سنڌ ۾ جبلن تي قديم نقش نگاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ ۾جبلن تي قديم نقش نگاري جو منظر
سواستيڪا
نقش ٿيل ناچڻي
هڪ سڱي جانور تي سوار شخص جو چِٽُ

سنڌ ۾ جبلن تي قديم نقش نگاري انگريزي (Ancient Rock Carvings of Sindh) پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ جبلن تي ٿيل نقش نگاري کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ڳولي لڌي وئي آهي. کيرٿر جابلو سلسلو 190 ميل (300 ڪلوميٽر) جي ڊيگھ ۾ اتر کان ڏکڻ طرف جيڪب آباد ضلعو، قمبر شهدادڪوٽ ضلعو، دادو ضلعو، ڄامشورو ضلعو کان ڪراچي تائين وپکڙيل آهي.[1]

نقش نگاري جا ماڳ[سنواريو]

جبلن تي ٿيل نقش نگاري وارا ڪيترائي ماڳ ڳولي لڌا ويا آهن. انهن ۾ جوهي تعلقي ۾ نئي نلي جي وهڪري ۾ حُر ڍورو، پيپر چورو، زيني ڍورو ۽ سزومزو ڍورو[2] جڏهن ته جوهي شهر کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جوهي تعلقو دادو ضلعي جي حدن ۾ گاج ندي جي ماٿري ۾ ڪيتريون ئي ڍوريون۽ ڍورا آهن جن ۾ شڪلوئي ڍوري، بزگر چوري، ميٽ ڍوري، فيضو گهروٽي ڍوري، سڪي ڍبڍ، قربان ڍورو قابل ذڪر آهن. نئي نلي ڀرسان ڪلري ڍورو،پاڇل ڍورو، نئي تڪي وٽ خاشاني ڍورو به جوهي تعلقي ضلعي دادو ۾ آهن.[3] ساڳي وقت قمبر ويجهو نئي مزناڻي، ساهار ۽ خريجيلاڙڪاڻو ضلعو (هاڻ ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ) ۽ نئي دلان خيرپور ناٿن شاه تعلقو ضلعو دادو ۾ ڄاڻايل نئين جي ڪناري جبلن تي قديم نقش نگاري موجود آهي.[4] جبلن تي نقش نگاري جو هنر کيرٿر جبل ۾ سالاري، کربي، راڌا، سنگهرو، بري، کينجي،ڇاهر، سيتا، انگئي کنڌاني، ڪڪڙاني،هليلي، ٻنڌڻي، نئيگ، اوشو ۽ بزگر نئين جي ڪناري پڻ ملي آهي.[5] جبلن تي چٽسالي جو هنر گڏاپ ڪراچي جي علائقي ۾ به مليو آهي.[6] بنان شڪ جي جوهي تعلقو، دادو ضلعو هن هنر ۾ شاهوڪار آهي.[7]

نقش نگاري[سنواريو]

نقش نگاري ۾ مختلف قسم جون شيون جبلن تي کرڙي اڪريون ويون آهن. انهن ۾ ڍڳي گاڏي، سن ٽاور، هڪ سڱا جانور، سرھ، گڊ، ٻارهن سڱا، ٿوهي وارا ڍڳا، ڍڳيون، ٻڌمت جا ڪيترائي ٺلھ،شينهن، بگهڙ،اُٺ، ناچڻيون سواستيڪا[2] تير ڪماڻ، شڪاري،اُٺ سوار، گھوڙي سوار،بندوقون،تلوارون عورتون مرد، ناچڻيون، ڦيٿا ڊاٽس[4] زردشتين جا دخمه، باھ وارا مندر (Fire Temple) وغيره اڪريل آهن.[5] جبلن تي نقش نگاري ۾ ٻُڌمت حاوي آهي. قديم برهمي [5]، سنڌو تهذيب ۽ خروشٿي لکتون به نقش ٿيل آهن[4]

قدامت[سنواريو]

ڪجهه ماهرن جوخيال آهي ته هي نقش نگاري جديد پٿر جي دور يا نيوليٿڪ (Neolithic) ۽ ڪئلڪوليٿڪ (Chalcolithic)جي دور ۾ نقش نگاريٿيل آهي [2]۽ ڪي ماهران راءِ جا آهن ته هيءُ نقش نگاري ڪنجهي يا ٽامي(Bronze Age) جي دور کان مڊويل عرصي ۾ جبلن تي ڪئي وئي.[3][4]

حوالا[سنواريو]

  1. "Kīrthar Range | mountain region, Pakistan" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/place/Kirthar-Range. 
  2. 2.0 2.1 2.2 Newspaper, From the (2011-05-08). "Ancient rock carvings of Sindh" (en-US ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/626805. 
  3. 3.0 3.1 "Ancient art of the Kirthar". www.thefridaytimes.com. حاصل ڪيل 2018-06-09. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "KARACHI: Rock carvings in Khirthar range" (en-US ۾). DAWN.COM. 2004-05-10. https://www.dawn.com/news/358537. 
  5. 5.0 5.1 5.2 "Heritage: The writing on the wall by Zulfiqar Ali Kalhoro". www.thefridaytimes.com. حاصل ڪيل 2018-06-09. 
  6. Ali, Kalhoro, Zulfiqar (2014-07-01). "The Discovery of Rock Paintings in Sindh" (en ۾). Pakistan Historical Society. Journal of the Pakistan Historical Society 62 (3). https://www.questia.com/library/journal/1P3-3470087921/the-discovery-of-rock-paintings-in-sindh. [مئل ڳنڍڻو]
  7. Ali, Kalhoro, Zulfiqar (2013-07-01). "Buddhist Traditions in the Rock Art of Sindh, Pakistan" (en ۾). Journal of Asian Civilizations 36 (1). https://www.questia.com/library/journal/1P3-3174100901/buddhist-traditions-in-the-rock-art-of-sindh-pakistan. [مئل ڳنڍڻو]