ڪراچي بندرگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪراچي بندرگاھ

ڪراچي پورٽ یا ڪراچي بندرگاھ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ مصروف ترين پورٽ آھي. ھتان کان سالانو 2.5 ڪروڙ ٽن جي سامان جي تجارت ٿيندي آھي، جيڪا پاڪستان جي ڪل تجارت جو تقريباً 60 سیڪڙو آھي.

بندرگاھ قديم ڪراچي شھر جي مرڪز جي ويجھو ڪيماڙي ۽ صدر جي علائقن جي وچ ۾ واقع آھي. پنھنجي جاگرافيائي محل وقوع جي ڪارڻ ھي بندرگاھ اھم آبي گزرگاھن مثلاً آبنائي ھرمز جي بالڪل ويجھو واقع آھي. اهو پڻ وچ ايشيائي ريپبلڪن لاءِ سامونڊي واپار لاءِ گيٽ وي خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ مثالي جاء تي واقع آهي.[1] بندرگاھ جو انتظام ھڪ وفاقي اداري، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي حوالي آھي. ھي ادارو اڻويھين صدي عيسوي ۾ برطانوي دور حڪومت ۾ قائم ڪيو ويو ھو.

پڻ ڏسو[سنواريو]

پاڪ سنڌيانا ٻيٽ

بابا ڀٽ ٻيٽ

پورٽ قاسم

حوالا[سنواريو]

  1. "'Karachi Port can become transshipment hub'". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2024-03-01.