڌ ڇا وڃايو!؟، جي فهرست اڻکٽ آهي: ”سنڌ 1950ع تائين 18 لک اهڙن سنڌين کي وڃايو، جيڪي سنڌ جي صدين جي ڏاهپ، علم ۽ هنر جو نچوڙ هئا. ان جي بدلي ۾ فقط ان ساڳي عرصي دوران هندستان مان آيل 30 لک ماڻهن سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي، جن جي اڪثريت شهري علائقن ۾ آباد ٿي، جنهن سنڌ ۾ آبادي جي توازن کي لمحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 1951ع جي آدم شماري مطابق، ان تمام ٿوري عرصي ۾ ڪراچي ڪارپوريشن ۾پناهگيرن جي آبادي 57.55، حيدرآباد ۾ 66.08، سکر ۾ 54.08، ميرپور خاص ۾ 68.42، نواب شاهه ۾ 54.79 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 35.39 سيڪڙو پهتل ڏيکاري وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ ايراضي رکندڙ پنجاب ڏانهن ته 1948ع کان پوءِ پناهگيرن جو وڃڻ بند ٿي ويو، پر سنڌ ۾ اهو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهيو. پنجاب جي حڪمرانن جي پنجاب دوست هئڻ کان سواءِ، ان جو هڪ ٻيو سبب پنجاب جا مضبوط ثقافتي قدر هئا، جن لاءِ اردو ٻولي ۽ ان جي ثقافت ڪا نئين به نه هئي (ڇو ته انگريزن جي قبضي بعد 1881ع ۾ ئي پنجاب ۾ اردو ٻولي ۾ تعليمي نظام لاڳو ٿي چڪو هو)، ان جي ڀيٽ ۾ لکين شهري ۽ ڪاروباري مزاج رکندڙ سنڌين جي لڏي وڃڻ ڪري سنڌ ۾ صلاحيت، تعليم ۽ ثقافت جو هڪ وڏو خال موجود هو، جنهن کي پيدا ڪندڙ به اسان پاڻ ئي هئاسين. ان جي نتيجي ۾پناهگيرن مغل ثقافت جي برتر تصور سان سنڌ کي پنهنجو ڳڙهه بڻائڻ شروع ڪيو، جنهن جو اظهار سرنجن داس ڪجهه هن ريت ڪري ٿو: ”اتر هندستان کان هجرت ڪري ايندڙن سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اهميت، ان جي گيتن، جهمر، ان جي سسئي پنهون جي قصن، سهڻي ميهار، هو جمالو ۽ ڌمال جي اثر کي قبول نه ڪيو!. ان بجاءِ سنڌ ۾ ايندڙن، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ثقافت تي پنهنجي مغليه شهري معاشري جي برتري سان گڏ سياسي ۽ سماجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي“. ياد رهي ته پاڻ سان پنهنجن جي ئي ڪيل مهربانين ڪري، ان وقت تائين سنڌ جي مضبوط شهري ثقافت به هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪي هئي ۽ پوئتي جيڪو ڪجهه بچيو هو، سو هو جاگيرداراڻي ۽ قبائلي ثقافت، جيڪا ڪنهن به سطح تي، ڪنهن مظبوط ثقافت جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه ۾، هئي ئي ڪانه.

سرنجن داس سنڌ ۾ معاشي تضاد تي بحث ڪندي لکي ٿو: ”هونئن ته اهي ماڻهو (پناهگير) ملڪ جي ڪل آباديءَ جو فقط 3.4 سيڪڙو هئا، پر انهن پاڪستان جي پنجابي نسل پرست حڪمرانن سان ملي، تمام جلد پاڻ کي مستحڪم ڪري ورتو، شايد اها ئي ڳالهه هندستاني مسلمانن جي قائد محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان جي اميدن مطابق به هئي“. (سرنجن داس لياقت علي خان کي ته ڇڏيو پر قائداعظم کي به فقط پناهگيرن جو قائد سمجهي ذڪر ڪيو آهي. ان مان ”پنهنجي قائد“ جي سنڌ ۽ سنڌين ڏانهن اختيار ڪيل تعصب کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو). سنڌ جي ”مسلم قيادت“ جي غداري جي موٽ ۾ کين هندن طرفان ڇڏي ويل زرعي زمين به ملي نه سگهي. پاڪستان ٺهڻ وقت هندن جي ملڪيت 25 لک ايڪڙ زمين به نه رڳو پناهگيرن کي الاٽ ڪئي وئي، پر ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت بعد، آبادي لائق بڻايل 10لک ايڪڙ زمين کان به سنڌين کي محروم ڪيو ويو. 1958ع ۾ سکر بئراج جي 642440 ايڪڙ زمين مان به 153620 ايڪڙ زمين غير سنڌين جي ملڪيت هئي (ڪشمير ۽ سنڌ، صفحو 141)

1980ع تائين سنڌ ۾ رهندڙن مان فقط 15 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي اردو هئڻ باوجود، پاڪستان نالي جڙيل ان مملڪت ۾، سنڌي شاگردن لاءِ اردو پڙهڻ لازمي بڻائو ويو. 1959ع ۾ جوڙيل قومي تعليمي ڪميشن، 1963ع تائين ڇهين جماعت کان هرحال ۾ اردو کي پڙهائيءَ لاءِ لازمي قرار ڏيندي، وڌيڪ چيو ته، ”اردوءَ کي اها حيثيت ملڻ ضروري آهي، جيڪا ان کي پوري اولهه پاڪستان ۾ حاصل آهي“ (ڪشمير ۽ سنڌ، صفحو 144)

پاڪستان ۾ سنڌين سان تعصب جو هڪ وڏو مثال وفاقي حڪومت طرفان 1947ع کان 1990ع تائين زرعي سائنس جي تعليم لاءِ پرڏيهه موڪليل ماهرن مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي پنجاب مان 380 هئا ۽ سنڌ مان فقط 3.

چونڊيل ايوانن جي سنڌ جي استحصال ۽ غلاميءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي روايت

سنڌ کي موجوده غلاميءَ تائين پهچائڻ سان گڏ، ڌرتي ڌارين حوالي ٿي وڃڻ جي ڪم جي شروعات مارچ 1943ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جو پاس ڪيل ٺهراءُ ئي آهي. جنهن هميشه هميشه لاءِ سنڌ جي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ڌارين دشمنن آڏو بمبئي بيڪري جي هڪ ڪيڪ طور پيش ڪرڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو. ان ٺهراءَ جي خالق توڙي حامين بابت، مٿي تفصيل سان ذڪر ٿي چڪو آهي. ان سلسلي ۾، اڄ اسان وٽ فقط هڪ ئي ڪم ڪرڻ لاءِ رهجي ويو آهي، اهو هي ته، ”اسان ان ٺهراءَ تي فخر ڪرڻ بجاءِ ان کي سنڌ کي غلاميءَ طرف ڌڪيندڙ هڪ بدترين هٿرادو سانحي طور ياد رکون“.

(2) 22 نومبر 1954ع تي اعلان ڪيو ويو ته ”پهرين جنوري 1955ع کان ملڪ تي ون يونٽ لاڳو ٿي ويندو ۽ پوءِ 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي، سنڌ جو وجود ختم ڪرڻ واري ون يونٽ جي فيصلي کي سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو. اهڙي سنڌ دشمنيءَ جي ڪنهن به سطح تي مزاحمت ڪرڻ بجاءِ کهڙي به، سنڌ جي جاگيردار ٽولي جي اڄ تائين ڏني ويندڙ ان دليل جو سهارو ورتو ته ”جي مان ايئن نه ڪريان ها ته، ڪنهن به ٻئي ماڻهو ذريعي اهو ڪم ڪرايو وڃي ها“.

(3) ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترن ئي معاملن ۾، هڪ قوم پرست اڳواڻ طور ڪردار ادا ڪرڻ باوجود، سنڌ کي سنڌين جي ڌرتي ۽ ان ڌرتي جي سرڪاري ٻولي سنڌي بڻائڻ بجاءِ 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل لساني بل ذريعي، اردوءَ کي به سنڌ مٿان مڙهي، اصل ۾ سنڌ اندر هڪ اهڙي ورهاڱي جو بنياد رکيو، جنهن بعد هميشه لاءِ اردو کي قانوني تحفظ ملي ويو ۽ سنڌ ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ صوبو بڻجي ويو. ان بل جي نالي ۾ سنڌ کي ته هڪ بدترين لساني فسادن کانسواءِ ڪجهه به نه مليو، پر سنڌي ٻوليءَ جو دشمن بڻجي اهڙا فساد ڪرائيندڙن کي ڪراچي ۾ 22 ڏينهن تائين بدترين وڳوڙ ڪرائڻ، (جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي وئي) ۽ ان دوران ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 57 ماڻهو مارڻ (سنڌ-پنجاب تضاد، صفحو 304) جي بدلي ۾، ذوالفقار علي ڀٽي آگسٽ 1972ع ۾ ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيءَ جي سربراهي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي قيادت کي اسلام آباد سڏايو. ان وفد ۾ نواب مظفر حسين ۽ رئيس امروهوي به شامل هئا. ڀٽي طرفان ساڻن ڪيل ٺاهه تحت، سنڌ ۾ وڏو وزير سنڌي هئڻ تي گورنر اردو ڳالهائيندڙ، چيف سيڪريٽري سنڌي ته آءِ جي پوليس پناهگير هئڻ، وزير سنڌي ته ان کاتي جو سيڪريٽري مهاجر هئڻ ۽ پناهگيرن کي نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي ضمانت ڏني وئي.“ (دهشتگردن جي دهشتگرديءَ کان دٻجي ۽ ڊڄي، پي پي قيادت طرفان سنڌ دشمن فيصلا ۽ قانون سازي ڪرڻ جي ڪُريت اڄ تائين، جيئن جو تيئن جاري به آهي) (4) سنڌ جي ورهاڱي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل اهڙن فيصلن بعد، سنڌ اسيمبليءَ جي ساڳي جاگيردار قيادت، هن وقت به سنڌ جي ورهاڱي کي آخري شڪل ڏيڻ طرف وڃي رهي آهي، ڊاڪٽر ارباب رحيم جو سنڌ جو وڏو وزير هوندي، اردو ڳالهائيندڙ جنرل مشرف طرفان حيدرآباد جي ٻهراڙين کي الڳ ڪري ۽ ڪراچي کي پنجن ضلعن مان ڦيرائي هڪ ڪرڻ، اصل ۾ پهرين ڏينهن کان سنڌ ۽ سنڌين کان الڳ ٿي بيٺل پناهگير سوچ کي، سنڌ جا اهي ٻه اهم ترين شهر حوالي ڪرڻ طرف عملي قدم هو. پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ هڪ الڳ نظام جو اعلان ڪري، پرويز مشرف جي جوڙيل منصوبي کي آخري شڪل ڏني آهي. سنڌين جي فوري رد ِعمل بعد، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي باقي سنڌ کان ڌار ڪري، پناهگيرن حوالي ڪرڻ واري فيصلي تي پردو وجهڻ لاءِ، رهيل سنڌ ۾ به ساڳيو ئي نظام لاڳو ڪرڻ جو ڍونگ ڪري، اهڙي سازش لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ مشرف دور جو مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ جي نالي ۾، گورنر جي آرڊيننس کي قانون بڻائڻ لاءِ جيڪو بل ٽن مهينن اندر سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻو آهي، اصل ۾ اهو مڪاني حڪومت جي ڀلائي ۽ ڪمشنري نظام جي خرابي کان وڌيڪ، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کي هميشه لاءِ سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش کي مستقل ۽ قانوني بڻائڻ جو حصو ئي هوندو. سنڌي جيڪڏهن پنهنجي قوم جي غدار طبقي کي هڪ نئين غداري ڪرڻ کان روڪي نه سگهيا ته پوءِ اهي مستقبل ۾ به ايئن ئي هٿ مليندا رهجي ويندا، جيئن ماضيءَ جي ڪيل اهڙين غدارين ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي تباهيءَ تي، هاڻي اسان وٽ فقط پنهنجو رت ساڙڻ کانسواءِ، ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو. اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن ڪمشنري نظام يا ضلعي حڪومتون قائم ٿيڻ کان، تمام گهڻو وڌيڪ اهم ۽ خطرناڪ آهي. جيترو جلد ان ڳالهه کي سمجهيو وڃي، اهو سنڌ جو مستقبل بچائڻ لاءِ بهتر هوندو.

سازش سٽيندڙ قوت جي ڪيفيت[سنواريو]

ملڪ جي هر حڪمران کان فقط سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڪرايل فيصلن کي پنهنجو عظيم مفاد سمجهندڙ لساني ٽولو، هن وقت حد کان وڌيڪ ڪمزور به ٿي ويو آهي ته خطرناڪ به. جرمنيءَ جي اسپتال ۾ چئن مهينن تائين نفسياتي علاج ڪرائيندڙ قائد طرفان ذهني صلاحيت وڃائي ويهڻ بعد،( جنهن جو ثبوت هُن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل تقرير ذريعي به ڏنو هو)، ان ٽولي جا فيصلا ڪندڙ ”رابطا ڪميٽي“ تي هن وقت هڪ اهڙي سوچ حاوي ٿي چڪي آهي، جيڪا هر سنڌ دشمني کي ئي پنهنجو مفاد سمجهي ٿي. ان ڪميٽيءَ تي قابض ٻه ڌريون مڪمل طور سنڌ ۽ سنڌي دشمن سوچ جون نمائنده آهن. انهن مان هڪ ٽولو مختلف وقتن تي سنڌ جا ٻيا شهر ڇڏي، ڪراچي پهتل اهڙن ماڻهن جو آهي، جيڪي سنڌين کان انتها درجي جي نفرت ڪندڙ آهن، ٻيو ٽولو ان بهاريءَ جي شڪل ۾ موجود آهي، جيڪو بنگلاديش ٺهڻ بعد سنڌ ۾ بهارين جي اچڻ خلاف موجود قومي سوچ ڪري، مڪمل طور سنڌي دشمن ڪردار جي انتها تي پهتل آهي. مشرف طرفان ضلعي حڪومت جي اوٽ وٺي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سندن حوالي ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ، ٻنهي شهرن جو عملي طور حڪمران بڻجي وڃڻ ڪري، اهو ٽولو نه رڳو بي پناهه مالي ۽ انتظامي وسيلن جو مالڪ ٿي چڪو آهي پر ان پنهنجن هزارين تربيت ورتل دهشت گردن کي سٽي پوليس ۽ سٽي وارڊن جي نالي ۾، سنڌ حڪومت توڙي سنڌ پوليس جو حصو به بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ دهشت گردي جي تازي لهر دوران سٽي حڪومت جو ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم نه رڳو دهشت گردن لاءِ استعمال ٿيڻ جي ثابتي ملي چڪي آهي پر سندن سٽي وارڊن جي نالي ۾ وردي پهرائي هر روڊ ۽ رستي جي بيهاريل دهشت گرد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ سميت هر دهشت گرديءَ ۾ ملوث ڏٺا ويا آهن. متحده جي چونڊيل عوامي نمائندن توڙي ٻي قيادت ۾ موجود هر اهڙي عوامي نمائندي ۽ اڳواڻ کي کڏي لائين لڳائڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو پنهنجي سوچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين اعتدال رکي ٿو. يا اهو ايترو انتها پسند نه آهي، جنهن سطح تي مٿي ڄاڻايل ٽولو موجود آهي. ٻئي پاسي ڪجهه عالمي طاقتون، جن ۾ برطانيا جو اهم ڪردار ٻڌايو پيو وڃي، اهي کين ڪراچي ۽ حيدرآباد سندن حصي ۾ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي چڪيون آهن. اهوئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي طرفان سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ جو فيصلو ۽ ان تي سنڌ جي انتهائي سخت ردِ عمل باوجود، اهو ٽولو ڪنهن به سطح تي پريشاني ظاهر ڪرڻ بجاءِ، مڪمل طور مطمئن نظر اچي رهيو آهي.ان دوران ئي، پنجابي- پناهگير مستقل مفاد هڪ هئڻ جو ثبوت، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس طرفان، حڪومت جي هاڻوڪن قدمن (ڪراچي ۽ حيدرآباد کي باقي سنڌ کان الڳ ڪري، متحده حوالي ڪرڻ) بعد حالتون ٺيڪ ٿي وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪرڻ آهي. 1943ع واري سنڌي جاگيردارن جي سوچ ڪري 1947ع ۾ غلاميءَ جي جديد شڪل ۾ جڪڙيل سنڌ، هاڻي پنهنجي بدترين انجام يعني پنهنجي هڪ وڏي ۽ اهم ترين حصي تي ڌارين جو قبضو قانوني بڻجي وڃڻ طرف وڌي رهي آهي. ذهني غلامي ۾ ورتل سنڌين طرفان ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ وڃايو ويندڙ وقت به، سنڌ سان مٿي ڄاڻايل هڪ دشمنيءَ جيان ئي هوندو.

سنڌ جي غدارن جي نئين درجا بندي[سنواريو]

سنڌ جي مڙني پراڻن غدارن مان شايد ئي ڪنهن سنڌ کي ايترو نقصان پهچايو هجي، جيترو نئين دور جي غدارن پهچايو آهي. سنڌ جو هڪ مخصوص جاگيردار ٽولو، چاهي اهو ڪنهن به پارٽي جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ هجي، اهو لڳاتار 69 سالن کان سنڌ جو وجود تباهه ڪرڻ جي هر سازش ۾ انتهائي خسيس ۽ ذاتي مفادن لاءِ، حصو بڻجي رهيو آهي. ان سڄي عرصي ۾ سنڌي عوام ان طبقي کان ڪو حساب ڪتاب وٺڻ ته پري رهيو، پر چڱي ريت ان کي سڃاڻي به ناهي سگهيو. اڪثر حالتن ۾ ته اهي غدار ئي وطن دوست جي روپ ۾، سنڌين جي ڪلهن تي ئي سوار ٿيل نظر ايندا رهيا آهن. ڌرتيءَ جي ماضيءَ وارن غدارن تي صدين کان جاري ٿڪ لعنت ڪافي ٿي وئي، سنڌين کي هاڻي پنهنجي جديد دور جي غدارن جي فهرست جوڙي، ڌرتي دشمنيءَ جي هر مثال طور انهن جي نالن کي ئي سامهون آڻڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو. ٻي حالت ۾ رهبر جي روپ ۾ رهزن تمام جلد سنڌ کي هميشه لاءِ تباهي ۽ غلاميءَ ۾ ڌڪي ڇڏيندا. ”پنهنجي وڍي جو پوءِ نه ڪو ويج هوندو، نه ئي طبيب“. ساڳيو ئي غدار ٽولو، پنهنجي موجوده حڪمرانيءَ جو پورو دور سنڌ دشمني ڪرڻ باوجود، تمام جلد ايندڙ چونڊن ۾، پنهنجن ٻارن کي مظلوميت جو اهڃاڻ بڻائي سنڌين سان هڪ نئين ٺڳي ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي. سنڌين جي مظلوم پرور طبيعت جي خبر هئڻ ڪري، اهي هن وقت سنڌ جي ڪنهن به مفاد لاءِ سوچڻ جي پرواهه ڪرڻ بنا، مستقبل ۾ ملندڙ ڪاميابين تي يقين ڪري ويٺل آهن. هاڻي اهو سنڌين کي ثابت ڪرڻو آهي ته اهي اڃا تائين نشي جي پنڪيءَ ۾ آهن يا ڌرتي جي تباهيءَ جو تصور، سندن ذهنن کي سجاڳ ڪري چڪو آهي. ڪرڻ ڇا گهرجي.....؟؟

سنڌين جي وطن دوستي، هن وقت تائين ميوو نه ڏيندڙ ڪنهن وڻ کان وڌيڪ حيثيت حاصل ناهي ڪري سگهي. سنڌي قوم پرستي، ننڍي کنڊ جي اڪثر قومن جي ڀيٽ ۾ اهم ليکي وڃڻ باوجود، نتيجا حاصل ڪرڻ جي ميدان ۾، ٻُڙي جي حد تي بيٺل آهي. سنڌين کي قومي طور ”سنڌ“ ۽ ”سنڌ دوست“ هئڻ بابت پنهنجو تصور تبديل ڪرڻو پوندو. پنهنجي قيادت توڙي پنهنجي پاڻ ڏانهن ”سنڌ جو سڄڻ هئڻ وارو“ روايتي تصور تبديل ڪرڻو پوندو. سنڌ دوست ڇا آهي؟ هڪ سنڌ دوست کي ڇا هئڻ گهرجي؟! اهڙا سوال ۽ انهن جا تُز ۽ بَي ريا جواب پنهنجي ذهن ۾ ويهاري، پنهنجي پاڻ کي به ته، سنڌ دوستيءَ جي هر دعويدار کي به، انهن تي پرکڻو پوندو. اها پرواهه ڪرڻ بنا ته ان اڳواڻ يا ان شخص جي پنهنجي بابت دعويٰ ڇا آهي؟. هڪ چور ۾، هڪ ٺڳ ۾، هڪ ڦوروءَ ۾، هڪ ڌاڙيل ۾، هڪ قبضاگير ۽ ڀتاگير ۾، هڪ غدار ۾ ۽ ان جي مقابلي ۾ هڪ سچي سنڌ دوست ۾ فرق جي ليڪ ڪڍڻ ۽ ان بنياد تي پنهنجا رويا مقرر ڪرڻ بنا، اسان طرفان ٿيندڙ هر عمل نه رڳو پنهنجي پاڻ پر سنڌي قوم سان به دشمني ئي هوندو. هڪ نئين سوچ ۽ سنڌ دوستيءَ جو هڪ حقيقي تصور ئي، 1947ع ۾ پنهنجن هٿن سان غلاميءَ ۾ ڏنل هن سنڌ جو وجود بچائي سگهي ٿو. اهڙي سنڌ، جيڪا هاڻي غلامي کان به بدترين حالت، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي.

سنڌ جي تاريخ جا بنياد[سنواريو]

پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، رڳو سنڌ تاريخ جي بنيادي ذريعن جهڙوڪ چچ نامي، تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، ترخان نامي، مظهر شاهجهاني، نوائي مُعارڪ وغيره جي لکندڙن کي وٺو، جن مان پهرئين کان سواءِ ٻيا سڀ سنڌ جا رهندڙ “سنڌي” هئا. سندن لکيل “تاريخن” کي پڙهي فيصلو ڪريو ته جنهن سنڌ جي تاريخ پيئي لکيائون، تنهن جي ماڻهن جا اهي سڄڻ هئا يا انهن کي ڦُريندڙ ماريندڙ سامراجين جا ٻولڙيا ۽ ڍنڍورچي. [3]

مختصر طور سنڌ جي تاريخ[سنواريو]

• قديم سنڌو سلطنت (اوائلي) 7000 ق.م کان .......

• عظيم سنڌو سلطنت (دراوڙ دور) 2500 ق.م ـ 1600 ق.م

• عظيم سنڌو سلطنت جو زوال 1600 ق.م کان ......

• قديم سنڌو سلطنت (آريا دور) 1000 ق.م ـ 579 ق.م ـ 221 سال

• ايراني هخامنشي بادشاهي 579 ق.م ـ 450 ق.م ـ 129سال

• جدا جدا حڪومتون هيون 450 ق.م ـ 330 ق.م ـ 125 سال

• سڪندر اعظم يوناني 329 ق.م ـ 323 ق.م ـ 07 سال

• موريا خاندان 323ق.م ـ 187 ق.م ـ 137 سال

• بيڪٽريا يوناني 187ق.م ـ 70ق.م ـ 114 سال

• سٿين 70ق.م ـ 46ع ـ 116 سال

• پارٿين 46ع ـ 78ع ـ 32 سال

• ڪشن 78ع ـ 175ع ـ 113 سال

• جدا جدا 176ع ـ 283ع ـ 107 سال

• ايراني ساساني 284ع ـ 367ع ـ 83 سال

• گپت ۽ وهليڪا 324ع،367ع ـ 470ع ـ 103 سال

• هوڻ Hun 475ع ـ 499ع ـ 24 سال

• راءِ خاندان 499ع ـ 632ع ـ 137 سال

• برهمڻ خاندان 632ع ـ 711ع ـ 79 سال

• عربن جو سنڌ تي حملو 711ع

• عرب اموي 712ع ـ 750ع ـ 38 سال

• عرب عباسيه 750ع ـ882ع ـ 132 سال

• عرب هباري 882ع ـ 1010ع ـ 128 سال

• سومرا خاندان 1010ع ـ 1351ع ـ 341 سال

• غزنوي دور 1051ع کان ......

• غوري دور 1181ع .......

• دهلي سلطان شاهي ....ع (مختلف عرصا)

• خوارزم حملا 1221ع کان .........

• منگول حملا 1243ع کان .....

• خلجي دور 1297ع ـ 1316ع ـ 19 سال

• تغلق دور 1327ع

• سما خاندان 1351ع ـ 1520ع ـ 169 سال

• ارغون دور 1520ع ـ 1552 ع ـ 32 سال

• ترخان دور 1552 ع ـ1661ع ـ 109سال

• پورچوگيزي حملا 57 ـ 1556 ع

• مغل دور 1661ع ـ1700ع ـ 79 سال

• ڪلهوڙا خاندان 1700ع ـ 1783ع ـ 83 سال

• نادرشاهي حملا 1739ع

• قنڌاري حملا 1747ع کان پوءِ

• ٽالپور خاندان 1783ع ـ 1841ع ـ 60 سال

• تيموري حملا 1779ع

• قنڌاري حملا 1780ع

• برطانيو راڄ وارن جي سنڌ تي ڪاهه 1843ع (مِياڻي جنگ،دُٻي جنگ)

• انگريز دور 1843ع ـ 1947ع ـ 104 سال

• پاڪستان \هندستان آگسٽ 1947 ع

حوالا[سنواريو]