خلافت راشده
راشدين خلافت ٱلْخِلَافَةُ ٱلرَّاشِدَةُ (عربي) | |
---|---|
632–661 | |
![]() | |
گادي جو هنڌ | مدينه المنوره سال 10 هجري کان سال 25 هجري تائين (632 - 656ع) ڪوفه سال 25 هجري کان 30 هجري تائين (656 - 661ع) |
دفتري ٻوليون | عربي |
مذهب | اسلام |
خلافت راشدين (عربي: ٱلْخِلَافَةُ ٱلرَّاشِدَةُ) رسول الله صلي الله عليه وسلم جي وصال کان پوء پهرين چار خليفا (ادبي معنيٰ: "جانشين")؛ ابو بڪر، عمر، عثمان ۽ علي (رضي الله عنهم) جي دور لاء گڏيل طور تي ڏنل هڪ خطاب آهي، جنهن مڪمل اسلام ۽ حڪومت جي نمائندگي ڪرڻ طور مڃيا ويندا آهن (اهل سنت جي مطابق)، جنهن 10 هجري (632 عيسوي) ۾ پيغمبر محمد (صلي الله عليه وسلم) جي وصال کان پوءِ 63 هجري (661 عيسوي) ۾ اموي خلافت جي قيام تائين مسلم برادري ۽ سياست جي اڳواڻي ڪئي.[3]
انهن چئن خليفن جي دور کي سني اسلام جي پيروڪارن مطابق "صحيح هدايت يافته" (راشدون) سمجهيو ويندو آهي، جنهن سنت (رسول الله جي طريقي) مطابق حڪمراني جو هڪ اهڙو نمونو پيش ڪرو، جيڪا بعد وارڻ لاء پيروي جي لائق آهي ۽ مذهبي نقطي نظر کان ان جي تقليد ڪئي وڃي.[4] شيعه اسلام جا پيروڪار مسلمان هن اصطلاح سان متفق نه آهن، جيڪا پهرين ٽن خليفن جي دور کي ناجائز قرار ڏين ٿا.[5]
خلافت جي پهرين 25 سالن ۾ مديني جي پهرين اسلامي رياست ۾ جنگي فتوحات جي ڪارڻ تيزي سان واڌ ٿي، جنهن دوران اها اولهه ايشيا ۽ اتر اوڀر آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور معاشي، ثقافتي ۽ فوجي قوت بڻجي وئي. 650ع جي ڏهاڪي تائين، عرب جزيره نما کان علاوه، اتر ۾ سر زمين شام، اتر آفريڪا ۾ مصر کان اولهه ۾ موجوده تيونس جي ڪناري تائين ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ايران جي ساساني سلطنت کان ڏکڻ ايشيا جي ڪجهه علائقن تائين، اسلامي رياست جي هيٺ اچي ويا هئا.
ربيع الاول سال 10 هجري (جون 632ع) ۾ محمد رسول الله جي وصال کان پوءِ، مسلمان اڳواڻن ۾ تڪرار ٿيو ته ڪنهن کي رسول الله جو خليفا (جانشين) چونڊيو وڄي، بعد جي خليفن جي برعڪس، راشدون خليفن کي اڪثر ڪري پيغمبر جي اعليٰ درجي جي ساٿين (شوري) طرفان چونڊيو ويندو هو يا انهن جي پيشرو طرفان مقرر ڪيو ويندو هو، محمد جو ويجهو ساٿي ابوبڪر، بنو تيم قبيلي مان، مديني ۾ پهريون خليفو چونڊيو ويو ۽ جزيره نما عرب جي فتح شروع ڪئي، واحد خليفا راشد، ابوبڪر جنهن جي موت قتل جي ڪارڻ نه ٿي، عمر (جنهن جو تعلق قريش جي قبيلي بنو عدي سان هو) کي سندس جانشين مقرر ڪيو. عمر جي دور ۾، مديني جي رياست بي مثال شرح سان وڌي، بازنطيني سلطنت جي ٻن ٽين کان وڌيڪ حصو ۽ تقريبن سڄي ساساني سلطنت جو علائقو رياست جي هيٺ اچي ويو.
عمر جي قتل کان پوءِ، عثمان (جنهن جو تعلق قريش جي قبيلي بنو اميه سان هو) کي، عمر طرفان مقرر ڪيل ڇهه اصحابن تي مشتمل شوري طرفان خليفي طور چونڊيو ويو. هنن جي دور ۾ 651ع ۾ فارس مديني جي رياست ھيٺ اچي ويو ۽ بازنطين جي علائقن ۾ مسلمانن جي مهمون جاري رهيون. جون 656ع ۾ عثمان جي قتل کانپوء علي (جنهن جو تعلق قريش جي قبيلي بنو هاشم سان هو) کي جانشين طور چونڊيو ويو، جنهن گاديءَ جو هنڌ مديني کان ڪوفه منتقل ڪيو. عثمان جي مائٽ ۽ شام جي گورنر معاويه بن ابو سفيان، جنهن جو خيال هو ته عثمان جي قاتلن کي فوري طور تي سزا ڏني وڃي، طرفان سندس حڪمراني کي تسليم نه ڪيو ويو هو ۽ اهڙي طرح مسلمانن ۾ گهرو ويڙهه جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جن کي پهرين فتني جي نالي سان سڃاتو وڃي.
هڪ ٽيون ڌڙو جيڪو خارجي طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪي اڳ ۾ علي جا حامي هئا، جنگ صفين ۾ ثالثي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ علي ۽ معاويه ٻنهي خلاف بغاوت ڪئي. هن ڌڙي جو هڪ ميمبر راشد خليفا، اميرالمومنين علي بن ابي طالب کي قتل ڪري ڇڏيو. هي راشدين خلافت جو خاتمو هو، حسن بن علي جي اڳواڻي ۾ ڇهن مهينن جي مختصر عرصي کي، به اهل سنت طرفان راشدين خلافت جي دور ۾ شامل سمجهيو ويندو آهي. سال 661ع ۾ معاويه بن ابو سفيان پاران اموي بادشاهت جي قيام سان، راشدون خلافت جو دور ختم ٿيو.
اهلسنٽ والجماعت جي عقيدي موجب خلافت راشده، جئين ته (سني ذريعن واري) حديثن ۾ آيو آهي، رسول الله جي وصال کان پوء 30 سالن تائين (ابوبڪر کان علي جي دور تائين قائم رهي ۽ پوء اسلامي رياست، معاويه بن ابو سفيان پاران اموي خاندان جي حڪومت جي قيام تي بادشاهي نظام هيٺ اچي وئي. انهي ڪري پهرين چار خليفن، ابوبڪر، عمر، عثمان ۽ علي کي راشد خليفا ۽ انهن جي دور کي خلافت راشده چئبو آهي.[6]
"سفينه رضي الله عنها چيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: "نبوت جي طريقي مطابق خلافت (علي منهاج النبوه) ٽيهه سال تائين رهندي، پوءِ الله تعالى جنهن کي چاهيندو ان کي بادشاهي ڏيندو يا هو پنهنجي بادشاهي جنهن کي چاهيندو ان کي ڏيندو."
(سنن ابي داود)
خلافت راشده جو دور حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي دنيا مان پردون ڪري وڃڻ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ اهلسنت جي مطابق پهريان چار خليفا، ابوبڪر، عمر، عثمان ۽ علي راشد خليفا هئا، جئين تي هنن رسول الله جي صحيح پيروي ڪندڙ يعني "راشد" هئا. سني ذريعا سيدنا حسن ابن علي رضي الله تعالٰي عنه جي ڇهه مهينن جي مختصر دور کي پڻ راشدين خلافت جي دور ۾ شامل سمجهڻ ٿا. پڻ هن مختصر دور ۾ هنن جو اختيار مديني تائين محدود هو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Versteegh, Kees (2014). The Arabic Language. Edinburgh University Press. pp. 126–132. ISBN 978-0-7486-4529-9. https://books.google.com/books?id=RiarBgAAQBAJ.
- ↑ Taagepera, Rein (September 1997). "Expansion and Contraction Patterns of Large Polities: Context for Russia". International Studies Quarterly 41 (3): 495. doi:. http://www.escholarship.org/uc/item/3cn68807.
- ↑ سانچو:حوالہ کتاب
- ↑ Melchert 202063, 72 note 1.
- ↑ Sowerwine 20105.
- ↑ Aqaid e Ahle Sunnat wal Jama'at By Shaykh Mufti Muhammad Tahir Masood