ھالاڻي واري جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھالاڻي واري جنگ
سلسلو ميرن جي بادشاهي جو آغاز
Battle of Miani.jpg
تاريخ1782
مقامھالاڻي، سنڌ
نتيجو ميرن جنگ کٽي
شريڪ جنگ
ڪلھوڙن جي فوج ميرن جي فوج
سپهہ سالار ۽ رهنما
ميان عبدالنبيء ڪلھوڙو، محمد حسن کھاوڙ,ڌڳاڻو خان جتوئي، مھراب خان جتوئي، تاجو جتوئي مير فتح علي خان ٽالپور، مير باگو خان ٽالپر، مير الھيار خان ٽالپر،ٺارو خان،مير سھراب خان ٽالپر، نندو خان ڀرڳڙي
طاقت
30,000جن ۾ ليکي، نومڙيا، کھاوڙ، کوسا، جتوئي وغيره شامل ھئا 36000
نقصان
~


ھالاڻي واري جنگ(انگريزي: Battle of Halani) سنڌ جي ڪلھوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالنبي ڪلھوڙو جي فوج ۽ مير فتح علي جي ٽالپرن واري فوج جي وچ ۾ 1782 ۾ قديم شھر ھالاڻي لڳ موجوده نيشنل ھاء جي ڀرسان لڳي ھئي جنھن سان سنڌ م ڪلھوڙن جي. حڪمراني جو خاتمو ٿيو ۽ ٽالپرن جي حڪمراني جي شروعات ٿي[1].

جنگ جي تياري[سنواريو]

ڪلھوڙن جي فوج[سنواريو]

ميان عبدالنبي جي فوج هالاڻي جي اوڀر – اتر ڪنڊ تي ”پير ولي درويش“ جي مشهور قبرستان وٽ مقابلي لاءِ اچي منزل انداز ٿي. پير ولي درويش کي ساهتيءَ ۾ عام ماڻهو ”پير دلو مشائخ“ به ڪري چوندا آهن. ٻئي طرف ٽالپورن جي فوج مير فتح علي خان ٽالپور جي اڳواڻي ۾ ”پريالوءِ“ وٽ اچي ڇانوڻي هنئي. ٻئي فوجون هڪٻئي جي رت جون پياسي هيون[1]. ڪلهوڙن جي شاهي فوج ۾ پٺاڻ ۽ قلات جي خان جي فوج جا ماڻهو به شامل هئا. ميان عبدالنبيءَ پاران محمد حسن کهاوڙ فوج جو سپهه سالار هو. ڪلهوڙن جي فوج ۾ اٽڪل ٽيهه هزار سپاهي هئا، جن ۾ ليکي، کوسا، نومڙيا ۽ ٻين قومن جا ماڻهو شامل هئا. ڪلهوڙا حڪمرانن جي پاران انهيءَ وقت ساهتي پرڳڻي جو گورنر ڌڱاڻو خان جتوئي هو. هُو هالاڻي شهر جي ٻاهران پنهنجي ٺهرايل ڪچي قلعي ۾ رهندو هو. هو پڻ پنهنجي طرفان وڏي فوج وٺي اچي انهي جنگ ۾ شامل ٿيو. ڌڱاڻو خان جتوئي ۽ محراب خان جتوئي، انهي جنگ ۾ نهايت ئي دليري ۽ بهادري سان وڙهيا. ميان عبدالنبي جي فوج ۾ کهاوڙن جي فوج کانسواءِ راڄي ليکيءَ جو پٽ بلاول ليکي پڻ پنهنجي جانباز سپاهين سان گڏ اچي شامل ٿيو[2].

ميرن جي فوج[سنواريو]

ٽالپورن جي فوج مير فتح علي خان جي اڳواڻيءَ هيٺ لڙائيءَ لاءِ ميدان ۾ آئي. مير باگو خان، مير الهيار خان ۽ مير ٺارو خان پڻ پنهنجا فوجي دستا وٺي اچي جنگ ۾ شامل ٿيا. اهڙيءَ طرح سان ٽالپورن جي فوج ۾ ڇهه هزار کن سپاهي هئا. مير سهراب خان، نندو خان ڀرڳڙي ۽ ٻيا ٽالپور سردار ٽيهن هزارن جي لڳ ڀڳ سپاهين سان اچي انهي جنگ ۾ شريڪ ٿيا[1].

جنگ[سنواريو]

جنگ جو ميدان[سنواريو]

هن موجوده دور ۾ هالاڻي جي جنگ واري انهيءَ ميدان تي قومي شاهراهه جي وٽ سان هڪ ننڍڙي هڪ قبائين مسجد شريف ٺهيل آهي. انهي مسجد جي ڪُنڊ تي نواب شاهه ضلعي جي اي ڊي ايم محترم حاجي محمد صديق ميمڻ پنهنجي ايامڪاري ۾ لوهي تختي تي انگريزي ۾ هڪ يادگار ڪتبو لڳرايو. روينيو رڪارڊ موجب لڙائي جو ميدان چئن ديهن ۾ آهي، جهڙوڪ: پير وتيو، هالاڻي، بهلاڻي ۽ نئون آباد. قومي شاهراهه جي وٽ سان جنهن هنڌ مٿيون ڪتبو لڳل آهي، اهو قبرستان ”دلو مشائخ“ جي نالي سان سڏجي ٿو. هن مقام ۾ ڪلهوڙن جو ٺهرايل ڦاسي گهاٽ پڻ آهي، جنهن کي عام ماڻهو ”سُورِي“ ڪري چوندا آهن. ٽالپورن واري مقام کي ”پير بالو“ جو قبرستان ڪري سڏيندا آهن. اهو قبرستان هالاڻي – محرابپور ريلوي لائين جي ڏکڻ ۾ آهي[1].

لڙائي[سنواريو]

ٻئي لشڪر اچي هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا ۽ ڏاڍي خوفناڪ جنگ لڳي. محمد حسن کهاوڙ، ڪلهوڙن جي طرفان نهايت ئي بهادري سان وڙهيو، پر آخرڪار مير فتح علي خان جي هٿان مارجي ويو، انهي جنگ ۾ ٽالپورن جي سوڀ ٿي، ميان عبدالنبي ڀاڄ کائي بهلاڻيءَ جي ڀرسان اتر ۾ هڪ ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو ۽ پنهنجن چند جانثارن سان جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ميان صاحب ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، درياهه پار ڪري، ٽڪرن ڏانهن رخ رکيو. [2] جتان پوءِ جوڌپور ڏانهن ڀڄي وڃي پناهه ورتائين. فتحنامي جي مصنف انهي جنگ جي تاريخ ”فتح علي“ 1196هه مان ڪڍي آهي، جا انهيءَ لفظ جي ابجد جي حساب موجب ٻيڻي آهي. (27) ميان عبدالنبي خان غريب الوطني ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾، سنڌ جي تخت ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان نهاريندي سن 1220هه/1805ع ۾ ”راجنپور“ ۾ وفات ڪري ويو[3].

جنگ کان بعد[سنواريو]

مير فتح علي خان هالاڻي جي جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوشهري فيروز ۾ هڪ فاتح جي حيثيت سان اچي درٻار ڪئي، انهي درٻار ۾ ڌڱاڻو خان جتوئي ۽ تاجو جتوئي، مير صاحب وٽ اچي پيش پيا ۽ معافي ورتائون. ميان عبدالنبي جي ڪيترن طرفدارن نئين حاڪم جي اطاعت ۽ وفاداري جو حلف کنيو. مير فتح علي خان پنهنجي فوجي سردارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا[4].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 مهر غلام رسول: ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“، جلد ٻيو، مترجم ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1964ع، ص 674.
  2. 2.0 2.1 مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“، ص 25.
  3. Memon Muhammad Siddique: “Note on Battle Field Near Halani”, Dated January 18, 1984
  4. بدوي لطف الله، ”تذڪره لطفي“، جلد ٻيو، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، 68-1967ع، ص 18.