راجا جيسينه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راجا جيسيه
جيسينا
شاھي گھراڻو سنڌ جو برھمڻ خاندان
پيءُ راجا ڏاهر
ماءُ راڻي لاڏي
جنم الور
مذھب ھندوازم ۽ اسلام

راجا جيسِينَ يا راجا جيسيه يا جيسينا (انگريزي: Jaisena )سنڌ جي آخري برهمڻ راجا ڏاهر جو وڏو پُٽ هو ۔ راجا ڏاهر کان پوءِ عربن خلاف جيسينه مزاحمت ڪئي۔

جنم[سنواريو]

چچ نامي مطابق هڪ ڀيري ڏاھر پنهنجي عيال سان گڏ شڪار تي نڪتو ۔ سندس عيال ۾ سندس پيٽَ سان گهر واري به هئي، جنهن جي پيٽ ۾ نون مهينن جو ٻار هو۔ اوچتو سندن ڪيمپ تي هڪ آدم خور شينهن حملو ڪري ڏنو ۽ ڏاهر جي پيٽَ سان زال طرف وڌيو۔ راجا ڏاهر اڳتي وڌي شينهن سان مقابلو ڪري کيس ماري وڌو، پر سندس گهر واري جو اڳي ئي دم پرواز ڪري چڪو هو ۔ پر ٻار اڃان سندس پيٽ ۾ چري رهيو هو۔ جنهن کي پيٽ چيري ٻاهر زنده ڪڍيو ويو ۔[1]

نالو[سنواريو]

جيئن ته ٻارڙو شينهن جي چنبي کان بچايو ويو هو، ان ڪري سندس نالو ئي " جيسيه " يعني " شينهن تي فتح ماڻيندڙ " رکيو ويو ۔

جيسيه : ڏاهر جي دؤر ۾[سنواريو]

مهاراجا ڏاهر جي عهد حڪومت ۾ وڏو ٿيو ۔ جيسيه تمام دلير، جنگجو ۽ باهمت شخص هو ۔ مڪران ،نيرون ڪوٽ ۽ توران جو گورنر به رهي چڪو هو ۽ هر مشڪل گهڙي ۾ پنهنجي پيء سان همراهه رهندو هو ۔ راجا ڏاهر کي مٿس ناز هوندو هو ۔ جڏهن بن قاسم ديبل فتح ڪري اڳتي وڌيو ، ته ڏاهر کيس هڪ ڌمڪي آميز خط ۾ لکي جيسيه جي بھادري جو ان تي رعب ويھارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي۔[2]

بديل سان لڙائي[سنواريو]

قافلي لٽجڻ جي واقعي کان پوِ حجاج بن يوسف ،بديل جي اڳواڻي ۾ اسلامي لشڪر کي سنڌ طرف موڪليو ۔ راجا ڏاهر کي اطلاع ملڻ شرط راجا جيسيه جي قيادت ۾ فوج کي روانو ڪيو ۔ ٻنهي طرفن کان گهمسان جي ويڙهه لڳي ۔ آخرڪار بديل مارجي ويو ۔ جيسيه ڪيترن ئي مسلمانن کي قيدي بنائي ورتو ۽ سوڀارو ٿي موٽيو ۔

فاتح سنڌ سان لڙايون[سنواريو]

بديل کان بعد اسلامي لشڪر محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ حمله آور ٿيو ۽ ديبل کي فتح ڪري اڳتي پيش قدمي ڪيائين جيسيه پنهنجي پيء سان گڏ مختلف معرڪن ۾ وڙهندو رهيو ، پر هر جاء تي ناڪام ٿيا ۔ ٻيٽ جي معرڪي دوران جيسيه مسلمانن کي اهڙو بيوس بنائي ورتو ، جو اسلامي لشڪر ۾ قحط منهن ڪڍيو ۔ الور جي جنگ دوران بن قاسم ڏاڍو پريشان ٿيو آخرڪار مسلمان فتح ياب ٿيا ۽ راجا ڏاهر مارجي ويو ۔ اهڙي طرح سنڌ " باب الاسلام " بنجي وئي ۔

برهمڻ آباد تي قبضو[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو

سنڌ تي مڪمل اسلامي خلافت جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ برهمڻ راڄ جو مڪمل زوال ٿي چڪو هو ۔ راجا جيسيه ڪجهه وقت روپوش هو. خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي گادي تي ويهڻ سان سندس حڪم تي محمد بن قاسم گرفتار ڪري روزانو ڪيو ويو جنھن کان پوءِ سنڌ ۾ يزيد بن ابي ڪبشه گورنر مقرر ٿيو جيڪو ارڙھن ڏينهن رھيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو. ملڪ ۾ وري وڌيڪ بي چيني تڏهن پکڙي جڏهن هتان مجاهد لڏي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا. انهيءَ انتشار جو فائدو وٺندي ڏاهر جي پٽ جيسينا برهمڻ آباد تي قبضو ڪري پنھنجي حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ باقي بچيل ملڪ مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو.پوءِ عارضي طور تي عامر بن عبدالله سنڌ جو گورنر ٿي ڪري آيو ۽ اڃا انتظام درست ڪرڻ لڳو ته زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي ۽ هن جي وڃڻ کان پوءِ جيسينا کي حڪومت ڪرڻ جو ڪجهه وڌيڪ وقت ملي ويو.[3] ڪجهه هندو راجا به ساڻس ملي ويا ۔[4]

قبول اسلام[سنواريو]

99ھ ۾ اميرالمومنين عمر بن عبدالعزيز جي خلافت شروع ٿي ۔ پاڻ سنڌ جي هندو راجائن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪليائون ۔ جيسيه ۽ سندس ساٿين سميت اسلام قبول ڪري پاڻ تي اسلامي نالو رکيائين ۔ اميرالمومنين کيس برهمڻ آباد جي حڪومت جو پروانو به جاري ڪري ڏنو ۔

وفات[سنواريو]

هشام بن عبدالملڪ جي عهدي خلافت ۾ سنڌ جو گورنر جنيد بن عبدالرحمان مري کي بنايو ويو ۔ جنيد ۽ جيسيه جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا ۽ جنيد برهمڻ آباد تي ڪاهه ڪري ڏني ۔ جيسيه کيس روڪيندي چيو ته آء مسلمان ٿي چڪو آهيان ۽ برهمڻ آباد عمر بن عبدالعزيز ڏنو آهي ۔ جنهن تي ٻنهي جو صلح ٿي ويو ۔ پر ٻيهر ساڳي ڪشمڪش شروع ٿي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جنگ لڳي ۔ نتيجي طور راجا جيسيه قتل ٿي ويو ۔ ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته جيسينه مرتد ٿي ويو هو پر ان ڳالهه جي ڪا ئي ساک ناهي ملي سگهي۔[2]جنيد بن عبدالرحمان جي ۽ جيسيه جي جي باري ۾ بلاذري لکي ٿو ته جنيد پنهنجي فوج کي ٻيڙين تي سوار ڪري درياءَ کان پار اُڪاريو، ۽ درياءَ جي اڀرندي طرف جبلائتي ڪناري تي لڙائي لڳي. جنهن ۾ جيسنگهه سخت شڪست کائي اهڙي بي انتظامي سان ڀڳو، جو پنهنجي جان به بچائي نه سگهيو ۽ جنيد جي هٿ ۾ گرفتار ٿي پيو. جنهن کيس گرفتار ڪرڻ شرط قتل ڪري ڇڏيو. هن سان گڏ چچ نالي ڏاهر جو ٽيون پٽ به هو جو پڻ گرفتار ٿي مارجي ويو[5].

پڻ ڏسو[سنواريو]



حوالا[سنواريو]

  1. تحفه الڪرام
  2. 2.0 2.1 سنڌ جي تاريخ از اعجاز الحق قدوسي
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  4. چچ نامو
  5. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي