محمد
![]() | هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
![]() | ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
ابوالقاسم مُحَمَّدٌ صلي الله عليه وآله وسلم | |
---|---|
![]() سندن نالو خوش خطاطي ۾ لکيل | |
پيدائش | اپريل 20 570 مڪو |
وفات | جون 8, 632 (عمر 62 سال) مدينو |
وفات جو ڪارڻ | سخت بخار |
مدفن | مسجد نبوي، مدينو منور |
يادگار | مسجد نبوي |
رھائش | مڪو پوء مدہنو |
قوميت | عرب |
ٻيا نالا | 99 نالا: مجتبیٰ، مصطفیٰ، بشیر، نذیر، احمد وغیرہ |
شھريت | حجاز |
تعليم | اُمِي |
پيشو | واپار ، حاڪم ، قاضي، فوجي ڪمانڊر، معلم |
شھرت جو ڪارڻ | اسلام جو پيغمبر |
مشھور ڪم | *خدا جو ڏنل قرآن پھچائڻ
|
اباڻو ڳوٺ | مڪو |
اڳيون عهديدار | عيسيٰ مسيح |
جانشين | ڪو بہ نہ |
مخالف | عربستان جا مشرڪ ۽ يھودي |
جيون ساٿي | * خديجه بنت خويلد (595–619)
|
ٻار ٻچا | *عبد الله بن محمد،
|
ماءُپيءُ | *عبد الله بن عبد المطلب
|
رشتيدار | * عبدالمطلب (ڏاڏو)
|
اعزاز | رحمته العالمين |
آخري نبي | |
سڃاڻپ نشان | |
![]() |
مُحَمَّد(انگريزي: Muhammad pbuh)(اپریل570ع - جون 632ع) هڪ عرب مذهبي، سماجي، ۽ سياسي اڳواڻ ۽ اسلام جو باني هو.[1] اسلامي عقيدي جي مطابق، هو هڪ نبي هو، جيڪو آدم، ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ ۽ ٻين پيغمبرن جي توحيد پرست تعليم جي تبليغ ۽ تصديق جي لاءِ موڪليو ويو هو.[1][2][3][4] هن کي اسلام جي سڀني فرقن ۾ خدا جو آخري نبي مڃيو ويندو آهي،جيتوڻيڪ ڪجهه جديد فرقا ان عقيدي کان هٽي ويا آهن. محمد عربن کي هڪ ئي مسلمان جمهوريه ۾ متحد ڪيو، قرآن سان گڏوگڏ هن جي تعليم ۽ عمل پڻ اسلامي مذهبي عقيدي جي بنياد تي قائم ڪيو ويو.
مسلمان
سندس پوئلڳ، يعني ته مٿس اعتقاد ڪرڻ وارن کي مسلمان سڏيو ويندو آهي، جيڪي اڄ دنيا جي ڪل آباديءَ جو پنجون حصو آهن. هن چاليهن سالن جي ڄمار ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي. ان کان اڳ محمد ﷺ غار حرا ۾ عبادت ڪندو هو. مسلمان ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته محمد ﷺ 27 رجب تي معراج، يعني ڪائنات جو سير ڪري آيو. ان وقت سندس ڄمار 53 سال هئي. هن 623ع ۾ مڪي کان مديني طرف حجرت ڪئي ۽ ڏهن سالن بعد مڪو فتح ڪيائين. محمد ﷺ 12 ربيع الاول 11 هه مطابق 7 مئي 632ع ۾ هن دنيا مان پردو مٽائي ويو۔
سندس خاندان ۽ قبيلو
محمد صہ جو خاندان ابراهيم نبي جي اولاد مان ھيو. ابراهيم پنھنجي وڏي پٽ اسماعيل ۽ سندس ماء ھاجرا (عبراني ٻولي:Hagar) کي مڪي جي ويران وادي ۾ رھايو ۽ ھر سال کين ملڻ ايندو ھيو. جڏهن اسماعيل وڏو ٿيو تہ ٻنھي پيء ۽ پٽ گڏجي ڪعبو تعمير ڪيو. ان ويراني ۾ زمزم جي چشمي جي برآمد ٿيڻ سان جرھوم جي قبيلو سندن مرضي سان اتي آباد ٿيو ۽ اڳتي هلي اسماعيل جي شادي ٿي ۽ کيس ٻارھن پٽ ڄاوا جن مان وڏي پٽ جو نالو قدار ھيو. آھستي آھستي اسماعيلين جو تعداد وڌندو ويو.[5] بائيبل مطابق خدا جو واعدو ٿيل ھيو تہ اسماعيل جي اولاد کي تيزي سان وڌائيندو [6] اھي پوري حجاز ۾ ڦھلجي ويا. عیسیٰ مسیح جي پيدائش کان 200 سال اڳ قدار جي اولاد مان عدنان مشھوري ماڻي ٻنھي جي وچ واري شجري جي اڃان ڪا پڪ نہ ٿي سگھي آھي ڇو تہ عربن گھڻا شجرا بيان ڪيا آهن.محمد صہ انھن شجرن تي تبصرو ڪندي فرمايو ھيو تہ
جڏهن منھجو شجرو عدنان تائين پھچي تہ بس ڪريو
— محمد صہ[5]
ٽين صدي عيسويءَ ۾ عدنان جي اولاد مان ھڪ سردار ٿيو جنھن جو نالو فاھر ھيو جنھن لاء خيال آهي تہ ان کي قريش سڏيندا ھيا ڪن جو وري خيال آھي تہ فاھر جي پنجين پيڙهيءَ ۾ پنجين صدي عيسويءَ ۾ قصي بن ڪلاب بن مرہ بن لوئي، بن غالب بن فاھر نالي ھڪ طاقتور شخص مشھور ٿيو جنھن کي قريش سڏيندا ھيا ء ان جي اولاد قريشي سڏبا ھيا. علامہ شبلي نعماني، علامہ طبري مطابق قصي ئي پھريون شخص ھيو جنھن کي قريش سڏيو ويو. قصي سڀني اسماعلين کي گڏ ڪري قائل ڪيو تہ خانہ بدوشي ترڪ ڪري ڪعبي جي چؤطرف مستقل رھائش اختيار ڪن. قصي ڪعبي جي نگران خزاہ قبيلي جي ھليل نالي ھڪ شخص جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ ھليل جي وصيت ذريعي ڪعبي جي نگراني جي ذميداري قصي جي حوالي ٿي جنھن کوڙ ادارن کي قائم ڪيو جن ۾ دارالندواہ (گڏجاڻي واري جاء) شامل ھئي جتي ويھي جنگ ۽ امن سميت اھم معاملن جا فيصلا ، شادين جا اجتماع ٿيندا هئا. قافلن جي روانگي پن ٿيندي هئي.ھن سقايہ ( حاجين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست)، رفادہ ( حاجين کي کاڌخوراڪ فراھم ڪرڻ جو بندوبست) پڻ قائم ڪيا[5] ھن حاجين جو مشاعرالحرم ۾ رات ٽڪائڻ جو بندوبست ء پوري واديءَ کي بتين سان منور ڪري کين سھولتن فراھم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. زمزم جو چشمو صديون پھرين لٽجي ويو ھو ھن ان کي ڳولي پھريون دفعو کوھ کوٽايو ۽ پاڻي جي بحالي ٿي. ھن ڪعبي جي ٻيھر تعمير ڪرائي. ھن جي وفات بعد ماڻھو حاجون (موجوده جنت المولا واري قبرستان) ۾ سندس قبر جي زيارت لاءِ ويندا ھئا. ھن کي ڪعبي جون ڇھ ذميداريون ھيون جيڪي ھن پنھنجي وفات کان اڳ پنھنجي وڏي پٽ عبدالدار کي سونپيون. قصي کي پنج پٽ ء ھڪ ڌيءُ ھئي. سندس ٻئي پٽ مغيرہ کي عبداالمناف سڏيندا ھيا، جيڪو قبيلن ۾ معتبر ۽ قائدانہ صلاحيتن وارو ليکيو ويو. عبدالمناف کي ڇھ پٽ ٿيا جن ۾ ھاشم، مطلب، عبد شمس ۽ نوفل مشھور ٿيا. عبدالدار ۽ عبداالمناف جي وفات کان پوءِ ڪعبي جي ذميداري سنڀالڻ ۾ سندن اولاد ۾ تڪرار شروع ٿيو پر پوء ٺاھ ٿي وين. اھو طئي ٿيو تہ پاڻي پيارڻ ، کاڌ خوراڪ فراھم ڪرڻ ۽ جنگ ۾ قيادت جي ذميداري عبداالمناف جي اولاد ڏي منتقل ٿي. ليوا ۽ حجابہ جي ذميداري عبدالدار جي اولاد کي ملي باقي دارالندواہ جي سربراهي ٻنھي جي خاندانن ۾ رھي. انھن مان ھاشم گھڻو نالو ڪڍيو جنھن کي کاڌي کارائڻ جي ذميداري ملي. ھڪ ڀيري مڪي ۾ وڏو ڏڪار آيو تہ ھاشم پنھنجي سموري دولت کڻي شام ويو اتان اٽو ۽ سڪل ماني خريد ڪري مڪي آيو ۽ روزانو اٺن کي ڪھي انھن مان ٻوڙ ٺاھي ماني جا ٽڪرا ان ۾ ملائي سموري قبيلي کي گھرائي کارائيندو هو ڏڪار جي خاتمي تائين ھن قبيلي جي مدد جاري رکي کوڙ ماڻھن کي مرڻ کان بچائي ورتو.ان خدمت جي بدلي ئي کيس ھاشم جو نالو مليو جنھن جي معني ( مانيءَ کي ) ٽڪر ڪندڙ آھي. ھاشم جو اصل نالو امر(انگريزي: Amr) ھيو. ھاشم مڪي جي واپاري قافلن جو بنياد وجھندڙ پڻ ھيو. ھن باظنتيني شھنشاھ کان حڪمنامو حاصل ڪيو جنھن تحت قريش قبيلي کي ھر قسم جي ٽئڪس ۽ ڊيوٽي کان آزاد ڪري انھن جي ڪنٽرول وارن ملڪن ۾ آزاد اچ وڃ جي اجازت ڏنل ھئي[5] ھن اھا ساڳي سھولت ايٿوپيا جي بادشاھ کان پڻ حاصل ڪئي ۽ ان وقت يمن ايٿوپيا جو حصو ھيو.اھڙي طرح قريش جا واپاري قافلا يمن کان شام ۽ بازنظيني شھر انقرہ تائين وڃڻ شروع ٿيا.[5] ھاشم جڏهن 25 سالن جو ھيو تہ سن 488 عيسويءَ ۾ فلسطين جي غزہ واري ھنڌ وفات ڪري ويو ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. اھا جاء غزہ ھاشم يا ھاشم جي غزہ سڏجڻ شروع ٿي وئي. ھن يثرب جي عدي بنو نجار قبيلي جي سلمیٰ بنت امر سان پرڻو ڪيو جنھن مان عبدالمطلب پيدا ٿيو جيڪو اڃان ننڍڙو ھيو تہ ھاشم وفات ڪري ويو.ان کان سواءِ ھاشم کي چار ٻيا پٽ پڻ ھيا جن ۾ اسد، نضلا، سئفي ۽ ابو سئفي شامل ھيا جن مان پوين ٽن کي اولاد ڪانہ ٿي باقي اسد کي فاطمه بنت اسد نالي نياڻي ڄائي جيڪا علي رضہ بن ابي طالب جي ماء ھئي. ھاشم جو اھڙي طرح نسل عبدالمطلب مان اڳتي ھليو[5]. عبدالمطلب يثرب ۾ پنھنجي ناني جي گھر ۾ پيدا ٿيو. ھاشم جي وفات بعد سندس ڀاء مطلب خاندان جو وڏو بڻيو جيڪو پنھنجي ننڍي ڀائٽي عبدالمطلب بن ھاشم کي مڪي وٺي آيو جڏھن مطلب اٺ تي مڪي ۾ داخل ٿيو تہ ماڻھن ڇوڪري کي مطلب جو غلام سمجھي عبدالمطلب چوڻ شروع ڪيو ۽ مطلب وضاحت ڪندو رھيو تہ اھو سندس ڀائٽيو آھي پر ھاشم جي ان پٽ تي عبدالمطلب نالو پئجي ويو[5]. عبدالمطلب جو اصل نالو شعيبت الحمد ھيو. مطلبجي وفات بعد سقايہ ۽ رفادہ جي ذميداري عبدالمطلب جي حصي ۾ آئي. ھن 82 سالن تائين عمر ماڻي ۽ پوئين وقت ھن کي مڪي جي سربراھ جو خطاب پڻ مليو[5]
پيدائش کان ٿورو اڳ جا واقعا
سندس والد
سندس والده
سندس پيدائش
بيبي حليمه وٽ پرورش
سندس ننڍپڻ
جواني وارو شادي کان اڳ وارو دؤر
سندس پھرين شادي
سندس پھرين شادي خديجه بنت خويلد سان 695 ۾ ٿي جنھن جي عمر 40 سال ھئي ۽ سندس ٻہ مڙس فوت ٿي چڪا ھئا. محمد صہ جي عمر ان وقت 25 سال ھئي.
غار حرا ۾ عبادت
وحي جي شروعات يا نبوت جو آغاز
مڪي ۾ تبليغ
سندس سماجي ۽ معاشي بائيڪاٽ
مڪي ۾ سندس ساٿي
معراج جو واقعو
طائف ۾ تبليغ
حبشہ ھجرت ڪرڻ جا حڪم
مديني ڏانهن ھجرت
مسجد نبوي جو قيام
جنگ بدر
ميثاق مدينہ
جنگ احد
جنگ احزاب
صلح حديبيه
خيبر جي فتح
عربستان جي قبيلن سان تعلقات
مڪي جي فتح
==طائف جي فتح==
منافقن سان سلوڪ
غير مسلمانن سان سلوڪ
سندس آخري وقت ۽ وڇوڙو
سندس زالون ۽ ازدواجي زندگي
سندس اولاد
سندس جنگون ۽ فوجي مھمون يا جھاد
بحيثيت ھڪ قانوندان
بحيثيت ھڪ حاڪم
بحيثيت سپھ سالار
بحيثيت رھنماء
بحيثيت ھڪ منصف
قرآن جي تعليم ڏيندڙ
سندس حديثون
نور ۽ بشر وارو معاملو
گذر معاش
سندس خارجہ پاليسي
سندس ذاتي سواريون
سندس ذاتي ھٿيار
سندس پسنديده کاڌا
سندس پسنديده پوشاڪ
ڇا پاڻ ھڪ امي ھيا؟
امت سان سندس محبت
سندس عمرا ۽ حج
حجت الوداع جو خطبو
سندس ڇڏيل ورثو
سندس مقبرو
تصويري خاڪن وارا تڪرار
توھين رسالت وارو قانون
حضرت محمد صه ۽ مغربي فلاسافر
”آنحضرت صلعم متعلق گوئٽي هڪ ڊگهو نظم لکيو جو ’Mahomet's Gesang‘ جي نالي سان مشهور آهي. ان نظم ۾ گوئٽي آنحضرت صلي الله عليہ آولہ وسلم جي چهري جي هڪ محبت ڀري تصوير چٽي آهي هن نظم آخر ۾ گوئٽي لکيو آهي ته: ”آنحضرت جنجي چهري مبارڪ تي نظر پوڻ سان انسان سندن مفتون ٿي پوندو.“ اڳتي هلي چوي ٿو ته:”آنحضرت صلعم متعلق گوئٽي هڪ ڊگهو نظم لکيو جو ’Mahomet's Gesang‘ جي نالي سان مشھور آھي.جرمن فيلسوف لائبنز (Leibniz) (1646-1716ع) متعلق پروفيسر اشپيز لکيو آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي ’دين الفطرت‘ جو باني سمجهندو هو.[7]
درود ۽ صلوات
حوالا
- ↑ 1.0 1.1 Alford T. Welch; Ahmad S. Moussalli; Gordon D. Newby. "Muḥammad". ۾ John L. Esposito. The Oxford Encyclopedia of the Islamic World. Oxford: Oxford University Press. وقت 11 February 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
The Prophet of Islam was a religious, political, and social reformer who gave rise to one of the great civilizations of the world. From a modern, historical perspective, Muḥammad was the founder of Islam. From the perspective of the Islamic faith, he was God's Messenger (rasūl Allāh), called to be a "warner," first to the Arabs and then to all humankind.
Unknown parameter|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Esposito (2002b), pp. 4–5.
- ↑ Peters, F.E. (2003). Islam: A Guide for Jews and Christians. Princeton University Press. p. 9. ISBN 978-0-691-11553-5. https://archive.org/details/islamguideforjew00fepe/page/9.
- ↑ Esposito, John (1998). Islam: The Straight Path (3rd ed.). Oxford University Press. pp. 9, 12. ISBN 978-0-19-511234-4.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 5.6 5.7 The Life of Muhammad, the Prophet , by:Syed Saeed Akhtar Rizvi, page ،9,7,8,6,
- ↑ {Genesis 21:13}
- ↑ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع