راجا ڏاهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
راجا ڏاهر
Sindh 700ad.jpg
سنڌ جو مھا راجا

سن699 کان 712 تائين[1]


80 ھ کان 93 ھ
پيشرو راجا چندر
جانشين محمد بن قاسم
جيون ساٿي راڻي لاڏي
نسل سريا، پريمالا، جوڌا(ڌيئرون)
جئي سين(پٽ)
مڪمل نالو
راجا ڏاهر سين
خاندان برھمڻ
شاھي خاندان برھمڻ گھراڻو
والد راجا چچ
والده راڻي سھاندي
پيدائش 663
الور يا اروڙ موجوده روھڙي جي ڀرسان ، سنڌ، پاڪستان
وفات 712
الور
مذھب هندو مت


راجا ڏاهر ان وقت سنڌ جو حڪمران هو جڏهن عرب حملي آورن سنڌ تي اچي ڪامياب حملو ڪيو. چچ گھراڻي کي برهمڻ حڪومت به سڏين ٿا. ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجه ڏاهر چچ جو ننڍو فرزند هو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا ڏاهر چندر، سنڌ جو والي ٿيو جنهن 8 سال حڪومت هلائي. 60هه مطابق 670ع تي وفات ڪئي ان کان پوءِ راجا ڏاهر سنڌ جي حڪومت جي گاديءِ تي ويٺو جنهن 33 سال حڪومت ڪئي. ان وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ الور شهر هو. راجا ڏاهر کان عربي بنو اميه جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري عربن جي حڪومت قائم ڪئي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

چندر جي مرڻ کان پوءِ سلطنت ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويئي الور ۾ چچ جو ننڍو پٽ ڏاهر گادي تي ويٺو ۽ برهمڻ آباد چندر جي پٽ راج سنڀاليو. پر ستت ئي الله کي پيارو ٿي ويو ۽ برهمڻ تي چچ جي وڏي پٽ ڏهرسين قبضو ڪري ورتو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏهرسين، اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ پنج سال گذرڻ کان پوءِ وڃي راوڙ ۾ رهيو. جنهن جو بنياد چچ رکيو هو . ۽ ڏهرسين ان کي مڪمل ڪرايو ۽ پوءِ راوڙ ۾ شهر جي معزز ماڻهن کي مقرر ڪري پاڻ برهمڻ آباد ۾ اچي ملڪي وهنوار هلائڻ لڳو. هوڏانهن ڏاهر ملڪ جون واڳون سنڀاليندي ئي سڀني قومن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڳا قدم کنيا، جنهن سان سڀ سندس سڄڻ ٿي ويا ۽ پوءِ پورو ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتو. سنڌ جي اڀرندي ۽ اولهندي سرحد جي حفاظت جا پختا انتظام ڪري برهمڻ آباد پهتو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏهرسين تي اعتماد ۽ کيس برهمڻ آباد جو حاڪم مڃيائين. ڪجهه ڏهاڙا اتي گذاري ڪري مڪران ڏانهن منهن ڪيائين. مڪران ۽ ڪرمان جنهن جي سرحد سنڌ سان ملندي هئي، جي راجا سان مضبوط لاڳاپا جوڙي الور واپس پهتو ته سندس عوام وڏي ڌوم ڌام سان آڌرڀاءُ ڪيو.[2]

تڪراري شادي[سنواريو]

مولائي شيدائي جنت السنڌ م لکي ٿو تہ:ڏاهر گاديءَ تي ويهڻ کانپوءِ ڪجهه وقت سلطنت جو دؤرو ڪري، مڪران جي سرحد کي مضبوط بنائي، الور ڏانهن موٽيو. ان وچ ۾ نجومين کيس خبر ڏني ته جيڪو سند ڀيڻ ٻائيءَ سان شادي ڪندو، سو سڄيءَ سنڌ جو مالڪ ٿيندو. مٿين خبر ٻڌي، هو شش و پنج ۾ پئجي ويو، آخر پنڊتن کي گهرائي ساڻن صلاح ۽ مشوري بعد هن رسمي طور ڀيڻ سان شادي ڪئي. ڏهرسين ڀيڻ جو سڱ رامل راجا جي پٽ سوهن کي ڏيڻو ڪيو هو، سو مٿين خبر ٻڌي ڏاهر تي غصي ٿيو. [3]

خلافت سان ٽڪراء[سنواريو]

مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:بني اُميه دؤر ۾، مڪران ۾ بعض باغين جو تعداد پنجاه هزارن کي پهچندو هو. اهڙين مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف، محمد بن هارون کي، جو وڏو ديندار ۽ تجربيڪار بلوچ هو، مڪران مٿان نائب مقرر ڪيو. محمد بن هارون مڪران جي چپي چپي کان واقف هو. هو اندروني امن امان کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ محمد بن حارث علافي پنهنجي ڀاءُ معاويه بن حارث ۽ پنهنجي قبيلي آسار جي پنجن سوَن ماڻهن سان واپار سانگي عمان کان نڪري، مڪران ۾ رهڻ لڳو. اتفاق سان سندس ماڻهن مان صفوي بنالحاميءَ ڪنهن ڳالهه تان اتي جي هڪڙي ذميءَ کي ماري وڌو، جنهن تي هن جي وارثن مڪران جي حاڪم سعيد بن اسلم کي فرياد پيش ڪيو، مگر علافين دغا سان سعيد کي قتل ڪري سڄي مڪران تي پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو.[3] حجاج علافين تي سخت ڏمريو ۽ علافين جي سردار سليمان علافيءَ جو سر وڍرائي سعيد جي عزيزن ڏانهن روانو ڪيو. ان واقعي کان پوءِ حجاج، عبدالرحمان بن اشعت ۽ مجاعه بن سعر تميميءَ کي مڪران جي انتظام کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڏياري مڪو. جيسين مجاعه پهچي تنهن کان اڳ علافين عبدالرحمان کي ماري وڌو. مجاعه تجربيڪار عملدار هو، سندس اچڻ جو ٻڌي باغي وڃي جبلن جي غارن ۾ لڪا. مجاعه قندابيل تائين سندن پٺيان پيو، پر اوچتو اجل جي سڏ ڪري وفات ڪري ويو. حجاج ڏٺو ته عرب عاملن لاءِ مڪران جو صحرائي ۽ جابلو ملڪ اڻ ڏٺو ڏيهه آهي، ان ڪري هن مڪران جي حڪومت محمد بن هارون بلوچ جي سپرد ڪئي، جو ملڪ جي اندروني حالتن کان پوريءَ طرح واقف هو. محمد بن هارون باغين جو پيڇو ڪري، معاويه بن حارث کي هڪڙي غار مان گرفتار ڪري، سندس سر وڍرائي حجاج ڏانهن مڪو.[3] هن واقعي کان پوءِ محمد بن حارث علافيءَ پنهنجي ماڻهن سان سرحد ٽپي، سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ وڃي پناه ورتي. راجا رامل، جنهن کي ڏهرسين ٻائيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو هو، سو ٻائيءَ سان ڏاهر جي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي، غصي ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي وڏي لشڪر سان الور تي ڪاهي آيو. محمد علافيءَ موقعو ڏسي هڪڙيءَ رات جو اوچتو رامل تي ڪاهي، سندس لشڪر جو وڏو حصو ماري وڌو، جنهن تي ڏاهر خوش ٿي کيس پنهنجو مکيه صلاحڪار مقرر ڪيو. ڏاهر جي دمشق جهڙيءَ باجبروت شهنشاهت سان هيءَ پهرين کونس هئي[3].

رمل جي راجا جي ڪاهه[سنواريو]

راجا ڏاهر وڏي آرام ۽ سڪون سان حڪومت ڪري رهيو هو ته اوچتو رمل جي راجا 59هه (79_ 678ع) ۾ وڏي لشڪر ۽ هاٿين سان ٻڌيا ڏانهن اچي راوڙ تي حملو ڪيو. ڏاهر وزير ٻڌيمن کي گهرائي ساڻس صلاح ڪئي. وزير چيو، سرڪار جيڪڏهن مقابلي جي پاڻ ۾ همت سمجهو ٿا ته پوءِ ميدان ۾ اچو نه ته پوءِ خزاني مان دولت ڏئي صلح ڪري جان ڇڏايو. مان اهڙي خواري نه کڻندس ۽ اهڙي زندگيءَ کان موت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس، ڏاهر چيو. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ وزير ٻيهر عرض ڪيو ته مهاراج! هڪڙو ٻيو رستو اهو آهي ته اسان کي هتي رهيل عربن کان مشورو وٺڻ گهرجي. جيڪي وڏا دلير ۽ جنگين جو تجربو رکندڙ آهن. راجا ڏاهر کي وزير جو اهو مشورو ڏاڍو وڻيو.[4]

هڪ عرب علافي جي ڪارگذاري[سنواريو]

سنڌ ۾ ان وقت اسامه قبيلي جو عرب سردار محمد علافي اسلامي حڪومت سان بغاوت ڪري ڀڄي آيو هو. ۽ ڏاهر کيس هتي پناهه ڏئي ڪري ڪافي رعايتن سان نوازيو هو. ٻڌ يمن وزير جي چوڻ تي راجا ڏاهر علافي کي گهرايو ۽ کانئس ان معاملي ۾ مشورو ورتو. علافي چيو اوهان فڪر نه ڪريو گهٻرائڻ جي ڪائي ضرورت ناهي، مان انهن کي اهڙو سبق سيکاريندس جو سڄي عمر ياد رکندا. اوهان هتان کان ٽي ميل پري خندق کوٽرايو ۽ مون کي پنج سؤ سپاهين جو جٿو ڏيو. راجا ڏاهر محمد علافي کي پنج سؤ سوار ڏنا، جن کي هو وٺي ڪري رات جي انڌيري ۾ جڏهن دشمن اگهوٽ ننڊ پيا هئا مٿن ڪڙڪي پيو ۽ اهڙو راتاهو هنيو جو اسي هزار سپاهين مان ڪي موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪي ڀڄي نڪتا. عربن کي دشمن جو گهڻو سامان ۽ پنجاهه هاٿي هٿ لڳا. راجا ڏاهر خوشيءَ ۾ وڏو جشن ملهايو ۽ علافي کي انعام سان نوازي عربن کي مڪران ۾ رهڻ لاءِ محل ۽ نوڪر چاڪر عطا ڪيائين. ٻئي ڏينهن پنهنجي محل ۾ گرفتار قيدين کي ڏاهر سزا لاءِ گهرايو پر ٻڌيمن جي چوڻ تي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين. ڏاهر ٻڌيمن جي انهيءَ صلاح تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس ڪنهن اڻپوري خواهش جو پڇيائين، جنهن تي وزير عرض ڪيو، ”مهاراج! منهنجي ٻي ڪا خواهش ناهي، صرف اهو عرض آهي ته منهنجي ڪائي اولاد ناهي، مرڻ کان پوءِ ڪوئي نالو وٺڻ وارو نه هوندو. مان چاهيان ٿو ته ملڪ جي چاندي جي سڪن تي هڪڙي پاسي کان اوهان جو نالو هجي ۽ ٻئي کان منهنجو، جيئن ماڻهو مرڻ کان پوءِ به سنڌ سان گڏ مون کي ياد رکن. راجا ڏاهر پنهنجي وزير جي خواهش پوري ڪرڻ جو جلد حڪم ڏنو.[5]

عهد حڪومت[سنواريو]

راجا ڏاهر جو اٽڪل 670ع کان 712ع تائين عهد حڪومت جو دور ڪٿي سگهجي ٿو. سندس عهد حوڪومت لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته 670ع کان هن عربن طرفان سنڌ فتح ٿيڻ تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي.

موت[سنواريو]

برهمڻ گهراڻو ۽ عربن جي ڪاهه وقت راجا ڏاهر جي قتل متعلق آيل بيان متضاد آهن، جن مان راجا ڏاهر جي ڪنهن به عرب هٿان مارجڻ جي پڪي گواهي نٿي ملي. پنهنجن غداري ڪري محمد بن قاسم جو ساٿ به ڏنو، راجا ڏاهر کي قتل ڪري عربن جي شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪيو.[6].

راجا ڏاهر بابت متضاد رايا[سنواريو]

سنڌ جي هن اهم ڪردار متعلق سنڌي ماڻهو ٻن راين ۾ ورهايل آهن ۔ سنڌ ۾ اسلامي مذهبي طبقو چچنامي جي آڌار تي کيس هڪ ظالم ۽ انتهاپسند برهمڻ تسليم ڪري ٿو. چچ توڙي راجا ڏاهر جي دور ۾ برهمڻ ٻڌمت وارن ۽ اڇوتن سان سٺو سلوڪ نه ڪندا هئا جنهڪري سندن اهو خيال آهي۔ جڏهن ته سيڪيولر طبقو کيس سنڌ جو عظيم هيرو تصور ڪري ٿو ، جنهن وطن جي دفاع خاطر عرب سامراج سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سنڌ ڌرتيَ جي آزادي لاء وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۔ سيڪيولر حضرات چچنامي ۽ ٻين تاريخي ماخذن جي راجا ڏاهر جي خلاف ڏنل بيابانن کي رد ڪن ٿا ۔ سندن چوڻ آهي ته اها عربن پنهنجي مفادن مطابق تاريخ لکي آهي ۽ انهن راجا ڏاهر بابت خيانت کان ڪم ورتو آهي ۔ان سان گڏ هڪ دليل هو اهو به ڏين ٿا ته چچ نامي جو مصنف نامعلوم آهي ۽اصل عربي ٻوليءَ وارو نسخو ملي نه سگهيو آهي. چچنامو فارسي ٻولي ۾ علي ڪوفي ترجمو ڪيو هو جنهن تان سنڌي ٻولي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۔ چچنامي جي بنياد تي ئي راجا ڏاهر جي باري ۾ ڪيترائي متضاد بيان آهن ۔ انڪري اسلامي مذهبي طبقو چچنامي جي متضاد بيانن تي ويساھ ڪري ٿو.


برھمڻ گھرائي جي راجائن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help) }
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help) }
  5. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help) }
  6. افيئر نيوز

پڻ ڏسو[سنواريو]



خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]