قاضي قاضن
ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
هن مضمون'جو ڍنگ يا انداز انسائيڪلوپيڊيا ڍنگ تي استعمال ڪيل وڪيپيڊيا ڍنگ جي عڪاسي نٿو ڪري.. |
قاضي قاضن | |
---|---|
پيدائش | 1493 بکر (سيوھڻ.[1]) |
وفات | 1551 مدينو، حجاز (سعودي عرب) |
مدفن | مدينو |
شھرت جو ڪارڻ | شاعر ، مفسر ۽ محدث |
مدت | بکر جي قاضي |
ٻار ٻچا | عبدالغفار اسدالعلماء |
ماءُپيءُ | ابو سعيد بکري |
قاضي قاضن(انگريزي: Qazi Qazan ) 463-1551)- اهو پهريون شاعر آهي، جنهن جو ڪلام تحريري طور پهرين شاھ ڪريم، جي ڪلام سان گڏ مليو ۽ پوء 1978 ع ۾ ڀارت مان هٿ آيو۔ قاضي قاضن جو ذڪر پهريان مير معصوم شاھ بکري (7 رمضان 944ھ 60 ذي 1014ھ/ 7 فيبروري 1528ع _ 4 اپريل 1606ع) پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ المعروف تاريخ معصومي, ۾ ڪيو۔ مير معصوم.جو زمانو قاضي قاضن کي ويجهو آهي قاضي قاضن جي وفات واري سال (1551ع)مير معصوم اندازا 34 سالن جو هو۔ هن تاريخ معصومي جي لکجڻ جو سال ڪٿي نن لکيو آهي، پر هڪ هنڌ (ص 124 فارسي)، مرزا شاھ بيگ هٿان بکر جي قلعي جي مرمت جو بيان ڪندي لکي ٿو هن وقت تائين - 1009ھ ۾ اهو قلعو موجود آهي هن ۾ آهي ته وفات کان 504 سال اڳ تاريخ معصومي قاضي قاضن جي باري ۾ مير معصومي لکي ٿو تہ قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد زين الدين بکري، سندس وڏا ٺٽي ۽ سيوستان جي شهر ۾ رهندا ها۔ سندن ڏاڏو ابو الخير جو فضيلت جيڪو صاحب هو، سو وڃي بکر ۾ سنڌ جي ٻين تاريخن ۽ ادبي تاريخن ۾ بہ قاضي قاضن جو احوال آيو آهي ۔ پر قاضي قاضن جي سوانح ۽ ڪلام تي حقيقي تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته: قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن زين العابدين اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. قاضي صاحب تفسير، حديث جو جيد عالم هو ۽ هر وقت عبادت الاهي ۾ مصروف رهندو هو. قرآن جو حافظ ۽ فن قرائت جو ماهر هو[1]. اصول فقه، تصوف ۽ علم آلات ۾ گھڻو دخل رکندڙ هو. سلوڪ جي واديءَ ۾ رياضت ڪرڻ کان به لذت آشنا ٿي چڪو هو. انشا پردازي جي ثبوت لاءِ سندس خط ڏانهن اشارو ڪري چڪا آهيون ته، جڏهن شاهه بيگ جي ارغوني اُڙدن ٺٽي ۾ غارتگري شروع ڪئي هئي، تڏهن قاضي صاحب جي خط کي پڙهي اهل ٺٽي کي قيامت صغريٰ کان نجات ملي هئي، قاضي صاحب سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو هو، جنهن تي وقت جي علمائن مٿن اعتراض ڪيا هئا، هن کي قاضي صاحب پنهنجي بيتن ۾ جواب ڏنا هئا ۽ اهي بيت سنڌي شاعريءَ جا اوائلي جواهر پارا آهن، قاضي صاحب کي شاهه بيگ ارغون پنهنجو خاص مشير مقرر ڪيو هو ۽ شاهه بيگ جي انتقال کان پوءِ مرزا شاهه حسن کيس بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو ۽ ان عهدي کي نهايت احتياط سان نڀايو هئائين، ڪيترائي دفعا حج ڪيائون، مدينه طيبه واري ايام ۾ شيخ عبد الله متقي بن مولانا سعد در ٻيلوي جي صحبت ۾ رهيا هئا، 958ھ ۾ وفات ڪيائون ميرزا شاهه حسن سندن ڀاءُ نصر الله کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو. حضرت قاضي قاضن عالم، فاضل، شاعر جادو بيان، صوفي با صفا ۽ هنرمند ٿي گذريو آهي[2].[1] .سنڌي زبان جي اوائلي شاعر قاضي قاضن، جنهن جو شعر پهريائين لکت ۾ آيو، سو ڄام نظام الدين سمي ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ ويهہ سال بکر جو قاضي ٿي رهيو. 947ھ ۾ استعيفا ڏيئي مدينه منوره ويو ۽ اتي سڌو سندس ڀاءُ مليو. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن هو سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو هو، تڏهن وقت جي عالمن قاضي صاحب تي ڪفر جي فتويٰ مڙهي هئي، ان جي جواب ۾ قاضي صاحب سنجيدگيءَ سان مناظرو ڪندي، علمائن کي بيتن ذريعي جواب ڏنو هو، جن مان فقط ست بيت شاهه ڪريم بلڙائيءَ واري جي رسالي ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن.[1].
سوانح
[سنواريو]قاضي قاضن جو خاندان هڪ علم وارو خاندان هو قاضي قاضن بکر ۾ ڄائو سندس ابتدائي تعليم ب بکر ۾ ٿي ۔ هو قرآن مجيد ، حديث ، تفسير ، فقه ، تصوف ۽ ٻين علمن جي زيورن سان سينگار جي اعليٰ مرتبي تي پهتو ۔ ڊاڪٽر بلوچ ، قاضي قاضن جي اعليٰ بابت لکي ٿو : اعليٰ تعليم سنڌ ۾ گهڻو ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر گجرات جي شهر نهر والي (پٽن)، يا احمد آباد ۾ حاصل ڪئي هوندائين ۔ ان وقت سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ سياسي ۽ ثقافتي ناتا هئا ۔ ۽ ٻنهي ملڪن جي تعليمي درسگاهن ۽ عالمن ۾ ويجهڙائي ھئي۔ جيڪا پوء گهڻي وقت تائين هلندي آئي ۔ تحصيل علم کان پوء قاضي قاضن زندگي جي حقيقي معاملن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۔ هو سنڌ جي سما حاڪم ڄام نظام الدين جي دور ۾ ۽ ان کان پوء ڄام فيروز توڙي ارغون حاڪم ش حڪومتاھ بيگ ۽ شاھ حسنجي دور ۾ قاضي ۽ اعتماد وارو ماڻهو رهيو ۔ علم جي ڪري هن جو درجو ۽ اثر نظر اچي ٿو ۔ سما حڪومت جي خاتمي جي افراتفري ۾ سندس ڪٽمب ب تڪليف هيٺ آيو ، فهم و فراست سان انهن کي آزاد ڪرايائين ۽ شاھ بيگ مرزا کي فرلٽ ۽ زيادتي بند ڪرڻ لاء آماده ڪيائين، قاضي قاضن عالم فاضل ۽ صوفي هو ۔ هو سيد ميران محمد مهدي جو مريد مهدي جو سنڌ ۾ اچڻ مهدوي تحريڪ لاء فائدي وارو ثابت ٿيو ڪيترا هن دائري ۾ شامل ٿيا۔
"قاضي قاضن ولد قاضي محمد قاسم سيوستان جي مشهور بزرگن ۽ عالمن فاضلن مان آهي. هو مشهور قاضي ابوالخير واري جي اولاد مان هو. قاضي قاضن وڏو حافظ، قاري ۽ عالم هو. فقهه، حديث، تفسير ۽ تصوّف ۽ انشا جي علمن ۾ خوب ماهر هو ۽ حاجي به هو ۽ گھڻو سير سفر ڪيو هئائين ۽ نيٺ سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، تنهنڪري ظاهري شريعت وارن عالمن جي مٿس ٽوڪ رهندي هئي. مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ موروئي حق موجب هو بکر جو قاضي ٿيو. پيريءَ جي ڪري قضا جو ڪم پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو ۽ سنه 958ھ ۾ وفات ڪيائين. قاضي قاضن جو سنڌي شعر به آهي. سندس پوٽي محمد بن يعقوب گھڻو وقت دهليءَ ۾ گذاريو. چڱو شاعر ۽ خوشنويس هو. سندس ديوان موجود آهي. قاضي قاضن جي وڏي پٽ عبدالغفار کي ته ” اسدالعلماء“ جو لقب هو ۽ انهيءَ جو پٽ قاضي محمد ظهير پهرين ٺٽي جو، پوءَ لاهور جو قاضي ٿيو ۽ اُتي وفات ڪيائين. گھڻن ڪتابن جون حاشيون لکيائين."[3]
شاعري
[سنواريو]قاضي قاضن جي سوانح جا ڪي اڃا ب روشن ٿي ن سگهيا آهن ۔ انهن ۾ هڪ سندس شعر جي دستيابي جو آهي پهرين پهرين شاھ ڪريم (1538_1623ع) ، قاضي قاضن جا ست بيت مريدن ۽ معتقدن جي اڳيان پڙهيا ، هي بيت شاھ ڪريم جي رسالي ۾ قاضي قاضن جي نالي سان محفوظ رهيا ، اهي هي آهن ۔
1۔جوڳي جاڳايوس ، ستو هوس ننڍ ۾
تهان پوء ٿيوس ، سندي پريان پيچري
2۔ سيئي سيل ٿيام ، پڙهيام جي پاڻ لئھ
اکر اڳيان اڀري ، واڳون ٿي وريام،
3۔ ڪنز قدوري قافيھ ، ڪو ڪو ن پڙهيوم
سو پار ئي ٻيو ، جئان پرين لڌوم
4 لو ڪان نهو صرف ، مون مطالع سپرين
سو ئي پڙهيوسو پڙهان ، سو ئي سو حرف
5 سڄڻ منجھ هئام ، مون ويٺي واء ٿيا
هيڏان هوڏانهن هٿڙ اا، هئين جار وڌام
6 سائر ڏي لت ، اونچي نيچي ٻوڙيئي
هيڪائي هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت
7 لا لاهيندي ڪن کي ، لا مورهين نانھ
بلا ري پريان، ڪٿ ن ڏسي ڪو ٻيو۔
پهرين بيت ۾ هڪ واقعي ڏي ادبي تاريخن ۾ اشاريو ڪيو ويو آهي ت ڪو ماڻھو قاضي قاضن جي مسجد ۾ پير محراب ڏانهن ڪري ستل هو اطلاع ملڻ تي قاضي قاضن درو کڻي آيو ۽ پيرن وٽ هڻڻ لاء الاريائين ت ات مٿو نظر آيو اهڙي طرح ٻھ ڀيرا ائين ڪيائين پر ڪامياب ن ٿيو ۔ ان تي ان شخص کيس چيو ت پير جيڏانهن کپي اوڏانهن ڪر ي پر دل حقيقي محبوب ڏي ڪر اهو ٻڌي قاضي صاحب درو کڻي اڇليو ۽ اهو بيت چيائين ۔ خانبهادر ميمڻ ادبي تاريخ ۾ جوڳي لفظ ڪم آڻڻ کي مسلمان جي بي تعصبي جو مظهرو ڄڻو آھي ، اها ڪا وڏي ڳالھ ن آهي هنن ستن بيتن مان قاضي قاضن جي ڪلام کي پارکن صوفيان ڪلام ۾ ابتدائي ڪلام ڪري ڄاتو آهي۔ جنهن ۾ حقيقي محبوب جي جلوي پسڻ لاء پاڻ وسارڻ جي تلقين ڪيل آهي ۽ اهو ب ڏزيو ويو آهي ت صرف و نحو ڪوڙئين ڪتابن مان محبوب هٿ ڪو ن ايندو اوهو ڪو ٻيو رستو آهي جيڪو اختيار ڪرڻ سان الله سان واصل ٿيو۔ ڪيترو وقت انهن ئي ستن بيتن کي قاضي قاضن جو ڪلام پئي ڄاتو ويو ۽ هڪ طرح کيس صوفي شاعر ڄاتو ويو ۽ ٻي طرف اڪثر سندس سياسي ڪردار تي قوم پرستن حلقن اعتراض ب پئي ڪيا۔ تان جو 1978 ع ۾ دهلي مان هيري ٺڪر جو ڪتاب ٗ ٗ قاضي قاضن جو ڪلامٗ ٗ شايع ٿيو۔ هن ۾ 112 بيت قاضي قاضن جا درج ڪيا ويا آهن۔ هن ڪتاب تي جلد ئي پاڪستان ۾ تبصرا ڪيا ويا، جن ۾ ٽي اهم تفصيلي تبصرا ڊاڪٽر بلوچ ، ڊاڪٽر سنديلي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جا هئا۔ جيڪي سماهي مهراڻ جي شماره نمبر ، 1978/4, 1979/1, 1979/2 , 1979/4 ۾ شايع ٿيا هنن اسڪالرن بيتن ۽ پڙهئين توڙي معنائن تي پنهنجا رايا پيش ڪيا ڊاڪٽر بلوچ پوء ب هن ڪلام جو مطالعو جاري رکيو ، ۽ تحقيق جا لوازما ادا ڪندي 1999 ع ۾ قاضي قاضن جو رسالو شايع ڪيو ۔ هن ۾ ن رڳو هيري ٺڪر جي هريانا صوبي جي راڻيلا مٺ (مندر) وارو مليل ڪلام اڳيان رکيائين پر وڌيڪ تحقيق ڪندي ٻيا ب دستخط نسخا ۽ ذريعا استعمال ڪيائين
وفات
[سنواريو]ھن 1551 ۾ مديني م وفات ڪئي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ عمر بن محمد دائود پوٽو: قاضي قاضن، ڪراچي، سنڌ جي ادبي تاريخ جي ج 1 بيان قاضي قاضن ص 4
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو