ڪلھوڙن جو دور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪلھوڙا (Kalhorra) سنڌ جي اصل رھاڪن جو ھڪ مُکيه قبيلو آهن، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن، مُکيه قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين خلاف، پنھنجي مُنھن وڙھندا رھندا ھئا. سنڌن وڏو ڄام چنو، ستن مُک قبيلن ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن جو پڳدار ھو. ھن سيوھڻ کان ڇھ ڪوھه پري جھانگارا باجاراجا شھر ٻَڌايا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڏي ساک وارو، سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن 1220ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. ھن قبيلي مان ميان آدم شاھه ڪلھوڙو پيدا ٿيو، جنھن جا ڪيترائي مريد ھئا. ھو الله وارو ۽ درويش صفت انسان ھو. سندس ڏينھن ۾ خان خانان سنڌ تي ڪاھه ڪئي. ھن ترخانن ۽ مغلن جي ٽڪراءَ جو فائدو وٺي، پنھنجي مريدن کي گڏ ڪري، ڌارين جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو. ان ڪري ملتان جي گورنر کيس مارائي ڇڏيو[1].تحفة الڪرام موجب سن 1592ع ۾ مغل ڪمانڊر عبدالرحيم خانخانان سنڌ جي فتح وقت ميان آدم شاھه وٽ دعا لاءِ آيو ھو. خانخانان بزرگ جي لنگر خاني لاءِ چانڊڪي ۾ جاگير ڏني ھئي، ليڪن اڳتي ھلي مغلن ۽ آدم شاھه ۾ تصادم ٿيو. ميان صاحب کي ملتان ۾ کڻي ويا، جتي کيس ڦاسي ڏنائون[2].[3] ان کان پوءِ ھن جي پوٽي ميان الياس گادي سنڀالي. ميان الياس کان پوءِ ميان شاھل محمد پنھنجي مريدن کي گڏ ڪري مغلن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو، جنھن ڪري کيس به مارايو ويو.[4]زميندارن ۽ مُلن کي آرام نه آيو ۽ انھن جي سازش سان ميان شاھه علي (عرف ميان شاھل محمد) کي ذاتي طرح سان ھڪ معرڪي ۾ قتل ڪرايو ويو.[5].[6] کانئس پوءِ ميان نصير محمد 1657ع ۾ شاھجھان جي ڏينھن ۾، گاديءَ کي زور وٺرايو.[7]ميان نصير محمد ھن جي گادي سنڀالي. ھن کي 1675ع ۾ گرفتار ڪري اورنگزيب جي درٻار ۾ موڪليو ويو، جيڪو شريعت جي معاملي ۾ ھڪ سخت گير انسان ھو. عام خيال ھو ته شھنشاھه سلامت خود عالم آھي، سو پاڻ ميان نصير کي ڪافر قرار ڏئي قتل ڪرائي ڇڏيندو. ھتي وري ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ حق جي سوڀ ٿي. عالمن پاران اورنگزيب تي دٻاءُ پيو ته درٻار جي مُلن ۽ مھدوين جي وچ ۾ مناظرو ڪرايو وڃي، ته جيئن حق سچ جي خبر پوي ۽ سنڌ جي سرواڻ ميان نصير محمد ڪلھوڙي کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. ھن بحث کي ”عالمگيري مباحثو“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو 1678ع ۾ احمدنگر ۾ منعقد ٿيو. نتيجي ۾ نه ته بادشاھه ۽ نه وري عالم اھڙي ڪا چيز دريافت ڪري سگهيا، جو ميان نصير محمد تي ڪفر جي فتويٰ لاڳو ڪري سگهجي . ھڪ راءِ آھي ته ھن مباحثي جي نتيجي ۾ ميان کي آزادي ملي. ميان نصير محمد اولين ڪلھوڙو مرشد ھو، جو سرڪاري فوجن سان 1675ع ڌاري وڙھيو ھو. اھو لشڪر بکر جي گورنر مير يعقوب موڪليو ھو. ھن معرڪي ۽ وڌندڙ فوجي طاقت سبب، دھلي درٻار محدود حلقي ۾ ميان نصير کي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو. اِن ريت 1681ع ڌاري ڪلھوڙا خاندان جي حڪومت جو بنياد پيو. اڳتي ھلي آھستي آھستي دھلي درٻار جي سنڌ ۾ طاقت گهٽجي ويئي، جڏھن ته ڪلھوڙن جي حڪمراني مضبوط ٿيندي رھي. ھيٺ اسين مکيه ماڻھن جا نالا ڏينداسين جي ميان سان گڏ ھئا: فوجو فقير سومرو، شاھه پنجو سلطان، مير صوبدار ٽالپر، جنگو خان جمالي، حاصل فقير لاشاري، مراد ڪليري، باغو چانڊيو، گولو کوسو، شاھه گودڙيو کوسو، يارو رند، ڪمال خان مشوري، ميرڻ سولنگي، گل محمد لغاري، دريا خان برھماڻي، سھراب جتوئي، بلاول زرداري، ڏونگر مگسي وغيره. [8].[9] ميان نصير جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ دين محمد گاديءَ تي ويٺو، جنھن مغلن خلاف بغاوت کي زور وٺرايو، ان ڪري کيس قتل ڪيو ويو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنھنجي ڪٽنب ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو علائقن ۾ پناھه ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين سان ويڙھ جاري رکي ۽ ان کي هار ڏني. ان کان پوءِ ھو جبلن تان ھيٺ لھي آيو ۽ نئينگ کان ٿيندي، منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شھر سامتائي ۽ ڳاھن جي ايراضي، فتح پور، شڪارپور، گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي، پنھنجي قبضي ۾ ڪيا. 1701ع ۾ مغلن پنھنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي سبي، بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن جا اختيار سندن حوالي ڪري، خدا يار خان جي لقب سان گڏ خلعت، سوني جڙت واري ڪَلنگي، ترار، گھوڙو ۽ ھاٿي به ھن جي پذيرائيءَ طور کيس ڏنا.[10]ھن اتر سنڌ ۾ پنھنجي خودمختيار صاحبي قائم ڪري، خدا آباد کي پنھنجو تخت گاھه بڻايو.ميان دين محمد ڪلھوڙو، جنھن کي اورنگزيب جي پوٽي شھزادي معزالدين ملتان ۾ نظربند رکيو ۽ پوءِ موت جي سزا ڏني. ھي واقعو 1700ع ۾ پيش آيو. معزالدين ماءُ جي طرف کان فقـﮧ جعفريه سان لاڳاپيل ھو ۽ حڪم ڏنو ھئائين ته جمعي جي خطبي ۾ ٻارھن امامن جو ذڪرضرور ڪيو وڃي ظاھر آھي ته ھن جو مقصد ”مھدويت“ کي ضابطي ۾ رکڻ ھو. حاڪمن جي ھن ظالم سبب شديد رد عمل ظاھر ٿيو. ڪلھوڙا نئين جذبي ۽ جوش سان اڳتي وڌيا. سياسي ميدان تي سندن نئين ظھور عام ماڻھن ۾ کين وڏي مڃتا ڏني. آخرڪار مغليه سلطنت کي سندن طاقت جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پيو. ميان يار محمد کي ڪجھه شرطن سان اُتر سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو حق مليو. طئه ٿيل شرطن جو ذڪر غلام رسول مھر ”تاريخ ڪلھوڙا“ ۾ ڪيو آھي. ھن معاھدي ۾ دھلي بالادست ڏسجي ٿي. ڪلھوڙن کي به ان جي نتيجن جو درست اندازو نه ٿي سگهيو. حقيقت ۾ ڪلھوڙا قرآن ۽ سنت جا بيحد پائبند ھئا، اِنڪري پاڻ دھليءَ جي بادشاھه کي اولي الامر(حڪمران)طور تسليم ڪيائون. ھن صورتحال کي دھلي درٻار ھميشـﮧ استعمال ڪيو ۽ غلط فائدا ورتا. خدا جو خوف رکندڙ ميان يار محمد ڪلھوڙي کي پنھنجي پيرڀائي شاھه عنايت صوفي سان به قرآني حڪم اولي الامر (حڪمران) واري نُڪتي تحت جنگ ۾ شموليت ڪرڻي پئي. پڪ سان ھي قدم يار محمد جي حوالي سان ھڪ دکدائڪ فيصلو آھي. صلح جو ھڪ عھدنامو شاھه عنايت صوفيءَ تي مڙھيو ويو، جنھن ۾ ھن جي مريدن ۽ خاص ڪري سندس ويجھي مريد مير شھداد خان ٽالپر صوفيءَ جي سلامتيءَ جي ضمانت ڏني. سرڪاري ۽ شاھي فوجن قرآن مجيد کي شاھد بنايو. ميان يار محمد ۽ مير شھداد به سرڪاري عھدنامي کي سچ تسليم ڪيو ٿي. پرپوءِ ڳالھه تبديل ٿي ۽ ٺٽي جي حاڪم اعظم خان، سن 1718ع ۾ پھريان صوفي صاحب کي نظربند رکيو ۽ پوءِ کيس موت جي سزا ڏئي سندس سرکي دھلي درٻار ۾ موڪليو ويو. ھڪ حلقي جي خلاف ھي ڪامياب سازش ھئي، ته جيئن سندن مريدن ۾ بدگماني پيدا ڪري ڪلھوڙن جي طاقت کي ڪمزور ڪجي. ھن ھانءُ ڏاريندڙ حادثي تي ميرجان الله شاه رضوي، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاھه عبداللطيف ڀٽائي گهڻو ناراض ٿيا ۽ ڏکوئجي پيا. 1738ع ۾ نادرشاھه ھند ۽ سنڌ تي حملو ڪيو. نتيجي ۾ ٻنھي علائقن جي اقتصاديات کي وڏو نقصان پھتو. ھن سنڌ جي دولت لُٽي ۽ ميان نور محمد جي ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورھايو. ميان کي ملڪ جو ٽيون حصو مليو. اُن کان علاوه ميان جي بھترين ذاتي ڪتبخاني کي به لُٽيائين، ۽ ڪيئي قيمتي نسخا توڙي قرآن مجيد جا مخطوطا پاڻ سان کڻي ويو. ڦرلٽ اتي دنگ نه ڪيو، ميان نور محمد ھڪ ڪروڙ رپيه روڪ ڏنا ۽ پڻ سالانه 20 لک خراج ڏيڻ قبول ڪيو. ضمانت طور ميان جا ٻه پٽ مرادياب خان ۽ غلام شاھه به پاڻ سان ايران وٺي ويو. اِن ريت ئي ٻئي شھزادا خانداني تعليم ۽ تربيت کان محروم رھجي ويا. ميان يار محمد جي وفات 1719ع ۾ ٿي. بعد ۾ سندس فرزنده ميان نور محمد حڪمران بنيو. 1736ع ۾ ٺٽو صوبو پڻ سندس حوالي ٿيو. اُن بعد ڪلھوڙن جي مقامي حڪومت طاقت ورتي. حاڪميت ۽ حڪمراني لاءِ انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو. سنڌ جي پنھنجي فوج تيار ٿي. روينيو ۽ محصول وٺڻ جو اختيار به ڪلھوڙن کي مليو. اُن سان گڏ ڪلھوڙن مرشد جي حيثيت ۾ ماڻھن جي اصلاح ۽ دين جي واڌاري لاءِ به اُپاءُ ورتا. تاريخن ۾ ھن دور کي ”سونھري دور“ سڏجي ٿو.[11].[12] 1718ع ۾ ميان يار محمد جو پُٽ ميان نور محمد تخت ڌڻي ٿيو، جنھن لاڙ ۾ ڪڪرالو ۽ سري ۾ شڪارپور ۽ سيوي تائين قبضو ڪيو. 1736ع ۾ دھلي سرڪار کان بکر، سيوھڻ ۽ ٺٽو فتح ڪري، سڄي سنڌ تي پنهنجي صاحبي لاڳو ڪيائين. ان کان پوءِ ميان غلام شاھ دٻدٻي سان حڪومت ھلائي. آخر ۾ 1783ع ۾ ٽالپرن کانئن صاحبي کَسي.

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلھوڙا دور سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اھميت وارو آهي، ميان يار محمد، نور محمد ۽ ميان غلام شاھه ھن خاندان جا روشن تارا ھئا جن سنڌ کي آجپي واري خودمختيار، سائي ستابي ۽ عوام ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ پنھنجي محدود وسيلن ڪتب آڻڻ ۾ ڪابه گھٽتائي ڪانه ڪئي. ھنن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بحال رکڻ لاءِ وڏيون جاکوڙون ڪيون. پرڳڻي ۾ ريجاڻي (آبپاشي) ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ھنن سنڌ ۾ واھن جو ڄار وڇايو.

مسٽر ڊيل ھوسٽ ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ کوٽايل ھي واھه ڄاڻايا آھن. پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پيڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگھاڙ، داديجي، گھار، امرڪس ۽ نُور واھ. واھن جي انتظام ڪري سنڌ جي آباديءَ ۾ واڌارو ٿيو ۽ ماڻھو روزي ڪمائڻ لائق ٿيا. ڪلھوڙن حاڪمن مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد شھر اَڏايا. ميان غلام شاھ، شاھبندر جو بندر ٺھرايو ۽ پراڻ جي موريءَ کي بند ڏياريو، جنھنڪري ٿر جي آباديءَ ۾ واڏارو ٿيڻ لڳو. ملڪ جي زراعت زور وٺڻ ڪري، سنڌ جي سالياني اُپت وڌي اسي لکن تي پھتي. سندس دور ۾ امن امان ھو ۽ ماڻھو اطمينان سان پنھنجي ڏيھاڙي جي ڪِرت ۾ رُڌل رهندا هئا. گلدسته نورس بھار جو مصنف لکي ٿو ته، ”رستن جو امن ۽ رعيت جي ڀلائي اُتم درجي تي پھتل آھي. مسافر توڙي مقامي ماڻھو، پنھنجي ڪاروبار کي لڳل آھن. ھِت ايڏي پئماني تي امن امان آھي جو مسافر، ھر اُڊڪي کان سواءِ، رات ڏينھن امن امان سان ھر ھنڌ اچن وڃن ٿا.“ ڪلھوڙن جي دور ۾، سنڌين جي فوجي سگھ ڏاڍي سگھاري ھئي. ڪلھوڙا پاڻ به بھادر ۽ با اثر زميندار ھئا جن ٻه سؤ ورهين جي، غير سنڌي حڪومت کان، سنڌ کي پنھنجي سياسي ڏاهپ، بھادري ۽ ساڃاھ سان آزاد ڪرايو ۽ سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت قائم ڪئي. ھنن پنھنجي فوج کي سٺي تربيت ڏني ھئي، ڇو ته ھنن کي پنھنجي صاحبي واري دور ۾ ڪيتريون لڙايون وڙهڻيون پيون هيون. ھنن کي دھليءَ جي مغلن کان سنڌ، انھن جي فوجي ڪارنامن جي ڪري ئي ملي ھئي. ”ڪتاب التبصرة الناظرين“ جي بيان مطابق ڪلھوڙن جي فوج پروري حيرت انگيز ھئي.[13][14]

ھن دور ۾ ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاھه مشھور سوڀارا ٿي گذريا آھن ۽ راڄو ليکي، حبيب الله نائچ، محمد حسن کھاوڙ، الله بخش جھنجھڻ، عزت يار خان، تاجو سامٽيو، تاجو جتوئي، بلاول نائچ، شالمين شيدي، ٻڍو خان، ڌڱاڻو خان جتوئي، بجار جوکيو، محراب خان جتوئي ۽ شاھه بھارو مکيه سپھ سالار ٿي گذريا آھن. ڪيترين ئي جنگين ۾ پاڻ موکيو. شاھه بھارو جھنجھڻ ھن دور جو، چانڊڪا پرڳڻي جو ڪمانڊر انچيف ھو، جنھن جي ڪمان ۾ ڏھه ھزار سپاھه ھوندو ھو. ھن 84 جنگيون ڪيون پر ھر جنگ ۾ ڪاميابيءَ سندس وِکون چميون.

ڪلھوڙن جي فوج ھڪ طرف بھادر ۽ سگھاري ھئي ته ٻئي طرف سکيا ورتل به ھئي. هي لشڪر ھر وقت تيار رھندو هئو. ان وقت سنڌي لشڪرين جي سگھ جو اندازو آئين اڪبريءَ ۾ ھِن ريت ڄاڻايل آھي. ڪلمتي بلوچ لکيءَ وارا ويھ ھزار سوار ميدان ۾ آڻيندا ھئا. نومڙيا سيوھڻ جي تَر ۾ سؤ سوار ۽ ست ھزار پيادل فوج جي طاقت رکندا ھئا. مزاري بلوچ ھڪ ھزار جوان وقت سر ميدان ۾ آڻيندا ھئا. ميان يار محمد ڪلھوڙي جو لشڪر اُتم پائي جو ھو. ھن جي لشڪر ۾ بلوچ ۽ سنڌي سپاھي ھئا. ھن سنڌي ۽ بلوچن کي دعوتون ڏيئي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ سندن سردارن کي جاگيرون ڏنيون. ھن بلوچن جي مدد سان سڄي سنڌ تي والار ڪئي. ھن پنھنجي آرمي فورس جي طاقت ۽ سورھيائي سان ئي مغلن کان سنڌ آجپو ڏياريو. ميان نور محمد ڪلھوڙو ھڪ سٺو فوجي جرنيل ھو. ھو پنج ھزاري منصب تي فائز ھو. ھن جي فوج ۾ سماٽ ۽ بلوچ لشڪري ھئا. ھن ڌاريجا لاڙ ۾، عمرڪوٽ ٿر ۾، سِري ۾ شڪارپور ۽ لکي ۽ عبدالله خان ”شھباز- ڪوھستان“ کان ڪڇ کٽي، سنڌ جي سرحدي پرڳڻي چانڊوڪا ۾، لاڙڪاڻي کي تختگاھه ٺاحِ، اتي مٽيءَ جو قلعو اَڏرائي مٿس توبون رکائي ڏھ ھزار لشڪر شاھه بھاري جي نگراني ھيٺ رکيو. ميان نور محمد پنھنجي لشڪر کي جديد هٿيارن سان سنواريو. سندس مدراس جي راجا سان دوستي ھئي، جنھن جي ذريعي ھن انگريزي قلعي کان پراڻيون توبون خريد ڪيون. ڪي توبون پرچوگيزن کيس سوکڙيءَ طور ڏنيون ھيون. جڏھن سيويءَ کي شڪارپور جي افغانن فتح ڪيو، تڏھن ميان نور محمد، پنھنجي پٽ دائود خان جنھن ترتيب سان ميدان جنگ ۾، کاٻي ۽ ساڄي کان سپاھ آرائي ڪري، دشمن تي حملو ڪيو، سو مانُ ڏيڻ جوڳو هو. ويرين کي هار ملي ۽ ڪلھوڙن کي سوڀ حاصل ٿي. ميان نور محمد جو ٻيو پٽ غلام شاھ به ڏاڍو بھادر ۽ دلير جوان ھو. جڏھن ھن عطر خان کي هار ڏني، تڏھن قنڌار جي بادشاھه کيس شاھه وردي جو خطاب ڏنو. ان کان سواءِ جڏھن ھن ڪڇ جا بندر فتح ڪيا، تڏھن بادشاھ کيس صمصام الدوله جو خطاب ڏنو.[15]ڪلھوڙن ايشيا جي ٻِن وڏن ڦورن ۽ ڌاڙيلن نادر شاھه ايراني ۽ احمد شاھه ابدالي سان جيڪي جنگيون جوٽڻ جون جاکوڙون ڪيون. چون ٿا ته جڏھن نادر عمرڪوٽ وڃي رھيو ھو، تڏھن ماڇي قبيلي جي فوج جو ھڪ دستو نادري لشڪر جي سامھون رستو روڪي بيھي رھيو ۽ وڏي بھادريءَ سان وڙھيو. اھا جنگ اڃا جاري ھئي ته رڻ پٽ جي پاسي کان ھڪ ٻي فوج پڌري ٿي. اھو مھيري قبيلي وارن جو لشڪر هو، جنھن ۾ فقط نو سؤ سوار ھئا، ۽ انھن به تيزيءَ سان ايرانين تي هلان ڪئي، پر احمد شاھ ابدالي جي لشڪر آڏو پير نه کوڙي بيھي نه سگھيا. 1761ع ۾، جڏھن احمد شاھه ابداليءَ کي ھندوستان جي مسلمانن، مرھٽن ۽ سِکن جي ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ شاھ ولي الله دعوت ڏئي گھرايو هو، تڏھن سرفراز خان ڪلھوڙي، شاھه فقيرالله علوي جي چوڻ تي گھڻائي سنڌي لشڪري ساڻس پڻ ويا هئا. ھن دور ۾ جنگي ھٿيارن ۾ تير، تلوار، ڀالا، خنجر، ڍال، توبون ۽ بندوقون ڪم اينديون ھيون. جنگ جي ميدان ۾، گھڻو ڪري گھوڙا استعمال ٿيندا ھئا، وقتي ھاٿي به ڪم ايندا ھئا. ھر سپاھيءَ کي ماھوار پگھار ٽي روپيا ۽ سوار کي گھوڙي لاءِ روزانو ھڪ روپيو ملندو ھو. فوجين کي سرڪاري راشن به ڏنو ويندو ھو.[16] ڪلھوڙن جو دور سنڌ جي عسڪري نظام جي لحاظ کان سٺي حيثيت رکي ٿو. جنھن ۾ سگھ جي زور تي ڪلھوڙن، سنڌ کي دھلي جي مرڪزي قبضي کان آزاد ڪرائي، نادر شاھه، مدد خان پٺاڻ ۽ تيمور شاھه سان، جيئن تيئن ڏي وٺ ڪري، سنڌ کي ھڪ خودمختيار ۽ پاڻ ڀرو ملڪ ٺاهڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.


مذھبي رواداري[سنواريو]

ھي مکيه موضوع آھي جنھن ۾ ڪلھوڙن کي نمايان سوڀ حاصل ٿي. حڪمرانن ڪوشش ڪئي ته انساني رشتن جي تعميرڪجي، خاص ڪري مختلف نسلي ۽ مذھبي گروھن جي وچ ۾ يڪجھتي پيدا ڪرڻ لاءِ کين خاص ڪامراني مھيا ٿي. ھن ڏس ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ تي اھم ڌيان ڏنو ويو. ھندن تي اعتماد ڪندي کين رياست ۾ اھم عھدا ڏنا ويا. ڪجھه نالا ھن ريت ملن ٿا: برخوردار مھتو موٽومل، ديوان چيلا رام، ديوان گهنشام داس، لالا امرت راءِ، ديوان تارا چند ۽ شيوڪ رام عطارد. اُن پس منظر ۾ ڪلھوڙن کي مت ڀيد کان آجو حڪمران سڏي سگهجي ٿو.[17].[18]

آبپاشي نظام[سنواريو]

ڪلھوڙن بھترين آبپاشي نظام جي تشڪيل ڪئي ۽ ڪيئي واھه کوٽايا. ليمبرڪ اھڙا تفصيل ڏنا آھن: نارواھه، گهاڙ واھه، بگهاڙ واھه، شاھه جي ڪور، مراد نارواھه، نصرت واھه، سرفراز واھه، باغ واھه ۽ بيگاري واھه. اِن طرح تصور ڪجي ته ڪيتري ويران زمين پوکي ھيٺ آئي. زرعي طور تي ملڪ ڪيئن خود ڪفيل ٿيو ۽ اُن ريت ھزارين لکين ماڻھن کي ڌنڌا ۽ ملازمتن جا موقعا مليا.[19].[20]

مسجدون ۽ مدرسا[سنواريو]

ڪلھوڙن ڪيئي مدرسا جوڙايا، جن سان لاڳو مسجدن جي تعبير به ٿي. ھن ڏس ۾ خداآباد واري جامع مسجد جو خاص طرح سان ذڪر ٿيو آھي. ھڪ راءِ آھي ته ڪم جو آغاز ميان يار محمد جي دور ۾ ٿيو ۽ اُن جي تڪميل ميان نور محمد جي زماني ۾ ٿي. اسلامي طور طريقي موجب مسجدن ۾ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي ھئي، پر خاص ڳالھه ته ھن دور ۾ مسجدن ۾ ”دفاعي سکيا“ جو بندوبست پڻ ڏسجي ٿو.[21].[22]

مقبرا ۽ قبا[سنواريو]

ڪلھوڙن جي دور ۾ گهڻيون تعميرات ٿيون. ھن ڏس ۾ ميان غلام شاھه جو وڏو ڪردار آھي. ميان غلام شاھه ھي اڏاوتون ڪرايون: مقبرو ميان آدم شاھه سکر، مقبرو ميان شاھل محمد قمبر، مقبرو ميان شاه بھارو لاڙڪاڻو ۽ مقبرو حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي ھالا. ميان يار محمد جي حڪم سان ميان نصير محمد جو قبو اڏايو ويو. ميان نور محمد جي مزار تي مرادياب خان تعميرات ڪرائي.[23].[24]

ڪوٽ ۽ قلعا[سنواريو]

خاص ھي ڪوٽ قلعا آھن جي ڪلھوڙا حڪمرانن جي توجھه سان وجود ۾ آيا. حيدرآباد جو پڪو قلعو، جو ھاڻي زبون آھي. بدين جو ڪوٽ ختم ٿي ويل آھي. لاڙڪاڻو قلعو جو ھاڻي زبون آھي. بدين جو ڪوٽ ختم ٿي ويل آھي. لاڙڪاڻو قلعو جو ھاڻي بنھه موجود ڪونھي، ۽ ڪڇ جي ڀرسان شاھه ڳڙه جو قلعو.[25].[26]

بندرگاھون[سنواريو]

ميان غلام شاھه ھڪ بندر ”شاھه بندر“ جي نالي سان تعميرڪرايو. ھن اورنگا بندر جي جاءِ ورتي. علي بندر به ھن دور ۾ وجود ۾ آيو. ڪراچي بندر ڪلھوڙن جو زنده جاويد ڪارنامو اڄ به موجود آھي.[27].[28]

شھر ۽ بستيون[سنواريو]

ڪلھوڙا حڪمرانن ھي شھر ۽ بستيون وجود ۾ آنديون، جن جو تاريخن ۾ ذڪر ملي ٿو. (1) ڳاڙھي: ھي شھر 1681ع کان 1700ع تائين ڪلھوڙن جو سرڪاري ماڳ (گاديءَ جو ھنڌ) رھيو. (2) خداآباد : ميان يار محمد جو تختگاھه. ھي شھر پنجاھه ايڪڙن تي پکڙيل ھو. ڪيئي تعميرات اڄ به موجود آھن. (3) محمد آباد : 1750ع ۾ ھي شھر ميان نور محمد جي حڪم سان تعمير ٿيو. (4)مراد آباد :1753ع ۾ وجود ۾ آيو. نصرپور جي ڀرسان ھن شھر۾ ، محمد مرادياب خان جي دستاربندي ٿي. (5)الھه آباد : ميان غلام شاھه جي حڪم سان ھي شھر وجود ۾ آيو. ھي شھر ”محمد آباد“ جي ڀرسان ھو. (6)شاھه پور : ھن نالي سان ٻه شھر وجود ۾ آيا، جي نصرپور جي ڀرسان ھئا. ھنن جي باني ميان غلام شاھه ھو. ھن وقت ٻئي ھم نام بستيون ختم ٿي چڪيون آھن. (7)حيدرآباد : نيرون ڪوٽ جي تاريخي ماڳ کي ميان غلام شاھه ”حيدرآباد“ جي نئين نالي سان 1768ع ۾ وجود ۾ آندو. تاريخي پڪو قلعو به ھن شھر ۾ تعمير ٿيو. (8)خدا آباد : ھالا جي ڀرسان ميان سرفراز جي حڪم سان، ھي بستي 1775ع ۾ وجود ۾ آئي.[29].[30]

ڪلھوڙن جي دؤر جون اھم شخصيتون[سنواريو]

ڪلھوڙا دور ڪجھه نامور شخصيتن کي جنم ڏنو، جن مختلف ميدانن تي پاڻ ملھايو. مکيه نالا ھي آھن: شاھه عبداللطيف ڀٽائي، مير علي شير قانع، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، محمد حيات سي، منشي عبدالرؤف، محسن ٺٽوي رجا ٺٽوي، شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“، ميرنجم الدين عزلت، مير شھداد ٽالپر، شاھه بھارو، سيدجان الله شاھه ”مير“، محمد علي عالي، غلام علي مداح، شاھه علي رضا درويش، ميرلطف الله عرف مير متارو، مراد ڪليري، بلاول نائچ، مسو فقير سامٽيو ۽ مخدوم ابوالقاسم ٺٽوي. ڪلھوڙن جي حڪمراني اھڙن مضبوط بنيادن تي وجود ۾ آئي، جو اُنھن ھر محاذ تي پاڻ ملھايو. ادب، شاعري، فن تعمير، زمينن جي اصلاح، آبپاشي نظام جي ترقي، زراعت جو واڌارو، انتظامي بندوبست، محصولن جي بھتر اوڳاڙي، فوجي تربيت ۽ عوامي تعليم _ اھرا موضوع آھن جن ۾ ڪلھوڙن گهڻو ڪجھه حاصل ڪيو. 1681ع کان 1784ع تائين سندن حڪومتي دور کي ، مذھبي يا نسلي مت ڀيد کان سواءِ، عوامي فلاح ۽ ترقيءَ جو مثالي دور سڏي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ ھر شھري لاءِ ڪلھوڙن، امن سک ۽ سلامتي جو بندوبست ڪيو، جو اڄ وانگر ماضيءَ ۾ به ھڪ سٺي حڪومت لاءِ لازمي عنصر ھو.[31].[32]

حوالا[سنواريو]

  1. شاھه سچل سامي- محمد ابراھيم جويو- ص نمبر 55
  2. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  3. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  4. شاھه سچل سامي- محمد ابراھيم جويو- ص نمبر 55
  5. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  6. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  7. شاھه سچل سامي- محمد ابراھيم جويو- ص نمبر 55
  8. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  9. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  10. شاھه سچل سامي- محمد ابراھيم جويو- ص نمبر 55
  11. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  12. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  13. سنڌ جو عسڪري نظام- ڊاڪٽر محمد علي قاضي ص نمبر 286
  14. ڪتاب التبصرة الناظرين
  15. تحفة الڪرام- مير قانع ٺٽوي ص نمبر 266
  16. ماھوار نئين زندگي- 1971ع ڪريم بخش خالد. سنڌ ۽ آزادي جي جدوجھد
  17. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  18. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  19. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  20. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  21. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  22. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  23. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  24. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  25. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  26. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  27. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  28. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  29. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  30. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)
  31. {سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني(ھڪ سرسري جائزو)__محمد نامدار خان بوزائي}
  32. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (help)