جاٽ (ذات)

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
جاٽ هاري

جاٽ هند ۽ پاڪ جي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ اها هڪ ذات آهي، جنهن کي بشريات جي ماهرن آريائي يا سٿي (Scythian) آريا نسل ڪري ڄاڻايو آهي.

تاريخ[سنواريو]

هيءَ برادري مڪاني قبيلن جي ميل جول ڪري جدا جدا فرقـن ۾ ورهائجـي ويئي. جيئن ته پنجاب ۾ راويءَ جي اولاهن ضلعن ۾ گهڻا ’جاٽ‘ مسلمان هئا، پر وچولي پنجاب ۾ گهڻا سِکَ، ۽ ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ گهڻو ڪري هندو هئا. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ تقريباً غير مسلم جاٽ هندستان هليا ويا آهن. پنجابي ۽ لهندا ٻولين ۾ ’جاٽ‘ کي ’جٽ‘ اُچاريو ويندو آهي. ’جاٽ‘ ذات ٻني ٻاري سان وابسته آهي. هڪ هنڌ رهڻ ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ رکڻ جي ڪري هر دور ۾ هي قبيلو طاقتور رهيو آهي. مثلاً: محمود غزنويءَ جي لشڪر سان جنگ ڪيائون؛ مغل شهنشاهه شاهجهان جي دؤر ۾ بغاوت ڪيائون؛ اورنگزيب جي دور ۾ جاٽن پنهنجن سردارن راجا رام ۽ رام چيرا جي اڳواڻيءَ ۾ نه فقط عام ماڻهن کي آزاريو، پر فتح پور سڪريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي مقبري کي به ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيائون، جنهن تي 1686ع ۾ اورنگزيب کين سيکت ڏيڻ لاءِ وڏو لشڪر موڪليو، پر جاٽن ان کي به شڪست ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو.

جنگيون[سنواريو]

اورنگزيب جي وفات کان پوءِ مغليه حڪومت نهايت ڪمزور ٿي ويئي. ان موقعي جو فائدو وٺندي جاٽن جي سردار سورج مل، دهليءَ جي وچ واري علائقي ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ احمد شاهه ابداليءَ حملو ڪري جاٽن کي سيکت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دور ۾ پاڻيپٽ جي جنگ ۾ مرهٽن کي سخت شڪست آئي، جنهن کان پوءِ جاٽن جو زور گهٽجي ويو. ان سلسلي ۾ باقي رهيل ڪسر انگريزن ڪڍي ڇڏي، جن 1857ع ۾ دهليءَ تي قبضو ڪري جاٽن کي بيوس ڪري ڇڏيو.

سنڌ ۾ جت[سنواريو]

سنڌ ۾ رهندڙ جتن بابت ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته اهي جاٽ آهن، جيڪي سنڌ تي عربن جي فتح کان پوءِ عربستان ڏانهن هليا ويا هئا ۽ کين تاريخن ۾’زط‘ چيو ويو آهي. جڏهن ته ’جاٽ‘ برادري جو واسطو پنجاب جي اُترئين حصي سان آهي. سنڌ ۾ ’جت‘ هڪ جدا برادري آهي، جيڪا پنجاب جي ملتان واري پاسي، سنڌ ۽ بلوچستان جي رهندڙ آهي. اها برادري اُٺن جا وڳ ڌاريندي آهي. ٿر، ڪوهستان ۽ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن وارا علائقا سندن رهائش گاهون آهن. انهيءَ نسبت سان اُٺن تي بار کڻندڙ يا اُٺ ڌاريـندڙ به جت سڏيا ويا. بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ رهندڙ هر قبيلي جا پنهنجا ’جت‘ هوندا آهن. ٿر جي تعلقي ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر جي ڪجهه حصن ۾ به ’جاٽ‘ رهن ٿا، جن جون نکون ڪلوريا، موندا ۽ سوراجان آهن.

جاٽ، جت ۽ ڄٽ[سنواريو]

خيال آهي ته اها ذات گهڻو ڪري ٻين قومن ۽ شهري زندگيءَ کان پري رهڻ ڪري عام شهري ڪلچر کان غير واقف رهي آهي، انهيءَ ڪري ’ڄٽ‘ جو محاورو وجود ۾ آيو، جنهن جي معنيٰ آهي ’جاهل‘ يا اڻ ڄاڻ.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011